تازيون خبرون

Daily Archives: January 10, 2015

دپيڪا پڊڪون سلمان خان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊڪون سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو، هڪ انٽرويو دوران دپيڪا جو چوڻ هو ته هوءَ سلمان خان سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اسان ٻئي جڏهن به هڪ ٻئي سان گڏ ڪم ڪرڻ جو سوچيندا آهيون ته ڪنهن نه ڪنهن سبب ايئن ڪونه ٿي سگهندو آهي هن جو چوڻ هو ته يا ته اسان جي ڊيٽس جو مسئلو هوندو آهي يا اسان مان ڪنهن کي فلم جو موضوع پسند ناهي ايندو جڏهن ته ڪجهه ماڻهو به معاملا بگاڙڻ جو ڪم ڪندا آهن.

 

اداڪار سلطان راهي جي 18هين ورسي، مداحدن جي مرحوم لاءِ فاتحه خواني

لاهور (شوبز نيوز) اداڪار سلطان راهي مرحوم جي 18هين ورسي تي سندس مداحن جي وڏي تعداد مرحوم جي مزار تي فاتحه خواني ڪئي، جڏهن ته اسٽوڊيو ۽ ٻين جاين تي پڻ مرحوم اداڪار جي ايثال ثواب جو اهتمام ڪيو ويو، ريڊيو ٽي وي چينل پڻ سلطان راهي جي حوالي سان جو اهتمام ڪيو ويو، اداڪار سلطان راهي جي وڇوڙي کي 18 سال گذري ويا آهن پر اڄ به هو لکين مداحن جي دلين ۾ زندهه آهي.

 

بالي ووڊ ڪوريو گرافر، فلمساز ۽ هدايتڪاره فرح خان 50 سالن جي ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪوريو گرافر، فلمساز ۽ هدايتڪاره فرح خان 50 سالن جي ٿي وئي، سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق فرح خان 9 جنوري 1965ع ۾ ممبئي ۾ پيدا ٿي، هن ڪوريو گرافر ۽ هدايتڪار طور فلم مين هون نا، اوم شانتي اوم ۽ تيس مار خان ۾ ڪم ڪيو، هوءَ پنهنجي ڪيريئر ۾ 80 کان به وڌيڪ فلمن جي 100 کان به وڌيڪ گيتن ۾ ڪوريو گرافر جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪي آهي.

 

سچن ٽنڊولڪر پنهنجي زندگي تي ٺهندڙ فلمن ۾ پاڻ ڪردار ادا ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جو نالي وارو ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر پنهنجي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ پاڻ ڪردار ادا ڪندو، ممبئي جي هڪ پروڊڪشن هائوس جي ترجمان ٻڌايو ته ان فلم جي ڊائريڪشن برطانوي هدايتڪار جيمز اسڪين ڏيندو، هن چيو ته اها فلم بنيادي طور تي سچن ٽنڊولڪر جي ذاتي زندگي تي ٺاهي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته عوام سندس ڪرڪيٽ ڪيريئر جي باري ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻڻ چاهي ٿو، هن چيو ته فلم جو نالو هن وقت تائين نه رکيو ويو آهي، جڏهن ته فلم 90 منٽن کان 2 ڪلاڪن جي وچ ۾ هوندي، فلم هلندڙ سال جي پڄاڻي يا ايندڙ سال رليز ڪئي ويندي. هن چيو ته فلم جي شوٽنگ گذريل سال کان جاري آهي ۽ هلندڙ سال به جاري رهندي

 

ايشون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 100 وڪيٽون ۽ هزار رنسون مڪمل ڪندڙ نائون ڀارتي آل رائونڊر بڻجي ويو

سڊني (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر روي چندرن ايشون ٽيسٽ ميچن ۾ ڪيريئر جون هڪ هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون،ايشون ٽيسٽ ميچن ۾ 100 وڪيٽون ۽ هڪ هزار رنسون مڪمل ڪندڙ نائون ڀارتي ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي، ايشون آسٽريليا خلاف جاري آخري ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 50 رنسون ٺاهي اهو اعزاز حاصل ڪيو، سڊني ۾ آسٽريليا خلاف جاري آخري ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ ايشون بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ شاندار ففٽي مڪمل ڪئي، هن ففٽي ٺاهڻ سان پنهنجون هزار رنسون به مڪمل ڪيون، ايشون کان اڳ مان ڪيڊ، ڪپيل ديو، روي شاستري، انيل ڪمبلي، سريناٿ، هرڀجن سنگهه، ظهير خان ۽ عرفان پٺاڻ به اهو ڪارنامو سرانجام ڏئي چڪا آهن

