تازيون خبرون

Daily Archives: December 24, 2014

پشاور سانحو: لنڊي ڪوتل مان 11 دهشتگر پشاور ۾ داخل ٿيا، شروعاتي جاچ رپورٽ

پشاور(م.ڊ) پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي جي شروعاتي جاچ رپورٽ پوليس جاري ڪري ڇڏي پشاور پوليس طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لنڊي ڪوتل مان صبح سوير 11 دهشتگرد پشاور ۾ داخل ٿيا جن مان پهرئين مرحلي ۾ 3 دهشتگردن کي بهار ڪالوني ۾ ڇڏيو ويو جتي اسڪول واقع آهي جنهن کانپوءِ وڌيڪ 4 دهشتگردن کي بهار ڪالوني پهچايو ويو دهشتگردن جو 7 ماڻهن تي مشتمل گروپ اسڪول جي اندر داخل ٿيو جڏن ته 4 دهشتگرد اسڪول جي ٻاهر رهيا ۽ سيڪيورٽي فورسز جي اچڻ تي فرار ٿي ويا، جاچ رپورٽ مطابق آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ساڍي 10 بجه پهريون خودڪش ڌماڪو ٿيو جنهن کان فوري پوءِ سيڪيورٽي فروسز اسڪول کي گهيري ۾ آڻي دهشتگردن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

 

صوبائي وزير بي اختيار آهن انهن جا اختيار ٻي قوت وٽ آهن، شير رحمان جي مقرري وقت کان اڳ هئي: مخدوم امين فهيم

هالا (نمائندو) هالا پيپلز پارٽي کي ڇڏڻ لاءِ سوچيو به نه آهي، جن به پي پي کي ڇڏيو آهي اهي زيرو ٿي ويا آهن، پيرپاڳاري سميت ڪنهن سان به ملاقات ڪرڻ لاءِ مون کي ڪنهن کان اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي، سروري جماعت جي مريدن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير بي اختيار آهن انهن جا اختيار ٻي قوت وٽ آهن، شير رحمان جي مقرري وقت کان اڳ هئي، بلاول ڀٽي ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ اختلافن جي مون کي ڄاڻ نه آهي، سروري جماعت جا مريد سڄي ملڪ ۾ پنهنجا ووٽ رجسٽر ڪرائين.خبر موجب پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي صدر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فهيم هالا ۾ مخدوم هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پارٽي کي ڪونه پيو ڇڏيان مگر پارٽي ۾ اگر ڪا اهڙي ڳالهه آهي جنهن جي اصلاح ٿيڻ گهرجي ته ان لاءِ آئون پوري ڪوشش ڪندس، هن چيو ته اڄ سروري جماعت جو اجلاس سڏايو آهي جيڪو هر سال سڏايو ويندو آهي جنهن ۾ جماعت جي مسئلن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، هن چيو ته شيري رحمان جي مقرري وقت کان اڳ ڪئي وئي هئي جنهن تي مون اعتراض ڪيو هو ڇو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ٻيون به سينئر ورڪر عورتون موجود آهن ، مشرف سان ملاقات اچانڪ ٿي هئي، جيستائين ميان نواز شريف جي حڪومت آهي تيستائي اسان تي ڪونه ڪو ڪيس ٺهندو رهندو، مخدوم امين فهيم چيو ته سروري جماعت جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي اسان جا ماڻهو جن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ٿا ته پوءِ انهن جو به فرض ٿئي ٿو ته انهن جي خدمت ڪن، مشرف کي ڪا اهم ذميواري ملي رهي آهي ان جي مون کي ڄاڻ نه آهيس آئون اهڙي ماڻهو جي پٺيان ڪڏهن به نه ڀڄندو آهيان جنهن جي مونکي خبر هجي ته هن کي ڪا اهم ذميواري ملڻ واري آهي، آئون پاڪستان پيپلز پارٽي جو صدر آهيان ۽ مونکي هر قدم تي ڪنهن کان پڇڻ جي ضرورت نه آهي ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي اسان جي ڪميٽمينٽ بينظير صاحبه سان آهي ذوالفقار علي ڀٽو سان آهي ۽ ان جي پارٽي سان آهي ۽ اسان پارٽي ٺاهي آهي اسان پنهنجي هر شئي پارٽي جي حوالي ڪئي آهي، بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ اختلافن بابت مون کي ڪابه ڄاڻ نه آهي، منهنجو آصف علي زرداري سان ڪوبه اختلاف نه آهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڏن وڏن نالن ڇڏي ڏنو ۽ جن پيپلز پارٽي کي ڇڏيو اهي زيرو ٿي ويا، پيپلز پارٽي ڀٽو خاندان ، بينظيرڀٽو ، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي فلسفي جي آهي اسين ان سان گڏ آهيون ۽ ان کي هلائي رهيا آهيون ۽ جتي ڪجهه شيون غلط هونديون انهن کي درست ڪرڻ جي ضرور ڪوشش ڪنداسون.

