تازيون خبرون

Daily Archives: December 23, 2014

هڪ ضرب عضب قبائلي علائقن ۽ ٻيو ٻين شهرن ۾ جاري آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت دهشتگردن ۽ انهن کي تحفظ ڏيندڙن جي وچ ۾ ڪو فرق نه ڪندي، معصوم ماڻهن جو رت وهائيندڙ دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ٿيندي، دهشتگردي پاڪستان جي لاءِ ڪينسر وانگر آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان لعنت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي. ڪالهه سومر ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي قومي منصوبي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته آپريشن ضرب عضب قبائلي علائقن ۾ جاري آهي جڏهن ته ٻي ڪارروائي اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لڪل دشمن جي خلاف هوندي. هن چيو ته هزاره ٽائون ڪوئيٽا ۽ پشاور چرچ جي واقعن ۾ بيگناهه ماڻهن جو رت وهائيندڙ دهشتگردن جي خلاف فيصلائتي ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته دهشتگردي ۽ فرقيواريت پاڪستان لاءِ هڪ ڪينسر آهي، ملڪ کيهاڻ ان ڪينسر کان نجات ڏيارڻ جو وق اچي ويو آهي عوام کي هر ممڪن تهفظ ۽ امن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪنداسين هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ ٻيا قانون نافذ ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف گڏجي ڪارروايون ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ گهرو معاملن جي وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيفران جي وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، وزيراعظم جي خصوصي معاون خواجه ظهير احمد، بيريسٽر ظفرالله ۽ اٽارني جنرل شرڪت ڪئي. ٻئي طرف وفاقي سرڪار دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبر پختون خواهه حڪومت کي وڌيڪ 26 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پرويز رشيد چيو آهي ته آءِ ڊي پيز بابت عمران خان جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد ڪي پي ڪي سرڪار کي وڌيڪ 26 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت هن وقت تائين آءِ ڊي پيز تي 30 ارب رپيا خرچ ڪري چڪي آهي ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪي پي ڪي سان مڪمل سهڪار ڪيو پيو وڃي. پرويز رشيد چيو ته آءِ ڊي پيز جي حوالي سان عمران خان جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

 

ڪراچي ۾ مقابلو، 13 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي الاآصف اسڪوائکر ڀرسان پوليس مقابلي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته هڪ کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي ملير رائوانوار موجب پوليس ٽيم دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي الاآصف اسڪوائر جي ڀرسان هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ته پوليس ورديون پهريل دهشتگردن فائرنگ ڪئي ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو جنهن جو اهلڪار ڀرپور جواب ڏنو ۽ مقابلي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا. رائو انوار موجب مارجي ويل دهشتگردن مان 6 جو تعلق القائده ۽ 7 جو پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي ۽ اُهي تارگيٽ ڪلنگ، اغوا ۽ ڀنگ سميت ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث هئا دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار ماڌو، آپگهاتي جيڪٽس به هٿ ڪيا ويا آهن.

 

معصوم ٻارن جو قتل کليل بزدلي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد پشاور ۾ شهيد ٿيندڙ حسن زيب جي والدين ۽ ڀاءُ موسيٰ زيب سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي به ان موقعي تي وزيراعظم طرفان تعزيت جو اظهار ڪيو، وفاقي وزير موسيٰ زيب کي گلي لڳايو ۽ ساڻس شفقت جو اظهار ڪيو، موسيٰ زيب پشاور ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ محفوظ رهيو هو.اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير پرويز رشيد ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قوم ان افسوسناڪ واقعي تي سوڳ ۾ آهي، هر پاڪستاني ان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، معصوم ٻارن جو قتل کليل بزدلي آهي، دهشتگردن جو اهو رويو بزدلاڻي ۽ وحشياڻي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو، هن چيو ته سڄي قوم سوڳوار خاندانن سان ان ڏک ۽ صدمي ۾ برابر جي شريڪ آهي، هن خاطري ڪرائي ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردن جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندي، هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ انتهاپسندي جي ڪا به جاءِ نه آهي ۽ گڏيل ڪوششن سان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائينداسين، هن چيو ته سڄي قوم، جمهوري قوتون ۽ سمورا ادارا دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ متحد ۽ مڪمل طور تي پرعزم آهن، ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي ملڪ مان دهشتگردي ۽ شدت پسندي خلاف جنگ ۾ حڪومت جي عزم کي ورجايو، شهيد حسن زيب وزيراعظم جي اڳوڻي پريس سيڪريٽري ۽ انفارميشن گروپ جي سينيئر آفيسر شبير انور جو ڀائٽيو به هو.