 

سمٿ ۽ ڪوهلي ڪپتان طور وڌيڪ سينچريون ٺاهي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي نئين تاريخ قائم ڪري ورتي

سڊني (اسپورٽس نيوز) اسٽيون سمٿ ۽ ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي نئين تاريخ قائم ڪري ورتي آهي، ٻنهي ڪپتانن هلندڙ ٽيسٽ سيريز ۾ 7 سينچريون ٺاهي اهو اسڪور مڪمل ڪيو، اهو ٽيسٽ تاريخ ۾ پهريون موقعو آهي ته ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن ايتريون سينچريون ٺاهيون آهن، آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ آسٽريليا ۾ سيريز جاري آهي، ان سيريز دوران ڪيترائي پراڻا رڪارڊ ٽوڙيا ويا آهن، ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن ٽيسٽ سيريز دوران وڌيڪ سينچريون ٺاهي نئين تاريخ قائم ڪئي آهي.

 

ٽينس اسٽار ماريه شيراپوا کي برسبن انٽرنيشنل ايونٽ جي پهرين ميچ دوران تماشائيءَ شاديءَ جي آڇ ڪري ڇڏي

برسبن (اسپورٽس نيوز) روسي ٽينس اسٽار ماريه شيراپوا کي برسبن انٽرنيشنل ايونٽ جي پهرين ميچ دوران تماشائيءَ شاديءَ جي آڇ ڪري ڇڏي، خابرو اداري موجب ڊيمن ٽوري نالي شخص ميچ کان اڳ جڏهن ماريه شيرا پوا تماشائين سان ملي رهي هئي ته تماشائيءَ هڪ ڪارڊ ”Marry me Maria Sherapova“ لکي ٽينس اسٽار جي هٿ تي رکيو، ٽينس اسٽار ڊيمن ٽوري جي خواهش تي ساڻس سيلفي به ٺهرائي، جنهن کي آسٽريلين همراهه پنهنجي سماجي رابطن واري ويب سائيت تي به شيئر ڪيو، ڊيمن جو چوڻ هو ته ماريا شيرا پوا سان تمام گھڻي محبت ڪريان ٿو ۽ سندس دل سان احترام ڪندو آهيان.

 

نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جون ڪرڪيٽ ٽيمون پهرين ون ڊي ميچ ۾ سڀاڻي آمهون سامهون ٿينديون

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ستن ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ (سڀاڻي) آچر واري ڏينهن ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي، ان کان پهرين گڏيل ٽيسٽ سيريز ۾ ميزبان ٽيم سريلنڪا کي ڪلين سوئيپ ڪيو هو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ 15 جنوري تي هيلمٽن، ٽين ميچ 17 جنوري تي آڪلينڊ، چوٿين 20 جنوري تي نيلسن، پنجين 23 جنوري تي ڊونيڊنا، ڇهين 25 جنوري تي ڊوينڊن جڏهن ته ستين ۽ آخري ميچ 29 جنوري تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.

 

آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي..!

 

