تازيون خبرون

Daily Archives: January 19, 2015

پيٽرول جي بحران تي شاهد خاقان عباسي کي برطرف ڪرڻ گهرجي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو) شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان ڪنٽينر ڊي چوڪ تي ڇڏي وڃي ها ته اڄ پيٽرول جي کوٽ نه ٿئي ها، پيٽرول بحران تي شاهد خاقان عباسي کي برطرف ڪرڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته صرف عمرانملڪ کي بچائي سگهي ٿو ڪپتان ڪنٽينر ڇڏي ها ته اڄ پيٽرول جي کوٽ نه ٿئي ها، هن جو چوڻ هو آهي ته پيٽرول بحران تي شاهد خاڪان عباسي کي برطرف ڪرڻ گهرجي ها.

 

جي يو آءِ ف پاران گستاخ خاڪن خلاف 23 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

سکر(بيورو) جميعت علماءِ اسلام فرانس کان معافي جو مطالبو ڪندي 23 جنوري تي چڙ ڏياريندڙ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏيئي ڇڏيو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 21هين آئيني ترميم ۽ فوجي ايڪٽ امتيازي سلوڪ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن ڪري ان ۾ ترميم ڪري خاميون ختم ڪيون وڃن، جي يو آءِ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس بابت منزل گاهه ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ اجلاس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي فرانس کان گهر ڪئي آهي ته هو دل آزاري ڪرڻ تي مسلمان امت کان معافي گهري، هن چيو ته جي يو آءِ 23 جنوريءَ تي گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ تي فرانسي رسالي خلاف سڄي ملڪ ۾ پرامن مظاهرن جو سڏ ڏئي ٿو، هن چيو ته فوجي ايڪٽ ۽ 21هين آئيني ترميم جي حوالي سان اجلاس ۾ پارلياماني پارٽي جي فيصلي جي حمايت ڪئي وئي آهي، ان قانون ۾ غلطيون آهن، جنهن سبب دهشتگردي ۾ واڌ ايندي، ان ترميم تي وڌيڪ غور لاءِ 22 جنوري تي لاهور ۾ ڪل جماعتي سيمينار ڪوٺايو پيو وڃي، جنهن ۾ سياسي ڌرين سميت، وڪيلن، دانشورن، صحافين کي پڻ گهرايو ويندو، جيئن ان ايڪٽ جون خامين جي نشاندهي ڪري سگهجي، مولانا فضل الرحمان چيو ته هو الطاف جو احترام ڪري ٿو، بهتان جي موٽ ۾ بهتان مڙهي هو قومي ايڪي کي نقصان رسائڻ نه ٿو گهري، عمران ايترا ۽ اهڙا ڌرڻا هنيا جو هاڻي ڌرڻي لفظ اچارڻ تي به شرم ٿو اچي، هن چيو ته جي يو آءِ جي دستور ۾ تبديلي ڪري چونڊيل باڊي جو وقت ٽن ورهين کان وڌائي 5 ورهيه ڪيو ويو آهي، ملڪ جي معاشي صورتحال خراب آهي اهڙي وقت ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ عوام جا ڳوڙها اگهڻ برابر آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي جاچ بابت هو پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمعن آهن، حڪومت ضرب عضب جي ڪاميابي جي دعوا ڪري ٿي ته پوءِ آءِ ڊي پيز کي واپس گهر اماڻڻ گهرجي.

 

بي جي پي پاران 2016 ۾ شهيد بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر جي تعمير جو اعلان

نئين دهلي(اي پي پي) ڀارت جي حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي ايوڌيا ۾ شهيد بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر جي تعمير جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته 2016ع ۾ رام مندر جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويندو. ڀارتي ميڊيا مطابق بي جي پي جي سينيئر اڳواڻ سيرامنيم سوامي آچر تي ٻڌايو ته سندس جماعت ايوڌيا ۾ رام مندر جي تعمير جي پنهنجي منصوبي ۽ واعدن کي عملي شڪل ڏيندي ۽ 2016ع ۾ رام مندر جي تعمير جو ڪم شروع ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم نريندر مودي مندر جي تعمير جي ڏس ۾ هن کان 2016ع تائين وقت گهريو آهي. انتها پسند هندو جماعت جي اڳواڻ چيو ته مندر جي تعمير لاءِ پارليامينٽ ۾ ووٽنگ جي ضرورت ناهي ان لاءِ رڳو صدر پاران هڪ پريس پڌرائي به ڪافي آهي ۽ اها پريس پڌرائي ڪابينه تيار ڪري سگهي ٿي.

