تازيون خبرون

Daily Archives: January 7, 2015

گهوٽڪي جي اسپتال ۾ مبينا طور آڪسيجن نه ملڻ سبب 3 تازا ڄاول ٻارڙا فوت، وارثن جو احتجاج ڊاڪٽر تي لاپرواهي جو الزام

گهوٽڪي(ڊ.ر) گهوٽڪي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ مبينا طور آڪسيجن نه ملڻ سبب 3 تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته فوتي ٻارن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. موبائيل مارڪيٽ ڀرسان واقع ھڪ خانگي اسپتال ۾ ڳوٺ امام بخش گبول جي رهواسي عنايت الله گبول جو پٽ، ڳوٺ جعفر گڏاڻي واسي شوڪت جو پٽ ۽ گهوٽڪي واسي امتياز چني جو پٽ فوت ٿيا. فوتي ٻارن جي وارثن، اسپتال انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ڊاڪٽر لطف الله ڪلوڙ جي لاپرواهي ۽ آڪسيجن نه ملڻ سبب ٻارڙا فوت ٿيا آهن. فوتي ٻارن جي وارثن، مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر لطف الله ڪلوڙ تي ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي.

 

ايڊمنسٽريٽر رئوف اختر فاروقي کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر رئوف اختر فاروقي کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ سرڪار ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر رئوف اختر فاروقي کي عهدي تان هٽائي نوٽفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رئوف اختر فاروقي کي عهدي تان هٽايو. عهدي تان هٽايل ايڊمنسٽيٽر ڪراچي رئوف اختر فاروقي جي مقرر حد کان وڌيڪ عمر هئڻ باوجود وڏن عهدن تي رهڻ خلاف درخواست تي کيس عهدي تان هٽايو ويو. ياد رهي ته رئوف اختر فاروقي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سميت اعليٰ عهدن تي به رهيو.

 

لانڍي ۾ مقابلو، 2 رينجرز اهلڪار شهيد، ناظم آباد ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ جوابدارن سان مقابلي دوران 2 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا، رينجرز اختيارين مطابق پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق رکندڙ جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي لانڍي واري علائقيخرم آباد جو گهيرو ڪري ڪارروائي ڪئي وئي جوابدارن رينجرز کي ڏسي انڌا ڌند فائرنگ شروع ڪري ڏني فائرنگ جي نتيجي ۾ رينجرز جا 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا اسپتال ذريعن مطابق زخمي حالت ۾ آندل ٻئي رينجرز جوان مارجي وي، علائقي واسين ۽ اکين ڏٺن شاهدن مطابق 6 کان 7 جوابدار رينجرز تي فائرنگ ڪري رهيا هئا رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن علائقي جي ناڪه بند ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ دڪان تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي وياڪراچي  جي  ناظم آباد واري علائقي ۾ دڪان تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. ناظم آباد جي گول مارڪيٽ ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن دڪان تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 سڳا ڀائر سلمان ۽ اسد مارجي ويا، جڏهن ته اِڪرام ڪنڌ ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. پوليس ٻنهي نوجوانن جي لاشن ۽ زخمي کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو. ذريعن موجب، ڀتي جي اوڳاڙي وايري معاملي تان هٿياربندن 2 ڀائرن کي قتل ڪيو آهي.

 

ميان چنون ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 6 ماڻهو فوت

ميان چنون(اي پي پي) ميان چنون جي علائقي ۾ زهريلو کاڌو سبب 6 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ هڪ ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي. پي ٽي وي رپورٽ مطابق ميان چنون جي پسگردائي واري علائقي 15 ايل ۾ زهريلو کاڌو کائيندڙ 6 ڄاڇي فوت، جڏهن ته هڪ ٻارڙي جي حالت خراب ٿي وئي. پوليس مطابق فوتين ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار به شامل آهن. جڏهن ته ٻارڙي کي سول اسپتال ميان چنون منتقل ڪرائنيدي واقعي جي جاچ ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته اها ڄڃ حاصل پور مان واپس آئي هئي.

 

تحفي ۾سنڌي اجرڪ ملڻ تي فلم پي ڪي جو ڊائريڪٽر راج ڪمار هيراڻي ڳوڙها روڪي نه سگهيو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي معروف ڊائريڪٽر راج ڪمار هيراني چيو آهي ته فلم ”پي ڪي“ پاڪستان جي لاءِ ٺاهي، جلد پاڪستان جو سير ڪرڻ لاءِ ايندس، سنڌ سان وڏي محبت آهي، سنڌو درياهه جو سير به ڪندس،انٽرويو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جا شهري مخلص ۽ محبت ڪرندڙ آهن، فلم پي ڪي پاڪستان جي لاءِ ٺاهي، سنڌ سان وڏي محبت آهي، منهنجي جسم ۾ سنڌ جي محبت ۽ چاهت رت بڻجي ڊوڙي رهي آهي، انٽرويو دوران صحافي پاران تحفي ۾ ڏنل اجرڪ ڏسي راج ڪمار هيراني جي اکين مان ڳوڙها وهي پيا، هن چيو ته پاڪستان ۾ فلمن کي پذيرائي ملڻ تي خوش آهيان، جلد پنهنجو ابائي گهر ڏسڻ پاڪستان ايندس، سنڌو درياهه جو سير به ڪندس، سنڌ جي سرزمين جي خوشبو، مهمان نوازي ۽ لوڪ ڪهاڻيون دل موهي وجهنديون آهن، سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز ۽ صبر وارا آهن

 

هالي ووڊ ايڊونچر فلم دي هوبٽ (بيٽل آف فائيو آرميز) جو آمريڪي باڪس آفيس تي راڄ برقرار

نيويارڪ(شوبز نيوز: جادوئي ڪمالن سان ڀرپور فلم دي هوبٽ جو آمريڪن باڪس آفيس تي مسلسل ٽي هفتي راڄ برقرار، ايڪشن فينٽيسي ۽ ٿرلر سان ڀرپور دي هوبٽ، بيٽل آف دي فائيو آرميز هلندڙ فلم ان ٽو دي ووڊز رهي جنهن ان هفتي هڪ ڪروڙ 91 لک ڊالر ڪمايا، انجلينا جولي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ان بروڪن ٽئين نمبر تي رهي، فلم هلندڙ هفتي هڪ ڪروڙ 81 لک ڊالر ورهايا.

