تازيون خبرون

Daily Archives: December 26, 2014

مدرسن خلاف پروپئگينڊا عالمي ايجنڊا جو حصو آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جـَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، ٻـِن سالن لاءِ اقتدار آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته فوج جو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بنيادي ڪردار آهي، جي يو آءِ اصولي طور تي فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي حامي ناهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آئيني ڪردار کي ڏٺو وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جـَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪي مدرسن هميشه فرقيوراڻي  ڀائيچاري کي هٿي ڏني آهي، مدرسن خلاف پروپئگينڊا عالمي ايجنڊا جو حصو آهي، حڪومت مدرسي جهڙي اداري کي ختم نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پشاور سانحي تي سموري قوم ڏکايل آهي، ڪوشش آهي ته ملڪ کي مستقبل ۾ اهڙي سانحي کان بچائي سگهجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي هميشه اها بدقسمتي رهي آهي ته سياسي قيادت ڪنهن سانحي کانپوءِ ئي گڏ ٿيندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته اصولي طور تي جي يو آءِ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جي حامي ناهي، ملڪ ۾ قانون ناڪام ناهي پر ان جو صحيح استعمال نه پيو ٿئي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته موجوده حالتن ۾ فوج جي ڪردار کي غير معمولي قدم نه سمجهيو وڃي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي عدالتن جي ڪردار کي آئيني طريقي سان ڏٺو وڃي. اقتدار آرمي چيف کي ڏيڻ بابت الطاف حسين جي مطالبي بابت ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته هو ٻن سالن لاءِ اقتدار آرمي چيف کي ڏيڻ جي حق ۾ ناهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوج جو بنيادي ڪردار آهي.

 

2015 صفائي جو سال هوندو : منظور وساڻ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته 2015 صفائي جو سال هوندو هي صفائي جيلن شهرن ۽ ڳوٺن هر هنڌ ٿيندي جنهن کان پوءِ امن قائم ٿي ويندو رونقون بحال ٿي وينديون ۽ پوءِ پوري قوم خوشحالي۽ امن جشن به ملهائيندي هي امن انهن شهيدن جي قربانين جي سبب حاصل ٿيندو جن ملڪ جي سلامتي ترقي خوشحالي علم کي ڦهلائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون 16 ڊسمبر تي پشاور ۾ گلن جهڙن ٻارڙن جي شهادت قومي سانحو آهي انهن معصوم شهيدن جي سوڳ ۾ 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي سادگي ۽ احترام سان ملهائينداسين پشاور سانحي جي معصوم ٻارڙن جي قرباني ايتري عظيم آهي جو هن قرباني پوري پاڪستاني قوم ۽ سمورن ادارن کي دهستگردي خلاف متحد ۽ متفق ڪري ڇڏيو آهي انهن شهيدن جي قربانين ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي هاڻي هي قومي قيادت جو امتحان آهي ته هو ملڪ ۽ قوم کي ڪهڙي قدر جلد دهشتگردي کان پاڪ امن رواداري ۽ محبت ۽ خوشحال پاڪستان تعمير ڪري ڏئي ٿي. هو خوشحال ۽ پرامن پاڪستان جنهن لاءِ 1947 کان وٺي 16 ڊسمبر 2014 تائين اسانجن وڏڙن ۽ ٻارڙن بي مثال قربانيون ڏنيون ۽ هن وقت تائين هي سلسلو جاري آهي منظور وساڻ اهڙن خيالن جو اظهار خميس تي وساڻ هائوس ڪراچي ۾ ملاقات لاءِ آيل پارٽِ ڪارڪنن ۽ ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته 25 ڊسمبر قائداعظم محمد علي جناح جي ڄمڻ جو ڏينهن آهي هي تاريخ عيسائي برادري جي مقدس مذهبي تهوار ڪرسمس جو ڏينهن به آهي تنهنڪري ان ڏينهن جي حوالي سان اسان کي قائداعظم جي ڏنل اصولن مطابق پاڪستان کي سمورن مذهبي برادرين لاءِ هڪ جهڙن حقن جي ضامن سرزمين طور اجاگر ڪرڻ لاءِ عملي قدم ڏيکارڻا پوندا.