سنڌ جي سياستدانن، قومپرستن ۽ آبادگارن سنڌ ۾ ڪمند جي مقرر ڪيل اگهه 182روپين تي شگر مل مالڪن پاران آبادگارن کان ڪمند خريد نه ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر مقرر ڪيل اگهه تي آبادگارن کان ڪمند خريد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪيا ويندا ۽ سنڌ حڪومت کان اهو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي ته نوٽيفيڪشن مطابق ڪمند مقرر ڪيل اگهه 182 روپين ۾ خريد ڪيو وڃي، شگر مل مالڪن طرفان بند پيل شگر ملون فوري طور تي کولرايون وڃن، ڪمند جي بحران ڪري ڪڻڪ جو فصل به تمام گهڻو متاثر ٿيندو، آبادگار ۽ هاري سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙو مطالبو هنن اڳوڻي ضلعي ناظمه ٽنڊوالهيار ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي طرفان سنڌ ۾ آبادگارن کي مقرر ٿيل ڪمند جو اگهه نه ملڻ ۽ شگر مل مالڪن طرفان بند ڪيل شگر ملون نه کولڻ خلاف مگسي هائوس حيدرآباد تي سڏايل احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم خطاب ڪندي چيو ته ٽن ڏينهن ۾ جيڪڏهن حڪمرانن ڪمند جو اگهه مقرر ڪيل اگهه تي نه ورتو ۽ شگر ملون نه هلايون ته وڌيڪ لائحه عمل جوڙيندي سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا هنيا ويندا. هن چيو ته زراعت ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي، سنڌ جون 17 شگر ملون هڪ ئي مالڪ جون آهن، شگر ملون قانون مطابق پهرين آڪٽوبر کان هلائڻ گهرجن، پر ان تي عمل نٿو ٿئي. هن چيو ته سندس وڏ وزارت جي دور ۾ شگر مل مالڪن ۽ آبادگارن وچ ۾ اگهه بابت پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي حل ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا هئا ۽ ان دوران شگر مل مالڪن پاران سرڪار جي مقرر ڪيل اگهه تي ڪمند خريد نه ڪرڻ تي شگر مل مالڪن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو هو، جڏهن ته هاڻ حڪمرانن جي هڪ سازش تحت مقرر ڪيل اگهه تي ڪمند خريد نه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ اندر هم آهنگي ۽ ڀائيچاري واري صورتحال کي قائم رکندي سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ تي سمورين سياسي، قومپرست ۽ مذهبي پارٽين سميت آبادگار ۽ هاري گڏ آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار مهر چيو ته سنڌ اسيمبلي جيڪي به ٺهراءُ پاس ڪري ٿي، انهن تي عمل ڪرائڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي، پر سنڌ اسيمبلي مان جيڪي به ٺهراءُ عوام جي فائدي وارا پاس ٿين ٿا، انهن تي سنڌ حڪومت ڪوبه عمل نٿي ڪرائي. هن چيو ته جمهوريت جي آڙ ۾ سنڌ ۾ بدترين مارشل لا آهي، سنڌ جا کاتا  خانگي ماڻهو هلائي رهيا آهن، سنڌ  حڪومت جي اهڙي عمل سبب سنڌ جي عوام جو ڪوبه بنيادي مسئلو حل نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي آبادگارن کي ڪمند جو اگهه 182 روپيا ڏنو وڃي ۽ جن مالڪن پاران شگرملون بند ڪيون ويون آهن، انهن کي فوري طور تي هلرايو وڃي. هن چيو ته آبادگارن جي احتجاج ۾ ڀرپور نموني سان هر قدم تي گڏ هونداسين. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي ڪارڪردگي سواليه نشان بڻجي وئي آهي، جنهن ڪري عدم اعتماد جي تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي پئي وڃي. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ سرڪار اسان سڀني جي خلاف نفسياتي جنگ ڪري رهي آهي، شروع ۾ ڪمند جي معاملي تي اگهه جو مطالبو وڌيڪ ڪيو ويو هو، جنهن تي اهو چيو ويو ته 300 روپيا مڻ ڪاٺيون وڪرو ٿي رهيون آهن، ان ڪري سستي اگهه تي ڪمند نه ڏينداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ بصر، مرچ، سارين، ڦٽين کان وٺي هر زرعي فصل جو اگهه آبادگارن کي تمام گهٽ ملي ٿو، ان سڄي مصيبت مان نڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد جي ضرورت آهي، سنڌ جي آبادگارن طرفان جيڪا به جدوجهد شروع ڪئي ويندي، ان ۾ اسان گڏ آهيون. هن چيو ته سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ان سازش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته ڪمند جو اگهه ۽ شگر ملن کي هلرائڻ لاءِ باقائدا احتجاجي تحريڪ هلائيندي سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو وڃي، سنڌ ۾ شٽربند هڙتال ڪرڻ کپي، سنڌ جا سمورا هاءِ ويز بند ڪيا وڃن. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪمند سارين، ڪپهه، مرچن سميت سمورن زرعي فصلن ۾ آبادگارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي، اها سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ جي سمورن وسيلن جا مالڪ سنڌي آهن، حڪمرانن پاران ڪيل سنڌ دشمن فيصلي خلاف اڄ جيڪي هتي گڏ ٿيا آهن، اهي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪن ۽ ان سان گڏ ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس سامهون ڌرڻو هڻن. هن چيو ته سنڌ جي تيل، گئس ۽ فيڪٽرين جو مالڪ ڌارين کي ڪيو ويو آهي، پنجاب سنڌ جو استحصال ڪري رهيو آهي، هڪ سازش تحت سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر الاهي بخش سومري چيو ته هتي اڄ سڀ زميندار گڏ ٿيا آهيون، جن سان هاري به ڀاڳي ڀائيوار آهن، آبادگار پنهنجو حق گهري رهيا آهن، جن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. هن چيو ته هڪ طرف عدالتن جي عزت ۽ فيصلن تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٻئي طرف انهن جي فيصلن کي تسليم نٿو ڪيو وڃي، اها ڪهڙي سوچ آهي. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو ته شگر ملن واري مسئلي تي سنڌ حڪومت ڌر بڻيل آهي، ڪمند جي آبادگارن سان تمام وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڪمند جو مقرر ڪيل نه وٺڻ ۽ شگر ملون هلرائڻ لاءِ سنڌ جي سمورن وڏن روڊن ۽ ريلوي پٽڙين تي ڌرڻا هنيا وڃن، اسان قومپرستن سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي ڪارڪنن جا لاش به کنيا آهن، سمورا قومپرست ڪارڪن آبادگارن جي ڌرڻن ۾ اڳيان هوندا. سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي چيو ته 34 شگر ملون سنڌ ۾ آهن، جن مان 3 شگر ملون خرابي سبب بند آهن، جڏهن ته 31 شگر ملن مان ڪيتريون ئي شگر ملون بلاجواز بند ڪري آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومت جو اعلانيل 182 روپيا في مڻ اگهه به نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته جنهن طريقي سان زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ان سان سنڌ کي تمام وڏو نقصان پهچندو، آبادگارن جي هن مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ اسان احتجاج به ڪيو آهي ۽ هاڻ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي جدوجهد به هلائينداسين.

