تازيون خبرون

Daily Archives: January 22, 2015

پشاور سانحو هيانءُ ڏاريندڙ هو پوري قوم کي جنهن جنجهوڙي ڇڏيو: مولانا فضل الرحمان

ڊيرااسماعيل خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ گڏيل طور تي ميمبرن جماعتي آئين ۾ ترميم ڪري سڄي ملڪ ۾ يونين ڪائونسل جي سطح کان وٺي مرڪزي سطح تائين عهديدارن جو مدو ٽن سالن مان وڌائي پنج سال ڪيو ويو سکر ۾ ٿيندڙ ان اجلاس جي صدارت مولانا فضل الرحمان ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ ٻه وفاقي وزير محمد اڪرم خان دراني، مولانا عبدالغفور حيدري سميت ميمبرن شرڪت ڪئي جامعه حماديه ۾ ٿيل اهم اجلاس جا سيڪريٽري جا فرض پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري مولانا امجد خان نبايا اجلاس ۾ هڪ ٻي ترميم ذريعي مرڪزي شوريٰ کي اختيار ڏنو ويو ته هو قومي اسيمبلي صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ٽڪيٽن جي ورڇ سمورا اختيار سمورن صوبن سان گڏوگڏ گلگت بلتستان جي مجالس عامله کان وٺي مرڪزي جماعت جي حوالي ڪري ۽ طريقيڪار به جوڙي ان کان پوءِ مولانا فضل الرحمان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سانحو آرمي پبلڪ اسڪول پشاور هانءُ ڏاريندڙ هو هن پوري قوم کي جنجهوڙي ڇڏيو پر هي ڳالهه پنهنجي جڳهه هڪ سواليه نشان آهي ته دهشتگرد اسڪول ڪيئن پهتا انهن جي مدد ڪندڙ ڪير هئا صوبائي حڪومت ڪٿي هئي هن چيو ته 2004 ۾ جنرل مشرف جي حڪومت ۾ مدرسن جي رجسٽريشن جي حوالي سان هڪ معاهدو ٿيو هو ان تي عملدرآمد ڪيو وڇي مدرسن جو نصاب تعليم سان انتهاپسندي پيدا ناهي ٿيندي 21هين ترميم سان فرق واريون ڳالهيون ختم ڪيون وڃن مدرسن ۽ مدرسي وارن کي ٽارگيٽ نه ڪيو وڃي هن چيو ته جيڪو رياست ۽ ان جي ادارن جي خلاف هٿيار کڻي اهو ئي دهشتگرد هئڻ گهرجي.

 

حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، وزيراعظم ڪابينا سميت استعيفيٰ ڏي: تحريڪ انصاف

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري پيٽرول بحران جو ذميوري وفاقي سرڪار کي قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، سندس اقتدار ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز نه آهي، فوج کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو هو  اهو ڪري پئي پر حڪومت رُڳو ميٽنگ ميٽنگ کيڏي پئي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته پيٽرل بحران جو ذميواري ڪري ٻيو نه پري وفاقي سرڪار پاڻ آهي، پيٽرول بحران سبب حڪومت جي نااهلي سامهون اچي وئي آهي. شيرين مزاري چيو آهي ته پاڪ فوج کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو اهو ڪري پئي، پر حڪومت رُڳو ميٽنگ ميٽنگ کيڏي رهي آهي. پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ هو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر ملڪ اندر بجلي جي شديد بحران جا به خدشا آهن، تيل بحران سان عوام دربدر ٿي رهي آهي 7 حڪومت پنهنجي نااهلي قبولڻ لاءِ تيار نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيرين مزاري چيو ته عمران خان پننجي گهرواري سان عمري جي ادائيگي لاءِ ويو آهي، سياستي ملاقاتن بابت افواهون بي بنياد آهن.

 