 

پوري ملڪ ۾ مسيحي برادري سادگي سان ڪرسمس ملهائي، پشاور سانحي جي شهيدن لاءِ دعائون گهريون ويون

اسلام آباد(بيورو) پوري دنيا وانگر پاڪستان ۾ 25 ڊسمبر تي مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏهاڙو مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو، جڏهن ته پاڪستان ۾ مسيحي برادري پشاور سانحي سبب ڪرسمس جو ڏهاڙو انتهائي سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو، ڪرسمس جي موقعي تي پوري ملڪ ۾ عيسائي برادري چرچن ۾ وڃي عبادت  ڪئي ۽ پاڪستان جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون، ان موقعي تي پشاور سانحي جي شهيدن لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون ڪرسمس جي موقعي تي حڪومت گرجا گهرن جي سيڪيورٽي لاءِ اضافي نفري مقرر ڪئي ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري طرفان هڪ ٻيئ کي تحفا ۽ ڪيڪ ڏنا پيا وڃن جڏهن ته ٻارڙا به سانٽاڪلاز کان تحفا وصول ڪيا هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف پوري دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڪرسمس پوري دنيا ۾ پائيپي، دوستي ۽ مڪمل سچائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قابل احترام علامت بڻجي چڪو آهي وفاقي حڪومت سمورن اقليتي شهرين کي پاڪستان جو برابر شهري سمجهي ٿي اڳوڻي صدر آصف زرداري پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته هن سال ڪرسمس جو خوشيون پشاور سانحي سبب رڪجي ويون آهن، ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين به مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني.

 

نيپرا بجلي 2 رپيا 97 پئسا سستي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) نيپرا بجلي 2 رپيا 97 پئسا سستي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته پهرين جنوري کان گئس 10 کان 64 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي نيپرا نوٽيفڪيشن مطابق بجلي 2 رپيا 97 پئسا سستي ڪرڻ جو فيصلو نومبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويوآهي جنوري جي بلن ۾ صارفين کي 19 ارب رپين جو رليف ملندو.

 

جيڪولين فرنانڊس ۽ رنبير ڪپور فلم روئي ۾ گڏ نظر ايندا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور ۽ سريلنڪن بيوٽي جيڪولين فرنانڊس ايڪشن سان ڀرپور فلم” روئي“ ۾ اچي رهيا آهن  جنهن کي ٽريلر جاري ٿيڻ بعد ڪافي پسند ڪيو پيو وڃي. وڪرم جيت سنگهه جي هن فلم ۾ رنبيرچور ته بڻيو آهي  پر جيڪولين ڪيا آهن ٻه مختلف ڪردار ۽ هن فلم ۾ آهي اداڪار  ارجن رام پال به جيڪوفلم جو ڊائريڪٽر بڻيو آهي. ايڪشن ۽ سسپنس سان ڀريل فلم روئي 13 فيبروري تي اچي رهي آهي .

 

بالي ووڊ سپر هٽ اداڪارائون تعليمي ميدان ۾ ناڪام

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ اداڪارئون تمام گهڻيون خوبصورت لڳندوين آهن وري جڏهن انگريزي ڳالهائينديون آهن ته ڪو شڪ به ناهي ڪري سگهندو آهي ته هي پڙهيل لکيل ناهن، ٻڌايو ويو آهي ته ڪرينا ڪپور ڪپور خاندان سان تعلق رکندڙ اداڪاره کي ننڍپڻ کان ئي ايڪٽنگ جو شوق هو ڪرينا مٺي بائي ڪاليج ۾ ٻن سالن تائين ڪامرس جي تعليم حاصل ڪئي، ان کانپوءِ هن گورنمينٽ لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي پر فلم ملڻ سبب وڌيڪ تعليم جاري نه رکي سگهي ۽ اڄ تائين گريجوئيشن کان به محروم آهي، ايشوريا راءِ بچن جنهن يونيورسٽي جو منهن به ناهي ڏٺو تعليمي ميدان ۾ هوءَ عام شاگردياڻين کان به گهٽ سطح جي شاگردياڻي هئي هٽ فلم يه جواني هي ديوانني ۾ ڪاليج شاگردياڻي جو ڪردار ادا ڪرڻ واري دپيڪا اڄ تائين پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ناهي ڪئي، هن بينگلور جي مائونٽ ڪارميل ۾ داخل ته ضرور ورتي پر پنهنجي تعليم مڪمل نه ڪري سگهي پريانڪا چوپڙا بالي ووڊ جي پرڪشش فنڪارن مان هڪ آهي جنهن آمريڪا ۽ ڀارت ۾ ڪافي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي هوءَ جي هند ڪاليج ممبئي به تعليم پرائي چڪي آهي پر ڪڏهن به گريجوئيشن نه ڪري سگهي.

