تازيون خبرون

Daily Archives: January 13, 2015

شاگردن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو آهي ته شاگردن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، اسڪولن جي سڪيورٽي جي ذميواري حڪومت ۽ اسڪول انتظاميا جي آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته اسڪولن جي ٻاهران حددخليون هٽائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ اسڪولن کي ڀت نه آهي، جنهن سبب انهن کي فوري طور تي ڀتيون جوڙڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. نثار کهڙي چيو  ته سمورن اسڪولن کي هڪ چيڪ لسٽ ٺاهي ڏني وئي آهي، انهي فهرست ۾ حفاظتي انتظام و‎ٺڻ لاءِ هدايتون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سندن عزم آهي ته ”تون ڪيترن پڙهيل لکيلن کي ماريندين، هر گهر کان پڙهيل لکيل نڪرندو“. صوبائي وزير چيو ته اجلاس ۾ پوليس خاطري ڪرائي آهي ته ستين وڳي کان 12 هين وڳي تائين هـُو اسڪول جي ڀرپاسي کي گشت کي وڌيڪ سگهارو بڻائيندا. هن چيو ته سمورن اسڪولن کي حساس قرار ڏيندي حفاظتي انتظام سخت ڪيا پيا وڃن. نثار کهڙي چيو ته شاهه فيصل ڪالوني ۾ اسڪول جي عمارت ڊاهڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو ويو آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته تعليم کاتي جي نااهل آفيسرن خلاف جلد ڪارروائي ٿيندي، جڏهن ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا. تعليم واري صوبائي وزير چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ پوليس کي وڏيون ڪاميابيون مليون آهن. نثار کهڙي چيو ته اسڪولن جي سڪيورٽي جي ذميواري سنڌ سرڪار ۽ اسڪول انتظاميا جي آهي، ٻارڙن جي تحفظ خاطر ڀرپور سيڪيورٽي انتظام ڪيا پيا وڃن.

 

لورالائي: 50 هٿياربندن جو چوڪي تي حملو، 7 اهلڪار شهيد

زوب (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي لورالائي جي علائقي مختار ۾ شدت پسندن جي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا. 40 کان 50 شدت پسند ويڙهاڪن آچر ۽ سومر جي وچ واري رات دير سان سيڪيورٽي فورس جي چيڪ پوسٽ تي اوچتو حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورسٽي فورسز جا 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترا ئي ويڙهاڪ پڻ زخمي ٿي پيا. هٿياربندن جي حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ اهلڪارن ۾ نائب صوبيدار محمد افضل، حوالدار سميع الله، محمد رمضان، عتيق الرحمان، تصور حسين، شاهد گل ۽ سميع الله شامل آهن. واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي جي ناڪه بندي ڪري ڇڏي ۽ شڪي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ تلاشي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

 

ملڪ ۾ حڪومتي ڪا به رٽ نظر نه ٿي اچي، فوجي عدالتن سان جيڪڏهن امن قائم ٿئي ٿو ته سٺي ڳالهه آهي: ارباب غلام رحيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جَي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو آهي ته ملڪ ۾ حڪومتي ڪا به رٽ نظر نه ٿي اچي، فوجي عدالتن سان جيڪڏهن امن قائم ٿئي ٿو ته سٺي ڳالهه آهي. ملير جي اسٽيل ٽائون واري علائقي ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب غلام رحيم چيو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو، ڏوهارين کي سزا ملڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪمرانن پنهنجي شگر ملز انتظاميه کان عوام خلاف احتجاج ڪرائي ملز بند ڪري ڇڏيون، ان عمل خلاف سڀئي ساڃاهه وند اهڙي غلط فيصلي جو مقابلو ڪندا. ارباب غلام رحيم ملير حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين واقعي جي ذميوارن کي وائکو نه ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته حادثي جي متاثرن جي مالي مدد ڪري سندن زخمن تي مرهم رکي.

