تازيون خبرون

Daily Archives: January 8, 2015

آصف زرداري ٿر ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي پاڻي صاف ڪرڻ واري آر او پلانٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو 60 سالن ۾ ٿر واسين کي صاف پاڻي فراهم ڪري ڪو احسان ناهي ڪيو: آصف زرداري

مٺي (نمائندو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ ٿر ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي پاڻي صاف ڪرڻ واري پلانٽ آر او جو افتتاح ڪري ڇڏيو، پ پ جي شريڪ چيئرمين ٿرپارڪر جي نوجوانن لاءِ واڌو ڪوٽا تحت نوڪرين جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 60 سالن ۾ ٿر واسين کي صاف پاڻي فراهم ڪري ڪو احسان ناهي ڪيو. آصف علي زرداريءَ مٺي ڀرسان درگاهه مصري شاهه واري ڀٽ وٽ ريورس آسموس پلانٽ جو افتتاح ڪيو جيڪو ايشيا جو سڀ کان وڏو پاڻي صاف ڪرڻ جو پلانٽ آهي. آر او فلٽر پلانٽ ۾ روزانو 20 گيلن کاري پاڻيءَ کي مٺو بڻائڻ جي صلاحيت آهي جنهن سان مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ٻين شهرن سميت هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن کي مٺو پاڻي حاصل ٿيندو. آر او پلانٽ جي افتتاح دوران سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ڄام مهتاب ڏهر ۽ بختاور ڀٽو زرداري موجود هئا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته ٿر ۾ 750آر او پلانٽس مڪمل ڪرڻ بعد گهر گهر تائين مٺي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته ٿرپارڪر ضلعي جي نوجوانن کي واڌو ڪوٽا تحت نوڪريون ڏئي بيزورگاري جو خاتمو آندو ويندو. هن چيو ته ٿر ۽ هتان جا رهواسي پاڪستان سان گڏ آهن، ٿر پاڪستان جي ڌرتي آهي، 60 سالن ۾ ٿر واسين کي صاف پاڻي فراهم ڪري ڪو احسان ناهي ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته جنهن آر او پلانٽ جو افتتاح ڪيو آهي اهو سولر انرجي تي هلندڙ پلانٽ آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ٽيوب ويلز کي به سولر انرجي تي هلايو ويندو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته هڪ سال اندر مٺي ۾ هڪ مثالي اسپتال قائم ڪئي ويندي جنهن ۾ صحت جون سموريون سهولتون موجود هونديون. وڏي وزير چيو ته ٿر واسين کي سلام هجي جن ارباب غلام رحيم کي لفٽ نه ڪرائي ۽ پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو. ان کان اڳ سنڌ ڪول اٿارٽي ۽ پاڪ او ايس ايس جي عملدارن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي آر او پلانٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آصف علي زرداري جي مٺي آمد سبب حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا ،جڏهن ته ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ بدين ضلعن مان پڻ وڏي انگ ۾ پوليس نفري گهــُرائي وئي هئي.

 

فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو قانون لاڳو ٿي ويو، صدر بل تي صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين، 21 هين آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم وارن بلن تي صحيح ڪري ڇڏي،جنهن بعد فوجي عدالتون قائم ڪرڻ وارو قانون لاڳو ٿي ويو آهي. آئين تحت 21 هين ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظور ڪيل بلن کي ايوان صدر ڏانهن اماڻيو ويو،جنهن تي صدر ممنون حسين صحيح ڪئي. صدر جي صحيح بعد هاڻي اهي ترميمون آئين جو حصو بڻجي ويون ۽ بنا دير لاڳو ٿي ويون. واضح رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ 21 هين آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ جي ترميمي بلن جي منظوري ڏني هئي،جنهن تحت ٻن سالن لاءِ فوجي عدالتون ڪم ڪنديون،جن ۾ دهشتگردن خلاف ڪيسن جون تڪڙيون ٻڌڻيون ٿينديون..

