تازيون خبرون

Daily Archives: December 20, 2014

سياسي ۽ عسڪري قيادت دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو

راولپندي(م.ڊ) حڪومت ۽ فوج، دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته سمورن دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ دهشتگردن خلاف آخري حد تائين وڃبو. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ جــِي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ سوا چار ڪلاڪ اعليٰ سطحي اجلاس جاري رهيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ٻين اعليٰ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي جــِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ملڪي سلامتي سميت دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ اثرائتي حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني. اجلاس دوران وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته سمورن دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ دهشتگردن خلاف آخري حد تائين وڃبو. نواز شريف چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فوج کي مليل ڪاميابيون حوصلو ڏياريندڙ آهن ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

 

عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان ۽ ارشد محمود کي ڦاسي ڏني وئي

فيصل آباد(م.ڊ) جي ايڇ ڪيو ۽ پرويز مشرف ت حملي ۾ ملوث عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان ۽ ارشد محمود کي رات 9 وڳي ڦانسي ڏني وئي، ملڪ ۾ پهرين ڀيرو سزا موت جي ڏوهارين کي رات ڦانسي تي چاڙهيو ويو، عام طور تي مجرمن کي فجر جي وقت سزا موت ڏني ويندي آهي، ان کان اڳ ڏوهارين جا ڊيٿ وارنٽ وصول ٿيندي ئي ڦانسي ڏيڻ جي لاءِ عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان ۽ ارشد محمود کي ڊسٽرڪٽ جيل فيصل آباد منتقل ڪيو ويو هو، جتي ٻنهي قيدين جا آخري بيان رڪارڊ ڪيا ويا ۽ ڊاڪٽرن دهشتگردن جو طبي معائنو مڪمل ڪيو، ذريعن موجب ٻنهي قيدين پنهنجي آخري بيان ۾ چيو ته انهن کي پنهنجي ڪيل فعل تيڪا به پشيماني نه آهي، ڦانسي گهاٽ وٺي وڃڻ دوران ٻنهي جوابدارن الله اڪبر جا نعرا هنيا.

 

دهشتگرد رياست آڏو ڪنڌ جهڪائين ٻي صورت ۾ بدترين انجام لاءِ تيار ٿين: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دهشتگرد رياست آڏو ڪنڌ جهڪائين ٻي صورت ۾ بدترين انجام لاءِ تيار ٿين اها ڳالهه صدر ممنون حسين راولپنڊي ۾ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان جي 48هين ڪانوڪيشن کي خطاب ڪندي ڪئي صدر چيو ته پشاور سانحي اسان کي ڪمزور نه پر دهشتگردي جي خلاف اسان جو عزم مضبوط ڪيو آهي قوم دهشتگردن خلاف وڙهندڙ فوج سان گڏ آهي هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي کان نفرت ڪري ٿي ۽ وطن کي پرامن ۽مستحڪم ملڪ بنائڻ گهري ٿي اسان جي هن قومي عزم جي آڏو ڪائي رنڊڪ نٿي اچي سگهي ۽ اسان جي هن قومي عزم کي ڪوئي ناڪام نٿو بڻائي سگهي صدر چيو ته دهشتگرد رياست جي طاقت آڏو ڪنڌ جهڪائين ٻي صورت ۾ اهي پنهنجي انجام لاءِ تيار ٿي وڃن. صدر ممنون حسين هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو ته هاڻي دهشتگردن جو انجام پري نه آهي صدر چيو ته پاڪستان کي دهشتگردن کان پاڪ ڪري هن ملڪ ۽ خطي کي پرامن ۽ پرسڪون بڻائينداسين. صدر چيو ته پشاور ۾ شهيد ٿيل ٻارڙا ۽ سندن والدين قوم جا محسن آهن. جنهن جي ڪري دهشتگردي خلاف اسان جو عزم اڃا وڌيڪ پختو ٿيو آهي.

