تازيون خبرون

Daily Archives: December 3, 2014

ڀارت سان ڳالهين جي عمل ۾ فوري اڳڀرائي جو امڪان ناهي: پرڏيهي صلاحڪار نه آهي: سرتاج عزيز

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي پرڏيهي مشير سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت سان ڳالهين واري عمل ۾ جلد اڳڀرائي جو ڪوئي امڪان نه آهي ڳالهيون ڀارت ختم ڪيون شروع به ان ئي کي ڪرڻيون آهن ڌرڻن ۽ احتجاجي سياست سان سرمائيڪاري ۾ گهٽتائي آئي آهي اميد آهي ته ٻن کان چار هفتن۾ ملڪ سياسي استحڪام طرف ويندو. اڱاري تي پاڪستان سوسائٽي آف ڊيولپمينٽ جي سالياني اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي مشير سرتاج عزيز چيو ته ڀارت ڪشمير جي معاملي کي دهشتگردي سان ملائي اصل مسئلي تان توجهه هٽائڻ چاهي ٿي ڀارت سان ڳالهين ۾ جلد اڳڀرائي جو ڪوبه امڪان نه آهي.

 

ڳالهين وسيلي موجوده سياسي صورتحال جو حل چاهيون ٿا: اسحاق ڊار

اسلام آباد(بيورو) خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڳالهين وسيلي موجوده سياسي صورتحال جو حل چاهيون ٿا جمهوريت ۾ ڪڏهنبه ڳالهين جا دروازا بند ناهن ٿيا اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڌرڻن ۽ ٻوڏ سبب معيشت کي نقصان پهتو چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي جي چونڊ لاءِ اپوزيشن ليڊر سان رابطي ۾ آهيون مقرري 5 ڊسمبر کان پهريان ٿي ويندي.

 

الطاف حسين جي عزت ڪيون ٿا، اسان جي به عزت ڪئي وڃي: جهانگير بدر

لاهور(م.ڊ) پيپلزپارٽي جي اڳوان جهانگير بدر چيو آهي ته اسان الطاف حسين جي عزت ڪريون ٿا اسان جي قيادت جي به عزت ڪئي وڃي بلاول هائوس لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي تقريب کي خطاب ڪندي جهانگير بدر جو چوڻ هو ته ڪابه پارٽي اسان جي ليڊر جي عزت نه ڪندي ته اسان ڪارڪنن کي اجازت ڏيندس ته هو جواب ڏين عدالت ۾ وڃڻ الطاف حسين جو حق آهي هو عدالتن ۾ وڃي اسان به عدالتن ۾ وينداسين پوءِ اهو پاڪستان هجي يا لنڊن.

 

تحريڪ انصاف ڳالهين لاءِ تيار ويٺي آهي: جهانگير ترين

ملتان(م.ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ تيار ويٺ آهي شهر بند ڪرڻ جو مقصد حڪومت تي دٻاءُ وجهي ان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ آهي اليڪشن ٽربيونل ملتان ۾ ٻڌڻي هيٺ ڌانڌلي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ پيشي کان پهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته ڌانڌلي جي جاچ ۾ ڪوبه مسئلو نه ٿيڻ گهرجي.

 

ٽائون آفيسر جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب ڦلجي شهر ڌپ جو مرڪز بڻجي ويو. ڪروڙين روپين جي مشينري ناڪارا، شهرين جون دانهون بڻجي وئي

Picture5دادو(رپورٽ اصغر ملاح ) ڦلجي ٽائون آفيسر جي بي ڌياني لاپرواهي سبب ڦلجي شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري سڄوشهر بدبو دار بڻجي ويو ڪروڙين روپين جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻجي ويو گٽرن جو پاڻي روڊن مٿان وهڻ لڳو شهرين جو اچڻ وڃڻ تمام ڏکيو بڻجي ويو نالين جو پاڻي شهر جي صادق آباد محلا آرائين محلا ڏاوڇ لنڪ روڊ ۽ ٻين پاڙن ۾گندگي جو آزار آهي گندي پاڻي جي نيڪال جي نالي نه هئڻ جي ڪري گهرن جو گندو پاڻي روڊن تي بيهجي وڃي ٿو دڪاندارن دانهيو ته گنديپاڻي جي نيڪال نالي نه هئڻ سبب گندو پاڻي بيهي ٿو، اسان جو ڪاروبار پڻ متاثر ٿئي ٿو، اسان ڪيترائي ڀيرا ڦلجي ٽائون آفيسر اڳيان دانهيو آهي.