 

 

 

شيخ مجيب الرحمان جي آزادي جي تاريخ ؛مير اعظم علي ٽالپر

آئون پنهنجي هن کان اڳ واري مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته هر نئين سال نئين ڊائري وٺڻ ۽ لکڻ منهنجي مجبوري آهي. تازو 2014ع ختم ٿيڻ کانپوءِ اها ڊائري منهنجي لاءِ پراڻي ٿي چڪي هئي، سو ان کي به ٻين پراڻين سان گڏ رکي رهيو هوس ته اتفاق سان هڪ ٻي پراڻي ڊائري کي هٿ لڳي ويو ۽ پنا کلي ويا، اها ڊائري هئي 1972ع جي پنا جيڪي کليا سي هئا، 9 جنوري آچر جي ڏينهن جا ۽ مون ان ڏينهن پنهنجي ڊائري ۾ لکيو هو ته ”اڄ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي غدار ۽ ملڪ ٽوڙيندڙ ۽ بنگالين جي جيالي شيخ مجيب الرحمان کي راولپنڊي جيل مان آزاد ڪيو ويو.“

جڏهن ته هن کي مارچ 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ مڪتي باهمي ”آزادي طلب ڪندڙ“ ٺاهڻ ۽ گهرو ويڙهه سبب پاڪستان پاران گرفتار ڪيو ويو. ان دوران شيخ مجيب مشرقي پاڪستان جيستائين بنگلاديش نه ٿيو هو ته اولهه پاڪستان ۾ نظربند هو پر سابق اوڀر پاڪستان جنهن جو نقشو مون پنهنجي پرائمري اسڪول ۾ ڏٺو هو ته سائين چوندو هو ”بابا هي آهي پنهنجو اوڀر پاڪستان، جنهن کي ٽن طرفن کان خشڪ زمين ۽ باقي سڄو خليج بنگال جو سمنڊ ڦريل آهي ۽ ان لاءِ واحد رستو هندستان مان آهي. اوڀر پاڪستان جا باشندا اُن کي ٽئگور جي شاعري موجب ”سونار بنگله“ چوندا هئا.

