تازيون خبرون

Daily Archives: December 20, 2014

ڪوٽ راڌا ڪشن سانحو: چالان عدالت ۾ پيش، 59 ڄڻا واقعي جي ذميوار قرار

لاهور(م.د) لاهور پوليس ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪندي 59 ڄڻن کي سانحي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو لاهور پوليس ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش
ڪندي 59 ڄڻن کي سانحي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت جوابدارن جي رمانڊ ۾ واڌ ڪندي 24 ڊسمبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس گرفتار ڪيل جوابدارن کي پيش ڪيو. ٻڌڻيءَ دوران پوليس ڪيس جو چالان پڻ پيش ڪيو، جنهن ۾ 59 ڄڻن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو. چالان پيش ڪرڻ بعد عدالت، جوابدارن جي رمانڊ ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 24 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

 

ڪراچي، گجرات ۽ زيارت ۾ مقابلا، گهربل جنگجو ۽ پابندي پيل تنظيم جي دهشتگردن سميت 8 مارجي ويا

ڪراچي/گجرات/زيارت(م.د)ڪراچي جي مشرف ڪالوني ۾ رينجرز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن، رينجرز ترجمان چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي پيل تنظيم سان آهي.. مشرف ڪالوني ۾ رينجرز ڏوهارين جي اطلاع تي سرچ آپرشن شروع ڪيو ته ڏوهارين رينجرز کي ڏسندي ئي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، رينجرز جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 جوابدار مارجي ويا، هڪ رينجرز اهلڪار به زخمي ٿي پيو… رينجرز ترجمان موجب مارجي ويل چار ئي جوابدارن جو تعلق پاپنديمڙهيل تنظيم سان آهي. ٻئي پاسي، فرنٽير ڪالوني ۾ رينجرز سرچ آپريشن ڪري مختلف ڏوهن ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ترجمان موجب دهشتگردن خلاف ڪاميابي سان آپريشن جاري آهي، آپريشن دوران مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف گجرات لاله موسيٰ جي علائقي ۾ پوليس ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا اهم دهشتگرد مارجي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته گجرات جي علائقي لاله موسيٰ ۾ پوليس پاران مبينا گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته دهشتگردن اهلڪارن تي فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ پابندي مڙهيل طالبان تنظيم  جي دهشتگرد پنهنجي انجام تائين پهچي ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ افضل عرف فوجي ۽ احمد عرف بابا جي نالي سان ٿي آهي، ڊي پي او جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد حساس جاين تي حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا، جڏهن ته دهشتگردن ان کان پهرين به گجرات ۾ پاڪ فوج جي ڪئمپ ٽريينگ اسڪول ۽ ٻين حساسن جاين تي حملا ڪري چڪا آهن. هوڏانهن بلوچستان جي ضلعي زيارت ۾ حساس ادارن ۽ ايف سي جو مشترڪا آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته زيارت جي علائقي سنجاوي ۾ حساس اداري ۽ فرنٽيئر ڪور دهشتگردن جي موجودگي اطلاع تي ڇاپي هڻو ڪارروائي ڪئي، ڪارروائي دوران دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن نتيجي ۾ هڪ ايف سي اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتا آهن، ايف سي جي ترجمان مطابق دهشتگرد اغوا ۽ سيڪيورٽي فورسز  تي حملن ۾ ملوث هئا، مارجي ويلن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان جو اهم جنگجو به شامل آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيل زخمي دهشتگردن کي طبي امداد کان پوءِ جاچ ڪئي ويندي.

 

نيپرا بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 2 رپيا 97 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آٻاد(بيورو) نيپرا، بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ 2 رپيا 97 پئسا گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد ۾ ٿي. نيپرا، نومبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 2 رپيا
97 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي منظوري ڏني. اگهن ۾ گهٽتائي بعد جنوري جي بلن ۾ ڪراچي کانسواءِ سڄي ملڪ جي واهپيدارن کي 17 ارب رپين جو رليف ملندو. نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي پنجاهه يونٽ ماهوار استعمال ڪندڙ گهريلو واهپيدار تي لاڳو نه ٿيندي. واضح رهي ته وزيراعظم نواز شريف جي اعلان بعد نيپرا بجلي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني آهي.