 

ڀارتي اداڪار سنجي دت 14 ڏينهن لاءِ جيل مان آزاد

پونا(شوبز نيوز): غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ قيد ڀارتي فلم اسٽار سنجي دت کي 14 ڏينهن لاءِ آزاد ڪيو ويو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق سنجي دت ملڪي قانون تحت پوليس کي 14 ڏينهن جي آزادي جي درخواست ڏني هئي جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي قانوني تقاضائن کي پورو ڪرڻ کانپوءِ ٻن هفتن لاءِ ان کي آزاد ڪيو ويندو ياد رهي ته سنجي دت کي مارچ 2013ع ۾ 1993 جي ممبئي بم ڌماڪن کانپوءِ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ ساڍا 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي جڏهن ته هينئر تائين هو پنهنجي قيد مان 118 ڏينهن پي رول تي جيل کان ٻاهر به گذاري چڪو آهي.

 

حساس شاعره پروين شاڪر جي 20 هين ورسي(اڄ) ملهائي ويندي

اسلام آباد(شوبز نيوز) حساس جذبن کي لفظن جو روپ ڏيندڙ عظيم شاعره پروين شاڪر جي 20 هين ورسي(اڄ) 26 ڊسمبر تي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. پروين شاڪر ننڍي ڄمار ۾ ئي لکڻ جي ابتدا ڪئي ۽ سندس پهريون شعري مجموعو ”خوشبو” 1976ع ۾ چپجي پڌرو ٿيو جنهن وڏي شهرت ماڻي جڏهن ته سندس ٻين شعري مجموعن ۾ صد برگ،خود ڪلامي، انڪار ۽ ڪف آئينه ۽ اخباري ڪالمن تي ٻڌل هڪ مجموعو گوشه چشم شامل آهي. پرويز شاڪر کي غير معمولي ڪارڪردگي سبب پاڪستان جي سڀ کان وڏي اعزاز ”پرائيڊ آف پرفارمنس” سان پڻ نوازيو ويو. پروين شاڪر 42 سالن جي ڄمار ۾ 26 ڊسمبر 1994ع تي هڪ روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

 

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان پهرين مڪمل طور فٽ ٿي ويندس آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ

آسٽريليا(اسپورٽس نيوز)انجري جي ور چڙهيل آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو آهي ته هو گهڻو پراميد آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان پهرين مڪمل طور تي فٽ ٿي ويندو. ڪينگروز جي ٽيم جو ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ڀارت خلاف جاري چئن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ هيمسٽرنگ انجري جي ور چڙهي ويو هو، جنهن بعد سندس سرجري ڪئي وئي هئي. مائيڪل ڪلارڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو تيزي سان صيحتياب ٿي رهيو آهي. مائيڪل ڪلارڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو گهڻو پراميد آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ کان پهرين هو مڪمل فٽ ٿي ٽيم جي نمائندگي ڪندو.

 

آسٽريلوي بگ بيش ٽي 20 ليگ ۾ پرٿ اسڪارچرز ۽ ميلبورن رينيگڊر جي تيمن وچ ۾ (اڄ) مقابلو ٿيندو

پرٿ (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي بگ بيش ٽي 20 ليگ ۾ پرٿ اسڪارچرز ۽ ميلبورن رينيگيڊر جي ٽيمن وچ ۾ ميچ اڄ جمعي تي ويسٽرن آسٽريليا ڪرڪيٽ ايوسٽيشن گرائونڊ پٿر ۾ کيڏي ويندي ۽ ٻه ڏينهن ڪا به ميچ نه کيڏي ويندي. تفصيل مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان جاري ڪيل تفصيل مطابق رنگا رنگ ايونٽ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. ٽورنامينٽ ۾ هر ٽيم 8 ميچون کيڏندي.