ملير ۾ پوليس پاران جعلي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل نوجوان جي لاڙڪاڻي ۾ تدفين، عدالت وينداسين: وارث

ملير/لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان) ملير ۾ پوليس پاران جعلي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيل لاڙڪاڻي واسي نوجوان جي اباڻي ڳوٺ ۾ تدفين، ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي جي سنديلا برادري سميت آس پاس جي ڳوٺڻ جي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، قتل خلاف وارثن پاران عدالت وڃڻ جو اعلان، تفصيل موجب: گهگهر جي علائقي مان گذريل ڏينهن 20 ورهين جي نوجوان امجد جج جو چچريل لاش مليو، نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪري اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي بدنام زمانه پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي قتل ڪري ولاش گهگهر جي علائقي ۾ لاوارث ڄاڻائي ڦٽو ڪيو، جنهن کي ايڌي حوالي ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ 20 ورهين جي نوجوان امجد جج طور ڪئي وئي، وارثن موجب گذريل جمعي تي ملير جي عدالت مان سادا ڪپڙا پهريل اسٽِيل ٽائون ٿاڻي جي اهلڪار مقبول امجد جج کي ڪار ۾ کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو هو، نوجوان جي گهڻي ڳولا ڪئي وئي پر سندس جو ڪو به ڏس پتو نه مليو، گذريل رات گهگهر جي علائقي مان نوجوان جو چچريل لاش مليو جنهن کي اسٽيل ٽائون جي پوليس جعلي مقابلو ڄاڻائي نوجوان کي لاوارث حالت ۾ ڦٽو ڪيو هو، جنهن جو مڙهه ايڌي حوالي ڪيو ويو هو، گذريل ڏينهن وارثن ايڌي جي سهراب ڳوٺ واري سرد خاني مان نوجوان جي سڃاڻپ ڪئي، بعد ۾ ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وصول ڪري لاڙڪاڻي لڳ ف ليگ جي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي جي ڳوٺ لڳ ڳوٺ قيصر سنديلو آندو ويو جتي گذريل شام سندس جي تدفين ڪئي وئي، نوجوان امجد جي جنازي نماز ۾ تعلقي ڏوڪري ۽ تعلقي باقراڻي سميت ٻين ڳوٺن مان سنديلا برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نوجوان جي قتل تي سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي، وارثن سان تعزيت جو سلسلو پڻ رات دير تائين جاري رهيو، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي عدالت مان پوليس کنڀي گم ڪرڻ بعد جعلي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو اهي، هنن اعلان ڪيو ته نوجوان جي قتل جو ڪيس اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس مٿان داخل ڪرايو ويندو، هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ سرڪار ۽ آئي جي سنڌ کان گهر ڪئي اهي ته نوجوان جي قتل جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

فلم مشن 021 سان سينيما مالڪن جي ناروا سلوڪ تي مون کي گهڻو افسوس آهي: زيبا بختيار

لاهور (شوبز نيوز) پي ٽي وي جي ڊرامي انارڪلي ۽ ڀارتي فلم حنا مان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪاره زيبا بختيار هاڻي اداڪاري ڪرڻ بدران پروڊڪشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. زيبا بختيار 2 سال اڳ مشن 021 ٺاهي.هاڻي نيون فلمون ۽ ٻين پروڊڪشن جي منصوبه بندي ڪري رهي آهي. زيبا بختيار هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڪردار جي يڪسانيت سان سٺو فنڪار متاثر ٿيندو آهي. گذريل سال منهنجي ڳري بجيٽ سان ٺهيل فلم مشن 021 سان سينيما جي مالڪن خراب سلوڪ ڪيو جنهن جو مون کي گهڻو افسوس آهي. هن چيو ته هلندڙ سال ۾ هو وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.

