تازيون خبرون

Daily Archives: December 4, 2014

ڊيل ڪري نه پيو وڃان، جلد واپس اچي هن نظام خلاف جدوجهد ڪندس: طاهر القادري

لاهور (م.ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڊآڪٽر طاهرالقادري گذريل صبح علاج جي لاءِ لاهور کان آمريڪا روانو ٿي ويو رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجي رهائشگھاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته علاج کان پوءِ بنا دير پنهنجي عوام وچ ۾ هوندس ۽ انقلاب جو سفر واپس اچي اتان ئي شروع ڪندس جتان ڇڏي وڃي رهيو آهيان. ڪارڪن پنهنجو حوصله بلند رکن ۽ قوم مون کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکي هن چيو ته پاڪستان عوامي تحريڪ جنهن جدوجهد ۾ شامل نه ٿيندي ڪابه جدوجهدان نظام کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿي ٿي سگهي ان لاءِ تمام پارٽيز ۽ تمام قوتن کي ملي گڏيل پليٽ فارم تان ڪوششون ڪرڻيون پوندون هن ماڊل ٽائون سانحي ۽ حڪومتي جي رويي جي حوالي سان تفصيل سان ڳالهائيندي چيو ته ميان نوازشريف ۽ شهبازشريف ڪنهن دوکي ۾ نه رهن اسان اها ڳالهه تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون جو ان جي حڪم ۽ اجازت جي بغير پوليس 12 ڪلاڪن تائين معصوم شهرين تي گوليون هڻي يا لاشون ڪيرائي. 17 جون جي سانحي جي حوالي سان ڪنهن قسم جو ڪمپرومائيز جو تصور کي به شهيدن جي خون سان بيوفائي ۽ غداري سمجهون ٿا ڊيل جون افواهون غلط آهن افواهون ڦهلائيندڙ الله کان معافي وٺن هن چيو ته جيستائين ماڊل ٽائون سانحي جي جڊيشل ڪميشن جي انڪوائري رپورٽ شايع نه ٿيندي ۽ مقتولن جي وارثن جي تاعيد واري جي آءِ ٽي نٿي ٺهي حڪومت جي ڪنهن به تحقيقاتي تماشي جو حصو نه بڻجنداسين. هن 1990 جي قاتلاڻي حملي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان وقت به چيو ويو هو ته اهو ٻڪري جو خون آهي. جيڪڏهن اهو ٻڪري جو خون هو ته پوءِ رپورٽ کي اسان جي خلاف استعمال ڇو نه ڪيو ويو اسان کي بدنام ڪرڻ جو حڪومت وٽ ان کان وڌيڪ سٺو موقعو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو واقعي ٻڪري جو خون هو ته رپورٽ جون ڪاپيون ميڊيا کي ڇو نه ڏنيون ويون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايئر ايمبولنس ڏيڻ جي خبر ٻين افواهن وانگر هڪ افواهه هئي حڪومت اهڙي پيشڪش ڪري به ته قبول نه ڪيان ها. ڌرڻي دوران حڪومت سان جيتريون به ڳالهين جا دور ٿيا ڊيل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر ڪنهن هڪ موقعي تي به ڪنهن حڪومتي ميمبر کي ڊيل تي ڳالهه ڪرڻ جي جرئت به نه ٿي سگهي ايئرپورٽ تي ان کي ڊاڪٽر حسن محي الدين، ڊاڪٽر حسين محي الدين خرم نواز گنڊاپور، شاڪر مزاري، مخدوم نديم سميت عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ ان کي الوداع ڪيو.

 

آصف زرداري پاران حڪومتي ۽ پارٽي معاملن ۾ مداخلت تي بلاول ڀٽو ناراض

لاهور(م.ڊ) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداراي هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي جا معاملا پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيا آهن بلاول ڀٽو زرداري اختلافن کانپوءِ پاڻ ئي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي جڏهن ته سندس طبيعت خراب نه آهي، پيپلز پارٽي جي ويجهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته بلاول ڀٽو جي ناراضگي کانپوءِ آصف زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر معاملا پاڻ ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن حڪومتي ۽ پارٽي معاملن ۾ تمام گهڻي مداخلت تي بلاول ڀٽو ناراض آهي، بلاول ڀٽو زرداري بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي نائن زيرو جي دوري ۽ اعلانن تي به سخت ڪاوڙيل آهي بلاول ڀٽو زرادري اختلافن کانپوءِ پاڻ ئي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي ويجهن ساٿين سندس اختلافن جي تصديق ڪري ورتي آهي.