 

ملير خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿيل بس جي مسافرن جا وارث پيارن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ پريشان، نوجوان پاران پاڻ مارڻ جي ڪوشش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ويجهو خوفناڪ روڊ حادثي جو شڪار ٿيل بس جي مسافرن جا وارث پنهنجي پيارن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ پريشان آهن، ايڌي سردخاني ۾ ڀاءُ جو لاش نه ملڻ تي نوجوان آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ کاتي  انٽر سٽي بسن ۾ هڪ مهيني اندر ايمرجنسي گيٽ لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. حادثي جو شڪار ٿيل بس جي مسافرن جا وارث ڪراچي۾ جناح اسپتال ۽ ايڌي سردخاني جا چڪر لڳائي رهيا آهن پر سندن رهنمائي ڪرڻ وارو ڪير به نه آهي. شاهپور جهانيان سان واسطو رکندڙ نوجوان هدايت الله ڀاءُ  عظمت الله جو لاش نه ملڻ تي ۾ ايڌي سردخاني اڳيان پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي موقعي تي موجود ايڌي رضاڪارن بچائي ورتو. پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان جو چوڻ هو ته هو جناح اسپتال ۽ ايڌي سردخاني جا چڪر لڳائي بيزار ٿي پيو آهي پر سندن رهنمائي ڪرڻ وارو ڪير به نه آهي. فوتين جي وارثن جي رهنمائي لاءِ سنڌ سرڪار پاران ڪابه ڪئمپ قائم نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتين جي وارثن جي رهنمائي لاءِ انسپيڪٽر جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. حادثي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿيو آهي ۽ سڙي فوت ٿيل 63 ڄڻن مان 23 ڄڻن جي وارثن جو به پتو نه پيو آهي. سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي  انٽر سٽي بسن ۾ هڪ مهيني اندر ايمرجنسي گيٽ لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ملير ڀرسان لنڪ روڊ تي مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ خوفناڪ حادثي جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ طرفان ڊي آءِ جي ٽريفڪ امير شيخ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي ڪميٽي شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مسافر ڪوچ سان پيش آيل حادثي بعد وڏو جاني نقصان آئل ٽينڪر سبب ٿيو، جيڪو حادثي وقت تيل ۽ ڪيميڪل سان ڀريل هو. رپورٽ موجب لنڪ روڊ سنگل هجڻ ڪري خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن لنڪ روڊ تي حادثو پيش آيو، ان کي ڊبل ڪرڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي کي 10 ڀيرا درخواستون لکيون ويون پر ان تي ڪوبه قدم نه کنيو ويو. جاچ ڪميٽي پاران حادثي بابت تيار ڪيل شروعاتي رپورٽ آءِ جي سنڌ آڏو پيش ڪئي ويندي. ٻئي پاسي ميمڻ ڳوٺ وٽ مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب المناڪ حادثي ۾ فوت ٿيل 63 ڄڻن مان 41 جا نالا سامهون آيا آهن، جن جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ وارثن جا سيمپل وٺڻ جو سلسلو جاري آهي.

 

خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ اتحاد

پشاور (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي خيبرپختونخواهه ۾ جون ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊون هڪ ئي پليٽفارم تان وڙهڻ  جو فيصلو ڪيو آهي، پشاور ۾ جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صوبي ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ٻئي پارٽيون بلدياتي ڇونڊن ۾ هڪ ئي پليٽفارم تان حصو وٺنديون، اجلاس ۾ تحريڪ انصاف طرفان خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ شاهه فرمان جڏهن ته جماعت اسلامي طرفان صوبائي وزير عنايت الله ۽ پروفيسر ابراهيم شرڪت ڪئي.

 

فلمن ۾ پروموشنز هاڻي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي: اميتاب بچن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن چيو ته پروموشنز هاڻي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو ته فلم انڊسٽري ۾ پروموشنز (اشتهاري مهم) کي هاڻي اهم ضرورت سمجهيو ويندو آهي. هر فلم سان ان فلم جي پروموشن تي پڻ چڱو خرچ ڪيو ويندو آهي. ۽ جيڪڏهن فلم جو اسڪرپٽ جاندارانه هجي ته فلم مداحن کي پسند نه اچي ته فلمساز کي ڳرو نقصان ٿيندو آهي. ڇو جو اهڙيون فلمون باڪس آفيس تي پڻ ناڪام ٿي وينديون آهن. هن چيو ته هو فلم لاءِ پروموشن کي ضروري سمجهي ٿو پر ان کي ڪاميابي جي ضمانت نه ٿو سمجهي.

 

هالي ووڊ فلم ”اوڪولس“ جي هندي ورزن جي شوٽنگ جي شروعات مارچ کان ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز) هالي ووڊ فلم ”اوڪولس“ جي هندي ورزن جي شوٽنگ جي شروعات مارچ کان ٿيندي. بالي ووڊ هدايتڪار پراول رمن پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ٻُڌايو ته هو هالي ووڊ فلم”اوڪولس“ جو هندي ورزن ٺاهي رهيو آهي. جنهن جي شوٽنگ هو مارچ ۾ شروع ڪندو. ان فلم جو هيرو ثاقب سليم جڏهن ته هيروئن هما قريشي هوندي. هن ٻُڌايو ته هو فلم جي وڌيڪ شوٽنگ گوا ۽ ممبئي ۾ ڪندو، اها هارر فلم هوندي پر اها ڪمرشل طرز جي هارر فلم نه هوندي. ان لاءِ اها مداحن لاءِ منفرد طرز جي هارر فلم هوندي.

