تازيون خبرون

Daily Archives: January 9, 2015

مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو ذميوار آهي: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان کي ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته فضل الرحمان ڪراچي دشمني ۽ طالبان جي حمايت ڪري رهيوآهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي رابطا ڪميٽي جي انچارج قمر منصور چيو ته مولانا فضل الرحمان جي اڄ تعصباڻي ذهن جي عڪاسي ۽ هزارين فوجين جي رت سان غداري آهي هو سڄي قوم کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان ڪراچي ۽ اُن جي عوام خلاف زهر ڦهلايو آهي ۽ هو ڪراچي دشمني ۽ طالبان جي حمايت ڪري رهيو آهي کيس طالبان دهشتگرد ڇو نظر نه آيا جڏهن ته مولانا فضل الرحمان طالبان جو احتساب ٿيڻ تي تي ناراض آهي. هن چيو ته هن وقت سڄي قوم دهشتگردي جي معاملي تي گڏ آهي ۽ مولانا فضل الرحمان اُن کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري اهڙي طرح هو ملڪ کي باهه ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ هو ته مولانا فضلالرحمان ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو ذميوار آهي ۽ هوبه قانوني گرفت ۾ ايندو جڏهن ته بابر غوري جو چوڻ هو ته فضل الرحمان سياسي پارٽين جي اجلاس ۾ آرمي چيف آڏو آئيني ترميم تي راضپو ظاهر ڪيو پر اجلاس کانٻاهر اچي هن اُن جي مخالفت ڪئي. مولانا فضل الرحمان پشاور جي شهيدن جي چاليهي کان پهريان ئي قوم کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 

آئين ۾ ترميم جمهوريت تي آپگهاتي حملو آهي:مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جــَي يــُو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان 21 هين آئيني ترميم جي منظوري کي جمهوريت تي آپگهاتي حملو قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته بل دهشتگردن خلاف کــُليل ڇــُوٽ آهي. اسلام آباد ۾ مذهبي جماعتن جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 21 هين آئيني ترميم جي بل جي منظوري جمهوريت تي آپگهاتي حملو آهي. سندس چوڻ هو ته ترميمي بل دهشتگردن خلاف کــُليل ڇوٽ آهي ۽ نئين قانون ذريعي دهشتگردن کي بچي وڃڻ جو موقعو ملندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته مذهبي جماعتون متفق آهن ته ترميمي بل ۾ فرق رکيو ويو ۽ ڪيترن ئي دهشتگردن کي عدالتن کان مٿانهون قرار ڏنو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ ميمبرن مان رڳو رضا رباني جو ضمير جاڳيو، دهشتگردي کي مذهب سان ڳنڍڻ مناسب ناهي

 

ٿر ۾ معصوم گلن جي ڪومائجڻ جو سلسلو نه رڪيو، وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت

مٺي (نمائندو) ڏُڪاريل ڏيهه ٿر ۾ معصوم گلن جي ڪومائجڻ جو سلسلو رُڪجي نه سگهيو، وڌيڪ چئن نينگرين جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هڪ سئو ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 339 ٿي ويو آهي. مٺي سول اسپتال ۾ تازيون3 ٻارڙيون فوت ٿي ويون، جن ۾ اڪبر جوڻيجي جي 8 ڏينهن جي ڌيءَ بيبي، ڳوٺ گوديار جي رهواسي رحم علي جي ڌيءُ حسينا ۽ ڳوٺ ڏيٿا ڀيل جي رهواسي ڪِسرو جي ٻن ڏينهن ٻارڙي شامل آهي. ڪلوئي جي ڳوٺ حاجي خان لــُنڊ ۾ عبدالرزاق جي ٻن ڏينهن جي ڌيءُ رضوانا لــُنڊ فوت ٿي وئي. اڄوڪي ڏينهن دوران وڌيڪ چئن ٻارڙين جَي فوت ٿيڻ بعد 100 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 339 ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڏُڪار سبب ڏک، بک ۽ بيمارين جي گهيري هيٺ آيل وڌيڪ ڪيترائي معصوم ٻارڙا اسپتالن ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن.

 

لوئر ڪرم ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسزجي گاڏي ويجهو ڌماڪو، 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد، 2 زخمي

پشاور (م.ڊ) لوئر ڪرم ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ٿيل بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن، سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته شهيد ٿيلن ۾ فرنٽيئر ڪور جا 3 ۽ ليوي فورس جو هڪ اهلڪار شامل آهي، زخمي سيڪيورٽي اهلڪار جو تعلق به ليويز فورس آهي، سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته دهشتگردن بارودي سرنگهه شباڪ جي علائقي ۾ رستي جي ڪناري تي نصب ڪئي هئي ۽ انهن جو حدف سيڪيورٽي فورس جي گاڏي هئي، زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي جو ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

شاهه رخ خان به پاڪستاني اداڪاره ماهره خان جو مداح نڪتو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ڪنگ خان شاهه رخ خان به پاڪستاني اداڪاره ماهره خان جو مداح نڪتو ۽ هن جو چوڻ آهي ته مون کي گهڻو پهريان ان سان گڏ ڪم ڪرڻ گهرجي ها، ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق شاهه رخ خان جو پنهنجي نئين ايندڙ فلم رئيس جي هيروئن ماهره خان جي باري ۾ چوڻ هو ته هوءَ تمام سٺي اداڪاره آهي ۽ مون کي پهريان ان سان ڪم ڪرڻ گهرجي ها، هن جو چوڻ هو ته هاڻ مون کي به فلم ۾ ان وانگر ئي پرفارم ڪرڻو پوندو شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته فلم رئيس جي هدايتڪار راهول ڍولڪيا ماهره خان کي پسند ڪيو ۽ هو فلم لاءِ مڪمل طور پورو لٿي آهي آئون ڊرامه سيريل همسفر ۾ سندس اداڪاري ڏسي چڪو آهيان ۽ ان سان ملي چڪو آهيان ماهره تمام شاندار اداڪاره آهي.

