تازيون خبرون

Daily Archives: December 16, 2014

ٿر ۾ ٻارڙا فوت ٿيڻ جو سلسلو وڌيڪ تيز ٿي ويو، وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا

ٿرپارڪر(رپورٽر) ٿر ۾ ٻارڙا فوت ٿيڻ جو سلسلو وڌيڪ تيز ٿي ويو، وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، 75 ڏينهن دوران فوت ٿيلن جو انگ 223 ٿي ويو آهي… مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار 10 ڏينهن جو ٻارڙو ڪملاش فوت ٿي ويو.. ڏيپلو جي ڳوٺ پاڙهو ۾ 2 مهينن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي…… ٿر ۾ حڪومتي بي حسي سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو بدستور جاري آهي، پر حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا کي قهل نه آئي، 223 ٻارڙا فوت ٿيڻ باوجود انتظاميا کي رحم نه آيو…. روزانو ٻارڙا فوت ٿيڻ سبب ٿر ۾ ماتم متل آهي، هر طرف جنازا کڄي رهيا آهن، پر انتظاميا معصوم انساني جانيون بچائڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو. ٿڌ وڌڻ ڪري ٻارڙا وڌيڪ بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن، اسپتالون بيمار ٻارن سان سٿجي ويون آهن، پر صحت جون بهتر سهولتون ڏيڻ توڙي کاڌ خوراڪ جا ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا ويا…

 

پهرين جنوري کان تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ 5 کان 8 رپين تائين لاٿ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)بين الاقوامي مارڪيٽ م تيل جي قيمتن ۾ لاٿ سبب پهرين جنوري کان ملڪ ۾ تيل جي قيمتن ۾ 5 کان 8 رپين تائين لاٿ جو امڪان آهي اوگرا عملدارن مطابق هلندڙ ميهي دوران به عالمي مارڪيٽ م تيل جي قيمتن ۾ مسلسل لاٿ جو رجحان آهي جڏهن ته گذريل ڏينهن عالمي مارڪيٽ م خامتيل جي قيمت گهٽ ٿي 57.81 ڊالر في بيرل ٿي ويئي آهي ذريعن موجب جيڪڏهن هي رجحان برقرار رهيو ته پهرين جنوري کان ملڪ ۾ تيل جي قيمتن ۾ خاص گهٽتائي ٿيندي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ سبب تيل جي قيمتن تي اثر 25 ڊسمبر کان شروع ٿي ويندا.

 

”دل والي دلهنيا لي جائينگي“ ۾ اداڪاري کان پوءِ ڪنهن هيروئن بنائڻ جي آڇ ئي ناهي ڪئي: مندره بيدي

ممبئي (شوبز نيوز) فلم ”دل والي دلهنيا لي جائينگي“ ۾ ڪاجل جي مڳيدي جي شرميلي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره مندره بيدي موجب ان فلم ۾ ڀيڻ جو ڪردار گهڻو پسندو ڪيو ويو هو. ان فلم کان پوءِ کيس مختلف فلمن ۾ڀيڻ جا ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ آڇون ٿيون. مندره موجب هن ڪيترين فلمن ۾ اهي ڪردار قبول پڻ ڪي اپر هو اهڙي ڀيڻ بڻي جو ڪنهن کيس هيروئن بڻائڻ جي آفر ئي نه ڪئي. مندره جيڪا هاڻي 42 سالن جي آهي هن چيو ته هوءَ هاڻي فلم ۾ ڀيڻ جو ڪردار نٿي نڀائڻ چاهي. هن چيو ته هن لاءِ شرميلي ڀيڻ جو ڪردارا اصل زندگي کان بلڪل مختلف هو ڇو ته هو هرگز شرميلي ناهي.

 

بالي ووڊ اداڪار فرحان خان اختر هالي ووڊ جي رابرٽ ڊي نيرو جو مداح نڪتو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو اداڪار فرحان خان اختر هالي ووڊ اداڪار رابرٽ ڊي نيرو جو مداه نڪتو، فرحان اختر پنهنجي تازي انٽرويو ۾ رابرٽ ڊي نيرو سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته هن رابرٽ ڊي نيرو مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ سندس مداح آهي. 40 سالن جي فرحان اختر چيو ته هو اميتاب بچن ۽ ڊي نيرو جو مداح آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هن کي چوائس ڏني وڃي ته هو رابرٽ ڊي نيرو سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيندو.

