تازيون خبرون

Daily Archives: January 21, 2015

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري هئڻ باوجود امن قائم نه ٿي سگهيو، لياري ۽ اورنگي ٽائون ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. لياري جي بغدادي واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. واقعي بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، پوليس مقتول جا مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال کڻائي وئي. اورنگي ٽائون ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کان حياتي کسي ورتي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.

 

لياري گينگ وار جي جوابدار عزير بلوچ تي دبئي ۾ ڪيس داخل

دبئي (م.ڊ) لياري گينگ وار جي اهم ڪردار عزير بلوچ تي دبئي ۾ رقم جي ڏيتي ليتي تي تڪرار جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي جنهن کانپوءِ گهربل جوابدار جي پاڪستاني واپسي لڙڪي پئي آهي دبئي ۾ حسنين علي بلوچ نالي هڪ شخص ڪيس  داخل ڪرايو آهي عزير بلوچ ان جي 2 لکن جو قرضي آهي پر ڪيترائي ڀيرا مطالبي جي باوجود رقم واپس نه پيو ڪري، ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ حسنين علي بلوچ پوليس سان ٻيهر ڪوبه رابطو ناهي ڪيو، ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ عزير بلوچ کي پاڪستان واپس آڻن واو معمولي غير معمولي دير جو شڪار ٿي ويو آهي ڇو ته انٽرپول قانونن مطابق پڪڙيل جوابدار تي جيڪڏهن هن ملڪ ۾ جتان هو پڪتو ويو هجي ڪو ڪيس داخل هجي ته پهريان ان ڪيس جو فيصلو ڪيو ويندو ان کانپوءِ جوابدار کي گهربل ملڪ جي حوالي ڪيو ويندو.

 

آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جو چاليهو ملهايو ويو، خاص تقريبون ڪوٺايون ويون، ڪي پي ڪي ۾ عام موڪل

پشاور (م.ڊ) قوم کي هڪ ڪري ويندڙ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيد ٻارڙن جو چاليهو ٿي گذريو، خيبرپختونخواهه جي حڪومت صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته پوري ملڪ ۾ معصوم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ خاص تقريبون ٿيون، معصوم شهيدن جي قرباني رائيگان نه وڃي دهشتگردن خلاف عزم ڪڏهن به ختم نه ٿئي ان ئي جذبي سان پشاور سانحي جي شهيدن جو چاليهو ملهايو ويو، 16 ڊسمبر تي بزدل دهشتگردن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول کي نشانو بڻايو تقريبن 150 معصوم شاگرد ۽ استاد دهشتگردن جو نشانو بڻجي ويا، پوري دنيا حيران ٿي وئي ته ڇا انسان ايتري حد تائين به ڪري سگهي ٿو جو ٻارن کي به پنهنجي وحشي جنون جو نشانو بڻائي ڇڏي؟ پر ان عظيم سانحي مختلف سوچن ۾ ورهايل ماڻهن کي متحد قوم ۾ بدلائي ڇڏيو ان جنهن جي صرف هڪ سوچ هئي. آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي چاليهي تيخيبرپختونخواهه ۾ عام موڪل رهي، صوبي ۾ سموريون سرڪاري آفيسون، نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا بند   هئا، شهيدن جي چاليهي جي مرڪزي تقريب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي ان سان گڏ ملڪ جي ٻين حصن ۾ به خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون.