 

اداڪار رڌيما سود ايندڙ فلم ”دل دهڙڪني دو“ ۾ اهم ڪردار ۾ ايندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره رڌيما سود هدايتڪاره زويا اختر کي ذميوار هدايتڪاره قرار ڏئي ڇڏيو. بالي ووڊ اداڪاره رڌيما سود زويا اختر جي ايندڙ فلم ”دل ڌڙڪني دو“ ۾ اهم ڪردار ۾ ايندي. هن چيو ته هدقايتڪاره ذميوار هجڻ سان گڏوگڏ نرم مزاج ۽ خوش طبيعت به آهي. سندس ٽيم ۾ گهڻي قدر عورتن تي ٻڌل عملو آهي. جيڪو هر شعبي ۾ اهم ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. فلم جي ٻي اهم ڪاسٽ ۾ فرحان اختر پريانڪا چوپڙا، انوشڪا شرما، رنوير سنگهه ۽ انيل ڪپور شامل آهن، فلم جلدئي مڪل ڪئي ويندي.

 

اڪشي ڪمار نظم ۽ ضبط جو پابند انسان آهي، بالي ووڊ اداڪار رانا واگو بتي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رانا گوبتي چيو آهي ته اڪشي ڪمار نظم ۽ ضبط جو پابند انسان آهي. بالي ووڊ اداڪار رانا داگو بتي پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته اداڪار اڪشي ڪمار محنتي اداڪار هجڻ سان گڏ نظم ۽ضبط جو پابند اداڪار به آهي، ان سان گڏ ڪم ڪندي تمام سٺو لڳندو. هو هر ڪردار ۾ نواڻ آڻڻ لاءِ نوان تجربا ڪندو آهي، جيڪا اداڪار جي نشان آهي. ان فلم جي ذريعي فلم اسٽار اميتاڀ بچن ۽ سنجي دت سان گڏ ڪم جو موقعو مليو.

 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

لاهور(اسپورٽس نيوز)ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ جي تياري لاءِ قومي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ سڀاڻي کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيندي ميگا ايونٽ لاءِ چونڊيل رانديگرن کي اڄ هيڊ ڪوچ وقار يونس کي رپورٽ ڪرڻ جو چيو ويو آهي، عالمي ڪپ جي تياري لاءِ قومي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ سڀاڻي کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿي رهي  آهي ميگا ايونٽ لاءِ چونڊيل 15 رانديگرن کي اڄ هيڊ ڪوچ وقار يونس کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ووي آحي، 5 ڏينهن جي مختصر ڪيمپ لاءِ فاسٽ وڪيٽون تيار ڪيون ويون آهن ته جيئن رانديگرن کي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي تيز ۽ بائونسي وڪيٽن تي بيٽنگ ۽ بالنگ لاءِ تيار ڪري سگهجي قومي ٽيم لاءِ چونڊيل ڪجهه رانديگر پهريون ڀيرو انهن ڪنڊيشنز ۾ کيڏندا جڏهن ته يو اي اي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ به بيٽسمين کي شارٽ پچ بالن کي منهن ڏيڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون هيون، جڏهن ته پاڪستان جي بالرن کي به تيز وڪيٽن تي بالنگ جو تجربو ناهي،  تربيتي ڪيمپ دوران 2 سيشنز ۾ رانديگرن کي بالنگ، بيٽنگ ۽ فيلڊنگ جي تربيت ڏني ويندي جنهن دوران وقار يونس، گرانٽ فلاور، مشتاق احمد ۽ گرانڊ لوڊن رانديگرن جون خاميون ختم ڪندا، جمنازيم ۾ رانديگرن جي فٽنيس تي به خاص توجهه ڏني ويندي، ڪيمپ دوران نفسيات جي ماهرن جا 2 ليڪچرز به منعقد ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪرپشن ۽ ڊوپنگ کان تحفظ لاءِ به خصوصي ليڪچرز ڏنا ويندا قومي ٽيم 21 جنوري تي نيوزيلينڊ رواني ٿيندي.