 

پاڪستاني اداڪار فواد خان ڀارتي ڪرڪيٽر مهندرا سنگهه ڌوني جو ڪردار ادا ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار فواد خان ڀارتي ڪرڪيٽر مهندرا سنگهه ڌوني جو ڪردار ادا ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي. ذريعن موجب مهيش ڀٽ جي ڌي اداڪاره ۽ هدايتڪاره عاليا ڀٽمهندرا سنگهه ڌوني جي زندگي تي فلم ٺاهي رهي آهي. فلم جو اسڪرپٽ لکيو پيو وڃي ۽ ڌوني جي ڪردار لاءِ فواد خان سان رابطو ڪيو ويو ۽ ذريعن موجب هن راضپو ڏيکاريو آهي. بالي ووڊ اداڪار جان ابراهم جيڪو هاڻي فلم پروڊڪشن شروع ڪري چڪو آهي پڻ پنهنجي نئين فلم ۾ فواد خان کي ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ هن سان رابطو ڪيو آهي. ٻئي پاسي فواد خان جي سڄي ڀارت ۾ وڌندڙ مقبوليت سبب فلم ايوارڊ ڏيندڙ ڪمپنين فواد خان کي بڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. خبر آهي ته هو ڪيترن ئي اعليٰ ڀارتي فلم ايوارڊن جي تقريبن ۾ نظر ايندو.

 

راحت فتح علي خان دبئي ۾ صوفي ميوزڪ فيسٽيول ۾ پرفارم ڪندو

دبئي (شوبز نيوز) پاڪستان جو پسنديده گلوڪار ۽ قوال راحت فتح علي خان دبئي ۾ صوفي ميوزڪ فيسٽيول ۾ پرفارم ڪندو. دبئي جيورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ 18 ۽ 19 ڊسمبر تي صوفي ميوزڪ شو منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ راحت علي خان آسڪر ايوارڊ يافته ڀارتي موسيقار اي آر رحمان سان گڏ پرفارم ڪندو. هن سان گڏ ڀارتي گلوڪار مينڌي چوهان هوندو. ذريعن مطابق راحت فتح علي خان ان شو ۾ پنهنجو نئون گانو پيش ڪندو.

 

نيوزيلينڊ جي خلاف ڪارڪردگي شاندار رهي: وجاهت الله

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سليڪشن ڪميٽيءَ جي ميمبر موجاهت الله واسطي چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي خلاف ميچ ۾ قومي رانديگرن جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ ميچن لاءِ پاڪستاني ٽيم کي وڌيڪ جذبي سان ميدان ۾ اچڻ کپي. گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستاني رانديگرن نيوزيلينڊ خلاف ٽين ميچ ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 264 رنسون ٺاهيون. پهرين ستن اوورن ۾ ٻنهي اوپنرن چوڌاري کيڏندي 60 کان به وڌيڪ رنسون ٺاهيون. هن چيو ته ميچ ۾ شاهد آفريدي، شهزاد احمد بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو. وجاهت الله چيو ته سيريز ۾ بالر سعيل اجمل ۽ محمد حفيظ جي کوٽ شدت سان محسوس ٿي رهي آهي. اميد آهي ته رولڊ ڪپ کان پهرين سندن بالنگ ايڪشن ڪليئر ٿي ويندو.

 

سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ستين ون ڊي اڄ کيڏي ويندي

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ستين ون ڊي ميچ (اڄ) اڱاري تي آرپريما داسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ٽيم سريلنڪا کي 7 ميچن جي سيريز ۾ 2-4 جي نتيجي جوڳي سرسي حاصل آهي. واضح رهي ته سريلنڪا سيريز جي پهرين، ٻين، چوٿين ۽ ڇهين ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪري ڇڏي آهي.