 

فيصل آباد جيل ۾ وڌيڪ 4 دهشتگردن کي ڦاهي جون تياريون مڪمل

فيصل آباد(م.ڊ) فيصل آباد سينٽرل جيل ۾ وڌيڪ 4 ڏوهارين کي موت جي سزا ڏيڻ جو تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، دهشتگردي جي وڌيڪ 4 جوابدارن جا ڊيٿ وارنٽ فيصل آباد سينٽرل جيل کي حاصل ٿي ويا آهن ۽ انهن جوابدارن ۾ نواز علي، غلام نبي، مشتاق احمد ۽ عبدالمالڪ شامل آهن جيل انتظاميه کي چئنئي جوابدارن کي ڦاهي جا ڊيٿ وارنٽ ملي چڪا آهن جنهن کانپوءِ جوابدارن کي ڪنهن به وقت ڦاهي ڏئي سگهجي ٿي.

 

دهشتگردي سڄي ملڪ لاءِ ناسور بڻجي وئي آهي سڀني کي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي: عمران خان

پشاور(م.ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جو دورو ڪري سانحي جا تفصيل ورتا، جنهن کانپوءِ هن اسڪول جي شهيد پرنسپال جي گهر وڃي سندس پونئرن سان تعزيت ڪئي، اسڪول جي دوري وقت ڪيترن ئي متاثرن عمران خان کي روڪي کانئس پڇيو ته جنهن تبديلي لاءِ هنن ووٽ وِڌا، اُها ڪٿي آهي؟ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي نيٺ پشاور جو اُهو آرمي پبلڪ اسڪول ياد اچي ويو، جنهن ۾ دهشتگردن خون جي هولي کيڏي معصوم ٻارڙن کي رت سان وهنجاريو ۽ سوين امڙين جون هنجون خالي ڪرايون عمران خان، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ سان گڏ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ اتي پيش آيل سانحي جا انتظاميه کان تفصيل ورتا ۽ واردات وارا سڀئي هنڌ گهمي ڏٺا. ان موقعي تي سڪيورٽي ايتري ته هاءِ الرٽ هئي، جو هڪ صوبائي وزير کي به تلاشي وٺي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ڇڏيو ويو. عمران خان ۽ وڏي وزير خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاران اسڪول جي دوري وقت سانحي ۾ پنهنجا پيارا وڃائيندڙ ڪيتريون ئي مائرون ۽ پيئر موجود هئا، جن عمران خان کي ڏوراپا ڏنا ته هنن کين تبديلي لاءِ ووٽ ڏنا هئا پر هيءَ ڪهڙي تبديلي آهي، جنهن ۾ سندن ٻچن کي ڪُٺو پيو وڃي. ان موقعي تي عمران خان متاثرن کي تسلي ڏني ته ساڻن انصاف ڪيو ويندو، سندس چوڻ هو ته دهشتگردي سڄي ملڪ لاءِ ناسور بڻجي وئي آهي ۽ ان خلاف ويڙهه لاءِ سڀني ڌرين کي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. بعد ۾ عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول جي پرنسپال طاهره قاضي جي گهر وڃي سندس پونئرن سان به تعزيت ڪئي. ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ هو ته دهشتگردن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي ۽ کين منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

 