آفيسرن ۽ اهلڪارن 15 لک ڀنگ وٺي نوجوان کي حيدرآباد ۾ ڦٽو ڪيو

ميرپورخاص (مختيار ڪيريو) ميرپورخاص پوليس جا سابق پوليس آفيسر ۽ اهلڪار
اغوا برائي تاوان ۾ ملوث نڪتا هڪ مهينو اڳ شهر جي مدهو شاه ڪالوني مان
کنڀيل نوجوان سيد ذوهيب شاه 15 لک ڀنگ عيوض آزا د، نوجوان کي سخت تشدد
بعد حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ اچهلايو ويو جتان وارٿن کڻي سول
اسپتال ميرپورخاص پهچايو . تفصيل موجب شهر جي معزز شخصيت سيد امين شاه
عرف مدهو شاه بڌايو سابق ڊي ايس پي سٽ لائيٽ ٽائون غلام سبحاني کهنوارو،
مير آفتاب ٽالپور، سب انسپيڪٽر آدم اٻڙو، سب انسپيڪٽر حسين بخش راجڙ،
نوڪري کان برطرف پوليس اهلڪار ذاوالفقار عرف ڪالا، ڪانسٽيبل صديق سومرو،
سني بلوچ ائين بين اهلڪارن هڪ مهينو اڳ مهنجي ڀائٽي سيد ذوهيب شاه کي گهر
تي چاپو هڻي گرفتار ڪيو ائين مسلسل هڪ مهينو ناجائز تحويل ۾ رکي 25 لک
روپيا ڀتو طلب ڪيو . جيڪو آخر ۾ 15 لک روپيا طع ٿيو جهن بعد پوليس
اهلڪارن 2 ڏيهن اڳ مير آفتاب ٽالپر ذوالفقار عرف ڪالا مونکي فون ڪري پئسا
طلب ڪيا. جهن بعد 15 لک روپيا مهنجي گهر اڇي اهلڪارن ورتا ائين ڇيو ت رات
تائين تهنجو ڀائٽيو اڇي ونيندو. جهن بعد گزريل رات 11 وڳي تائين مونکي
مهنجي ڀائٽي فون ڪيو ت هن کي رهيا ڪيو ويو آهي ائين هو هن وقت لطيف آباد
12 نمبر حيدرآباد ۾ موجود آهي. جهن بعد آئون پهنجن عزيزن سان گڏ پهنجي
ڀائٽي کي زخمي حالت ۾ وٺي آيس ائين هينئرهو سول اسپتال ميرپورخاص جي
سرجيڪل وارڊ ۾ داخل آهي. هن بڌايو ت هن اغوا برائي تعاوان۾ ملوث پوليس
اهلڪارن خلاف هو سٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي ايف آء آر لاء ويس ليڪن پوليس
اهلڪارن جواب ڏئي ڇڏيو. سيد امين شاه عرف مدهو شاه سپريم ڪورٽ جي چيف
جسٽس، سنده ها۽ ڪورٽ جي چيف جسٽس،وزير اعلي سنڌ ، آجي پوليس سنڌ کان
مطالبو ڪيو ت اغوا برائي تعاوان ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪي وڃي.

 

هر قتل جا 5 هزار ملن ٿا: 19 ماڻهن جي قاتل ٽارگيٽ ڪلر جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي خواجه اجمير نگري مان گرفتار ٽارگيٽ ڪلر ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. هن چيو ته هڪ ماڻهو کي قتل ڪرڻ جا 5 هزار روپيا ملن ٿا. ڪراچي جي علائقي خواجه اجمير نگري مان گرفتار ٽارگيٽ ڪلر طاهر ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. گرفتار ٽارگيٽ ڪلر موجب قتل ڪرڻ جا حڪم ۽ پئسا عثمان نالي شخص ڏيندو هو. واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار ۽ موٽرسائيڪل عثمان فراهم ڪندو هو. عثمان وٽ درجنين ٽارگيٽ ڪلر آهن جن کان هو ڪم وٺي ٿو گرفتار جوابدار جو چوڻ هو ته واردات کانپوءِ علائقي ۾ روپوشي اختيار ڪندا هئاسين. جوابدار 4 پوليس اهلڪارن سميت 19 ماڻهن جي قتل جو اعتراف ڪيو آهي.

 

هڪ سازش تحت مون کي بدنام ڪيو پيو وڃي پاڪستاني اداڪارا عمائما ملڪ

لاهور(شوبز نيوز) فلم ۽ ٽي وي جي مشهور پاڪستاني اداڪارا عمائما ملڪ جو چوڻ آهي ته کيس هڪ سازش تحت بدنام ڪيو پيو وڃي. پاڪستاني اداڪارا عمائما ملڪ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هن وقت پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ  ۽ سندس حوالي سان تمام گهڻيون ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن جيڪا سندس ڪريئر کي ختم ڪرڻ  جي سازش آهي سندس چوڻ هو ته شعيب ملڪ هڪ سٺو انسان آهي جيڪو پنهنجي زال ثانيا مرزا سان بيحد محبت ڪندو آهي عمائما ملڪ جو چوڻ آهي ته هو سڀني افواهن کان هٽي ڪري پنهنجي ڪريئر تي ڌيان ڏئي رهي آهي ڇو ته هو هن ووقت ڪجهه ڀارتي فلمن جھي شوٽنگ ۾ رڌل آهي جيڪي جلد رليز ٿيڻ واريون آهن.