 

خيبر ايجنسي مان 8 دهشتگردن جا لاش مليا، علائقي ۾ خوف

خيبرايجنسي (م.ڊ) خيبرايجنسي ۾ 8 دهشتگردن جون لاشون مليون آهن جنهن سان علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي هنگو ۾ دڪان مان نصب بارودي مواد جي ڌماڪي سان 3 دڪان تباهه ٿي ويا ذريعن موجب خيبر ايجنسي جي تحصيل باڙه ۽ ارڪزئي ايجنسي جي سرحدي علائقي اڪاخيل جي ويجهو 8 دهشتگردن جون لاشون مليون آهن تمام ماڻهن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي انهن جو تعلق ڪالعدم لشڪر اسلام سان آهي. لاشن کي سيڪيورٽي فورسز جمرود بلويز سينٽر ۾ منتقل ڪيو ويو پوليٽيڪل انتظاميه جي اهلڪار ٻڌايو ته لاشون تيره ۾ اورڪزئي ايجنسي جي سرحد ويجهو اڪاخيل ۾ پيون هيون جن جون عمرون 28 کان 40 سالن جي وچ ۾ ٻڌايون وڃن ٿيون. گذريل ڏينهن به اڪاخيل ۾ 50 کان 60 دهشتگردن سيڪيورٽِ فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو هو جوابي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

 

ڪراچي: سچل ۽ منگهو پير ۾ مقابلا، 2 ٽارگيٽ ڪلرز سميت 6 ڏوهاري مارجي ويا ، هڪ عورت قتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۽ منگهو پير جي علائقن ۾ مقابلن دوران ٻن ٽارگيٽ ڪلرز سميت 6 ڏوهاري مارجي ويا، مومن آباد ۾ رڪشا تي فائرنگ ۾ عورت مارجيوئي. ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ ڏوهارين جي موجودگي جي اطلاع تي وڏن پوليس اٽالن پهچي علائقي جو گهيرو ڪيو، علائقي ۾ موجود ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مبينا مقابلو ٿيو جنهن ۾ پوليس 4 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻئي طرف منگهو پير جي علائقي ۾ مبينا مقابلي ۾ 2 ٽارگيٽ ڪلرز مارجي ويا جن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. هوڏانهن مومن آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن رڪشا تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن ۾ هڪ عورت مارجي وئي، لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

هيووائي پاران اسمارٽ فيبلٽ Ascend Mate 7 پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ويو

ڪراچي(پ ر) هيووائي عالمي ٽيڪنالوجي جي ليڊر آهي جنهن پاڪستان ۾ پنهنجي نئين طاقت ۽ اسمارٽ فيبلٽ Ascend Mate 7 کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو آهي. هيووائي Ascend Mate 7 ۾ پهريون ڀيرو فنگر پرنٽ سنسر ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي آهي ان سنگل ٽچ ٽيڪنالوجي ذريعي استعال ڪرڻ وارن کي هڪ سيڪنڊ کان گهٽ وقت ۾ ان جي سمورن آپريشنن کي کولڻ جي سهولت ميسر هوندي. ان موقعي تي جناب جيائو جيان، صدر هيووائي ڊيوائيسز بزنس گروپ مڊل ايسٽ چيو ته اسان جي هن خطي ۾ پنهنجي تيز ترين ۽ جديد ترين وڏي اسڪرين سان گڏ Ascend Mate 7   کي جلد ئي وڏي مقبوليت حاصل ٿيندي سمارٽ فون اسان جو عهد Make it Possible جي عين مطابق آهي

 

آئيڊياز 2014ع جي ٽين ڏينهن به پي او ايف اسٽال تي ملڪي ۽ غير ملڪي وفدن جو تعداد موجود رهيو

ڪراچي(پ ر) ڪراچي ۾ جاري آئيڊياز 2014ع جي ٽين ڏينهن به پي او ايف اسٽال تي ملڪي ۽ غير ملڪي وفدن جو تعداد موجود رهيو غير ملڪي وفد پاڪستاني دفاعي مصنوعات خاص ڪري پي او ايف جي مصنوعات “پي او ايف آئي“ ۽ “ رائفل عزب“ ۾ گهري دلچسپي ورتي، چيئرمين پي او ايف بورڊ ليفٽننٽ جنرل محمد احسن محمود هلال امتياز ملٽري ان اميد جو اظهار ڪيو ته آئيڊياز 2014ع پي او ايف لاءِ منفعت بخش ثابت ٿيندو ۽ پي او ايف پنهنجي مصنوعات برآمد ڪري ڪثير ملڪي ناڻو ڪمائندي جنهن سان ملڪي معيشت کي استحڪام ملندي پي او ايف چيئرمين ٻڌايو ته پي او ايف پاڪستان جي مسلح افواج جي اسلحي ۽ گوله بارود جي سئو سيڪڙو ضرورتن کي پورو ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي پيدواري صلاحت کي برآمد به ڪري رهيو آهي آئيڊياز 2014ع پي او ايف کي پنهنجي اٺين نئي مصنوعات متعارف ڪرائڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ اسان کي اميد آهي ته پي او ايف جي هن نمائش ذريعي وڌيڪ نوان خريدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.