شاهه محمود قريشي ۽ سراج الحق وچ ۾ ملاقات، ڳالهين جو بال هاڻي حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي پشاور سانحي کي ننديندي مطالبو ڪيو آهي ته دهشتگردي خلاف تڪڙا قدم کنيا وڃن، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڳالهين وارو بال هاڻي حڪومتي ڪورٽ ۾ آهي، ايندڙ ملاقات ۾ معاملا طئي ٿي سگهن ٿا، سراج الحق چيو آهي ته پشاور کي ڪربلا بڻايو ويو، جنهن جو اسلامي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، حڪومت ڳالهين لاءِ سنجيدگي اختيار ڪري. اسلام آباد ۾ شاهه محمود قريشي ۽ جماعتاسلامي جي سربراهه سراج الحق وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي تازه ترين صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ جاري دهشتگردي وارن واقعن جي مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته حڪومت کي جيڪو سڄي قوم مينڊيٽ ڏنو آهي، ان جو فائدو حاصل ڪندي دهشتگردي خلاف ويڙهه کي وڌيڪ فعال بڻائي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پشاور سانحي سان قوم جا ارادا وڌيڪ پختا ٿيا آهن. هن چيو ته 1965 کانپوءِ پهريون ڀيرو قوم ڪنهن هڪ نقطي تي گڏ ٿي آهي ۽ نواز شريف کي هن صورتحال جو فائدو وٺي دهشتگردي خلاف ويڙهه کي فعال ۽ منظم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پشاور سانحي تي قوم جهڙي ريت ايڪتا جو اظهار ڪيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هن چيو ته قومي سانحي تي عمران خان اڳڀرائي ڪئي ۽ وڇوٽين باوجود حڪومت ڏانهن سهڪار جو هٿ وڌايو. هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ملڪ ۾ امن امان ضروري آهي، سندس چوڻ هو ته ڳالهين وارو بال هاڻي حڪومتي ڪورٽ ۾ آهي، ايندڙ ملاقات ۾ معاملا طئي ٿي سگهن ٿا. جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو ته دهشتگردن جو ڪو به دين ايمان نه هوندو آهي، جڏهن ته پشاور کي ڪربلا بڻائي متاثرن سان ڪِيس ڪيو ويو. سراج الحق جو چوڻ هو ته حڪومت کي هاڻي ڳالهين واري معاملي ۾ سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسلامي تاريخ ۾ پشاور جهڙو سانحو اڳ ۾ نه ٿيو آهي، تحريڪ انصاف کي اپيل آهي ته اها اسيمبلي ۾ واپس اچي.

 

ٻن دهشتگردن جي ڊيٿ وارنٽس غيرقانوني قرار، ٻيهر وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي منتظر ٻن دهشتگردن عطاءَ الله ۽ اعظم جي ڊيٿ وارنٽس کي غير قانوني قرار ڏيندي سندن نئين سر  ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ کين ڪراچي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ پابندي مڙهيل تنظيم جي ٻن دهشتگردن عطاءَ الله ۽ اعظم جي ڊيٿ وارنٽس خلاف سندن وارثن ۽ کين ڪراچي منتقل نه ڪرڻ واري آءِ جي سنڌ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. دهشتگردن جي وارثن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو  ته عطاءَ الله ۽ اعظم کي مليل سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي انڪري ڊيٿ وارنٽس کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. عدالت ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سينٽرل جيل سکر جو  سپرنٽينڊنٽ پيش ٿيا. بئنچ جي سربراهه جسٽس محمد علي مظهر  سکر جيل جي سپرنٽينڊنٽ کان پڇاڻو ڪيو ته دستاويزن موجب ٻنهي جوابدارن جي  ڦاهي جي تاريخ 26 ڊسمبر مقرر ٿيڻ گهرجي، سڀاڻي ڦاهي جي تاريخ ڪئين مقرر ڪئي وئي آهي. ايڊوڪيٽ جنرل پاران مهلت طلب ڪرڻ بعد ٻيهر ٻڌڻي دوران عدالت ٻنهي دهشتگردن جي ڊيٿ وارنٽس کي غير قانوني قرار ڏيندي دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي نئين سر ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾  چيو آهي ته ڊيٿ وارنٽ جاري ٿيڻ بعد ڪنهن به جوابدار کي 7 ڏينهن اندر ڦاهي نٿي ڏئي سگهجي انڪري قانون ۽ ضابطن جو خيالن رکندي ٻنهي جوابدارن جا ٻيهر ڊيٿ وارنٽس جاري ڪيا وڃن. اڄ ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ جي درخواست تي به ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري ٻنهي دهشتگردن کي سکر کان ڪراچي منتقل نٿو ڪري سگهجي، پر گهرو کاتي پاران ٻڌايو ويو ته هو عدالتي حڪم تحت ٻنهي دهشتگردن کي ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ تيار آهن. گهرو کاتي جي آگاهي بعد عدالت ٻنهي دهشتگردن کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضع رهي ته 2013 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي فيصلي ۾ چيو هو ته جڏهن به جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي ته کين 15 ڏينهن اڳ سکر کان ڪراچي منتقل ڪيو وڃي. واضح رهي ته ٻنهي دهشتگردن کي سڀاڻي ڦاهي ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا هئا