1965ع جي پاڪ ۽ هند جي لڙائي ۾ پاڪستان کي هندستان خلاف ڪاميابي ملي هئي پر بنگالين کي اهو تاثر مليو هو ته جنهن خاطر خواهه مقصد لاءِ پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر قوم پرستي طرف هليا ويا ۽ هنن ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ان کانسواءِ اولهه پاڪستان پاران به کين تنگ ڪرڻ جون شڪايتون ٿيڻ لڳيون. حالانڪه ان وقت جي مشرقي پاڪستان جي سياستدانن ۽ عوام کي پوري طرح سان 200 سال برطانوي راڄ ۾ غير مسلمانن پاران جيڪو اختلاف مسلمانن سان هو اهو به ياد هو پر پوءِ به بنگالين پنهنجي خيريت پاڪستان کان عليحدگي ۾ بهتر سمجهي ۽ ائين هنن گهرو ويڙهه شروع ڪئي، ان ۾ بقول بنگالي اطلاعن موجب آخري لسٽ ۾ شهيد ٿيندڙن جو تعداد ۽ شهر هن ريت هئا: ديناپور ۾ هڪ لک ماڻهن قرباني ڏني. چٽاگانگ ۾ 30 هزار، ڪوميلا ۾ 15 هزار، ڍاڪا ۾ 15 هزار، راج شاهي ۾ 2 هزار باڙ سيال ۾ 2 هزار، نريندا ۾ 5 هزار، بوگره (مشهور بنگالي سياستدان محمد علي بوگره جو شهر) 30 هزار، ميمڻ سنگهه 20 هزار، سلهٽ 5 هزار، ڪشتيا 5 هزار، رنگ پور 2 هزار، جيپور 6هزار بار بتي پور (هن شهر جو نالو اڪثر ڪراچي ريڊيو جي فرمائش ۾ شارٽ ويو تي نرگس خان وٺندي هئي) 6 هزار، بهرحال ڪيترا بنگالي شهيد ٿيا خبر نه آهي. شيخ مجيب الرحمان بنگالين کي ”سونار بنگلا“ جي تعمير جي هدايت ڪئي. شيخ مجيب الرحمان کي پهرين هڪ ٻي ڪيس اگر تلا سازش ۾ به گرفتار ڪيو ويو هو. شيخ مجيب پنهنجي خلاف پاڪستان ۾ ڪيسن خلاف چيو هو ته اهي ڪوڙا آهن جيڪي ان وقت جي فوجي عدالتن ۾ هئا. اهي فوجي عدالتون صدر يحيٰ خان 1969ع مارشل لا نافذ ڪرڻ وقت قائم ڪيون ويون هيون، جن ۾ نيشنل عوامي پارٽي، عوامي ليگ، ڪميونسٽ پارٽي ۽ پيپلزپارٽي جا ماڻهو فوجي ڪورٽن ۾ گرفتار ڪندي آندا ويندا هئا. ان دور ۾ فوجي عدالتن ۾ سزا طور ڪجهه مشهور نالن ۾ ملتان جي الله وسايو ٽيڪسٽائيل جو ليڊر ۽ نيشنل عوامي پارٽي جو اڳواڻ اشفاق احمد خان، پيپلزپارٽي جو محمود نواز بابر ۽ اشرف کي ڪوڙن جي سزا ملي هئي. معراج محمد خان ۽ پاڪستان جي مشهور فلم اسٽار ۽ ٽي وي ڪمپيئر ۽ اداڪار طارق عزيز جنهن مشهور فلم سالگرهه (جنهن ۾ سابق صدر آصف علي خان زرداري ننڍي ڪردار ۾ اداڪاري ڪئي هئي. يعني پوءِ وڏي طور وحيد مراد ان جو والد هو) فلم ڪٽاري، قسم اس ڪي وقت وغيره (جنهن ۾ 1971ع جي جنگ جو ذڪر فلمايل هو) ۽ ان کانسواءِ ٽي وي ۾ نيلام گهر طارق عزيز جي سڃاڻپ هئي ۽ پيپلزپارٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو خاص ماڻهو، ان کانسواءِ اوڀر پاڪستان ۾ 1969ع ۾ خاص فوجي عدالتن لاتعداد سزائون ڏنيون هيون پر بنگلاديش جي ٺهڻ کانپوءِ 1972ع ۾ حمود الرحمان ڪميشن بنگلاديش جي ٺهڻ جا سبب ڳولڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، ان ۾ هڪ ڪيس رياست جي نالي آيو هو ته جمهوريت ۾ فوجي عدالت جو هئڻ جمهوريت سان ته مذاق آهي پر خود انصاف تي به هڪ وار آهي.