 

ڦلجي دادو ميونسپل جي سب آفيس آهي، 13 ماڻهن تي ٻڌل عملو آهي، فنڊن جي کوٽ سبب مسئلا وڌي رهيا آهن: ٽائون آفيسر

دادو: ميڊيا پاران رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر ڦلجي نظير احمد ڏهيو ٻڌايو ڦلجي شهر دادو ميونسپل جي سب آفيس آهي جتي 13 ماڻهن جو عملو موجود آهي پوءِ به ٻن ٽن محلن کانسواءِ ڦلجي شهر جي صفائي دادو شهر کان وڌيڪ بهتر آهي هن چيو ته آءِ ڦلجي شهر سميت پيارو ڳوٺ رڪڻ ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بهتر ڪرڻ لاءِ عملي سميت پهچندو آهيان، مون کي سرڪار فنڊن ۽ عملي جي سخت ضرورت آهي هن چيو ته ڊيزل مشين خراب ٿي وئي، جنهن کي 6 هزار روپين عيوض درست ڪرائي جنهن جا اڄ ڏينهن تائين پئسا نه مليا آهن دادو ميونسپل پاران ٽئين چوٿين ڏينهن 20 کان 30 ليٽر ٻن ميشينن لاءِ ملندو آهي جيڪو هر وقت گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ هلنديون آهن، ڇو ته ڦلجي ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار آهي لوڊشيڊنگ سبب ٻن مشينن جو تيل به پورو نه ٿو ٿئي منهنجي ڦلجي جي آفيس جو حال ڏسي اندازو ڪيو ته مون کي دادو ميونسپل چيف آفيسر وٽا ڪيتري بجيٽ ملندي آهي اهو اوهان کي دادو ميونسپل جي آڪائونٽ برانج مان معلوم ٿي ويندو. هن الزام هڻدي چيو ته دادو ميونسپل جو اسٽو ڪيپر رميش ڪمار پير پنڌ هلندڙ هو، هاڻي هونڊا سٽي ڪار ۾ سفر ڪري ٿو، جڏهن ته دادو شهر جي ريشم گلي ۾ پراپرٽي خريد ڪئي اٿس آءِ ڦلجي شهر جو ٽائون آفيسر آهيان موٽر سائيڪل به خريد نه ٿو ڪري سگهان، خبر نه آهي اسٽو ڪيپر رميش ڪمار ۾ ڪهڙا گر آهن جو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ميونسپل جي تاريخ ۾ ڪهڙو به ميونسپل آفيسر هجي اسٽو ڪيپر رميش ڪمار ان جو خاص دوست بڻجي ويندو آهي هن الزام هيو ته واٽر سپلاءِ جا موٽر اسٽريٽ لائٽ گاڏين جي رپئير ڊرينيج ۽ سينيٽري جي سامان جي خريداري سميت ٻيو ڪاروهواهه اسٽو ڪيپر رميش ڪمار سالن کان هلائي رهيو آهي هن مطالبو ڪيو ته اسٽو ڪيپر رميش ڪمار جي ڪرپشن جي جانچ ڪرائي وڃي اڇا ڪارا ظاهر ٿي ويندا،

 

شهر جي سياسي، سماجي، ۽ شهري تنظيمن پاران ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪري ٽائون آفيسر وٽ ويا پر ڪو به کڙ تيل نه پيو نڪري: جسقم اڳواڻ لالا ظهير سومرو

دادو: جسقم اڳواڻ ڦلجي اسٽيشن لالا ظهير سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته ۽ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين گندگي خلاف ڪيترائيڀيرا احتجاج ڪري ٽائون آفيسر وٽ ويا آهيون ۽ چونڊيل نمائدن سميت وس وارن کي احتجاج ڪري وقت به وقت اپيل ڪندا رهيا آهيو ته ڦلجي شهرين جا جائز مسئلا بنا ديرحل ڪيا وڃن پر وريو ڪجهه به نه آهي ساڳيان لاٽو ساڳيان چڳهه واري ڪار لڳي پئي آهي ڪو ٻڌڻ وارو نه آهي هن مطالبو ڪيو ڦلجي شهر جي ڊرينيج جي نظام کي درست ڪيو وڃي نه ته اسين شهرين سان گڏجي روڊن تي نڪري اينداسين.

 

ڪرپشن جا الزام ڪوڙا آهن، ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي: اسٽور ڪيپر

دادو: ميڊيا پاران اسٽو ڪيپر رميش ڪمار سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ڪرپشن جا الزام رڳو الزام آهن مون ڪرپشن نه ڪئي آهي باقي پنهنجا فرائض ايمانداري ۽ جستجو سان سالن کان نڀائيندو رهيو آهن اهو ئي سبب آهي آفيسر منهنجي بهتر ڪارڪردگي ڏسي پسند ڪندا آهن ٻين کي به گهرجي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪن ته اهي به آفيسرن جا خاص دوست بڻجي ويندا باقي بل وغيره اڪائونٽ برانچ جي ذمي آهن ڦلجي جي بجيٽ انهن کي خبر آهي هن چيو ته ڪرپشن جي الزامن جي جانچ ڪرائي وڃي ته خبر پئجي ويندي، ته ڪنهن ڪرپشن ڪئي آهي .

