تازيون خبرون

Daily Archives: January 20, 2015

اسلام آباد ۽ پشاور کانپوءِ پئٽرول بحران سنڌ پهچي ويو، اڪثر پيٽرول پمپ بند

اسلام آباد/لاهور/ڪراچي (بيورو/اسٽاف رپورٽر/م.ڊ) پوري پنجاب ۾ پيٽرول بحران ۽ حڪومتي دعوائن جو ٻيون هفتو  شروع ٿي ويو پر هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ عوام کي پيٽرول ملڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي جڏهن ته بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ 300 آئل ٽينڪر ڪراچي کان روانا ڪيا ويا آهن وزيراعظم نواز شريف جي نوٽيس باوجود حڪومت پيٽرول جي بحران تي قابو ناه يڪري سگهي راولپنڊي، لاهوري ۽ ملتان سميت پوري پنجاب ۾ پيٽرول جي کوٽ برقرار آهي، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پيٽرول پمپ بند پيل آهن ۽ جتي پيٽرول موجود آهي اتي موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن، ماڻهو ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪري پيٽرول وٺڻ تي مجبور آهن، پيٽرول بهران سبب لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي شاگرديانين جي درخواست تي اڄ ٿيندڙ پرچا ملتوي ڪيا  ويا آهن ملتوي ڪيل پرچا 24 جنوري تي ٿيندا، لاهور ۾ سي اين جي اسٽيشن کليل هجڻ سبب رستن تي ٿوري قدر پبلڪ ٽرانسپورٽ نظر اچي رهي آهي پر راولپنڊي، فيصل آبدا، گوجرانوالا، ملتان، چنيوٽ، حافظ آباد  ۽ ٻين اهم شهرن ۾ صورتحال انتهائي خراب آهي ڊگهيون خطارون عوام جي صبر جو امتحان وٺي رهيون آهن. مريض ۽ اسپتالن ۾ ويندڙ به مشڪلاتن جو شڪار آهن ڪراين ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جون قيمتون به چوٽ چڙهيل آهن مڇريل ماڻهو پاڻ ۽ پيٽرول پمپن جي عملي سان وڙهي رهيا آهن. پنجاب کان شروع ٿيل تيل بحران اسلام آباد ۽ پشاور کانپوءِ سنڌ پهچي ويو، ڪراچي جي ڪيترن علائقن ۾ پيٽرول پمپس بند، پيٽروليم ڊيلرز ايسئوسيئشن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو پيٽرول پنجاب موڪليو پيو وڃي، فوري طور فراهمي شروع نه ڪئي وئي ته سنڌ ۾  بحران سنگين ٿي ويندو. تيل بحران جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس مٿان اجلاس، ناڻي ۽ پيٽروليم وارن وزيرن جا هڪٻئي مٿان الزام، اسحاق ڊار ناڻي وزارت کي ذميواري کان آجو قرار ڏيندي بحران کي حڪومت خلاف وڏي سازش قرار ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته ذميوارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪبو. پنجاب ۾ پيٽرول جي سنگين بحران عوامي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي، 7 ڏينهن کان تيل جي کوٽ سبب روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هئڻ برابر، ريسڪيو 1122 جون ايمبولينسز ۽ فائر برگيڊس جون گاڏيون به بيهجي ويون، ملڪي راڄڌاني اسلام آباد ۽ ڪي پي ڪي جي گادي واري شهر پشاور ۾ به بحران برقرار آهي. پيٽرول بحران تي پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي ۽ ايم ڪيو ايم سينيٽ ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، رٿن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پيٽروليم، ناڻي ۽ بجلي واريون وزارتون آهن، ذميوار ايوان ۾ اچي جواب ڏين.