بنگلاديش جي ٺهڻ کانپوءِ ملڪ جي هر هڪ ڀت تي ڪارن اکرن ۾ لکيل هوندو هو ”بنگلاديش نامنظور“ اهي اکر 1972ع ۾ جڏهن آئون گاڏي کاتي ۾ ڪورٽ جي ڀر ۾ پپر جي وڻ هيٺيان بيٺل سنڌ يونيورسٽي جي سرڪاري بس ۾ چڙهي ويهندو هوس ته سامهون ٺاهيل پيشاب ۽ ضرورت حاجت واري گهر مٿان واضح لکيل هوندا هئا ته ”بنگلاديش نامنظور“. پر ان دوران دنيا ۾ تبديليون اچي رهيون هيون ۽ اسلامي سربراهي ڪانفرنس لاهور ۾ ٿيڻ واري هئي ۽ پاڪستان ۾ 20 ڊسمبر 1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صدر ۽ سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو ته سندس پهرين وفاقي ڪابينا 23 ڊسمبر 1971ع تي قسم کنيو، جنهن ۾ 10 ميمبر محمد علي قصوري، ڊاڪٽر مبشر حسن، حفيظ پيرزادو، شيخ رشيد احمد، معراج خالد، حنيف محمد، غلام مصطفيٰ جتوئي، جي اي رحيم، راجا ترديوراءِ ۽ فيصل الله شامل هئا.

ان وقت جي سرڪار ۽ خاص ڪري عالمي طاقتن جي چوڻ تي راولپنڊي جيل مان 9 جنوري آچر تي شيخ مجيب الرحمان کي آزاد ڪيو ويو. شيخ مجيب الرحمان پاڪستان مان آزاد ٿيڻ کان پهرين فوجي عدالتن ۾ ملڪ دشمن ۽ پاڪستان جو غدار هو پر راولپنڊي مان هوائي جهاز ذريعي هيٿرو ايئرپورٽ لنڊن پهچڻ کانپوءِ ايئر فورس جي طياري ۾ چڙهي پنهنجي ڳوٺ تنج پاڙه ڍاڪا پهتو ته بنگالين جو باباءِ قوم ٿي ويو. هن ان وقت لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿيل بنگالين کي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته مڪتي باهمي جي ڇاپا مار فوج نيٺ پاڪستان کي شڪست ڏئي هٿيار اڇلڻ تي مجبور ڪيو ۽ هاڻي اسين پنهنجي ملڪ سونارڪه بنگلاديش جي تعمير ڪنداسين.