 

ڏڪاريل ٿر جي ڌرتي تان مصيبتون نه ٽريون، وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت

ٿرپارڪر(رپورٽر) ڏڪاريل ٿر جي ڌرتي تان مصيبتون نه ٽريون، خوراڪ جي کوٽ ۽ دوائون نه هئڻ ڪري ڇاڇري ۾ هڪ معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته مٺي سول اسپتال ۾ تازو ڄاول ٻار فوت ٿي ويو، 79 ڏينهن ۾ فوتين جو انگ 251 ٿي ويو آهي… ڇاڇري جي ڳوٺ ڍاڪلو ۾ ڏيڍ مهيني جي سيتا ميگهواڙ خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي وئي آهي. مٺي جي سول اسپتال ۾ محمد هنڱورجو جو نئون گلن جهڙو تازو ڄاول ٻار فوت ٿي ويو آهي. وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ 79 ڏينهن دوران فوت ٿي ويلن ٻارڙن جو انگ وڌي 251 ٿي ويو آهي. ٿر ۾ حڪومتي بي حسي سبب انساني جانين جو ضايع ٿيڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي، پر حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا ٿر متاثرن جي واهر لاءِ نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. روزانو ٻارڙا فوت ٿيڻ سبب ٿر ۾ سوڳ وارو ماحول پکڙيل آهي، هر طرف جنازا کڄي رهيا آهن، پر انتظاميا معصوم انساني جانيون بچائڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو جنهن سبب فوتي ٻارڙن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي. متاثر ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته ٿر ڏڪار جو نوٽيس وٺي سندن مشڪلون حل ڪيون وڃن…..

 

پشاور سانحي جي سوڳ ۾ اڄ ٽئين ڏينهن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) پشاور سانحي جي سوڳ ۾ اڄ ٽئين ڏينهن به مختلف شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز بند ڪري قران خوانيون ڪيون ويون، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ ڏيئا ٻاري پشاور جي شهيد ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. لاڙڪاڻي ۾ پشاور واقعي خلاف قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس اين پي ڪارڪنن پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. قمبر ۾ پشاور سانحي خلاف، گسٽا، سماجي تنظيمن ۽ اسڪولي شاگردن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. نارو ۾ رينجرز پبلڪ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڏيئا ٻاري پشاور جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ٽنڊو آدم ۾ پشاور سانحي خلاف ٽئين ڏينهن به شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مختلف اسڪولن ۾ استاد ۽ شاگردن پاران شهيدن کي پيٽا پيش ڪري دعائون گهريون ويون. جهڏو ۾ به پشاور سانحي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال آهي، مختلف اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن ريلي ڪڍي سانحي جي شهيدن لاءِ دعائون گهيون ويون. پشاور جي دهشتگردي واري سانحي خلاف مورو ۾ انجمن حُسيني مورو جي اڳواڻن، شيعا مومنين پاران جمعي جي نماز کانپوءِ مرڪزي امام بارگاھ کان ڪڍي ويو جنهن جي اڳواڻي مولانا علامه دوست محمد منتظري، سيد سجاد علي شاھ، سيد ڪاظم علي شاھ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، سيد ڪوڙل شاھ، سيد آفاق شاھ، سيد اخلاق حيدر شاھ، سيد امام علي شاھ، سيد غضنفر علي شاھ، سيد نذير علي شاھ، سيد محسن علي شاھ، انجنيئر تصور حُسين لغاري، سيد رياض علي شاھ، حاجي علي اصغر سرهيو، ڊاڪٽر الطاف حسين ميمڻ، لياقت علي سرهيو، اطهر علي ميمڻ، آغا جاويد علي سرهيو، آغا فاروق علي سرهيو، سيد ابرار علي شاھ، اسلم امين آرائين ۽ ٻين ڪئي مظاهرو مرڪزي امام بارگاھ حسيني مورو مان ڪڍيو ويو جيڪو مختلف رستن کان ٿيندو مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتو جتي سانحي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ۽ ڌرڻو هنيو ويو جڏهن ته احتجاجي ڌرڻي ۾ شيعا اڳواڻن سميت سڀني مذهبي جماعتن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اسڪول جي شاگردن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هي دردناڪ واقعو آهي