 

تحريڪ طالبان 48 ڪلاڪن ۾ ڳجهي هنڌ تي اجلاس طلب ڪري ورتو

لڌا (مانيٽرنگ ديسڪ) پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي قيادت دهشتگردي خلاف شروع آپريشن ۽ جيلن ۾ پنهنجي گرفتار ساٿين کي ڦاسين تي لڙڪائڻ مان پيدا صورتحال تي 8 4  ڪلاڪن ۾ ڳجهي هنڌ اجلاس گهرائي ورتو، تحريڪ طالبان سجڻا گروپ جي ترجمان جي پشاور حملي جي حمايت، حڪومت ۽ سجڻا گروپ ۾ جاري مذاڪرات خطري ۾ پئجي سگهن ٿا. ٽي ٽي پي ترجمان جي نامعلوم هنڌ تان ميڊيا کي جاري پيغام موجب 2  ڏينهن ۾ پاڪستان تحريڪ طالبان جي تمام حلقن جي اميرن جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو، جنهن ۾ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۽ حڪومت طرفان ڦاسي جي سزا تي عملدرآمد شروع ٿيڻ واري فيصلي تي ويچاري پنهنجي حڪمت عملي بڻائي ويندي، ٻئي پاسي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان ڏکڻ وزيرستان سجڻا گروپ جي ترجمان اعظم طارق بيان ۾ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي جي مڪمل حمايت ڪئي آهي. ياد رهي ته تحريڪ طالبان ڏکڻ وزيرستان سجڻا گروپ گذريل ٻن مهينن کان حڪومت سان مذاڪرات جو سلسلو به شروع ڪري رکيو آهي جنهن ۾ 1 1  رڪني ڪميٽي تحريڪ طالبان ڏکڻ وزيرستان سجڻا گروپ جي اعليٰ ڪمانڊرن سان ڪئين ڀيرا سڌا سنوان مذاڪرات ڪيا هئا ۽ ترجمان اعظم طارق جي بيان بعد مذاڪرات خطري ۾ پئجي سگهن ٿا

 

احتساب عدالت آصف زرداري جي بريت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنس ۾ بريت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻي صدر طرفان ٻنهي ڪيسن ۾ بريت بابت درخواستون رد ڪندي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

ميڊيا کي محدود رکڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ سرڪلر جاري

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن جي خبرن تي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ذريعن مطابق ان حوالي سان هڪ سرڪلر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ميڊيا کي محدود رکڻ لاءِ چيو ويو آهي جڏهن ته ميڊيا سان رابطو رکڻ جي صورت ۾ ذميوارن خلاف ڪارورائي جي به هدايت ڪئي وئي آهي.