تازيون خبرون

Daily Archives: December 9, 2014

تحريڪ انصاف پاران ڪارڪن جي مارجڻ خلاف پنڊي ايڪسپريس وي ۽ مال روڊ تي احتجاج جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف فيصل آباد ۾ ڪارڪن جي مارجڻ خلاف پنڊي ايڪسپريس وي ۽ مال روڊ لاهور تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، تحريڪ انصاف ڪارڪن جي مارجڻ خلاف پنڊي ايڪسپريس وي تي احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ان حوالي سان مرڪزي اڳواڻن کي به ايڪسپريس وي تي جمع ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي تحريڪانصاف جي ذريعن مطابق ڪارڪنن کيميسج ذريعي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو فوري طور تي ايڪسپريس وي پهچن ۽ اتي ڪارڪن جي مارجڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائن جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وڏي تعداد لاهور جي مال روڊ تي جمع ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر ۽ شفقت محمود ٻين اڳواڻن کي به ايڪسپريس وي پهچڻ جا پيغام موڪلي ڇڏيا آهن جڏهن ته وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب فيصل آباد ۾ راڻا ثناءُ الله جي گهر ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

 

لاهور ۾ اين اي 122 ۾ وڌل ووٽن جي ڳڻپ ۽ انهن جي تصديق جو حڪم

لاهور(م.ڊ) اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 ۾ وڌل ووٽن جي ڳڻپ ۽ انهن جي تصديق جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي لاهور ۾ اليڪشن ٽربيونل جي جج ڪاظم علي ملڪ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 تي عمران خان جي عزرداري جي ٻڌڻي دوران پنهنجي مختصر فيصلي ۾ رٽائرڊ جج غلام حسين اعواڻ جي سربراهي ۾ ڪميشن قائم ڪندي اين اي 122 ۽ ان ئي تڪ بابت صوبائي اسيمبلي تڪ پي پي 147 ۾ وڌل ووٽن جا ٿيلها کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت چيو ته ڪميشن نادرا مان ووٽن جي تصديق کانپوءِ 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪري.

 

فيصل آباد ۾ جيڪو ٿيو ان جي پويان ن ليگ جي وزيرن جو هٿ آهي: شاهه محمود قريشي

لاهور(م.ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي الزام لڳايو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي سرڪاري اهلڪارن مڇرايو ڪارڪنپرامن احتجاج ڪرڻ چاهين پيا اڄ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايندڙ لائحه عمل طئه ڪيوويندو جيڪو ڪجهه فيصل آباد ۾ ٿيو ان جي پويان ن ليگ جي وزيرن جو هٿ آهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته معيشت کي نقصنا حڪومت جي هٺ ڌرمي پهچايو اسان 116 ڏينهن کان ڌرڻي کي پرامن رکيو سنڌ ۾ غوث علي شاهه جو ڪيس به اسان جي ڪيس سان ملندڙ جلندڙ آهي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جا ڪارڪن شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن جيڪو ڪجهه ن ليگ سبب ٿيو هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن کي آنا ۽ ڏنڊا ڏنا ويا منهنجي ڪارڪنن کي اپيل آهي ته پرامن رهن ۽ قانون هٿ ۾ نه کڻن اسان اچي رهيا آهيون.

 

دعويٰ سان چوان ٿو ته مظاهرين تي فائرنگ ڪندڙ شخص جو پوليس يا (ن) ليگ سان تعلق ناهي: رانا ثناءُالله

لاهور (م.ڊ) پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته دعويٰ سان چوان ٿو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي فائرنگ ڪرڻ شخص جو واسطوپوليس يا اسان جي پارٽي سان نه آهي فائرنگ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويندو. فائرنگ ڪندڙ شخص جي فوٽيج تيار ڪئي ويئي ۽ جاچ کان پوءِ جوابدار پي ٽي آءِ جو ڪارڪن ئي ثابت ٿي ويندو. عمران خان فيصل آباد ۾ پنهنجي هڙتال جي ڪال جو حشر ڏسي ورتو آهي دڪان زبردستي بند ڪرائندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي پنهنجي بيان ۽ خانگي ٽِ وي سان ڳالائيندي رانا ثناءُالله خان چيو ته فيصل آباد جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته هو نوازشريف جو سپاهي آهي هڙتال سال اربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو ڇا پي ٽي آءِ جي اها ئي پاليسي آهي.