۽ پوري انسانيت جو قتل ٿيو آهي معصوم بي گناھ ٻارڙن جنهن جو انهي جنگ سان ڪو تعلق نه هيو انهن کي بي دردي سان گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، اسان انهن شهيد ٿي ويل معصوم گلڙن جهڙن شاگردن جي شهادت تي تمام گهڻو ڏکارا آهيون ۽ دردمند والدين، مائرن، ڀينرن ڀائرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، پشاور واقعي ۾ ملوث ملڪ سميت تعليم، ڪتاب، قلم جا دشمن آهن اهي دهشتگرد نه ٿا چاهين ته هن ملڪ جو انسان ترقي ڪري اهي دهشتگرد انسان کي غار جي دور ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪو اسان هر گز ٿيڻ نه ڏينداسين هنن چيو ته اهي دهشتگرد خون پياڪ ڄورون ۽ ڳجهون آهن جيڪي اسان جي معصومن جا لاش ڳڙڪائي رهيا آهن ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته جيڪي اهڙن دهشتگردن جي پٺيان هٿ آهن انهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري انهن کي قانون جي دائري ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏئي ڇاڪاڻ ته جيستائين انهن دهشتگرد جون جڙون ختم نه ٿينديون تيستائين اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهندا ۽ اسين سوڳ ملهائيندا رهنداسين، اسان آخر ڪيستائين سوڳ ملهائيندا رهنداسين اسان آخر ڪيستائين تڏا وڇايندا رهنداسين، هوڏانهن مورو شهر جي مختلف اسڪولن ۾ شهيد ٿيل شاگردن استادن جي روحن کي ايثالي ثواب پهچائڻ ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهري وئي ۽ زخمين ۽ شهيد ٿيل وارثن کي صبر ۽ تحمل جي به پڻ دعا گهري وئي. سانحي پشاور جي سوڳ ۾ اڄ به مورو ۾ شهيدن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اصغريه يونٽ مورو پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتي جتي اڳواڻن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي شهيدن جون تصويرون ۽ نعرا لکيل هئا پريس ڪلب اڳيان شهيدن جي ياد ۾ ڏيئا ٻاري دعا گهري وئي، انهي موقعي تي تصور حُسين لغاري، سيد ڪوڙل شاھ، يونس راهو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسلام انسانيت آهي جنهن جو مقصد عدالت جو قيام آهي طالبان جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي اهي اسلام تي داغ آهن، اسان سڀني مظلومن جا حامي آهيون چاهي اهي هندو، عيسائي، قادياني هجن چاهي سياسي ڪارڪن هجن هنن چيو ته اسان پنهنجي اميد ۽ آسرو ڪنهن رياستي اداري کي نه، بلڪ عوام جي ٻڌي ۽ گڏيل جدوجهد کي سمجهون ٿا تنهن ڪري اچو ته گڏجي هن ظلم ستم سان وڙهون ۽ عدالت جي قيام ۽ انسانيت جي بقا جي لاءِ هڪٻئي جو ساٿ ڏيون. جڏهن ته اياز هوشو، رضا حُسين لغاري، عامر علي لغاري، اشفاق باغي، صادق علي ميمڻ، شاهنواز سولنگي، باقر علي ميمڻ، غيبي خان جويو، مهراڻ سنڌي، عبدالوحيد سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شهيدن جي لاءِ ميڻ بتيون ٻاري کين ڀيٽا پيش ڪئي.پشاور سانحي مختلف مذهبي جماعتن مورو شهري امن ڪاميٽي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن طرفان هڪ گڏيل احتجاجي مظاهرو ڪيوويو جنهن جي اڳواڻي وڪيل مير محمد سولنگي، بدر الدين ميمڻ، محمد اسلم امين آرائين، حافظ شمس الدين سرهيو، خادم حسين کوسو، سيد ڪوڙل شاھ، امير علي سرهيو، غلام علي ميمڻ، عبدالحفيظ شيخ، برڪت علي چنا، عزيز چانڊيو، پپو ماڇي، زيڊ انسٽيٽيوٽ جي استادن شاگردن امتياز علي بغدادي، زاهد حسين ڏاهري، شمع ويلفيئر ايسوسئيشن ۽ شمع ڪمپيوٽر سينٽر جي استادن شاگردن نويد رضا مستوئي، سرمد رزاق مستوئي، وحيد رزاق، سهيل احمد، پروفيسر آصف علي، ڊاڪٽر ڪاشف ۽ ٻين ڪئي مظاهرين تاج مسجد مورو کان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي مورو ميڊيا سينٽر اڳيان پهتي جتي پشاور واقعي خلاف سخت نعري بازي ڪندي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پشاور واقعي تي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي ۽ دهشتگرد ظالمن جو معصوم گلڙن جهڙن بارڙن ڪهڙو ڏوھ ڪيو هو ۽ دهشتگرد طالبان نه پر ظالمان آهن ۽ انهي ظلم ۽ دهشتگردي جي جيتري به مذمت ڪجي ته اها گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته ظالمن ايترو ظلم ڪيو آهي جيڪو ڪير به نه ڪندو آهي تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته بنا ڪنهن دير جي هڙن ظالم دهشتگردن خلاف سخت آپريشن ڪري کين نيست نابوت ڪيو وڃي ۽ پڻ اسان انهن شهيد ٿيل معصوم گلڙن جهڙن جي وارثن سان سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون بعد ۾ مظاهرين تاج مسجد مورو پهچي پشاورر سانحي ۾ شهيد ٿيل معصومن جي غائبانه جنازي نماز پڙجهڻ بعد معصومن کي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي

 

