تازيون خبرون

Daily Archives: December 1, 2014

عمران خان ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڳالهين دوران جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي منظر عام تي آندو وڃي: نثار احمد کهڙو

لاهور (م.ڊ) سنڌ جي سينيئر ۽ تعليم واري وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان ۽ حڪومت وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن انهن کي منظر عام تي آڻڻ گهرجي، دنيا جو قانون آهي، جيستائين ڏوهه ثابت نه ٿئي تيستائين سزا نه ڏيو، جيڪڏهن ڪنهن جي مرضي جا نتيجا نه آيا ته ڇا ٿو چئي سگهجي، اسان ڪڏهن اڪيلي سر اڏڻ جو سوچيو ئي نه هو، بلاول هائوس لاهور کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجاب وڏو صوبو آهي، اسان ننڍا صوبا محرومين جو شڪار آهيون، سنڌ محرومين سان منهن ڏئي رهي آهي، مشڪل مان نڪرڻ ۾ وقت ته لڳندو، اسان ارڙهين ترميم بحال ڪري آئين کي اصل شڪل ڏني، هڪ سوال جي جوب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم خود حڪومت کي ڇڏيو ۽ پنهنجي مرضي سان ئي واپس ايندي، هن چيو ته پ پ نه ختم ٿيڻ واري پارٽي آهي.

 

پاڪستان ڪنهن اي، بي يا سي پلان کي برداشت نٿو ڪري سگهي: گيلاني

لاهور(م.ڊ) اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪنهن اي، بي، سي پلان کي برداشت نٿو ڪري سگهي عمران خان اڄ جيڪو چاهي ڪري پر اهڙو ڪجهه نه ڪري جنهن سان ملڪ غير مستحڪم ٿئي لاهور ۾ بلاول هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيستائين ملڪ ۾ سياسياستحڪام نه ايندو پرڏيهي سرمائيداري به نه ايندي يوسف رضا گيلاني چيو ته پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي يوم تاسيس ملهائڻ جو مقصد شهيدن جي قربانين کي ياد رکڻ آهي.

 

ڌرڻي واري سياست جو جنازو نڪري چڪو آهي: شهباز شريف

لاهور(م.ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ڌرڻي واري سياسي جو جنازو نڪري چڪو آهي ڪوڙ، منافقت، قوم سان دشمني ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي گڏ ڪري نئون پاڪستان نه ٿو ٺاهي سگهجي لاهور ۾ اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته سچائي ۽ نيڪ نيتي جو مقابلو بدنيتي ۽ ڊرامي بازيسان نٿو ڪري سگهجي ڌرڻن قوم جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، جنهن تي پوري قوم کي ڏک آهي ڪنٽينر تي بيهي سياست ۾ غير اخلاقي زبان متعارف ڪرائي پئي وڃي عمران خان پرتشدد زبان استعمال ڪري معاشري ۾ نفرت ڦهلائي، ڌرڻن ذريعي آپريشن ضرب عضب تي کي به نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آءِ ڊي پيز وٽ وڃي به عمران خان ڌانڌلي جون رڙيون ڪري ٿو پنجاب جي وڏي وزير چيو ته عمران خان هٺ ڌرمي، ضد ۽ انا جي سياست کي ختم ڪري ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽خوشحالي ۾ پنهنجو مثبت ادا ڪري.

 

عمران خان جو پلان ”سي“ ڊي تائين نه پهچي سگهندو: منظور وساڻ

لاهور (بيورو) صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته عمران خان جو پلان ”سي“ ڊي تائين نه پهچي سگهندو، ان کان اڳ ئي حالتون ٺيڪ ٿي وينديون، ايم ڪيو ايم جهيڙا ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ ماهر آهي. لاهور ۾ پ پ جي يوم تاسيس جي موقعي تي پارٽي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ جو چوڻ هو ته متحده قومي موومينٽ ماضي ۾ هر حڪومت ۾ شامل رهي آهي، جهيڙا ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ان جو طريقيڪار آهي. هن چيو ته ڪراچي جون حالتون پرويز مشرف جي حڪومتي دور کان خراب آهن، شهر ۾ ايراني تيل، قبضا گروپ ۽ ٻين مافيائن جي ويڙهه آهي. منظور وساڻ چيو ته ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز سٺو ڪرادار ادا ڪري رهيون آهن، جنهن تي ڪنهن کي به خدشا نه هئڻ گهرجن. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جو پلان سي ناڪام ٿي ويندو ۽ اهو ڊي تائين نه پهچندو، ان کان اڳ ئي حالتون بهتر ٿي وينديون. منظور وساڻ چيو ته سڄو ملڪ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل جي مذمت ڪري ٿو، سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس جاچ ڪري رهي آهي، اميد آهي ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