 

زرعي يونيورسٽي ۾ 20 ميچ، وٽرنري فيڪلٽي جي ٽيم اعجاز شاهه اليون ڪامياب

ٽنڊوڄام(اسپورٽس نيوز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انٽرفيڪلٽي ٽي ٽوونٽي ڪرڪيٽ چيئمپين شپ جي چوٿين ڪوارٽر فائنل ۾ وٽرنري فيڪلٽي جي ٽيم اعجاز شاهه اليون ڪامياب، سيمي فائنل جا مقابلا موڪلن بعد ٿيندا، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انٽرفيڪلٽي ٽي ٽوونٽي ڪرڪيٽ چيئمپين شپ جا مقابلن ۾ ڪالهه چوٿون ڪوارٽر فائنل وٽرنري فيڪلٽي جي اعجاز شاهه اليون ۽ ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي عرفان جٽ اليون وچ ۾ ٿيو، وٽرنري فيڪلٽي جي اعجاز شاهه اليون ٽاس کٽي پهريون بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 129 رنسون ٺاهيون ۽ بيٽسمين اعجاز شاهه 43 رنسون اسڪور ڪيون، موٽ ۾ ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي عرفان جٽ اليون صرف 87 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، وٽرنري فيڪلٽي جي اعجاز شاهه اليون جي بائولر سردار احمد 7-وڪيٽون ورتيون، اهڙي ريت وٽرنري فيڪلٽي جي اعجاز شاهه اليون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته چئمپين شپ جو پهريون سيمي فائنل سي پي ڊي فائٽرز ۽ آئي ٽي سي هيروز وچ ۾، ٻيو سيمي فائنل سوشل سائنسز ٽائيگرز ۽ ڊي وي ايم جي ڊاڪٽرز اليون وچ ۾ ٿيندو، ٻئي طرف سيمي فائنل ۽ فائنل جا مقابلا يونيورسٽي جي ويڪيشن ختم ٿيڻ بعد ٿيندا.

 

هر حڪومت عوامي حڪومت….! Long Way ۡ وينگس

پاڪستان ۾ هيل تائين جيڪا به حڪومت آئي آهي، اُها عوامي حڪومت آهي، ان ڪري ڪنهن وٽ شڪ جي گنجائش نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ عوامي حڪومت ناهي. هتي آمريت به عوامي حڪمراني ڪندي آهي.

اڄڪلهه پاڪستان ۾ گهڻي خوشحالي آهي، جيڪي واعده مسلم ليگ ن، پيپلزپارٽي يا ٻين پارٽين ڪيا، سڀئي پنهنجن واعدن کي پوري ايمانداريءَ سان نڀائي رهيا آهن. وزيراعظم نواز شريف ڏينهن رات محنت ڪن پيا، جن جو ثبوت ته هو ملڪ ۾ ترسندا ئي ناهن ۽ ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري عوام جي خدمت ڪندا رهن ٿا.

ٻاهرين ملڪن جي دورن سان وڏي تبديلي ۽ عوام جي لاءِ خوشحالي ايندي آهي. ان ڪري ڪجهه ناسمجهه ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ٻاهرين ملڪن جي دورن ڪرڻ ۾ ڪيترو نه فائدو آهي.

صوبائي حڪومتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ درحقيقت ٻين ملڪن کي صوبائي حڪومتن مان سکڻ گهرجي انهن جي محنت ۽ گڊ گورننس ڪري، عوام کي ڪا به تڪليف ناهي.

احتجاج ڪندڙن سان حڪومت جيئن پيش اچي رهي آهي، ڇا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ائين ڪير هيل تائين پيش اچي سگهي ٿو؟ سول نافرماني جي اعلانن کان پوءِ به حڪومت جو اندازِ بيان ٻڌڻ وٽان آهي ته براءِ مهرباني اسان سان ڳالهيون ڪيو.