 

باڊهه کان نصيرآباد ويندڙ ڄڃ سان خوفناڪ روڊ حادثو، ٻه ناريون چيڀاٽجي فوت، خوشيون ماتم ۾ تبديل، شادي ملتوي

باڊهه (رپورٽر) باڊهه شهر جي ڀٽي چوڪ جا رهواسي نوناري برادري سان تعلق رکندڙ باڊهه کان گھوٽ محمد ابراهيم پٽ حسين نوناري کي  پرڻائڻ لاءِ نصيرآباد طرف وڃي رهيا هئا ته باڊهه نصيرآباد روڊ جي سم شاخ وٽ ڄڃ سان گڏ ويندڙ ڄاڃي نوجوان قاسم نوناري پنهنجي ڀيڻ ۽ سئوٽ کي موٽر سائيڪل ذريعي ڄڃ سان گڏ وڃي رهيا هئا ته ڄڃ واري بس کي ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڄڃ واري بس جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳي پيو ٽڪر جي نتيجي ۾ بس جي آڏو واري ٽائر ۾ بس جي هيٺان موٽر سائيڪل تي سوار ٻئي نوجوان ناريون 13 سالا سونيا ڌيءِ سليمان نوناري 18 سالا ناهيد ڌيءِ فضل نوناري چيڀاٽجي جي فوت ٿي ويون جڏهن ته موٽر سائيڪل هلائيندڙ نوجوان قاسم نوناري زخمي ٿي پيو ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿي ويل ناريون پاڻ ۾ سئوٽ هيون بس هيٺان چيڀاٽجي فوت ٿي ويل ٻن نوجوان نارين جي حالت حادثي دوران ايتري ته خراب ھيون جو سندس جا چھرا سڃاڻپ کان ٻاھر ھيا جڏھن ته حادثي دوران سندس رشتيدار عورتون، مرد ۽ سندس گھر ڀاتي لاش کي ڏسي ڪري زارو قطار روئڻ لڳا ۽ صدمي ۾ ماتم ڪرڻ لڳا ٻئي طرف اھڙي واقعي جو اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏنو ويو پر ڏيرا ٿاڻي جي حد جي پوليس بروقت واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي جڏهن ته حادثي بعد بس جو ڊرائيور ڄڃ کي رستي تي ئي ڇڏي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ٻئي طرف حادثي جي اطلاع باڊهه اسپتال انتظاميا کي ڏنو ويو جيڪي باڊهه اسپتال جي ايم ايس اطلاع بعد ٻه ايمبولنس حادثي واري هنڌ روانيون ڪري ڇڏيون جنهن بعد فوت ٿي ويل نوجوان نارين جا لاش ايمبولنس ذريعي گهر پهچايو ويو جتي نوجوان نارين جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته شهر توڙي محلي جا سوين ماڻهو تڏي تي پهچي ويا ٻئي طرف شادي واريون خوشيون ماتم  تبديل ٿي ويون جڏهن ته گهوٽ کي ڄڃ سميت حادثي سبب واپس موٽرايو ويو ۽ شادي جون تقريبون ملتوي ڪئي وئي.

 

ڪراچي ڊويزن ۾ 3 ڏينهن لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو، دهشتگردن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن: ٿيٻو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي ڪراچي ڊويزن ۾ 3 ڏينهن لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي هڻي ڇڏي آهي جنهن تي عمل سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات کان ٿيندو، سنڌ حڪومت گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، پابندي کان پوڙها، ٻارڙا، عورتون، صحافي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار آجا هوندا، نوٽيفڪيشن مطابق پابندي تي عمل سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات 12 وڳي کان 23 جنوري جي رات 12 وڳي تائين ٿيندو، ان ڏس ۾ سيڪريٽري گهرو کاتو سنڌ حڪومت عبدالرحيم سومرو چيو آهي ته پابندي امن امان جي صورتحال ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڏوهن تي وڌڻ سبب هنئين وئي آهي، واضح رهي ته سومر تي اورنگي ٽائون جي علائقي يوسي نمبر 6 بنارس ۾ پوليو ٽيم تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار جي قتل تي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو جي سفارش تي عائد ڪئي وئي آهي. سٽي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻو چيو آهي ته پوليس تي حملا پوليس جو مورال ڪيرائڻ جي ڪوشش آهي جڏهن ته دهشتگردن هٿان پوليس بليڪ ميل نه ٿيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن جا ڌينهن ڳڻجي چڪا آهن تفصيل مطابق غلام قادر ٿيٻو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ ڦاهي جي سزائن جي ڪري دهشتگرد گٻراهٽ جو شڪار آهن مسلسل ڇاپن ۽ گرفتاري سان دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي چڪي آهي ڪراچي پوليس جي سربراهه جو چوڻ آهي ته پوليس منگهوپير ملير ۽ ڪنواري ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه ڪري ڇڏيا آهن هاڻي دهشتگرد ان قابل نه آهي جو ڪا وڏي ڪارروائي ڪري سگهن پر هو پوليس کي اڪيلو ڏسي انهن تي حملو ڪن ٿا سٽي پوليس چيف جو چوڻ آهي ته پوليس تي حملن کان پوءِ ڪراچي پوليس به پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪري ڇڏي آهي.