 

استادن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب اڪثر تعليمي ادارا عوام کي لاڀ ڏئي ناهن سگهيا: اختر برهماڻي

Picture1دادو(رپورٽ: اصغر ملاح) پائيليٽ هاءِ اسڪول دادو جو استاد اختر برهماڻي چوي ٿو اسان دادو شهر جهڙي ماحول ۾ رهون ٿا اتي وڏا وڏا تعليمي ادارا ته آهن پر اهي صحيح طريقي سان ورڪ نه پيا ڪن ان جا ڪيترائي سبب آهن جن مان هڪ سبب اهي به آهي اڪثر استاد پنهنجو کيسو ڀرڻ جي چڪر ۾ ڪيلجن اسڪولن ۾ صحيح ڊوٽيون سرانجام نه ٿا ڏين سنڌ جي تعليم جي سرڪريٽري تعليم جي ڀلائي بهتري واڌاري لاءِ کنيل قدمن مان ڪيترائي قدم بهتر آهن جيڪر سنڌ سميت دادو ضلعي جي تعليمکي نڌڻڪو ڇڏي ڏيبو ته هر هڪ استاد پنهنجا ڊاتي ڪاروبار ڪندو ته تعليمي ادارا تباهه ٿي ويندا هنن ادارن کي تباهه ٿيڻ کان ڪير بچائيندو سنڌ جو ٻيو نمبر وڏي ڪاليج عوامي شاعر استاد بخاري جي نالي سان منسوب استاد بخاري ڊگري ڪاليج جي حالت ايتري خراب ٿي وئي آهي جنهن تي جيترو به ڳالهائجي ايترو گهٽ آهي استاد بخاري ڊگري ڪاليج سميت دادو جي ٻين تعليمي اداران کي صفا زيرو تي پهچايو ويو آهي هتي ڪيترن ئي ٽوشن سينٽرن ۾ استاد صبح کان شام تائين وڏين فيسن عوض شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم ڏين ٿا آءِ ان ڳالهه جي خلاف آهن ته اسڪول ٽائيم تي ٽوشن سينٽر نه هلڻ گهرجن دادو شهرين سڄاڳ ڏرين پاران احتجاج ٿيڻ باوجود اهي پرائوٽ ٽوشن بند نه ٿا ٿين افسوس سان چوڻو پوي ٿو دادو ضلعي جي مختلف اسڪول ڪاليجن ۾ شاگردن جي حاضري ته آهي پر استاد شاگردن کي صحيح خريقي سان اڪثر تعليم نه ٿا ڏين اهي سبب آهي جو ڪيترائي شاگرد تعليم پرائڻ ڇڏي ڏين ٿا، جڪا ڳالهه لمحفڪر آهي سڀني خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي صرورت آهي آٰ دادو واسين کي اپيل ڪندس ته اوهان اسڪولن ۾ وڃي پنهنجي ٻارن جي سار سنڀال لهڻ سميت استادن سان رابطي ۾ رهن، ته تعليم ۾ بهتري اچي سگهي ٿي اڃا ڪيترائي باضمير استاد آهن جيڪي چاهن ٿا، ته سنڌ سميت دادو ضلعي جي تعليم کي بچائڻ چاهن ٿا،آءِ پراميد آهيان.

 

ڏيڍ سال کان استاد اختر برهماڻي جي ٽيوشن سينٽر ۾ مفت تعليم پرائي رهي آهيان: مونا منگي

دادو: استاد اختر برهماڻي جي ڪيڊٽ ڪائونسلنگ ڪلب جي نالي سان مفت ٽوشن سينٽر ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردياڻي مونا مجيد منگي ٻڌائي ٿي مون کي هن ٽوشن سينٽر ۾ تعليم حاصل ڪندي ڏيڍ سال ٿيو اهي ڏيڍ سال کان وٺي مفت ٽوشن وٺندي آهيان دادو ۾ پرائويٽ ٽوشن سينٽرن تي صرف امير ماڻهن جا ٻار ٽوشن وٺي سگهن ٿا مون کي فڪر آهي جيڪو اسان جي ملڪ سميت سنڌ ۽ دادو ضلعي جي عوام لاءِ مثال آهي ته گورمينٽ هاءِ اسڪول ۾ استاد اختر برهماڻي غريب شاگرد ۽ شاگردياڻين کي مفت تعليم ڏئي روشن دادو روشن سنڌ ۽ روشن پاڪستان ڏانهن وک وڌائي رهيو رهيو آهي.