ان زماني ۾ پاڪستان اندر اسلامي سربراهي ڪانفرنس ٿيڻ واري هئي ۽ ان ۾ دنيا ۾ هڪ نئين اسلامي ملڪ بنگلاديش جي شرڪت به ضروري هئي، ليڪن ان لاءِ لازمي هو ته پاڪستان ان کي تسليم ڪري جيئن بنگلاديش جو سربراهه شيخ مجيب الرحمان لاهور واري اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سگهي. بهرحال پاڪستان پاران بنگلاديش کي تسليم ڪيو ويو ۽ اسلامي ڪانفرنس ۾ شيخ مجيب بنگالين جو هيرو ٿي پاڪستان پهتو ته لاهور ۾ ذوالفقار ڀٽو، شاهه فيصل، ياسر عرفات ۽ شيخ مجيب جو هٿ ۾ هٿ ڏيئي هڪ فوٽو ظفر احمد هلال پاڪستان لاءِ ڪڍيو هو، جيڪو ان سال جو بهترين فوٽو هو ۽ تازو مذڪوره فوٽو وٺڻ لاءِ مون پنهنجي دوست ليکڪ دستگير ڀٽي جي معرفت ظفر احمد سان رابطو به ڪيو پر چاليهن سالن جو رڪارڊ هٿ نه آيو. ذوالفقار ڀٽو جڏهن شيخ مجيب کي پنڊي مان آزاد ڪيو هوندو ته 1972ع ۾ سندس ذهن ۾ ضياءَ الحق فوجي عدالتون به تارا مسيح جو ڪو تصور نه هوندو هو ۽ هوڏانهن شيخ مجيب جي خواب ۽ خيال ۾ به نه هوندو ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ مخالف هوندي به کيس نه ماري سگهي پر سندس ساٿي فوجين کيس هميشه لاءِ ابدي ننڊ ڏئي ڇڏي ۽ هاڻ هو گوپال گنج پاڙه جي قبرستان ۾ آرامي آهي ته هيڏانهن تارا مسيح هٿان ذوالفقار علي ڀٽو ڳڙهي خدا بخش ۾ ستل آهي. بهرحال اڄ هڪ دفعو وري 9 جنوري آئي آهي پر ان نائين جنوري 1972ع کان اڄ واري نائين جنوري ۾ وڏو فرق آهي. ڪير ڪنهن کي ياد ڪري ٿو. ڇو ته نائين جنوري 1972ع ۾ شيخ مجيب کي اها خبر نه هوندي ته کيس پنهنجا ئي ماريندا جن جو هو باباءِ قوم ۽ هيرو آهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي به ڪو پتو نه هوندو ته جنهن ملڪ جو جمهوري وزيراعظم آهي، تنهن کي پنهنجا ئي ڦاسي ڏيندا. جيتوڻيڪ ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ مجيب جي جان بخشي ۽ نائين جنوري 1972ع ۾ کيس آزاد ڪيو پر سندس موت پنهنجن هٿان ٿيو. ائين ذوالفقار علي ڀٽو به پنهنجن هٿان مارجي ويو.

پر هڪ تاريخي حقيقت آهي ته 1970ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ هڪ وڏو سمنڊ جو طوفان آيو هو، جنهن ڪري نيشنل عوامي پارٽي جي اڳواڻ عبدالحميد المعروف مولانا ڀاشاني ملڪ ۽ خاص ڪري اوڀر پاڪستان ۾ طوفان سبب لکين ماڻهو مرڻ ڪري چونڊون نه ڪرائڻ يا ملتوي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، جيڪو صدر يحيٰ خان نه مڃيو ۽ اليڪشن ڪرائي وئي ۽ ان ۾ مولانا ڀاشاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ نيشنل عوامي پارٽي اليڪشن ۾ حصو نه ورتو ۽ ان ڪري شيخ مجيب جي عوامي ليگ کي مڪمل اڪثريت ملي وئي، جيڪا بنگلاديش جي تحريڪ بڻجي وئي. مولانا ڀاشاني 1964ع ۾ بي ڊي جي چونڊن ۾ فاطمه جناح جي حمايت ڪئي ۽ ايوب خان تي سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ جو الزام هنيو هو. هن ان دوران ڪراچي ۽ سنڌ جو دورو به ڪيو هو ۽ هن لياري ۾ يار محمد يار، لطيف بلوچ، لال بخش رند، بشير احمد وٽ گهر وڃي ملاقات به ڪئي هئي. مولانا ڀاشاني پنهنجن سحر انگيز تقريرن جو ماهر به هو. بهرحال هڪ دفعو ٻيهر نائين جنوري آهي، جيڪا هڪ ماضي جو حصو آهي پر ڇا ڪنهن کي ياد آهي ته اڄوڪي تاريخ تي 1972ع ۾ ڪنهن، ڪنهن کي آزاد ڪيو هو ياد آهي؟ يا الله ماضي به هڪ عذاب آهي، جيڪو منهنجي ڊائري جي هڪ ڪاغذ (پني) تي تحرير ٿيل آهي.