 

فرحان اختر جو فلم ”وزير“ ۾ ڪردار نڀائڻ لاءِ نئون انداز

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار فرحان اختر فلم ”وزير“ ۾ ڪردار لاءِ نئون انداز اختيار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق بالي ووڊ اداڪار فرحان اختر جي جاندار اداڪاري سڀني کي تمام گهڻي پسند ايندي. اداڪار فلم ”وزير“ ۾ هڪ نئين روپ ۾ نظر ايندو. اڄ ڪلهه هو پنهنجي ٻن فلمن ”دل ڌڙڪني دو“ ۽ ”وزير“ جي شوٽنگ ۾ مصروف اهي، جيڪي هلندڙ سال سينيما گهرن جي زينت بڻجنديون.

 

فلم ”الون“ جو ٽريلر يو ٽيوب تي ڏسندڙن جو تعداد 60 لک ٿي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”الون“ جو ٽيلر يو ٽيوب تي ڏسندڙن جو تعداد 60 لک ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق فلم الون جو ٽريلر جاري ٿيڻ کان پوءِ هن وقت تائين يو ٽيوب تي ان کي 60 لک ماڻهو ڏسي چڪا آهن. اهو يوٽيوب تي گهٽ عرصي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ هارر فلم جو ٽريلر بڻجي ويو آهي. ٽريلر کي جاري ٿيندي هڪ هفتو مڪمل ٿي ويو آهي ان جي باوجود ٽريلر ڏسندڙن جي تعداد م گهٽتائي نه ٿي آهي ۽ ان جي شهرت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.

 

ويلنگٽن ٽيسٽ، نيوزيليند پاران سريلنڪا کي 390 رنسن جو هدف

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز)ڪين وليمسن ۽ بريڊلي ويٽلنگ جي ڇهين وڪيٽ تي ورلڊ رڪارڊ پارٽنرشپ سبب نيوزيلينڊ جي ٽيم سريلنڪا کي ڪاميابي لاءِ 390 رنسن جو هدف ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي چوٿون ڏينهن پورو ٿيڻ تائين سريلنڪا هڪ وڪيٽ جي نقصان  تي 45 رنسون ٺاهي ورتيون ڪالهه ويلنگٽن ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن نيوزيلينڊ جي اڌ ٽيم صرف 159 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي ۽ انهن کي سريلنڪا تي صرف 24 رنسن جي برتري حاصل هئي، ان موقعي  تي ڪين وليمسنوڪيٽ ڪيپر بيٽسمين بريڊلي ويٽلنگ سان گڏ ڇهين وڪيٽ تي ناقابل شڪست 365 رنسون جوڙي ڪيوي ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي ان ڇهين وڪيٽ سڀ کان وڏي پارٽنرشپ جو عالمي رڪارڊ به قائم ڪيو، اڳوڻو رڪارڊ نيوزيلينڊ جي ئي برينڊن مڪلم بريڊلي ويٽلنگ سان گذريل سال ڀارت خلاف بڻايو هو، وليمسن پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ڊبل سينچريا اسڪور ڪئي هو 242 رنسون بڻائي ناٽ آئوٽ رهيو ويٽلنگ به آئوٽ ٿيڻ بغير 142 رنسون جي ڪيريئر جي بهترين اننگز کيڏي چانهه جي وقفي کانپوءِ ڪيويز ٽيم پنهنجي ٻئين اننگز پنجن وڪيٽن جي نصان تي 524 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪري ڇڏي، 390 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ سريلنڪا چوٿين ڏينهن جي راند پوري ٿيڻ تائين هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 45 رنسون ٺاهي ورتيون هيون، ان کي ڪاميابي لاءِ وڌيڪ 345 رنسن جي ضرورت آهي.

 

آءِ سي سي ورلڊڪپ لاءِ آئرلينڊ جي قطعي ٽيم جو اعلان

ڊبلن (اسپورٽس نيوز) آئرلينڊ ايندڙ مهيني شيڊول آءِ سي سي ون ڊي ورلڊڪپ لاءِ قطعي 15 ميمبرن واري ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وليم پورٽر فيلڊ ٽيم جو ڪپتان برقرار رهندو.پورٽر فيلڊ سميت ڪيون اوبرائن، نيل اوبرائن، ريڊ جائس ۽ جان موني ڪيريئر جو ٽيون ورلڊڪپ کيڏندا. آئرلينڊ جي ٽيم 16 فيبروري تي ويسٽ انڊيز خلاف ميچ سان مهم جي شروعات ڪندي. اعلانيل 15 ميمبرن واري اسڪواڊ ۾ وليم پورٽر فيلڊ ڪپتان جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ اينڊريو بلبرائن، پيٽر چيز، ايلڪس ڪيوسڪ، جارج ڊوڪريل، ريڊ جائس، اينڊريو ميڪرائن، جان سوني، ٽم مورنگ، ڪيون اوبرائن، نيل اوبرائن، پال اسٽرلنگ، اسٽورٽ ٿامسن، گيري ولسن ۽ ڪريگ ينگ شامل آهن.