 

ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به پيٽرول جو بحران، پمپ بند

ڪراچي/حيدرآباد/لاڙڪاڻو/ميرپورخاص(نمائندن وٽان) حيدرآباد: پنجاب ۾ پئٽرول جي بحران کان پوءِ ڪراچي حيدرآباد جا اڪثر پئٽرول پمپ پئٽرول نه هئڻ جي ڪري بند پيل آهن. جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ پئٽرول جي بحران واري صورتحال جي ڪري شهري پئٽرول خريد ڪرڻ جي لاءِ پئٽرول پمپن تي وڏي تعداد ۾ پهچي ويا آهن جنهن ڪري پئٽرول پمپن تي موجود پئٽرول جا ذخيرا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن. پئٽرول ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پئٽرول جا ذخيرا صرف ٽن ڏينهن جي لاءِ بچا آهن جيڪڏهن شهرين پاران اهڙي صورتحال ۾ پئٽرول خريد ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته ذخيرا جلد ختم ٿي ويندا. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ گذريل رات کان پئٽرول جي وڏي پئماني تي خريداري جي ڪري 80 سيڪڙو کان وڌيڪ پئٽرول پمپ تيل نه هئڻ جي ڪري بند ٿي چڪا آهن. ميرپور خاص ۾ به پئٽرول نه هئڻ جي ڪري پئٽرول پمپ بند پيل آهن. سنڌ جي 3 نمبر وڏي شهر سکر ۾ به حيدرآباد واري ساڳئي صورتحال پئدا ٿي وئي آهي. پئٽرول نه ملڻ جي ڪري شهري سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهن.، ٻئي طرف سنڌ سرڪار، صوبي ۾ پيٽرول جو هٿرادو بحران پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪندي وفاق تي زور ڀريو آهي ته صوبي لاءِ مقرر پيٽرول جي ڪوٽا ۾ ڪنهن به صورت ۾ گهٽتائي نه ڪئي وڃي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته صوبي ۾ هٿرادو نموني پيٽرول جو بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي سان فون تي رابطو ڪري پيٽرول جي بحران واري معاملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صوبائي وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي تي زور ڀريو ته سنڌ کي پنهنجي ڪوٽا تحت پيٽرول جي فراهمي جاري رکي وڃي ۽ ان ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي وڃي. ان موقعي تي پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي خاطري ڪرائي ته سنڌ کي ملندڙ تيل جي ڪوٽا ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي ويندي. .

 

ڀارتي اداڪارا انوشڪا شرما جا هڪ سماجي ويب سائيٽ تي مداح 4 ملين کان وڌي ويا

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ۽ پي ڪي فلم ذريعي شهرت جي بلندين تي پهتل انوشڪا شرما جا هڪ سماجي ويب سائيٽ تي مداح 4 ملين کان وڌي ويا آهن. ڀارتي اداڪارا ۽ گهٽ فلمن زريعي وڌيڪ شهرت حاصل ڪندڙانوشڪا شرما پنهجي هڪ انٽرويو ۾ خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سماجي ويب سائيٽ تي مداحن جو انگ وڌڻ سبب هو پنهنجي مداهن جي تمام گهڻي ٿورائتي آهي جنهن جي پسند ڪرڻ سبب هو هن مقام تي پهتي آهي انوشڪا شرما جو چوڻ آهي ته فلم پي ڪي بعد هو ڪجههوقت آرام ڪرڻ چاهي ٿي جنهن بعد هو ڪا فلم سائين ڪندي.

 

”ويلڪم ٽو لنڊن“ پاڪستان ۾ هلندڙ مهيني رليز ڪئي ويندي

ڪراچي(شوبز نيوز) نئين فلم ”ويلڪم ٽو لنڊن“ هلندڙ مهيني پاڪستان ۾ رليز ڪيئ ويندي. ذريعن مطابق اها فلم لنڊن برطانيه ۾ رليز ۽ ڪاميابيءَ کانپوءِ پاڪستان فلم ڊسٽري بيوشن ڪمپني هلندڙ مهيني ان کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي پر ان لاءِ قطعي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو. فلم جي ڪهاڻي هڪ نوجوان جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪو خاندان جا قرض لاهڻ لاءِ لنڊن ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ ايندو آهي، جيڪو بعد ۾ هڪ مشڪل صورتحال ڦاسي پوندو آهي. جڏهن ته پنجابي نوجوان وجي جو ڪردار برطانوي اداڪار اسد شان ڪيو آهي، پاڪستان سُپر ماڊل بيڪا امام فلم جي هيروئن آهي. فلم جو سائونڊ ٽريڪ پاڪستاني پاپ اسٽار فلڪ شير ڏنو آهي..