 

هالي ووڊ جي مزاحيه فلم ”اسپائي “ جو ٽريلر جاري

لاس اينجلس(شوبز نيوز)مزاح سان ڀرپور فلم اسپائي جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي سيڪريٽ ايجنٽ جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن کي روپ مٽائي هٿيار وڪرو ڪندڙ گروهه ۾ شامل ٿيڻ پوندو آهي ته جيئن انهن جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ حاصل ڪندي دنيا کي وڏي تباهي کان بچائي، ان دوران بيوقوفي ۽ کل نه بيهڻ وارو سلسلو شرو ٿي ويندو آهي فلم جو مرڪزي ڪردار ميليسا ميڪارٿي ادا ڪري رهي آهي فلم 22 مئي تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندا.

 

ايشوريا راءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪاري جا جوهر ڏيکارينديا

ممبئي(شوبز نيوز)2010ع کان فلمي اسڪرين تان غائب الي ووڊ ادڪاره جلد ئي سنجي گپتا جي فلم ۾ نظر ايندي، جنهن ۾ عرفان خان ان جو هيرو هوندو، جيڪو هن فلم جي باري ۾ تمام گهڻو پرجوش آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي بالي ووڊ اداڪاره جو چوڻ هو ته اپريل ۾ فلم جي شوٽنگ خم ٿي ويندي، فلم سيپٽمبر ۾ سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي

 

هالي ووڊ جي نئين هارر فلم ”آئوٽ آف دي ڊارڪ “ جو ٽريلر جاريا

لاس اينجلس(شوبز نيوز)هالي ووڊ ۾ نئين هارر فلم آئوٽ آف دي ڊارڪ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي لويئز ڪوئيلز جي ڊائريڪشن ۾ ٺهندڙ هن فلم جي ڪهاڻي شيطاني روح جي اثر هيٺ هڪ اهڙي ويران گهر جي چوڌاري گهمي ٿي جتي شيطاني قوتون پنهنجي موجودگي جو احساس ڏيارڻ لاءِ اهڙا اهڙا طريقا استعمال ڪنديون آهن جو سموري خاندان جي جان خطري ۾ پئجي ويندي آهي ڊيڄاريندڙ منظرن ۽ ڇرڪائيندڙ واقعن تي ٺهيل هن فلم ۾ اهم ڪردار جوليا اسٽيليس، اسڪاٽ اسپيڊ مين ۽ پڪسي ڊيوس ادا ڪري رهيا آهن هي فلم هلندڙ سال 27 فيبروي تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نيوزيلينڊ رواني ٿي وئي

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم دنيا جي ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ميگا ايونٽ ورلڊڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نيوزيلينڊ رواني ٿي وئي آهي، قومي ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق ڪاميابي لاءِ گهڻو پراميد آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا 13 رانديگر۽ ٽيم آفيشلز لاهور کان دبئي رستي نيوزيلينڊ روانا ٿي ويا. قومي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏيل طور رٿيل يارهين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ شرڪت ڪندي. ميگا ايونٽ کان پهرين قومي ٽيم نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٻن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي. پهرين ميچ 31 جنوري تي جڏهن ته ٻي اهم ميچ 3 فيبروري تي کيڏي ويندي. قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ وقار يونس نيوزيلينڊ ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو، جڏهن ته انجري جي ورچڙهيل جنيد خان جي جاءِ تي ڪيوي ٽيم خلاف اسڪواڊ ۾ شامل ٿيل بلاول ڀٽي جلد نيوزيلينڊ ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو. نيوزيلينڊ روانگي کان پهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ ٽيم جي سمورن رانديگرن بهترين تياري ڪئي آهي ۽ گرين شرٽس شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري 1992 واري ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي تاريخ کي ورجائيندي. پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته جنيد خان کي ڊاڪٽرن ٻن هفتن جي آرام جو مشورو ڏنو آهي، جيئن هو ميگا ايونٽ کان پهرين فٽ ٿي سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽي نيوزيلينڊ خلاف ٻن ون ڊي ميچز ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ جنيد خان فٽ نه ٿي سگهيوته بلاول ڀٽي کي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو.

 

ويسٽ انڊيز خلاف ٽين ون ڊي ۾ ڪيريئر جون 150 وڪيٽون پوريون ڪندس: ڊيل اسٽين

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) اسٽار ڏکڻ آفريقن فاسٽ بالر ڊيل اسٽين چيو آهي ته هو ويسٽ انڊيز خلاف ٽين ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ ۾ پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جون 150 وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ڊيل اسٽين کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر جي 150 هين وڪيٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ هڪ وڪيٽ جي ضرورت آهي. اسٽين اهو اعزاز حاصل ڪندڙ ستون ڏکڻ آفريقن بالر بڻجي ويندو. اسٽين جو شمار دنيا جي خطرناڪ بالرن ۾ ٿيندو آهي. هن وقت تائين 95 ميچن ۾ 149 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.