جيڪي اِهو چون ٿا ته پاڪستان ۾ گڊ گورننس ناهي، اهي ڪنهن ٻئي دنيا ۾ رهن پيا. پاڪستان ۾ هينئر تائين جيڪي به حڪومتون آيون ۽ موجوده وقت ۾ حڪمراني ڪن پيا، اهي سڀئي نج عوامي ووٽ تي آيل آهن ۽ عوامي خدمت ڪري رهيا آهن.

ملڪ ۾ ٿوري گهڻي پريشان آهي، ان قسم جون پريشانيون ٻين ملڪن ۾ به هونديون آهن، جيڪڏهن پاڪستان ۾ پريشاني ٿي ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ هتي مڪمل خوشحالي آهي.

اسان کي حڪومتن تي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي، ڀلي کڻي اسپتالن ۾ آڪسيجن نه هُجڻ سبب ٻارن جي زندگي ختم ٿي وڃي. ٻين نجي اسپتالن ۾ وڃي ڏسو، جتي وڏي فيس ڀري امير طبقو تندرست ٿي نڪري ٿو. ان جو مطلب پاڪستان ۾ بهتر اسپتالون موجود آهن، پوءِ اُهي نجي اسپتالون آهن ته ڇا ٿيو پر آهن ته پاڪستان ۾.

ان ڪري توهان تنقيد ڪندڙن کي اهو ڏسڻ ۽ پڇڻ نه گهرجي ته حڪومتي اسپتالن ۾ سهولتون موجود ڇو ناهن؟ حڪومت بجيٽ رکي آهي ۽ ان جو استعمال به ڪيو ويو آهي. ان جي لاءِ ڪنهن وزير جي علائقي ۾ وڃي ڏسو اتي توهان کي بهترين اسپتال ملي سگهي ٿي.

حڪومت تعليم تي ايترو ڪم ڪيو آهي، ان جي لاءِ لفظ نه ٿا ملن، پر ٻارن کي گهٽيءَ ۾ راند کيڏڻ جي عادت آهي، جنهن ڪري اسڪول خالي نظر اچن ٿا. هاڻي اتي به استاد موجود آهن بس هڪ ڪال ڪري گهرائڻو پوندو آهي. اڪاڻ جو موبائل ڪلچر جو زمانو آهي ۽ موبائل فون کي استعمال به ڪرڻ گهرجي، جنهن ڪري استاد کي فون ڪري به گهرائي سگهجي ٿو. اڃا توهان کي حڪومت بهتر نه ٿي لڳي جو حڪومت ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال به ڪري پئي. ڪير چوي ٿو عوام غريب آهي؟ عمران خان جا ڌرڻا ئي ڏسي وٺو، ڇا اُتي اوهان کي غريب عوام نظر اچي ٿو؟ اهي سڀئي توهان کي ائين لڳندا ڄڻ ڪنهن ميوزيڪل شو ۾ آيا آهن، ان جي باوجود به ميان خان صاحب کي حڪومت کان شڪايتون آهن.

حڪومت ۽ ايجنسين جا ادارا ڪيترا نه جمهوريت پرست آهن، جن اڄ تائين عمران خان جي جلسي خلاف قدم ته پري جي ڳالهه ٿيندي انهن کي دڙڪو به ناهي ڏنو. هاڻي جيڪڏهن بلوچستان مان ماما قدير بلوچ مسنگ پرسنز جي لاءِ لانگ مارچ ڪري اسلام آباد آيو، ان کي جيڪڏهن حڪومت سنجيدگيءَ سان نه ورتو ۽ نه ئي ميڊيا ڪا لائيو ڪوريج ڏني، ڇا ٿي پيو؟ هر هڪ کي ٽائيم نه ٿو ڏئي سگهجي ۽ قانون ۽ آئين به ڪا شيءِ آهي. ان جو ڪنهن نه ڪنهن تي استعمال ٿيڻ گهرجي ۽ حڪومت قانون جو استعمال بلوچن تي ڪندي باقي عمران خان جي ڌرڻن تي قانون جو استعمال ان ڪري نه ٿا ڪريون جو جمهوريت ۾ هر هڪ کي آزادي آهي ته اهي ڌرڻا ۽ لانگ مارچ ڪن.

