تازيون خبرون

Daily Archives: December 29, 2014

 بنون ۾ سڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران طالبان ڪمانڊر مارجي ويو، 100 کان وڌيڪ شڪي گرفتار

بنون(م.ڊ)  بنون ۾ سڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران طالبان ڪمانڊر مارجي ويو، مختلف علائقن مان هڪ سئو کان وڌيڪ شڪي گرفتار ڪيا ويا آهن. بنون جي علائقي جاني خيل ۾ سڪيورٽي فورسز سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران چڪريون ٿيون. ذريعن موجب فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ طالبان ڪمانڊر دلفراز مارجي ويو، جنهن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو. هوڏانهن نوشهرا جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري گهر گهر تلاشي ورتي. ذريعن موجب پوليس غير قانوني طور ترسيل افغانين سميت 88 شڪي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيا. سرگوڌا جي علائقي جهال چڪيان ۾ پوليس سرچ آپريشن دوران 12 افغانين کي سوگهو ڪري ورتو. فيصل آباد مان 32 شڪي گرفتار ڪري پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڪوئيٽا مان 4 شڪي حراست ۾ ورتا ويا آهن.

 

انڊونيشيا کان سنگاپور ويندڙ ايئر ايشيا جو جهاز گم ٿي ويو

ڪراچي(م.ڊ) انڊونيشيا جي شهر سورابيا کان سنگارپور ويندڙ ايئر ايشيا جو مسافر جهاز گــُم ٿي ويو، جڏهن ته جهاز ۾ هڪ سئو 62 ماڻهو سوار آهن. انڊونيشين ميڊيا موجب فلائيٽ نمبر ڪيو زيڊ ايٽ فائيو زيرو ون جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪٽيل آهي. ايئر ايشيا ڪمپني جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته جهاز جي ڳولا ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪئي وئي آهي. ٽرانسپورٽ وزارت جي عملدار هادي مصطفيٰ موجب جهاز جو جاوا سمنڊ مٿان رابطو ڪٽجي ويو. گم ٿيل جهاز ۾ عملي سميت هڪ سئو 62 ماڻهو سوار آهن.  ٻئي طرف انڊونيشيا کان سنگاپور ويندڙ ايئر ايشيا جو مسافر جهاز گــُم ٿي ويو، جڏهن ته جهاز ۾ عملي جا 7 ميمبر ۽ هڪ سئو 55 مسافر سوار هئا، روسي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته گم ٿيل جهاز جو بيلي ٽونگ ٻيٽ وٽان ملبو هٿ آيو آهي. انڊونيشين ميڊيا موجب فلائيٽ نمبر ڪيو زيڊ ايٽ فائيو زيرو ون مقامي وقت موجب صبح جو پنج لڳي 20 منٽن تي انڊونيشيا جي شهر سورابايا کان سنگاپور روانو ٿيو. انڊونيشين اختيارين ۽ ايئر لائين انتظاميه موجب جهاز ۾ عملي جا 7 ميمبر ۽ هڪ سئو 55 مسافر سوار هئا جن ۾ 17 ٻار به شامل آهن. جهاز ۾ موجود هڪ سئو 49 ڄڻن جو تعلق انڊونيشيا، ٽن جو ڪوريا، هڪ جو برطانيه ۽ هڪ ڄڻي جو تعلق سنگاپور سان آهي. جهاز کي صبح ساڍي اٺين وڳي سنگاپور پهچڻو هو پر پائليٽ جو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان 7 لڳي 55 منٽن تي رابطو ڪٽجي ويو، جڏهن ته ان وقت جهاز جاوا جي ٻيٽ بيلي ٽونگ ڀرسان سمنڊ مٿان اڏام ڪري رهيو هو. ايئر ايشيا ڪمپني جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته جهاز جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته اڃا تائين وٽن جهاز يا مسافرن بابت ڪي به اطلاع ناهن. ٻئي طرف وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جهاز گم ٿيڻ واري معاملي جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان صدر براڪ اوباما کي بريفنگ به ڏني وئي. واضح رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ ملائيشيا جو جهاز گم ٿي ويو هو جنهن جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي. ملائيشيا جي ئي هڪ ٻئي جهاز کي يوڪرين ۾ تباهه ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ مسافر سوار هئا پر اڃا تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته جهاز کي يوڪرين جي باغين تباهه ڪيو يا آمريڪا جي اتحادين ان کي ميزائل ذريعي ڪيرايو ويو.

 

ڪراچي ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن آفيسر تي قاتلاڻو حملو، 2 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ درخشان ٿاڻي جي حدن ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن آفيسر نويد خواجه قاتلاڻي حملي ۾ محفوظ رهيو شهر ۾ پوليس جي مختلف ڪارروائين دوران پابندي مڙحيل تنظيمن جا ٻه ڪارڪن مارجي ويا جڏهن ته 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، درخشان ٿاڻي جي حدن ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن نويد خواجه تي قاتلاڻو حملو ڪيو يوو جنهن ۾ هو محفوظ رهيو، ايس ايس پي انويسٽيگيشن نويد خواجه هاءِ پروفائيل ڪيسن جي جاچ ڪري رهيو آهي مومن آباد ۾ پوليس مقابلي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 ڪارڪن مارجي ويا، جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي، سرجاڻي ٽائون ۾ پوليس مقابلي کانپوءِ ڪيترين ئي وارداتن ۾ گهربل جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، مڇر ڪالوني ۽ سلطان آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرائيم جي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جيل چورنگي پل تي پوليس موبائيل تي ڪريڪر اڇلايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.

