تازيون خبرون

Daily Archives: January 6, 2015

سکر، سينٽرل جيل کي 3 قيدين جا ڊيٿ وارنٽ جاري، 3 1 جنوري تي ڦاهي ڏني ويندي

سکر (بيورو) سکر سينٽرل جيل کي 3  قيدين جي موت جا پروانا ملي ويا، 3 1  جنوري تي صبح جو ڦاهي ڏني ويندي، ملتان ۾ به 2  قاتلن کي (سڀاڻي) 7  جنوري تي ڦاهي ڏني ويندي. سينٽرل جيل سکر جي انتظاميا 2  ڏينهن ۾ وارثن کي آخري ملاقات جو خط لکندي، شاهد حنيف، طلحه ۽ خليل 1 0 0 2 ع ۾ ڊائريڪٽر ڊفينس منسٽري ظفر علي شاهه کي قتل ڪيو هو. احمد علي عرف شيش نانگ ۽ شبير عرف ڊاڪٽر کي 7  جنوري تي ڦاهي ڏني ويندي

 

ايم ڪيو ايم ۽ اين پي ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر نسرين جليل ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ طالبان ڦهلجي رهيا آهن، الطاف حسين جي جان کي خطري سبب هو پاڪستان نٿو اچي سگهي، سومر تي سينيٽ ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي هن چيو ته ڪراچي ۾ طالبان ڦهلجندا پيا وڃن، وزيراعظم کي خط به لکيو آهي، ڪراچي ۾ نه صرف پشتون پر اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن کي به ماريو پيو وڃي، ڪراچي ۾ فوري فوجي آپريشن ڪيو وڃي،نسرين جليل چيو ته رينجرز ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي 21 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو، الطاف حسين جي جان کي خطرو آهي تنهنڪري هو پاڪستان نٿو اچي سگهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪارڪنن جي قتل کانپوءِ اي اين پي اسان ڏانهن اشارو ڪيو آهي، اسان به پنهنجن ڪارڪنن جا جنازا کڻي رهيا آهيون، طالبان اسان جي 3 ايم پي ايز کي شهيد ۽ زخمي ڪري چڪا آهن، اسان کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو. اي اين پي جي سينيٽر شاهي سيد چيو ته ڪراچي ۾ اسان جي ست هزار ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي. واقعا رياست خلاف بغاوت آهن. گهرو وزير سيڪيورٽي فراهم نٿو ڪري سگهي ته واقعي جي ذميواري قبول ڪري. ٽارگيٽ ڪلنگ روڪڻ لاءِ فوجي آپريشن ڪيو ويو. افراسياب خٽڪ چيو ته فيڊريشن پنجابي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي جو نالو آهي. اي اين پي ڪارڪنن جي قتل خلاف ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو

 

لوئر اورڪزئي ۾ فٽبال مئچ دوران ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا

لوئر اورڪزئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لوئر اورڪزئي ايجنسي ۾ فٽبال ميچ دوران ڌماڪي سبب 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، وزيراعظم انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي صوبائي حڪومتن کي دهشتگردي خلاف قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي سرڪاري ذريعن مطابق لوئر اورڪزئي ايجنسي ۾ مقامي ٽيمن وچ ۾ فٽبال ميچ جاري هئي ته زوردار ڌماڪو ٿي پيو واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ افراتفري ڦهلجي وئي امدادي سرگرميون شروع ڪيون ويون، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو وزيراعظم نواز شريف اورڪزئي ايجنسي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي هن جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومتون دهشتگردي جي اطلاع هيلپ لائن نمبر 1717 جا پوسٽر لڳرائين.

 

اتر وزيرستان ۾ ڊرون حملو، ازبڪ ڪمانڊر سميت 8 ڄڻا مارجي ويا

اُتر وزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ آمريڪي جاسوس جهاز جــَي حملي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، ذريعن موجب مارجي ويلن ۾ طالبان ڪمانڊر حافظ گل بهادر ۽ ازبڪ ڪمانڊر عثمان به شامل آهن. سال 2015ع جي پهرين ڊرون حملي ۾ آمريڪي جاسوس جهاز، اتر وزيرستان جي دتا خيل کي نشانو بڻايو جنهن ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جاسوس جهاز پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جي ڪمانڊر حافظ گل بهادر ۽ ازبڪ ڪمانڊر عثمان جي ڪمپائونڊ تي 2 ميزائل فائر ڪيا. ميزائل حملي ۾ حافظ گل بهادر ۽ عثمان جي مارجڻ جا اطلاع مليا آهن جڏهن ته ان حوالي سان اڃا تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي.

 

فلم پي ڪي سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، پي ڪي“ سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ فلم بڻجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم پي ڪي باڪس آفيس تي سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارتي ميڊيا مطابق فلم رليز ٿيڻ جي پهرين ٻن هفتن ۾ مظاهرن باوجود ڌوم ٿري جي 542 ڪروڙ بزنس جو رڪارڊ ٽوڙي سڄي دنيا ۾544 ڪروڙ جو بزنس ڪيو آهي، فلم تيزي سان 6 سئو ڪروڙ ڪلب ۾ داخل ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي، واضح رهي ته پي ڪي ۽ ڌوم ٿري بالي ووڊ جون 2 فلمون آهن، جيڪي هاڻي تائين 5 سئو ڪروڙ ڪلب ۾ داخل ٿيون آهن. فلم ۾ مرڪزي ڪردار عامر خان ۽ انوشڪا شرما ادا ڪيو آهي، جيڪا مختلف مذهبن ۾ موجود لاڙن تي مشتمل آهي. ان فلم خلاف ڪيترن ئي شدت پسندن احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا آهن جن جو چوڻ آهي ته ان فلم ۾ سندن مذهب جو مذاق اڏايو ويو آهي. فلم 19 ڊسمبر تي رليز ٿي جنهن هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪيو آهي.