 

جيمز بانڊ سيريز جي نئين ايندڙ فلم سپيڪٽر جي شوٽنگ آسٽريا جي پهاڙي علائقن ۾ ڪئي وئي

ويانا(شوبز نيوز)برطانوي جاسوس جيمز بانڊ سيريز جي نئي ايندڙ فلم “سپيڪٽر” جي شوٽنگ آسٽريا جي پهاڙي علائقي ۾ ٿي، سولڊن جي پهاري علائقي ۾ جيمز بانڊ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار ڊينئل ڪريگ ۽ بانڊ گرل لي سيڊوڪس شوٽنگ ۾ حصو ورتو، شوٽنگ ڏسندڙ خوب محفوظ ٿيا، فلم جي شوٽنگ گذريل مهيني ڊسمبر ۾ شروع ٿي، جڏهن ڪريگ ٽيمز جي دريا ۾ هڪ ٻيڙي تي سوار ٿي سين فلمبند ڪرايو، فلم هن سال 6 نومبر تي رليز ڪئي ويندي.

 

هدايتڪار نذر الاسلام جي ورسي 9 جنوريءَ تي ملهائي ويندي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني فلمن جي مشهور هدايتڪار نذر الاسلام جي ورسي (اڄ) جمعي ڏينهن ملهائي ويندي. نذر الاسلام جو تعلق اوڀر پاڪستان ۽ بنگلاديش سان هو. هن لاهور ۾ ”شيشي ڪا گهر“، ”بندش“، ”ڪالي چور“، ”شرافت“ ۽ ”آئينه“ جهڙيون فلمون ڊائريڪٽر ڪيون. نذر الاسلام ڊائريڪشن جي معاملي ۾ بهترين صلاحيتن جو مالڪ هو. هاڻي سندس پُٽ نذر الاسلام ٽي وي ڊرامن ۽ پروڊڪشن سان لاڳاپيل آهي

 

تڪراري هالي ووڊ فلم ”دي انٽرويو“ آن لائن 3 ڪروڙ 10 لک ڊالر ڪمائي ورتا

لاس اينجلس(شوبز نيوز)دي انٽرويو کي ڌمڪين کانپوءِ وڏين سئنيمائن ۾ ته رليز ناهي ڪيو ويو پر اتر آمريڪا جي ڪجهه سئنيما گهرن پنهنجي طور تي فلم رليز ڪئي جتي ان هينئر تائين 50 لک ڊالر ڪمائي ڪئي آهي فلم آن لائن 3 ڪروڙ 10 لک ڊالر ڪمائي ورتا آهن، 24 ڊسمبر تي رليز ٿيندڙ آمريڪي تڪراري ڪاميڊي فلم کي ڌمڪين کانپوءِ آن لائن رليز ڪيو ويو هي فلم اتر ڪوريا جي ليڊر ڪم جونگ اُن جي قل جي سازش تي ٺاهي وئي هئي.

 

نيوزيلينڊ ورلڊ ڪپ لاءِ حتمي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو، نيشم ۽ هينري حيران ڪن طور اسڪواڊ مان ڊراپ

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ حتمي 15 رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو آهي، آل رائونڊر گرانٽ ايلٽ کي هڪ سال بعد ٻيهر ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جمي نيشم ۽ ميٽ هينري کي حيران ڪن طور تي ڊراپ ڪيو ويو آهي، نيوزيلينڊ جي ٽيم کي گروپ اي ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، بنگلا ديش، افغانستان ۽ سريلنڪا سان رکيو ويو آهي، نيوزيلينڊ جي ٽيم 14 فيبروري تي سريلنڪا خلاف ميچ سان مهم جي شروعات ڪندي، ورلڊ ڪپ جي قيادت برينڊن ميڪ ڪولم ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ٽرينٽ بولٽ، گرانٽ ايليٽ، ٽام ليٿم، مارٽن گپٽل، مچل ميڪ لينا گهان، ميڪ ڪولم، ڪائل ملز، ايڊم ملن، ڊينيئل وٽوري، ڪين وليم سن، ڪوري اينڊرسن، ڪوري اينڊرسن، ليوڪ رونچي ۽ روز ٽيلر شامل آهن

 

وليمسن جي ڊپبل سينچري سريلنڪا خلاف آخري ٽيسٽ جو نقشو بدلائي ڇڏيو: ميڪ ڪولم

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي ڪپتان برينڊن ميڪ ڪولم چيو آهي ته سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي تي فخر آهي، ويلمسن جي ڊبل سينچري ميچ جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو، نيوزيلينڊ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان کٽي ورتي آهي.