 

سرڪاري اسڪولن مان نااميد تي استاد اختر وٽ مفت ٽيوشن ورتي، هاڻي پر اميد آهيان ته خواب ساڀيان ٿيندا، والدين جي آس به پوري ٿيندي ڏسان پيو: جمشيد هنڱورو

دادو: جمشيد علي هنڱورو شاگرد ٻڌائي ٿو ته ڪيڊٽڪائونسلنگ ڪلب جتي مفت ٽوشن ڏني ويندي آهي اسان کي پنهنجن مقصدن حال ڪرڻ لاءِ استاد اختر برهماڻي ڏيڍ سال کان شام جو روزانو مفت معياري تعليم ڏئي رهيو آهي اميد اسان جا خواب سچا ٿيندا پنهنجي خوابن کي سچو ڪرڻ لاءِ تعليم حاصل ڪري رهيا آهيون استاد اختر برهماڻي دادو جو سهڻو ڪردار آهي جيڪو شاگرد ۽ شاگردياڻين کي مفت ٽوشن ڏئي ٿو هن مطالبو ڪيو ته دادو ضلعي جي تعليمي ادارن کي بهتر ڪرڻ لاءِ بهتر قدم کنيا وڃن ته هر هڪ بنا فرق جي تعليم حاصل ڪري سگهي

 

عمائمه ملڪ جي ڪاميابين جو سلسلو زور شور سان جاري،بريڪ ٿرو ايوارڊ سان نوازيو ويو

دبئي (شوبز نيوز) مصالحه ايوارد 2014ع جي رنگين شام ۾ عمائمه ملڪ کي نه رڳو بهترين بريڪ ٿرو ايوارڊ سان نوازيو ويو پر بالي ووڊ هٽ نمبرن تي جنهن ۾ هن فلم ”راجا نٽور لال“ جا گيت به شامل هئا، انرجيءَ سان ڀرپور پرفارمسن ڏئي هن ماحول کي گرمائي ڇڏيو، ماڊل ۽ اداڪارا عمائمه ملڪ جي ڪاميابين جو سلسلو زور شور سان جاري آهي ۽ جاندار ايڪٽنگ تي ڪيترائي ايوارڊ ميڙيندڙ عمائمه ملڪ پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي نئون ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو، ”مصالحه ايوار 2014ع جو بهترين پرفارمر ايوارڊ به پنهنجي نالي ڪيائين. عمائمه ملڪ پنهنجي چونڊ کي صحيح ثابت ڪيو ۽ اهڙي ڌماڪيدار پرفارمنس ڏنائين جو پورو وينيون تاڙين سان وڃي ويو.

 

ادريس عادل پاڪستان ۽ ڀارت جي مشهور گانن تي ٻڌل وڊيو تيار ڪري ورتي

لاهور(اسپورٽس نيوز) هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ادريس عادل اداڪار راجه طارق ۽ ڪيترين ئي ماڊلز سان گڏ پاڪستان ۽ ڀارت جي مشهور گانن تي ٻڌل وڊيو تيار ڪري ورتي. ان وڊيو کي مختلف ٽي وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي رليز ڪيو ويندو. ادريس عادل ٻڌايو ته راجه طارق جي شڪل ليجنڊ اداڪار محمد علي سان ملي ٿي ۽ سندس تعلق جهلم شهر سان آهي. هن وڏي محنت سان پنهنجي پسنديده اداڪار محمد علي جي مٿان پڪچرائز ڪيل گانن جي وڊيو ٺهرائي.

 

فلمسٽار ريشم چوٿون ڀيرو شادي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز) فلمسٽار ريشم چوٿون ڀيرو شادي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هو گذريل 4 سالن کان پنهنجي مرضي جو مڙس ڳولي رهي هئي ان کان پهرين هن فرانس ۾ رهندڙ هڪ فيشن ڊزائنر محمود ڀٽي سان دوستي ۽ شادي جي خواهش ظاهر ڪئي پر اها خواهش پوري نه ٿي سگهي. ان دوران هر سال ريشم خبرن ۾ شادي جي حوالي سان ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندي رهي آهي. جڏهن ته هن سال 2015ع کي شادي جو سال قرار ڏنو آهي.