 

 

 

 

دادو: نيشنل بئنڪ اندر پرائمري استاد جا هڪ لک روپيا نڪري ويا، ماستر جا مٿي تي هٿ

دادو(ڊ.ر) دادو ۾ پهرين تاريخن ۾ نيشنل بئنڪ اندر پگهارون وصول ڪندڙن سرڪاري ملازمن جا کيسا ڪٽجي وڃن ٿا دادو نيشنل بنئڪ ۾پرائمري استاد جي کيسي مان هڪ لک رپيا نڪري ويا استاد جا مٿي تي هٿ نيشنل بئنڪ دادو برانچ مان جيب ڪترو پرائمري استاد شاهد منگي جي کيسي مان هڪ لک روپيا ڪڍي ويو، ياد رهي ته گذريل مهيني پڻ هڪ پرائمري استاد جا 80 هزار نڪري ويا ها پرائمري استادن ميڊيا اڳيان الزام هڻندي صحافين آڏو دانهيو ته نيشنل بئنڪ مينيجر صادق لاکير آپريشن مينيجر ممتاز ميمڻ بنئڪ جي تحفظ لاءِ مقرر ٿيل پوليس گارڊ اعظم پنهور ۽ ٻيا بنئڪ انتظاميا جيب ڪترن سان ملوث آهن ڇو ته دادو نيشنل بنئڪ ۾ سي سي ٽي وي ڪيميئرا موجود هئڻ باوجود اڄ ڏينهن تائين هڪ به جيب ڪتري کي پوليس انتظاميا گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آهي هنن دادو جي چونڊيل نمائندن ريجنل بئنڪ مينيجر لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کيس جا پئسه واپس ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف اعليٰ سطحي جانچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو عدالت جو دروازو کڙڪائيندو.

 

زندگي کي مصروف هجڻ گهرجي: اداڪار اميتاب بچن

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن چيو آهي ته زندگي کي مصروف هجڻ گهرجي. اداڪار اميتاب بچن پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته کيس مصروف ۽ هلچل واري زندگي سٺي لڳندي اهي ڇو ته اڪيلائي ۽ وانڌڪائي ۾ ڪو فائدو ناهي هوندو. هن چيو ته زندگي مصروف هجڻ جو نالو آهي. پر ان تي ڪجهه حد تائين انسان جو پنهنجو اختيار هجڻ گهرجي. اميتاب بچن وڌيڪ چيو ته هو سيٽن تي گوڙ کي انجواءِ ڪندو آهي. اداڪار اڄ ڪلهه فلمساز شو جيت سرڪار جي فلم ”پيڪو“ جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي. فلم جلد ئي رليز ڪئي ويندي.

 

بالي ووڊ جو ليجنڊ اداڪار ۽ هدايتڪار ديون ورما لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ليجنڊ اداڪار ۽ هدايتڪار ديون ورما لاڏاڻو ڪري ويو. ميڊيا رپورٽن مطابق ديون ورما دل جو دورو پوڻ ۽ گردا فيل ٿي وڃڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. هو پنهنجي زال روپا گنگولي سان گڏ پونا ۾ رهندڙ هو. جيڪا اداڪار اشوڪ ڪمار جي ڌيءَ جي فلم انگور چوري، ميرا ڪام، انداز اپنا اپنا، سمبل، جدائي، دل تو پاگل هي ۽ ڪورا ڪاغذ ۾ سندس يادگار ڪردار آهن. سندس آخري رسمون پونا ۾ ئي ادا ڪيون وينديون

 

پاڪستان ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش تي بندش لڳائي وڃي؛ بابر علي

لاهور (شوبز نيوز) اداڪار بابر علي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش اسان جي انڊسٽريءَ جون پاڙون پٽي رهي آهي. حڪومت کي به ان جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڀارتي فلمن اڳيان اکيون بند ڪري انهن جي سينمائن ۾ نمائش ڪرائي پئي وڃي. بابر علي چيو ته پاڪستان جي بدقسمتي آهي ته اتي ماڻهو ملڪ ۽ قوم بدران ذاتي مقصدن کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي ته اڄ اسان تباهي کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ڀارتي فلمن جي نمائش پاڪستاني انڊسٽري کي وڏو نقصان پهچائي رهي آهي، ان کي بند ٿيڻ گهرجي.

 

عمران هاشمي ڪرڪيٽر اظهر الدين جي آتم ڪٿا تي ٻڌل فلم ۾ مرڪزي ڪردار نڀائيندو

ممبئي (شوبز نيوز)هالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي اڳوڻي ڪرڪيٽر اظهر الدين جي آتم ڪٿا تي ٻڌل فلم ۾ مرڪزي ڪردار نڀائيندو. سڌ سماءَ جي ذريعن موجب هالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي اڳوڻي ڪرڪيٽ رانديگر اطهر الدين جي آتم ڪٿا تي ٻڌل فلم جنهن جو نالو اڃان ناهي رکيو ويو ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو. ان حوالي سان عمران هاشمي جو چوڻ آهي ته فلم جو مضمون راند کان وڌيڪ هڪ ڪرڪيٽ رانديگر جي زندگي تي ٻڌل آهي. ان ۾ هن جو ڪردار گهڻو چئلينجنگ نوعيت جو آهي ڇو ته اظهر الدين جي شخصيت سان بلڪل مختلف نوعيت جي آهي هو هڪ مختلف انسان جو ڪردار نڀائيندو. هو ڪوشش ڪندو ته ڀرپور نموني سان فني صلاحيتون استعمال ڪري.