سال 2015ع تبديلي جو سال ثابت ٿيندو، امريڪي ٽي وي سيريل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪنديس: پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته سال 2015ع هن لاءِ تبديلي جو سال ثابت ٿيندو. هن چيو ته هوءَ امريڪي پروڊڪشن هائوس اي بي سي جي ٽي وي سيريل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي جنهن لاءِ هن اي بي سي سان معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. هن پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته هوءَ اميد ڪري ٿي ته ايندڙ سال هن لاءِ تبديلي جو سال ثابت ٿيندو. هوءَ ايندڙ سال ڪجهه دلچسپ ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. هن چيو ته هن پنهنجو پروڊڪشن هائوس به کولي ورتو آهي ۽ ايندڙ ۾ پنهنجي ڪم جي انداز، پنهنجي موسيقي ۾ دلچسپ تبديليون آڻيندي جيڪي يقيني طور مداحن کي پسند اينديون. هن تازو ميگزين لانچ ڪيو آهي جنهن جي ٽائيٽل جي هوءِ پاڻ زينت بڻي آهي. ايندڙ سال سندس ريليز ٿيندڙ فلمن ۾ ”دل ڌڙڪني دو”، ”باجي رائو مستاني” ۽ ”مادام جي” شامل آهن. سندس فلمن جي شوٽنگ جلد مڪمل ڪئي ويندي. ياد رهي ته اي بي سي جي مشهور ٽي وي سيريلز ۾ گري ايڪانامي، اسڪينڊل ۽ ماڊرن فيملي شامل آهن.

 

نئين سال ۾ معياري پاڪستاني فلمن کي هٿي ملندي: مصطفيٰ قريشي

لاهور(شوبز نيوز) اداڪار مصطفيٰ قريشي چيو آهي ته 2015ع ۾ وڌ کان وڌ ملڪي فلمن کي هٿي ڏني وڃي، ان سلسلي ۾ ناليواري فلم اسٽار معياري فلمون ٺاهڻ جي شروعات ڪن. اميد آهي ته نئون سال فلم انڊسٽريءَ جي بهتريءَ لاءِ هوندو ۽ پاڪستاني معياري فلمن کي هٿي ملندي.

 

2 سالن کان رڪيل ڪيترن ئي نئين فلمن جي نمائش 2015ع ۾ ٿيندي

لاهور(شوبز نيوز) فلم انڊسٽريءَ ۾ 2 سالن کان رڪيل ڪيترن ئي نئين فلمن جي نمائش 2015ع ۾ ٿيندي، ان سلسلي ۾ هدايتڪار نسيم حيدر جي فلم ”تم ميري هو“ جي فلمساز ڊاڪٽر سجاد احمد ٻڌايو ته منهنجي فلم منفرد ۽ مڪمل آهي، مڪن کي اميد آهي ته فلم عوام کي تمام گهڻي پسند ايندي. ان فلم کان علاوه درجني نئين فلمن جي نمائش جا انتظام ڪيا پيا وڃن.

 

ڪرشمه ڪپور ڪتاب ”دي وي آهيڊ“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ڪرشمه ڪپور ”دي وي آهيڊ“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ اداڪاره ڪرشمه ڪپور ليکڪ تمناسي ايس جو اهو ڪتاب ممبئي ۾ منعقد تقريب ۾ لائونچ ڪيو. ان موقعي تي ڪرشمه جو چوڻ هو ته هن ڪتاب جون ڪجهه سِٽون پڙهيون آهن اهو ڪتاب اهڙو آهي ته توهان روزاني صبح جو هڪ به ورق پڙهي سگهو ٿا. ڪتاب پڙهي زندگيءَ جي حقيقت بابت اصل ڄاڻ ملي ٿي ۽ اڳيان وڌڻ ۾ مدد ملي ٿي. اهي سمورا ماڻهو جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ چاهين ٿا اهو ڪتاب پڙهن. ان موقعي تي اداڪار اميت پڻ ڪرشمه سان گڏ موجود هو.

 

آءِ سي سي ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015ع جو ڪائونٽ ڊائون شروع، 56 ڏينهن باقي

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع جو ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي چڪو آهي. ميگا ايونٽ منعقد ٿيڻ ۾ 56 ڏينهن باقي رهجي ويا. ورلڊ ڪپ جو ميلو 15 فيبروري تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ لڳندو. ڀارت جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. ورلڊ ڪپ ڪائونٽ ڊائون جي 100 ڏينهن واري تقريب گذريل ڏينهن دبئي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ دفعاي چيمپئن ڀارت، پاڪستان، آستريليا ۽ ٻين ٽيمن جي اڳواڻن سميت آءِ سي سي جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ايونٽ ۾ سڄي دنيا مان 14 ٽيمون عالمي ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون، جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.