 

پشاور سانحي بعد فورسز جون ڪارروايون، 66 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن کي پنهنجو قانون نافذ ڪرڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال لاءِ خطرو بڻجڻ جي اجازت نه ڏينداسين: پرويز رشيد

 

 

خيبر ايجنسي/اسلام آباد(م.ڊ) پشاور سانحي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون، خيبرايجنسي جي مختلف علائقن ۾ فورسز جي ڪارروائي ۽ جهڙپن ۾ 66 دهشتگرد مارجي ويا، پشاور جي دائود زئي واري علائقي ۾ گاڏي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويو، زيارت ۾ فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. خيبرايجنسي جي علائقي تيرا وادي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 32 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد افغان بارڊر طرف فرار ٿي رهيا هئا ته کين ماريو ويو، ڪجهه دهشتگرد سندن لاش ڇڏي فرار ٿي ويا. باڙا ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران چڪريون ٿيون، جنهن ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا.. جمرود واري علائقي ۾ به سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن.. هوڏانهن پشاور جي دائود زئي واري علائقي ۾ هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويو، واقعي بعد دهشتگرد فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻئي طرف بلوچستان جي شهر زيارت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، فورسز جو چوڻ آهي ته دهشتگرد فورسز تي حملن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ ملوث هئا، ٻئي طرف سڌسماءُ جي وفاقي وزير چيو آهي ته پوري سياسي قيادت دهشتگردي کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ جو عزم ڪندي چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي جي خلاف قومي لائحه عمل بابت پارليماني ڪميٽي جي تيار ڪيل سفارشن تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪندي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پوري سياسي قيادت دهشتگردي کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي کي يقيني بنائڻ لاءِ نئين قانون سازي ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز پاران جاري آپريشن ضرب عضب آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو هن چيو ته پشاور سانحي قوم کي متحد ۽ سمورا اختلاف پاسي تي رکي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان دهشتگردن کي پنهنجو قانون نافذ ڪرڻ ۽ پاڪستاني عوام جي جان ۽ مال لاءِ خطرو بڻجڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين.

 

پاڪ افغان سرحد تي ڊرون حملو، 8 ڄڻا مارجي ويا

خيبر ايجنسي(م.ڊ) پاڪ افغان سرحد تي آمريڪا جي حملي ۾ 8 عسڪريت پسند مارجي ويا آهن، ذريعن مطابق ننگربار صوبي جي ڪوٽ گائون ۾ هي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ عسڪريت پسندن جي ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ڊرون حملو زيرو لائن تي ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪ افغان سرحد آهي، جڏهن ته عسڪريت پسندن جي ٺڪاڻي تي 2 ميزائيل فائر ڪيا ويا، ان ڊرون حملي ۾ ڪيترن ئي عسڪريت پسندن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، زخمين مان ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب وڌيڪ فوت ٿيڻ جا به خدشا آهن، عيني شاهدين مطابق حملي کان پوءِ به ڪافي دير تائين 3 ڊرون طيارا فضاءِ ۾ پرواز ڪندا رهيا، واضح رهي ته پشاور  ۾ آرميپبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ حملي کان پوءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف افغانستان جو دورو ڪيو هو جنهن ۾ افغان حڪام سان گڏ عسڪريت پسندن جي خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. آرمي چيف ايساف ڪمانڊ سان به ملاقات ڪئي آهي.

 

سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي نئون هيلي ڪاپٽر خريد ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين جي ماليت جو نئون هيلي ڪاپٽر خريد ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ محمود اختر نقوي جي طرفان هڪ درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت طرفان هڪ ارب 60 ڪروڙ جو نئون هيلي ڪاپٽر امدادي سرگرمين جي لاءِ ورتو پيو وڃي، جڏهن ته 2 هيلي ڪاپٽر پهرين کان موجود آهن. درخواست ۾ چيو ويو ته 2 هيلي ڪاپٽر جي موجودگي ۾ وڌيڪ هڪ هيلي ڪاپٽر وٺڻ جي ضرورت ناهي، درخواستگذار جو چوڻ هو ته ٿر ۾ معصوم ٻار غزائي قلت سبب مري رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت هيلي ڪاپٽر خريد ڪري رهي آهي، جنهن تي عدالت هيلي ڪاپٽر وٺڻ متعلق حڪم جاري ڪندي معاهدي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

 

ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ تائين دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رهندو: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گذريل رات مشرف ڪالوني ڪراچي ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگرد عابد مڇر ۽ ان جي ساٿين جو رينجرز سان مقابلي ۾ مارجڻ واري واقعي کي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي رينجرز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ان ڪارروائي ڪرڻ تي شاباس ڏني آهي۽ انهن جي ان ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي نگراني هيٺ دهشتگردن جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي ۽ ان آپريشن جي دوران وڏيون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن ۽ هن پنهنجي ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت جو اهو ٽارگيٽڊ آپريشن دهشتگردن جي مڪمل خاتمي ۽ ڪراچي ۾ امن جي قيام تائين جاري رهندو ۽ ڪنهن به دهشتگرد ۽ ڏوهاري کي نه بخشيو ويندو ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڪڙي سزا ڏياري ويندي.

 

ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ سنجيده ۽ بامقصد ڳالهين جي وڌيڪ ضرورت آهي: سراج الحق

گوجر خان (م.ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته ميان محمد نوازشريف کي ملڪ ۾ قيام امن لاءِ سمورين سياسي پارٽين مينڊيٽ ڏنو آهي جنهن سان ان جي قائدانه صلاحيتن جي خبر پئجي ويني ته هو ان مينڊيٽ کي ڪهڙي طرح بهتر انداز ۾ استعمال ڪري ٿو ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ پهريان جي ڀيٽ ۾ هاڻي سنجيده ۽ بامقصد ڳالهين جي وڌيڪ ضرورت آهي اهڙن خيالن جو اظهارهن اڳوڻي ايم اين اي راجا محمد ظهير خان مرحوم جي گهرواري جي لاڏاڻي تي ان جي پٽن راجا محمد جواد، راجا حاشر ۽ راجا عمير سان تعزيت کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.

 

ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 400 ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ 95 قيدي ڦاهي جا منتظر

ڪراچي (نمائندن وٽان) ملڪ جي مختلف جيلن ۾ دهشتگري ايڪٽ تحت ڦاهي جي انتظار ۾ ويٺل قيدين کي ڦاهي ڏيڻ جون تياريون شر وع  ڪيون ويون آهن، سنڌ جي مختلف جيلن ۾ موت جي سزا ٻڌايل 520 قيدي ڦاهي جا منتظر آهن. پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل قيدين کي ڦاهي تي لٽڪائڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، ڦاهي گهاٽن جي به جاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت سزا ٻڌايل قيدين کي ڦاهي تي لٽڪايو ويندو. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 400 کان وڌيڪ قيدي ڦاهي جا منتظر آهن، جن مان ڪيترن ئي قيدين جون رحم واريون اپيلون رد ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته حيدرآباد سينٽرل ۾ جيل جي 6 قيدين کي موت جي سزا ٻڌايل آهي. سکر سينٽرل جيل ۾ 95 قيدي ڦاهي جي انتظار ۾ آهن، جن مان 20 قيدي ڪراچي کان منتقل ڪيا ويا آهن. سکر سينٽرل  ۾ موت جي سزا ٻڌايل قيدين مان 7 جو واسطو لشڪر جهنگوي، سپاهه صحابه ۽ جندالله سان آهي، جڏهن ته ڦاهي جي انتظار ۾ ويٺل قيدي جلال الدين موروجا جا 13 ڀيرا بليڪ وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن. لاڙڪاڻي سينٽرل جيل ۾ 19 قيدين کي ڦاهي جي سزا آيل آهي، جڏهن ته 4قيدين جي رحم جي اپيل به رد ٿي چڪي آهي.

 

ممبئي حملي ڪيس جو مرڪزي جوابدار ذڪي الرحمان نظربند

اسلام آباد(بيورو) ممبئي حمله ڪيس جي مرڪزي جوابدار ذڪي الرحمن لکهوري کي نظر بند ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ممبئي حمليه ڪيس جي مرڪزي جوابدار ذڪي الرحمن کي اڍياله جيل ۾ نظربند ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته وفاقي دارالحڪومت جي دهشتگردي جي خصوصي عدالت گذريل ڏينهنذڪي الرحمن لکهوي جي ضمانت جي درخواست منظور ڪئي هئي.