 

رحمان ملڪ پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس تي مناظري جو اعلان

لاڙڪاڻو (بيورو) اڳوڻي گهرو معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر رحمان ملڪ شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس تي مناظري جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٽي وي چينلن تي پيپلز پارٽي جا مخالف محترمه جي ڪيس بابت ويهي ڳالهيون ڪندا آهن پر اڄ تائين ڪنهن به انهن مان نه ته درج ٿيل ايف آءِ آر جي ڪاپي ڏٺي آهي ۽ نه ئي چالان. چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيون ٿا ته شهيد محترمه جي قتل جي ڪيس جي شنوائي روزاني جي بنيادن تي ڪري ته جيئن قاتلن کي سزا ملي سگهي. اهڙو اظهار هن لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ فريد آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ 16 مان 5 ڏوهارين کي ماريو ويو جڏهن ته گرفتار جوابدارن خلاف اڃا تائين ڪيس التوا جو شڪار آهي. هن چيو ته 7 سالن دوران 8 جج تبديل ٿي چڪا آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي جي دوري حڪومت جي پڄاڻي ۽ سيڪيورٽي واپس وٺڻ بعد 3 اپريل 2013ع تي چيف پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي چوڌري ذوالفقار کي قتل ڪيو ويو ۽ اڃا تائين ان ڪيس ۾ ڪوبه چيف پراسيڪيوٽر مقرر ناهي ٿي سگهيو. جڏهن ته 5 گواهن کي مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن جنهن ڪري هو گهٻرايل آهن. رحمان ملڪ چيو ته فوجي عدالتن جي معاملي تي تحفظات ان لاءِ آهن ته ماضيءَ ۾ ان مان مارشل لا سامهون آئي هئي جنهن تي ٻين پارٽين کي به اعتراض آهن. انهن خدشن کي دور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ جي ڀلائي لاءِ ٺهندڙ قانون ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿي سگهي. دهشتگردي خلاف پ پ پ جي دور حڪومت ۾ سخت ترين قانون ٺاهڻ پئي چاهيا پر اپوزيشن ڪڏهن به ساٿ نه ڏنو اڄ اسان اپوزيشن ۾ هوندي دهشتگردي خلاف ٺهندڙ قانونن جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا.

 

پاڪستاني ڳائڻي عيني ٻيهر شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

لاهور(شوبز نيوز): ڳائڻي عيني شادي جي ٻڌڻن ۾ ٻڌجي وئي ان جو نڪاح خميس تي لاهور ۾ ٿيو ۽ وليمو جمعي تي شام جو ٿيو تقريب ۾ شوبز جي ڪنهن به شخصيت کي دعوت نه ڏني وئي ڳائڻي عيني جي شادي پاڪستان ڄائي برطانوي شهري سعد خان سان ٿي جنهن جو تعلق ڪاروباري گهراڻي سان آهي، وليمي جي دعوت ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي ويجهن عزيزن ئي شرڪت ڪئي خانداني ذريعن مطابق ڳائڻي عيني ۽ سعد خان هڪ ٻئي کي پسند ڪيو ۽ پوءِ گهر وارن جي راضپي سان انهن جي شادي ڪئي وئي ان کان پهريان ڳائڻي عيني جي شادي بزنس مين ملڪ نوريد اعواڻ سان ٿي هئي پر عيني ملڪ نوريد تي تشدد ڪرڻ جو الزام مڙهيو ۽ ان کانپوءِ ان کان طلاق وٺي ڇڏي.

 

هالي ووڊ فلم ”ڪنگز مين دي سيڪريٽ سروس“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو

نيويارڪ(شوبز نيوز): جيمز بانڊ جي جاسوسي ڪردار جا مداح تيار ٿي وڃن ڇو ته جاسوسي ڪردار تي ٺهيل هالي ووڊ جي نئين فلم ڪنگز مين دي سيڪريٽ سروس جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي ميٿيو واهن جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هن فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي لاوارث نوجوان جي چوڌاري گهمندي آهي جنهن کي جاسوسي ڪندڙ هڪ ايجنسي ماهر جاسوس بڻائڻ لاءِ ٽريننگ ڏيندي آهي، فلم ۾ نوجوان جاسوس جو ڪردار ٽيرن ايگرٽن ادا ڪري ڪندو جڏهن ته ٻين اداڪارن ۾ ڪولن فرٿ، مائيڪل ڪين ۽ سيميول شامل آهن جاسوسي جي دنيا ۾ ڌماڪو ڪرڻ لاءِ ايڪشن سان ڀرپور فلم 13 فيبروري تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