 

فلم ”بن روئي“ عيدالفطر جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪار ۽ پروڊيوسر همايون سعيد جي نئين فلم ”بن روئي“ هلندڙ سال عيدالفطر جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي. ان فلم جي ڪاسٽ ۾ ماهرا خان، زيبا بختيار، آرمينا رانا خان، حمزه علي عباس ۽ جاويد شيخ شامل آهن. فلم جو ٽائيٽل فرحت اشتياق جي ناول ”بن روئي آنسو“ مان ورتو ويو آهي.

 

وزيراعظم نريندر مودي بالي ووڊ اداڪار شتروگن سنها کي پٽ جي شادي جي مبارڪباد ڏيڻ پهچي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)وزيراعظم نريندر مودي بالي ووڊ اداڪار شتروگن سنها کي پٽ جي شادي جي مبارڪباد ڏيڻ پهچي ويو ممبئي جي پلس فائيو اسٽار هوٽل ۾ اداڪار ۽ سياستدان شتروگن سنها جي پٽ خوش سنها جي شادي جي تقريب ٿي وزيراعظم نريندر مودي، اميتاڀ بچن ۽ ٻين مشهور شخصيتن ان شادي ۾ شرڪت ڪئي، ڀاءُ جي شادي تي اداڪاره سوناڪشي سنها تمام گهڻي خوش هئي ادڪاره ٽوئيٽر تي شادي جي تصويرن جو ڍير لڳائي ڇڏيو وليمي جي تقريب اڄ ٿيندي جنهن ۾ مشهور اداڪارن سميت اهم سياسي شخصيتون به شرڪت ڪنديون.

 

نيوزيلينڊ چوٿين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

نيلسن(اسپورٽس نيوز)نيوزيلينڊ چوٿين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 7 ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 1-2 سان برتري حاصل ڪري ورتي، نيوزيلينڊ جي شهر نيلسن جي سيڪسٽن اوول گرائونڊ ۾ کيڏيويندڙ ميچ ۾ سريلنڪن ٽيرم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته مهمان ٽيم 49.3 اوور ۾ 276 رنسون ٺاهيون سريلنڪا طرفان مهيلا جي وردني 94، ڪمار سنگاڪارا 76، دلشان 44، ٿرماني 19  رنسون سان نمايان رهيا جڏهن ته نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي 3، ايڊم ملني ۽ مچل ميڪلنگم 2،2، ڪوري اينڊرسن ۽ ڪين وليمسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، جواب ۾ ڪين وليمسن جي سينچري جي مدد سان نيوزلينڊ 277 رنسن جو هدف 6 وڪيٽن تي 49 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ گرينٽ ايليٽ 44، ڪوري اينڊرسن 47، ليوڪ رونچي 32 ۽ مارٽن گپٽل 20 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيا سريلنڪا طرفان نوان ڪلاسيڪرا، اينجلو ميٿيوز، رنگانا هيرات، ٿسارا پريرا ۽ جيون مينڊس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي ڪين وليمسن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

ڏکڻ آفريقا کي ٽين ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ شاندر ڪم بيڪ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون: مارلن سيميوئلز

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊين ٽيم جي مشهور آل رائونڊر مارلن سيميوئلز چيو آهيته پروٽيز کي پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٽين ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ شاندار ڪم بيڪ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي مارلن چيو ته پروٽيز خلاف پهرين ٻن ميچن ۾ شڪست باوجود ٽيم جا حوصلا مضبوط آهن. هن چيو ته پروٽيز خلاف ٽين ون ڊي ميچ ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ڪري پنهنجي ٽيم کي شاندار ڪم بيڪ ڏياريندس. هن چيو ته سندس جي ٽيم مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ ڏکڻ آفريقا کي ٽين ون ڊي ۾ شڪست ڏئي سيريز م واپس اينداسين.