 

مس يونيورس جو مقابلو 25 جنوري تي ٿيندو

فلوريڊا(شوبز نيوز)مس يونيورس جي چونڊ لاءِ مقابلو 25 جنوري تي ٿيندو، حسينائن جو فلوريڊا پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو فلوريڊا جي شهر ڊورل ۾ هن ايونٽ جو اهتمام ڪيو ويو آهي پوري دنيا مان ايندڙ ماڊلز جي جهل عوام کي ڏيکاري وئي جيڪي هٿ لوي خوشي جو اظهار ڪري رهيون هيون، پريڊ ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو اتي پهتل هئا  ۽ پوءِ شام جو انهن ماڊزل جي ڊورل آمد تي اعزاز ۾ ڊنر ڏني وئي.

 

دپيڪا پڊڪون پنهنجو ايوارڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت جي نالي ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) پنهنجي خوبصوري ۽ شاندار پرفارمنس سان لکين ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪندڙ دپيڪا پڊڪون کي گذريل ڏينهن هڪ تقريب دوران عوام جي پسنديده ترين اداڪاره جو ايوارڊ سان نوازيو ويو جڏهن هوءَ ايوارڊ وٺڻ آئي ته اتي موجود هزارين ماڻهن جي موجودگي ۾ اعتراف ڪيو ته هن فلم ڪوئن ڏٺي آهي ۽ ان ۾ ڪنگنا رناوت جي اداڪاري ان کي ڏاڍي پسند آئي آهي هن جي خيال ۾ اها شاندار پرفارمنس هئي ان ايوارڊ جي تقريب ۾ بهترين اداڪاره جو ايوارڊ پريانڪا چوپڙا کي فلم ميري ڪوم لاءِ ڏنو ويو جڏهن ته شاهد ڪپور کي فلم حيدر لاءِ بهترين اداڪار جو ايوارڊ ڏنو ويو.

 

بالي ووڊ اداڪار انوپم کير 18 سالن کانپوءِ سنجي گپتا سان گڏ ڪم ڪندو

نئين دهلي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار انوپم کير 18 سالن کان پوءِ باليووڊ هدايتڪار سنجي گپتا سان گڏ ڪم ڪندو. ڀارتي ميڊيا مطابق انوپم کير فلم ”جذبي“ ۾ نظر ايندو جيڪا ڪورين فلم ”سيوان ڊيز“ مان ورتل آهي.فلم جو هدايتڪار سنجي گپتا هوندو. ۽ انوپم کير ۽ سنجي گپتا 18 سالن کان پوءِ ڪنهن فلم ۾ گڏ ڪم ڪندا. انوپم کير تازي انٽرويو ۾ چيو ته هو فلم ”جذبي“ جي حوالي سان گهڻو پر جوش آهي ۽ فلم مداحن کي پسند ايندي. هن چيو ته فلم جي اسڪرپٽ مان گهڻو متاثر ٿيو آهيان. فلم ۾ عرفان خان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اهو پهريون موقعو هوندو ته عرفان خان ۽ انوپم کير گڏ فلم ۾ نظر ايندا.

 

گولڊن ڪپ ون ڊي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ اڄ کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گڏ شروع ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اهتمام هيٺ گولڊن ڪپ ون ڊي ٽورنامينٽ (اڄ) سومر کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گڏ شروع ٿيندو. پهرين فيبروري تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ سڄي ملڪ مان 12 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان م لهنديون جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ ڪراچي ڊولفن، نيشنل بئنڪ، پشاور پينٿرز، راولپنڊي ريمز، سوئي نادرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ ۽ زرعي ترقياتي بئنڪ جڏهن ته گروپ بي ۾ اسلام آباد لپرڊز، ڪراچي زيبراز، خان ريسرچ ليباريٽريز، لاهور لائنز، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جون ٽيمون شامل آهن. ايونٽ جي شروعاتي ڏينهن گروپ اي ۽ بي ۾ مجموعي طور تي 6 ميچون ٿينديون. ايونٽ جا سيمي فائينل 29 ۽ 30 جنوري جڏهن ته فائينل پهرين فيبروري تي ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

 

نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ چوٿين ون ڊي (سڀاڻي) ٿيندي

نيلسن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 7 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ (سڀاڻي) اڱاري تي نيلسن ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز هڪ هڪ تان برابر آهي. سيريز جي ٽين ميچ برسات جي ور چڙهي وئي. پهرين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم سريلنڪا کي 3 وڪيٽن تان هارايو جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڪم بيڪ ڪندي نيوزيلينڊ 6 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.