انجنيلا جولي جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم انبروڪن ڪاميابي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

لاس ايجلس (شوبز نيوز) ڪنهن به فلم جي ڪاميابي لاءِ انجنيلا جولي جو نالو ئي ڪافي آهي ۽ اهو ئي ڪجهه ٿيو، باڪس آفيس تي فلم ان بروڪن جو ڪرسمس جي موقعي هالي ووڊ باڪس آفيس تي فلم انبروڪن ڪمال ڪري ڇڏيو ۽ ڪاميابي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ٻي جنگ عظيم تي ٺهيل فلم انبروڪن رليز ٿيندي ئي ڇائنجي وئي، ڪرسمس جو موقعي تي انجنيلا جولي جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم انبروڪن خوب پيسا ڪمايا، فلم شوقينن جون دليون کٽي 15 ڏهائي 6 ملين ڊالر جو بزنس ڪيو.

 

بالي ووڊ دبنگ اداڪار سلمان خان جي 49 سالن جو ٿي ويو

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ جو مشهور اداڪار ۽ دبنگ خان جي نالي سان مشهور سلمان خان اڄ پنهنجي 49 هين سالگرهه ملهائي رهيو اهي سلمان خان 27 ڊسمبر 1965ع تي اداڪار ۽ اسڪرين رائيٽر سليم خان جي گهر ۾ اک کولي ۽ پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات فلم بيوي هو تو ايسي ۾ معاون اداڪار جي حيثيت سان ڪئي جڏهن ته 1989ع ۾ پنهنجي ٻئين فلم ”مين ني پيار ڪيا“ ۾ مرڪزي ڪردار ان جي ڪاميابي جا رستا کولي ڇڏيا ۽ ان کي فلم ۾  شاندار اداڪاري تي بهترين ڊيبيو اداڪار جي ايوارڊ سان نوازيو ويو سلمان خان هينئر تائين 80 کان وڌيڪ هندي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي فلمن باڪس آفيس تي تمام گهڻو بزنس ڪري چڪيون آحن جڏهن ته ان جي مشهور فلم هم آپ ڪي هين ڪون، ڪرن ارجن، جڙوا، پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا، بيوي نمبر ون، ڪڇ ڪڇ هوتا هي، دبنگ، ايڪ ٿا ٽائيگر، دبنگ ٽو، ريڊي، وانٽيڊ ۽ ڪڪ کان علاوه ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن، بهترين اداڪاري تي سلمان خان کي ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو جن ۾ بهترين اداڪار جو اسڪرين ايوارڊ ۽ بهترين معاون اداڪار جو فلم فيئر ايوارڊ سميت ڪيترا اعزاز شامل آهن جڏهن ته دبنگ خان ننڊي اسڪرين تي بگ باس ۽ دس ڪا دم جهڙن ريئلٽي شو جي ميزباني به ڪري چڪو آهي.

 

دبئي ٽرائنگيولر ڪرڪيٽ سيريز 8 جنوري کان شروع ٿيندي

دبئي (اسپورٽس نيوز)دبئي ٽرائنگيولر ڪرڪيٽ سيريز 8 جنوري کان شروع ٿيندي جنهن ۾ افغانستان، اسڪاٽ لينڊ ۽ آئر لينڊ جون ٽيمون حصو وٺنديون. سيريز جي پهرين ميچ 8 جنوري تي افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ آءِ سي سي آڪيڊمي، دبئي ۾ کيڏي ويندي. 10 جنوري تي ٻين ميچ ۾ افغانستان ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيت اسٽيديم ۾ آمهون سامهون ٿينديون. سيريز جي ٽين ميچ 12 جنوري تي، چوٿين ميچ 14 جنوري تي پنجين ميچ 17 جنوري تي کيڏي ويندي جڏهن ته سيريز جي ڇهين ۽ آخري ميچ 19 جنوري تي آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ آءِ سي سي اڪيڊم دبئي ۾ کيڏي ويندي.

 

پينٽنگيولر ڪرڪيٽ ڪپ ون ڊي ٽورنامينٽ 31 ڊسمبر کان شروع ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اهتمام هيٺ پينٽنگيولر ڪپ ون ڊي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 31 ڊسمبر کان نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ شروع ٿيندو. شيڊول مطابق ايونٽ ملتان ۾ ٿيڻو هو پر خراب موسم جي ڪري ڪراچي منتقل ڪيو ويو. پي سي بي ايندڙ سال رٿيل آءِ سي سي ورلڊڪپ کان اڳ ٽورنامينٽ شروع ڪيو آهي ته جيئن ان ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي ميگا ايونٽ لاءِ قومي ٽيم ۾ چونڊي سگهجي. ايونٽ ۾ سڄي ملڪ مان 5 ٽيمون جن ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان، فيڊرل ايرياز ۽ خيبر پختونخواه شامل آهن، شرڪت ڪنديون. ايونٽ لاءِ سمورن انتظامن کي قطعي شڪل ڏني وئي آهي.