 

ڪراچي ۾ پوليو ٽيم تي ٻيهر حملو، فائرنگ سبب پوليس اهلڪار مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اورنگي ٽائون جي علائقي بنارس ڪالوني ۾ اڻڄاتل ماڻهن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نيجي ۾ پوليو رضاڪارن جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪار گوليون لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو،  اورنگي ٽائون جي علائقي بنارس ڪالوني يو سي 6 ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوارن پوليو ٽيم تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب اي ايس آءِ تبسم موقعي تي فوت ٿي ويو جنهن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو اسپتال ذريعن مطابق اي ايس آءِ تبسم جي مٿي ۾ 2 گوليون لڳيون جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته اسپتلا انتظاميه ضروري ڪارروائي شروع ڪري ڏني ٻئي طرف اي ايس آءِ تبسم جي شهادت کانپوءِ سائٽ ۽ اورنگي ٽائون ۾ پوليو مهم عارضي طور تي روڪي وئي جڏهن ته آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ڪراچي ۾ 3 ڏينهن تائين موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليو مهم کي اثرائتو بڻائن لاءِ ڪراچي ۾ ڊبل سواري تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي منظوري بعد شهر ۾ ڊبل سواري ڏوهه بڻجي وئي آهي.

 

جيڪو ”پي ڪي“ ڏسڻ گناهه ٿو سمجهي اهو هي فلم نه ڏسي: ڀارتي عدالت

نئين دهلي(شُوبز نيوز)معاشرتي برائين تي ٺهيل عامر خان جي فلم پي ڪي خلاف عدالت ۾ داخل درخواس تي دلي هاءِ ڪورٽ به حيرانگي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيڪو فلم ڏسڻ گناهه سمجهي ٿو اهو نه ڏسي فلم پي ڪيخلاف دلي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي جسٽس روحاني ۽ جسٽس آر ايس اينڊلا تي مشتمل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي دوران چيو ته ملڪ جو آئين فنڪار کي معاشرتي برائين جي عڪاسي جي اجازت ڏئي ٿو ۽ قانون ان ڳالهه جو تحفظ ڏئي ٿو ته آرٽسٽ ڪنهن به انداز سان معاشري ۾ ٿيندڙ برائين کي ڏيکاري سگهي ٿو ججز پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته فلم خلاف درخواست جو عدالت ۾ اچڻ ان ڳالهه طرف اشارو ڪري ٿو ته ملڪ ۾ مذهبي عدم برداشت ۾ تيزي سان اصافو ٿي رهيو آهي، عدالت قرار ڏنو ته جنهن شخص کي پي ڪي  فلم ڏسڻ گناهه ٿو لڳي ان کي گهرجي ته فلم ڏسڻ کان پاسو ڪري.