 

فلم ”شاندار“ ۾ منهنجو ڪردار مزاحيا آهي: سنجي ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سنجي ڪپور چيو آهي ته فلم ”شاندر“ ۾ منهنجو ڪردار مزاحيا آهي. سنجي ڪپور پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته فلم ”شاندار“ ۾ مداحن کي ڪردار پسند ايندو. فلم جي هدايت وڪاسي بيل ڏني اهي. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ اداڪار شاهد ڪپور ۽ عاليه ڀٽ شامل آهن. جنهن جي شوٽنگ جلد مڪمل ڪئي ويندي. فلم جي اهم ڪاسٽ ۾ ارجن ڪپور ۽ سوناڪشي سهنا شامل آهن جڏهن ته اها فلم جلد ئي رليز ٿيندي.

 

اداڪار آفتاب شيو واساني نئين فلم ”ڪيا ڪول هين هم ٿري“ جي ڪاسٽ م شامل

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين فلم ”ڪيا ڪول هين هم ٿري.“ جي ڪاست مان اداڪار رتيش ديش مک کي الڳ ڪري اداڪار آفتاب شيو داساني کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. سڌ سماءَ جي ذريعن موجب پروڊيوسر ايڪتا ڪپور جي نئين فلم ”ڪيا ڪول هين هم ٿري“ ۾ ايڪتا نئين اداڪاره مندانه ڪريمي کي هيروئن طور ڪاسٽ ڪيو آهي. جيڪا هڪ ايراني اداڪاره آهي ڄاڻايل فلم جي شوٽنگ جنوري کان شروع ٿيندي.

 

گلوڪاره حميره چنا ڀارتي فلمن ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز) نالي واري گلوڪاره حميره چنا مقامي فلمن ۾ گانا ڳائڻ کان پوءِ هاڻي ڀارتي فلمن ۾ پنهنجي قسمت آزمائڻ جو فيصل و ڪيو آهي. ان ڏس ۾ حميره چنا ڀارت ۾ پنهنجن ذريعن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. سندس شمار پاڪستان جي مشهور گلوڪارائن ۾ ٿيندو آهي ۽ هن ماضيءَ ۾ ڪيترائي سپر هٽ گانا پڻ مختلف پاڪستاني فلمن لاءِ ڳايا آهن. حميره چنا، اردو، سنڌي ۽ پنجابي زبانن ۾ گيت ڳائي چڪي آهي ۽ هاڻي هوءَ ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائڻ چاهي ٿي.

 

فلم ”پي ڪي“ ۾ نفسياتي مريض جو ڪردار ادا نه پيو ڪيان: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته فلم ”پي ڪي“ م هو نفسياتي مريض جو ڪردار ادا نه پيو ڪري. ميڊيا رپورٽن موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ان فلم ۾ سندس ڪيريئر جو ڏکيو ترين ڪردار هو. هن چيو ته فلم ۾ هو جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ان ۾ هو پنهنجون اکيون ڇمڀي نه ٿو سگهي. ڄاڻايل فلم 19 ڊسمبر تي رلي ٿيندي جنهن کي ووهو ونود چوپڙا پروڊيوس ڪيو آهي جڏهن ته ان جو هدايتڪار راجڪمار هيراني آهي

 

بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائينل ۾ ڀارت کان شڪست تي مايوسي ٿي: طارق اعواڻ

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ڊائريڪٽر طارق اعواڻ چيو آهي ته ورلڊڪپ جي فائينل ۾ پاڪستان ڀارت خلاف بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو پر بدقسمتي سبب ڪاميابي پاڪستان جو مقدر نه بڻي جنهن تي پوري قوم وانگر اسان کي پڻ مايوسي آهي. سومر ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي طارق اعواڻ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ايونٽ جون فيوريٽ ٽيمون هيون، ليگ ميچ ۾ اسان ڀارت کي هارايو پر فائينل ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو. هن چيو ته فيصلائتي مقابلي ۾ ٽاس هارائڻ جي ڪري اسان کي آلي وڪيٽ تي پهرين بيٽنگ ڪرڻي پئي جنهن جو ڀارت کي فائدو مليو.

 

فيڊرل بورڊ انٽر ڪاليجيٽ گرلز ٽينس چيمپيئن شپ (سڀاڻي) شروع ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)فيڊرل بورڊ انٽر ميڊي:ٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جي اهتمام هيٺ فيڊرل بورڊ انٽر ڪاليجيٽ گرلز ٽينس چيمپيئن شپ سڀاڻي اربع واري ڏينهن پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس، اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي. جنهن م فيڊرل بورڊ سان لاڳاپيل ڪاليجن جون رانديگرياڻيون حصو وٺنديون ۽ چيمپيئن شپ جا ڊراز سڀاڻي اربع ڏينهن صبح ساڍي نائين وڳي ڪڍيا ويندا. ايونٽ ڏينهن جو 10 وڳي کان شروع ٿيندو.