 

وزيراعظم نواز شريف 2 ڏينهن واري سرڪاري دوري تي بحرين پهچي ويو

اسلام آباد(بيورو)  وزيراعظم ميان نوازشريف ٻن ڏينهن جي دوري تي بحرين پهچي ويو آهي،سندس چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ سهڪار جا نوان رستا کلندا. وزيراعظم نواز شريف وفد سميت بحرين جي دوري تي پهتو. ٻڌايو  پيو وڃي ته وزيراعظم بحرين جي حڪمرانن سان ٻه طرفن لاڳاپن  سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بحرين سان اهم معاهده پڻ ٿيڻ جو امڪان آهي. بحرين ۾ نواز شريف هم منصف سان ملاقات ڪري اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون.بحرين روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته بحرين جي دوري سان لاڳاپا مضبوط ٿيندا. هن چيو ته سندس بحرين جي دوري سان ترقي جا نوان رستا کلندا. نواب شريف جو چوڻ هو ته بحرين توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان جي مدد ڪري سگهي ٿو. وزير اعظم چيو ته هو بحرين سان مضبوط اقتصادي لاڳاپن جا خواهشمد آهن.

 

دهشتگردن جي حمايت ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) دهشتگردن جي حمايت ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير پرويز رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو آهي، هن چيو ته انهن تنظيمون جيڪي دهشتگردي ۾ ملوث آهن کي به بخش نه ڪيو ويندو، گواهن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو، هن چيو ته 10 کان 15 ڏينهن ۾ فوجي عدلتون ڪم شروع ڪنديون، پشاور آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪندڙ سمورا دهشتگرد مارجي ويا آهن

 

عمران خان فوجي عدالتن جي پ پ کان وڌيڪ حمايت ڪئي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان فوجي عدالتن جي پ پ کان وڌيڪ حمايت ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته تحريڪ انصاف کي قانونسازي ۾ حصو وٺڻ گهرجي ها. هن چيو ته حڪومت جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جون سموريون ڳالهيون  مڃيون آهن مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ موجب هڪ به ڳالهه ناهي ٻڌي وئي. هن چيو ته هو حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي ڳالهين ۾ هٿ ونڊائڻ چاهين ٿا. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ڳالهين ۾ ٽئين ڌر بڻجڻ لاءِ تيار آهي.

 

سڄي ملڪ ۾ ڳجهي معلومات جي بنياد تي آپريشن جاري آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ڳجهي معلومات جي بنياد تي آپريشن جاري آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار علي خان چيو ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ ساڍا 15 سئو رضا ڪارن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. هن چيو ته هو 12 سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڦاٿل آهن اهو سوچڻ غلط آهي ته اها جنگ ختم ٿي چڪي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڏوهارين کي ڦاهيون ڏيڻ وارو عمل تيز ڪيو ويندو. چوڌري نثار چيو ته ٻن نالن سان ڪم ڪندڙ تنظمين خلاف ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته فوجي عدالتون قومي ايڪشن پلان جو اهم عنصر آهن.

 