 

هالي ووڊ جي نئين ايڪشن فلم ”انارڪي“ جو ٽريلر جاري

لاس اينجلس(شوبز نيوز): هالي ووڊ جي نئين ايڪشن فلم انارڪي جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي ايڪشن سان ڀرپور ان نئين فلم جي ڪهاڻي مشهور آمريڪي ليکڪ وليم شيڪسپيئر جي ناول سان لاڳاپيل آهي، جيڪا ڏوهاري گروهه ۽ بدعنوان پوليس جي چوڌاري گهمي ٿي سنسني سان ڀرپور فلم انارڪي 13 مارچ تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

”ڊولي ڪي ڊولي“ جو نئون گانو ميري نينا ڪافر هوگئي ريلز

ممبئي (شوبز نيوز) ايندڙ فلم ”ڊولي ڪي ڊولي“ جو نئون گانو ميري نينا ڪافر هوگئي رليز ٿي ويو. ڄاڻايل گانو مشهور گلوڪار راحت فتح علي خان ڳايو آهي جڏهن ته گانو اداڪاره پلڪٽ سمرات تي فلمايو ويو آهي. گاني جي موسيقي ساجد واجد ترتيب ڏني آهي. جڏهن ته گاني جي شاعري ڪمارلکي آهي. فلم جي هيروئن سونم ڪپور آهي ٻي ڪاسٽ ۾ راج ڪمار رائو ۽ ودون شرما شامل آهن.

 

رتيش ديشمک ”مستي 3“ ۾ به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو

ممئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار رتيش ديشمک فلم ”مستي ٿري“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي. ميڊيا موجب هو ”مستي“ ۽ ”گرينڊ مستي“ ۾ بولڊ ڪاميڊي وارا ڪردار ادا ڪري چڪو آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هو آئينده اهڙيون فلمون نه ڪندو پر تازو ئي هن ان سلسلي جي ٽين فلم ۾ ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي. فلم جي هدايتڪار جو چوڻ آهي ته سندس زور ڀرڻ تي رتيش ان فلم ۾ بولڊ ڪاميڊي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي ۽ هو بيحد خوش آهي. فلم جي عڪسبندي جلد شروع ٿيندي.

 

مورني مورڪل ون ڊي ۾ 150 وڪيٽون مڪمل ڪندر ڇهون ڏکڻ آفريقن بالر بڻجي ويو

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقن فاسٽ بالر مورني مورڪل ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر جون 150 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون. هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهون ڏکڻ آفريقن بالر بڻجي ويو، مورڪل ويسٽ انڊيز خلاف ٻئين ون ڊي ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو، ان کان اڳ شان پولاڪ، دونلڊ، ڪيلس، نيتني ۽ ڪلوزنر پڻ اهو نمبر پار ڪري چڪا آهن، ويسٽ انڊيز خلاف کيڏيل ون ڊي ميچ ۾ مورڪل جڏهن ميدان ۾ لٿو ته کيس ڪيريئر جون 150 وڪيٽون مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻن وڪيٽن جي ضرورت هئي، هن ڪرس گيل ۽ دنيش رامدين کي آئوٽ ڪري اهو اعزاز حاصل ڪيو، مورڪل 89 ميچون کيڏي 150 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون

 

اسٽيون سمٿ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هزار رنسون مڪمل ڪندڙ 38هون آسٽريلين ڪرڪيٽر بڻجي ويو

سٽيون (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽسمين اسٽيون سمٿ ون ڊي ميچن ۾ ڪيريئر جون هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن، سمٿ ٽه ملڪي سيريز ۾ ڀارت جي خلاف ميچ ۾ 47 رنسون ٺاهي اهو عزاز حاصل ڪيو، هو ون ڊي ميچ ۾ هزار رنسون مڪمل ڪندڙ 38هون آسٽريلين ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي، ميلبورن ۾ ڀارت جي خلاف کيڏجندڙ ميچ ۾ سمٿ جڏهن ميدان ۾ آيو ته هن کي هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ 42 رنسن جي ضرورت هئي، هن 47 رنسن جي اننگز کيڏي هزار رنسن جو ٽارگيٽ مڪمل ڪيو.