 

ارباز خان شوٽنگ جي دوران رهنمائي ڪئي: اڀيشڪ ڊوگرا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ هدايتڪار اڀيشڪ ڊوگرا چيو آهي ته اداڪار ۽ پروڊيوسر ارباز خان سان 3 فلمن جو ڪانٽريڪٽ آهي. هدايتڪار اڀيشڪ ڊوگرا جي ڊائريڪٽ ڪيل فلم ”ڊي ڪي ڊولي“ جلد سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ لڳائي ويندي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پروڊيوسر ارباز خان 3 فلمن جو ڪانٽريڪٽ سائن ڪيو آهي. اڄڪلهه هو فلم ”ڊي ڪي ڊولي“ جي رليز جي انتظار ۾ آهي. هن چيو ته فلم جي شوٽنگ دوران ارباز خان هن سان مڪمل سهڪار ڪيو ۽ سندس رهنمائي به ڪئي. فلم جي اهم ڪاسٽ ۾ اداڪار سونم ڪپور ۽ اداڪار راجمڪار رائو شامل آهن. جڏهن ته اها فلم جلد سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ لڳائي ويندي.

 

اميتاڀ بچن هيپياٽائيٽس آگاهي مهم جو حصو بڻجي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ليجند اداڪار اميتاڀ بچن دماغي ڌڪ ۽ هيپياٽائيٽس بابت آگاهي مهم جو حصو بڻجي ويو آهي. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق اميتاڀ بچن دماغ تي ڌڪ لڳڻ ۽ هيپياٽائيٽس متعلق آگاهي مهم جو حصو ٿيو آهي ۽ ان حوالي سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ هو پرعزم پڻ آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ اميتاڀ بچن جو چوڻ آهي ته ان خير جي ڪم لاءِ جيڪڏهن کيس ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ وڃڻو پيو ته هو ويندو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. هن فيس بڪ ذريعي ان حوالي سان آگاهي مهم شروع ڪئي آهي.

 

فرح خان ”ريالٽي شو“ بگ باس م سلمان جي جاءِ سنڀاليندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلمساز فرح خان ريالٽي ٽي وي شو ”بگ باس سيزن 8“ ۾ اداڪار سلمان خان جي جاءِ سنڀاليندي. ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ فلمساز فرح خان ريالٽي ٽي وي سو ”بگ باس“ جي سيزن 8 ۾ اداڪار سلمان خان جي جاءِ سنڀاليندي. اداڪار سلمان خان شو جي اٺين سيزن فلم بجرنگي ڀائي جان جي فلمي شيدول سبب مڪمل نه ڪري سگهندو. ايندڙ چئن هفتن جي ميزباني فرح خان ڪندي. اداڪار سلمان خان چيو اهي ته سندس دل مطمئن اهي ڇاڪاڻ ته سندس شو محفوظ هٿن ۾ آهي. شو کي وڏن پنجن چيلنجن جو منهن ڏسڻو پوندو ۽ انهن کي پورو ڪرڻو پوندو.

مختلف بين الاقوامي ايونٽس ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري عالمي رينڪنگ ۾ پنهنجو مقام بهتر بڻائيندس: عامر اطلس

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي اسڪوائش جي نالي وارو رانديگر عامر اطلس چيو آهي ته هلندڙ سال مختلف بين الاقوامي ايونٽس ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظآهرو ڪندي عالمي رينڪنگ ۾ ٽاپ ٽيپ پوزيشن تي پنهنجومقام بڻائيندو. سال 2015ع ۾ پاڪستان طرفان ٻن بين الاقوامي ايونٽس جي ميزبان سٺو سنوڻ آهي. گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته پروفيشنل اسڪوائش ايسوسيئيشن (پي ايس اي) فيبروري ۽ مارچ ۾ ٻن بين الاقوامي 25-25 هزار ڊالر ايونٽس جي ميزباني پاڪستان کي ملي آهي، جيڪي نه صرف رانديگرن پي سموري ملڪ لاءِ بهتر آهي. هن چيو ته سال 2014ع ۾ عالمي ريڪنڪگ ۾ 100 کان 65هين نمبر تي آيو آهي. اُميد آهي ته سال 2015ع ۾ مختلف بين الاقوامي مقابلن ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي ٽاپ ٽين پوزيشن تي پنهنجو مقام بڻائيندو. هن چيو ته فيڊريشن ڪوچنگ جي معيار ۾ بهتري اچي رهي آهي، جنهن جو رانديگر تي سٺو اثر پوندو

 

قومي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم مارچ ۾ ڀارت جو دؤرو ڪندي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم مارچ ۾ ڀارت جو دؤرو ڪندي، جتي هو ڀارتي بلائينڊ ڪرڪيٽ خلاف ون ڊي ۽ ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏندي. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر سيد سلطان شاهه گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته ٻئي ملڪ سيريز تي متفق ٿي چڪا آهن پر سيريز جي شيڊول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ جي سيريز منعقد ڪرڻ سان پاڪ- ڀارت ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ نه هئڻ باوجود سال 2014ع فبيروري ۾ پاڪستان جو دؤرو ڪيو هو ۽ پاڪستان خلاف لاهور، ڪراچي، فيصل آباد ۾ ون ڊي ۽ ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏي. ان موقعي تي ڀارتي ڪپتان ۽ انتظاميه پاڪستان کي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ لاءِ محفوظ ملڪ قرار ڏنو هو. هن چيو ته پاڪستان راندين لاءِ محفوظ ملڪ آهي ۽ هتي سيڪيورٽي جو ڪو مسئلو ناهي.