وفاقي حڪومت پاران تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي مئل گهوڙي کي وري جيئارڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت، تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي مئل گهوڙي کي وري جيئارڻ جو فيصلو ڪيو آهي،پاڻي ۽ بجلي جي وزارت قومي اسيمبلي کي لکت ۾ آگاهي ڏني آهي ته اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ بعد ڊيم تي ڪم شروع ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ عباسي جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران لکت ۾ آگاهي ڏني وئي ته ڪالاباغ سميت ٻين ڪيترا ئي ڊيم اڏڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. لکت ۾ آگاهي موجب ڪالاباغ ڊيم جي تفصيلي ڊيزائن ۽ دستاويز مڪمل آهن، اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ بعد منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو. پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي جو چوڻ آهي ته داسو ڊيم منصوبو جلد مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان تياريون ڪري ڇڏيون آهن. اجلاس ۾ پشاور سانحي کانپوءِ واري صورتحال تي پڻ بحث ڪيو ويو. اي اين پي جي ميمبر غلام احمد بلور چيو ته پشاور واقعي ۾ معصوم ٻارن سميت ڏيڍ سئو حياتيون ضايع ٿي ويون،پر حقيقتون لڪايو ويون آهن. هن چيو ته هنن آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ فقط امن امان لاءِ هڪ سئو سياستدانن کي داءُ تي لڳايو آهي. غلام احمد بلور چيو ته امن هوندو ته ملڪ ترقي ڪندو، بدقسمتي اها آهي جو مسلمان ملڪن وٽ امن ناهي. هن چيو ته پشاور اسڪول تي حملو ڪندڙ ڪافر نه پر مسلمان ئي هئا. غازي گلاب جمال چيو ته قومي ايڪشن پلان تي فاٽا جي ميمبرن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ 21 هين آئيني ترميمي بل تي خدشا آهن. هن چيو ته دهشتگردي جو مسئلو سنگين آهي، اهو معاملو رياست جو آهي ان ڪري هنن ووٽنگ ۾ حصو ورتو. بعد ۾ فاٽا ميمبرن قومي ايڪشن پلان تي کين اعتماد ۾ نه وٺڻ تي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. ان کان اڳ اجلاس دوران حيدرآباد ۾ پي آءِ اي جون اڏامون بند ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم ميمبرن ڌيان ڇِڪايو نوٽيس پيش ڪيو. ايم اين اي وسيم احمد چيو ته حيدرآباد سنڌ جو ٻيو وڏو شهر آهي، جنهن جي آبادي 40 لک آهي پر ان باوجود پي آءِ ايَ جون اڏامون بند ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي وزير شيخ آفتاب چيو ته حيدرآباد لاءِ جلد پي آءِ اَي جون اڏامون بحال ڪيون وينديون ۽ عملدارن سان ڳالهائي مسئلو حل ڪيو ويندو. شيخ آفتاب چيو ته پي آءِ اي وٽ هن وقت 16 جهاز آهن، جيڪي ڏيهي اڏامن لاءِ استعمال ٿين ٿا.

 

دتاخيل ۾ گن شپ هيليڪاپٽرن جي ڪارروائي، 12 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م.ڊ) اتر وزيرستان ۾ فورسز جي گن شپ هيليڪاپٽرن جي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا، خفيه ٺڪاڻا ۽ گاڏيون به تباهه ڪيون ويون، آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جو اتر وزيرستان جي علائقي دتاخيل ۾ آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي گن شپ هيليڪاپٽرز جي تازي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا دهشتگردن جا 4 ٺڪاڻا ۽ 7 گاڏيون به تباهه ڪيون ويون، ذريعن جو چوڻ آهي ته دتاخيل کان اڳتي پاڪ فوجي جي اڳڀرائي جاري آهي، سرچ ۽ ڪليئرنس لاءِ ڪارروائي ۾ وڌيڪ ڪاميابيون ملڻ جو امڪان آهي.

 

21 هين آئيني ترميم پاس ڪري پارليامينٽ پنهنجو نڪ وڍائي ڇڏيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيوآهي ته 21 هين آئيني ترميم پاس ڪري پارليامينٽ پنهنجو نڪ وڍائي ڇڏيوآهي. 21 هين آئيني ترميم پنهنجي خاموشي ختم ڪندي سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ردعمل ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ کي 21 هين آئيني ترميم جو ڪڙوگُهٽ پيئڻو پيو آهي ۽ پارليامينٽ اُها ترميم ڪري پنهنجو نڪ وڍائي ڇڏيو آهي.

 

ڪراچي ۾ رت جي راند، ٻن پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن باوجود رت جــِي راند جاري آهي، فائرنگ جي واقعن ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا. سهراب ڳوٺ ۾ پــُل تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا. امدادي ٽيمن جي اهلڪارن، ٻنهي ماڻهن کي بنا دير ڀرپاسي واري اسپتال پهچايو ويو جتي ٻنهي مقتولن جي سڃاڻپ پوليس اهلڪارن جي حيثيت سان ٿي پر نالا معلوم نه ٿي سگهيا. هوڏانهن پهاڙ گنج واري علائقي ۾ هٿياربندن هڪ دڪان تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو جڏهن ته مقتول جي سڃاڻپ 30 ورهين جي لطيف طور ٿي. بلديا ٽائون واري علائقي ۾ پڻ هٿياربندن هٿان هڪ شخص مارجي ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين مقتول جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.