 

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ غداري ڪيس بابت خاص عدالت کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ خصوصي عدالت کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي اڱاري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج جسٽس اطهر من الله شوڪت عزيز زاهد حامي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران درخواست گذرن جي وڪيل افتخار گيلاني ايڊووڪيٽ خواجه حارث ايڊوڪيٽ ۽ وسيم سجاد ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جو وڪيل فروغ سيم به موجود هو ٻڌڻي دوران درخواست گذارن جي وڪيلن کان علاوه خصوصي عدالت ۾ پرويز مشرف جو وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم به موجود هو درخواست گذار جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته 21 نومبر تي انهن جي مئوڪلين سنگين غداري ڪيس ۾ شريڪ ملزم نامزد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو خصوصي عدالت کي هي اختيار حاصل نه هو ته هو ڪنهن کي ملزم نامزد ڪري اهڙي طرح عدالت پنهنجن اختيارن کان وڌي ويئي آهي وڪيلن مطابق ان جي مئوڪلن خلاف ڪنهن به قسم جي تفتيش ناهي ڪئي ويئي عدالت کي صرف هي اختيار حاصل هو ته هو جاچ ايجنسي کي هي حڪم جاري ڪري ته ڄاڻايل ماڻهن جي حُالي سان جاچ ڪري ٻڌايو وڃي ته انهن جو سنگين غداري ڪيس ۾ ڪوئي ڪردار ٿئي پيو جنهن تي جسٽس اطهرمن الله پاران ٻه قانوني سوال ڪيا ويا ته جن ۾ پهريون هي سوال هو ته انهن ٽنهي ماڻهن جي درخواستن جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته ٻڌڻي قابل آهي يا نه جيڪڏهن هي درخواستون ٻڌڻي لائق آهن ته هي ڏسڻو پوندو ته خاص عدالت کي انهن ماڻهن کي جوابدارن کي شريڪ ملزم بنائڻ جو اختيار حاصل هو يا نه ان موقعي تي افتخار گيلاني دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪوئي ٻيو مثال موجود نه هجي ته هاءِ ڪورٽ کي هي اختيار حاصل ته هو حد ۾ ڪيس ۾ مداخلت ڪري اهو ٻڌي جسٽس اطهر من الله جوابدارن کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙِ طرح هڪ خاص عدالت يا بئنچ ڪم ڪرڻ کان روڪي سگهجي ٿو ان حوالي سان افتخار گيلاني اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ڪيس جو مثال ڏنو جنهن ۾ ان جو ڪيس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ هلي رهيو هو جيڪو سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ڪائونسل جي ڪارروائي روڪي فل ڪورٽ بڻائي ڪيس ان ۾ ريفر ڪري ڇڏيو هو درخواست گذارن جي وڪيلن عدالت کي اپيل ڪئي ته جيستائين انهن جي درخواستن تي فيصلو نه ٿيندو ان وقت تائين خصوصي عدالت جي ڪارروائي روڪي وڃي جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿي سگهنديون جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي وڪيل فروغ نسيم عدالت ۾ موجود هو جنهن کان جسٽس اطهر من الله ڪارروائي روڪڻ جي حوالي سان پڇيو هو هن به رضامندي ظاهر ڪئي دليل ٻڌڻ کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي عبوري حڪم ۾ سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ خصوصي عدالت کي درخواستن متعلق فيصلي تائين ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ڪيس جي ٻڌڻي 3 فيبروري کان روزاني جي بنياد تي ٿيندي.

 

پشاور سميت ڪيترن ئي جيلن ۾ پاڪ فوج مقرر

پشاور (م.ڊ) پشاور سينٽرل جيل پشاور سميت هريپور تيمرگرهه ۽ ڊي آءِ خان جي جيلن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا خيبرپختونخواهه جي وڌن جيلن ۾ سيڪيورٽِ فورسز ايلٽ فورسز ۽ جيل فورس جي اهلڪارن ريهرسل به شروع ڪئي آهي ذريعن موجب انهن جيلن ۾ اهلڪارن کي الرٽ ريڊ الرٽ هاءِ الرٽ ۽ وار الرٽ جي ٽريننگ ڏني ويئي حساس قيدين جي سيڪيورٽي جي حڪمت عملي به تبديل ڪئي ويئي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي ته هن وقت 56 قيدين جي رحم جون درخواستون پاڪستان جي صدر وٽ موجود آهن جن مان 30 درخواستون شدت پسندن جون آهن جڏهن ته 36 ٻين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جون آهن ذريعن موجب مشرف حملي ڪيس جي سزا مليل مجرم جي درخواست به اماڻي ويئي.

 

سيد هاشم رضا زيدي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

ڪراچي(پ ر) سيد هاشم رضا زيدي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي، سيد هاشم رضا زيدي 20 گريڊ جو سينيئر آفيسر آهي ان کان اڳ صوبائي سيڪريٽري صنعت، سيڪريٽري صحت حڪومت، ڪمشنر ڪراچي ۽ بلديه عظميٰ ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر به رهي چڪو آهي سيد هاشم رضا زيدي ڊي ايم جي گروپ جو سينيئر آفيسر آهي ۽ انتظامي ڪمن بابت وسيع تجربي جو حامل آهي درين اثنا واٽر بورڊ جي آفيسرن به ان سان تعارفي ملاقات ڪئي.