جمهوريت جو کوڙو ڀلا هر هڪ تي لاڳو نه ٿيندو. حڪومت جمهوريت پرست آهي. عوام کي سال اندر خوشحالي ملي وئي ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڏسو 90 ڏينهن اندر تبديلي اچي وئي.

جنهن ملڪ ۾ امير طبقو آمريت کي جمهوريت سان ڀيٽي ۽ هڪ آمر کي جمهوريت پرست سڏي، اتي توهان کي ڪهڙي شڪايت آهي، توهان کي خوش ٿيڻ گهرجي جو آمريت به جمهوريت جي جڳهه ولاري پئي.

جيڪڏهن ٻين ملڪن ۾آمريت کي عوامي طاقت جي خلاف سمجهن ٿا ته انهن کي پاڪستان جي امير ۽ مفاد پرست ٽولي سان ملڻ گهرجي، انهن وٽ آمريتي تشريح جمهوري انداز سان ٿيل آهي.۽ ميڊيا هتي ايتري آزاد آهي جو توهان کي ڇا ٻڌايون! گلوبٽ کي ميڊيا پوري ڪوريج ڏني، وري توهان چوندؤ ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مسنگ پرسنز تي ميڊيا ڪوريج نه ڏني. توهان سڀئي عقل کان خالي آهيون، ڏسو گلوبٽ جو مسئلو گمشده ماڻهن کان وڌيڪ اهم هو، جيڪو رياست کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ها. گمشده ماڻهن جو ڪيس لانگ ٽرم آهي، ان کي عدالتون ڏسي رهيون آهن. پر ميڊيا مسنگ پرسنز تي هڪ نيوز هلائي هئي، وري به گلوبٽ ۽ عمران خان جا ايشوز قومي ۽ انسانيت تي ٻڌل آهن.

هاڻي انصاف جي ئي ڳالهه ڏسو… توهان مان ڪير به عدالت تي نه ٿو ڳالهائي سگهي پر عمران خان ۽ ان جي ٽيم کي ڏسو هر روز عدالت ۽ اڳوڻي جج تي ڳالهائيندا آهن. ڇا اِها آزادي ناهي!

اڳوڻي آمر مشرف کي ئي ڏسو، آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هجڻ جي باوجود به پنهنجي محل ۾ ترسيل آهي پر اسان جو قانون انتهائي سخت آهي، جيڪڏهن ڪنهن گهٽيءَ ۾ مک به ماري ته ان کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهي ڇڏينداسين، پوءِ ڀل سالن جا سال جيل ۾ هجي ۽ جيستائين وڪيل ڪري پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري تيستائين جيل جي هوا کائي.

اڳوڻي آمر مشرف تي اڃا آرٽيڪل 6 ثابت ٿيو ناهي ۽ ان پنهنجي دور ۾ آئين ئي تبديل ڪيو يا وري جمهوري حڪومت کي غير جمهوري طريقي سان لاٿو، اهو سڀ ڪجهه جمهوريت جي لاءِ ئي ڪيو. جيڪڏهن ڪو شاگرد پنهنجن حقن جي لاءِ آواز اُٿاريندو ته پوءِ رياست پنهنجو قانون لاڳو ڪندي. هاڻي ائين به ناهي جو رياست پنهنجي قانون کي استعمال نه ڪري.

اسان جي ملڪ ۾ حڪمرانن کان وٺي احتجاج ڪندڙ اڳواڻ تائين هر هڪ کي ڏسو توهان کي خوشحال نظر ايندو ۽ جيڪڏهن عوام غريب ٿي پيو ته ڇا ان ۾ قصور حڪمرانن جو آهي؟

ان ڪري توهان سڀئي جيڪي تنقيد ڪري رهيا آهيون، اُها تنقيد فضول ۽ غير جمهوري آهي. توهان کي ملڪ سان پيار ناهي… توهان کي ڏسڻ گهرجي ته ملڪ ۾ نج عوامي حڪومت رائج آهي، جيڪا ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪري پئي. ان قسم جي حڪومت توهان کي ڪٿي به نظر نه ايندي صرف توهان کي پنهنجي مُلڪ ۾ ملندي.