تازيون خبرون

Daily Archives: December 8, 2014

اتر وزيرستان ۾ ڊرون حملو، 4 ڄڻا مارجي ويا

اُتروزيرستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ افغان سرحد ويجهو آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا. پاڪستان جي سخت احتجاج باوجود آمريڪا پاران قبائلي علائقن ۾ ڊرون حملن جو سلسلو نه رُڪجي سگهيو. افغان سرحد ڀرسان اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ آمريڪي ڊرون جهاز هڪ گهر تي 2 ميزائل فائر ڪيا،جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويو. حملي بعد به ڊرون جهازن جي اڏامن جو سلسلو جاري هو، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود رهيا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ فوج ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪارروائي دوران القاعده جي اهم سعودي ڄائي ڪمانڊر عدنان الشڪري جمعه کي سندس ساٿيءَ سميت ماريو هو

 

ڊرون حملا ملڪي سرحد جي نقصان ۾ آهن، عالمي سطح تي آواز اٿاريو وڃي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وطن تي ڊرون حملا ملڪي سرحدن جي نقصان ۾ آهن، انهن کي روڪرائڻ لاءِ عالمي سطح تي آواز اٿارڻ جي ضروت آهي، هڪ طرف وطن کي ناڪام رياست بڻائڻ لاءِ سازشون ٿي رهيون آهن ته ٻئي طرف سرحدن جي خلاف وزي جي مشڪلاتن کي وڌايو پيو وڃي، هن اتر وزيرستان دتا خيل ۾ ٿيندڙ ڊرون حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڊرون حملن ذريعي بين الاقوامي اصولن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي،دشمن ان نازڪ حالتن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، مرڪزي ميڊيا سيل موجب هو پارٽي اڳواڻن مولانا عبدالغفور حيدر، محمد امجد خان، مفتي ابرار احمد، محمد اسلم غوري سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪري رهيو هو. مولانا فضل الرحمان چيو ته ان واقعن تي عالمي ادارن سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته هڪ طرف ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آهي ۽ ٻئي طرف ڊرون حملا جاري آهن، ملڪ هن وقت نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، هن چيو ته آءِ ڊي پيز جي باعزت واپسي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

 

بلوچستان ۾ ريلوي ٽريڪ ۽ ٽرينن تي حملن ۾ نمايا گهٽتائي ٿي آهي: سعد رفيق

ڪوئيٽا (م.ڊ) ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته بلوچستان ۾ ريلوي ٽريڪ ۽ ٽرينن تي حملن ۾ نمايا گهٽتائي ٿي آهي ۽ امن جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، گوادر پورٽ کي ريلوي ذريعي ملڪ ۽ چين سان ڳنڍڻ سان ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جو آغاز ٿيندو، اهڙن خيالن جواظهار هن وڏي وزير بلوچستان جي صدارت هيٺ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي، اجلاس ۾ صوبائي وزير عبدالرحيم زيارتوال، مير سرفراز احمد بگٽي، ڊاڪٽر حامد خان اچڪزئي، چيف سيڪريٽري بلوچستان سيف الله چٺا، حڪومت بلوچستان ۽ ريلوي جي اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته بلوچستان ۾ ريلوي ٽريڪ، مسافر ريلون ۽ ٻين تنصيبات تي حملن ۾ نمايان گهٽتائي ۽ ماضي جي نسبت امن جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، هن چي ته ڪٿي حملا ٿيا ته به وڏي وزير ۽ صوبائي حڪومت جلد قدم کڻي، وفاقي وزير چمن ۾ ريلوي ايراضي تي حد دخلين جي خاتمي ۽ لينڊ مافيا خلاف ڪارروائي تي صوبائي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو، اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گوادر کي ڪوئيٽا جي رستي سوڳ پشاور ۽ ريلوي ٽريڪ جي افاديت بابت چين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، هن چيو ته بلوچستان ۾ 32 ريلوي ڪرانسگ اهڙا آهن جتي ڪو به فاٽڪ نه آهي، جيڪڏهن فاٽڪن کي باقائده بڻايو وڃي ته حڪومت بلوچستان پنجن سالن تائين ان جا خرچ برداشت ڪري ان کانپوءِ ريلوي وزارت ان جا خرچ برداشت ڪندي.

 

حڪومت ڳالهين جي حوالي سان اڃا تائين رابطو ناهي ڪيو: شيرين مزاري

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف سڀاڻي فيصل آباد ۾ هر صورت ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پارٽي ترجمان شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته حڪومت ڳالهين جي حوالي سان اڃا تائين رابطو ناهي ڪيو، جيڪا حڪومتي سنجيدگيءَ تي سواليه نشان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ شيرين مزاري چيو ته تحريڪ انصاف هر صورت ۾ احتجاج ڪندي، سندن احتجاجي تحريڪ پــُرامن آهي. هن چيو ته دٻاءُ نه هجي ته حڪومت پنهنجي ڳالهه تان لنوائي ويندي آهي جن اشوز تي اتفاق ٿي چڪو هو ان کان اڳتي وڌڻ گهرجي. شيرين مزاري چيو ته ڌانڌلي جي جاچ لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ آزاد جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ تسليم ڪندي.