 

فلمن جي چونڊ اسڪرپٽ ڏسي ڪندو آهيان: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته هو فلمن جي چونڊ باڪس آفيس کي نظر ۾ رکندي نه پر اسڪرپٽ کي ڏسي ڪندو آهي. پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ عامر خان چيوته اهو هڪ افسوسناڪ رجحان آهي ته تخليقي ماڻهو نمبر گيم بابت سوچڻ شروع ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن آئون 100 ڪروڙ جي ڪلب ۾ شامل ٿيندڙ فلمن جي چونڊ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيان ته منهنجي چونڊ تمام محدود ٿيندي ۽ ايئن ڪرڻ تخليقي صلاحيتن کي ختم ڪرڻ آهي. هن چيو ته آئون هميشه فلمن جي چونڊ اسڪرپٽ کي ڏسي ڪندو آهي جنهن فلم جو اسپرٽ مون کي سٺو لڳو مون ان ۾ ڪم ڪيو.

 

بالي ووڊ جي نئين ڪاميڊي فلم ”ويلڪم بيڪ“ جي شوٽنگ مڪمل ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين ڪاميڊي فلم ”ويلڪم بيڪ“ جي شوٽنگ مڪمل ٿي وئي. ان بابت اداڪار انيل ڪپور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي اعلان ڪيو ته فلم جي شوٽنگ مڪمل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ڄاڻايل فلم ويلڪم جو سيڪوئل آهي جنهن ۾ انيل ڪپور، نانا پاٽيڪر، جان ابراهم ۽ شروتي هاس اداڪاري ڪئي. ڄاڻايل فلم ايندڙ سال 22 جنوري تي رليز ٿيندي

 

ننڍيون ننڍيون خوشيون به جھوليءَ ۾ ميڙڻ چاهيان ٿي؛ مديحه شاهه

(شوبز نيوز) اداڪارا مديحه شاهه چيو آهي ته شاديءَ کان پوءِ تمام خوشگوار زندگي گھاري رهي آهيان، ننڍيون ننڍيون خوشيون به جھوليءَ ۾ ميڙڻ چاهيان ٿي، خاص ڳالهه ٻولهه دوران اداڪارا چيو ته فنڪار سڄي زندگي فنڪار ئي رهندو آهي، پر اُن جي ڪا ذاتي زندگي به هوندي آهي، جنهن ۾ خوشيون ۽ ڏک به گڏ رهندا آهن، منهنجي دعا آهي ته خدا سڀني کي خوشيون ڏئي، مديحه شاهه چيو ته هِن وقت زندگيءَ جي خوبصورت ترين دورن مان گذري رهي آهيان، پنهنجي موجوده زندگيءَ مان جيتري مطمئن آهيان دل ٿي چوي ته وقت بيهي وڃي، پر انسان جو سڀ خواهشو ته پوريون ناهن ٿينديون، خوشنصيب آهيان جنهن جون سڀ خواهشون پوريون ٿيون

 

”ميري ڪام“ جو هدايتڪار اومنگ ڪمار ٻين جنگ عظيم جي سچن واقعن تي ٻڌل فلم ٺاهيندو

ممبئي (شوبز نيوز)فلم ”ميري ڪام“ ٺاهيندڙ هدايتڪار اومنگ ڪمار پنهنجي نئين فلم جي شوٽنگ ايندڙ سال جي آخري ٽه ماهي ۾ شروع ڪندو. اومنگ ڪمار فلم ٻين جنگ عظيم کي نظر ۾ رکندي ٺاهي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هو ان دور جي سچن واقعن کي فلم جي ذريعي سامهون آڻيندو. جيڪي اڃان تائين ڪنهن ڏٺا هوندا. ان لاءِ واقعن سان لاڳاپيل حقيقي جڳهن تي شوٽنگ کان علاوه سيٽ پڻ ترتيب ڏنا ويندا. فلم جو نالو اڃان تجيوز ناهي ڪيو ويو. فلم 2016ع ۾ رليز ٿيندي، جڏهن ته شوٽنگ 2015ع جي آڪٽوبر جي وچ م شروع ڪئي ويندي

 

شاهد خان آفريدي، وهاب رياض، فواد عالم ۽ محمد عرفان کي بنا اجازت اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چئن رانديگرن کي اجازت کان سواءِ اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب پي سي بيءَ آل رائونڊر شاهد خان آفريدي، فاسٽ بالر وهاب رياض، بيٽسمين فواد عالم ۽ فاسٽ بالر محمد عرفان کي بنا اجازت اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو اهو به چوڻ هو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ موجب ڪنهن به اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ رانديگرن لاءِ اين او سي حاصل ڪرڻ ضروري هوندو آهي، جنهن جي خلاف ورزي تي ڄاڻايل رانديگرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.