 

ويرات ڪوهلي سان تعلق خفيا نه آهي: انوشڪا شرما

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي انوشڪا شرما چيو آهي ته ان جو ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي سان تعلق ڳجهو نه آهي، جڏهن ته هو ان باري ۾ عوام جي اڳيان ڳالهه ڪرڻ نٿي چاهي، انوشڪا هڪ انٽرويو دوران چيو ته ڪير به ڳالهين کي لڪائي نٿو سگهي، اسان پنهنجي زندگي معمول موجب گذاري رهيا آهيون، بس ان تعلق جي باري ۾ ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسان تفريح خبرن جو موضوع نه آهيون، جيڪڏهن توهان اسان کي گڏ ڏسو ٿا ته اسان نه لڪنداسين پر ان باري ۾ ڳالهه نه ڪنديس.

 

منهنجي نظر امتياب بچن دليپ ڪمار کان بهتر اداڪار آهي: نصير الدين شاهه

ممئبي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار امتياب بچن پاڻ دليپ ڪمار جي اداڪاري جو زبردست مداح آهي ۽ ان کي اداڪاري جو ادارو چوندو آهي، جڏهن ته بالي ووڊ ۾ پنهنجي اداڪاري لاءِ معروف اداڪار نصير الدين شاهه جو چوڻ آهي ته ان جي نظر ۾ امتياب بچن دليپ ڪمار کان به بهتر اداڪار آهي، ڀارتي اخبار سان ڳالهائيندي نصير الدين شاهه چيو ته منهجي خيال ۾ امتياب بچن دليپ ڪمار کان بهتر اداڪار آهي، ڇو ته هڪ آرٽس جي طور تي هڪ سپر اسٽار جي طور تي ان جي وڏي ۽ ڊگهي اننگز رهي آهي، ٻئي اداڪاري جا اسڪول آهن، پر امتياب بهتر آهي.

 

سوناڪشي سنها، اداڪار ريتڪ روشن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهشمند

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سوناڪشي سنهاا، ريتڪ روشن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ هن يو ته هوءَ ريتڪ روشن سان ڪم ڪرڻ لاءِ بيتاب آهي. ن جي خواهش آهي ته هوءَ ريتڪ سان ڪنهن فلم ۾ ڪم ڪري. هن چيو ته هن ڪيريئر دوران سلمان خان، اجي ديوگن ۽ اڪشي ڪمار سان گڏ ڪم ڪيو آهي. پر سندس خواب آهي ته هوءَ ريتڪ سان گڏ ڪم ڪري ڇو ته ساڻس گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ هن لاءِ وڻندڙ تجربو هوندو.

 

فيس بڪ تي اميتاڀ بچن جي مداحن جو انگ 18 ڪروڙ ٿي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن جي فيس بڪ تي مداحن جو انگ 18 ڪروڙ ٿي ويو آهي. اميتاڀ بچن سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس فيس بڪ ۽ ٽوئٽر تي پنهنجي مداحن جو ٿورو مڃيندي مداحن کي چيو ته کيس خوشي آهي ته ايڏي وڏي انگ ۾ سندس چاهيندڙ موجود آهن. واضح رهي ته اميتاڀ بچن سماجي ويب سائيٽس تي فلمي زندگي، پنهنجن خيالن ۽ تجربن بابت مداحن کي آگاهه ڪندو رهندو آهي

 

پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ پنجن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جو آغاز اڄ ٿيندو

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز جو آغاز اڄ سومر تي ٿيندو، ميچ ڊي اينڊ نائيٽ ۽ پاڪستاني وقت موجب شام چار وڳي شروع ٿيندو، پاڪستاني ٽيم جي قيادت مصباح الحق ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ احمد شهزاد، اسد شفيق، بلاول ڀٽي، هارس سهيل، محمد حفيظ، محمد عرفان، ناصر جمشيد، سرفراز احمد، شاهد آفريد، سهيل تنوير، عمر اڪمل، عم گل، وهاب رياض، يونس خان ۽ ذوالفقار بابر شامل آهن، نيوزي لينڊ جي قيادت ڪين بيليمسن ڪندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمارات جون وڪيٽون آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ کان مختلف آهن، اسان کي پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻي پوندي ۽ تلسلس سان ميچون کٽيون پونديون، هن چيو ته يونس خان اسان کي پنهنجي مفيد تجربي مان فائدو پهچائي سگهيو ٿو، مصباح اشارو ڏنو ته ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان سرفراز احمد بدران اسپيلشلسٽ اوپنگ جوڙي احمد شهزاد ۽ محمد حفيظ سان ميدان ۾ لهندي.

 

پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ پنجن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جو آغاز اڄ ٿيندو

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز جو آغاز اڄ سومر تي ٿيندو، ميچ ڊي اينڊ نائيٽ ۽ پاڪستاني وقت موجب شام چار وڳي شروع ٿيندو، پاڪستاني ٽيم جي قيادت مصباح الحق ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ احمد شهزاد، اسد شفيق، بلاول ڀٽي، هارس سهيل، محمد حفيظ، محمد عرفان، ناصر جمشيد، سرفراز احمد، شاهد آفريد، سهيل تنوير، عمر اڪمل، عم گل، وهاب رياض، يونس خان ۽ ذوالفقار بابر شامل آهن، نيوزي لينڊ جي قيادت ڪين بيليمسن ڪندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمارات جون وڪيٽون آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ کان مختلف آهن، اسان کي پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻي پوندي ۽ تلسلس سان ميچون کٽيون پونديون، هن چيو ته يونس خان اسان کي پنهنجي مفيد تجربي مان فائدو پهچائي سگهيو ٿو، مصباح اشارو ڏنو ته ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان سرفراز احمد بدران اسپيلشلسٽ اوپنگ جوڙي احمد شهزاد ۽ محمد حفيظ سان ميدان ۾ لهندي.