پريانڪا چوپڙا طرفان پري جي رستي جي ڀيڻ مننا راهانڊا جي فلم جي پروموشن جي تقريب ۾ شرڪت

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا پنهنجي هڪ پري جي ڀيڻ مننا راهانڊا جي فلم جي پروموشن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب اداڪاره چيو ته هو پنهنجي ڀيڻن جي گاڊ مدر آهي ۽ هو جيستائين جيئري آهي سندس ڪٽنب کي ڪنهن به قسم جي پريشاني نه ٿيندي. پريانڪا چيو ته منهنجي هوندي ڪو منهنجي ڪٽنب سان نه ٽڪرائي، منهنجون ڀيڻون منهنجي نالي جو جيترو فائدو کٽي سگهن ٿيون کڻي وٺن. پرينيتي کي آئون شروع ۾ سپورٽ ڪئي هئي ۽ هاڻي هو اسٽار آهي.

 

فلمسٽار ليليٰ خانگي محفلن ۾ پرفارم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز)فلمسٽار ليليٰ فلمن ۽ ٿيٽر ڊرامن ۾ ڪم نه ملڻ تي خانگي محفلن ۾ سپر فارم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اداڪاره ليليٰ جو چوڻ آهي ته جڏهن به ڪا سٺي فلم يا ٽي وي ڊرامو مليو ته هو ان ۾ ضرور ڪم ڪندي.

 

اجي ديوگن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) اجي ديوگن بالي ووڊ جي خانن کي للڪاريو آهي ۽ چوي ٿو ته ڪو ئي ان تي ها وي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري هو سپر اسٽار آ هي ۽ رهندو، اجي ديوگن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو، بالي ووڊ جي خانن سان مقابلي تي لڳي ٿو ته تنگ اچي ويو آهي، شارخ خان، سلمان خان ۽ عمران خان جي شاندار ڪاميابين سان جلي پيو ۽ چوي ٿو ته خان ان تي هاوي ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪن، هن دعويٰ ڪئي آهي ته هو خود سپر اسٽار آهي ۽ رهندو. چيو وڃي ٿو ته اجي ديوگن کي ان ڳالهه تي به اعتراض آهي ته ان جي گهروري ڪنگ خان جي هيروئن ڇو بڻبي آهي.

 

سلمان خان ڀيڻ جي شادي جي آجياڻي ۾ اداڪاره سوناڪشي سنها کي روئاري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان پنهنجي ڀيڻ جي شادي جي آجياڻي جي موقعي تي اداڪاره سوناڪشي سنها کي روئاري ڇڏيو. ڀارتي اخبار جي رپورٽ موجب سوناڪشي ۽ سلمان پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ته اوچتو سلمان خان تيز آواز ۾ رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ سوناڪشي روئڻ لڳي. سوناڪشي جي روئڻ کان پوءِ سلمان خان زور زور سان چوندو رهيو ته ”مون ايئن ناهي چيو“ ائين جيئن هو ڪا ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيندو هجي. ان کان پوءِ فلمساز اشون ٻنهي وچ ۾ تڪرار کي ختم ڪرائي ماحول کي پرسڪون ڪيو. سوناڪشي سنها تازو ئي سلمان خان جي ننڍي ڀاءُ ارباز خان جي هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. چيو پيو وڃي ته ان کان پوءِ ٻنهي وچ ۾ تڪرار هلندو پيو اچي. ان کان اڳ ٻنهي دبنگ سيريز ۾ گڏجي ڪم ڪيو هو.

 

پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 7 وڪيٽن تان هارائي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ لاڳيتي ٻين ڪاميابي ماڻي ورتي

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 7 وڪيٽن تان هارائي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ لاڳيتي ٻين ڪاميابي ماڻي ورتي، ڏکڻ آفريڪا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي گروپ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي 114 رنسن تي ڍير ٿي وئي، سن وائبل بدراني 38 رنسون ٺاهيون، قومي ٽيم طرفان اسرار حسين 3، هارون ۽ ساجد نواز 2،2 وڪيٽون ورتيون، 115 رنسن جو ٽارگيٽ دفاعي چيمپئن سولائيءَ سان ٽِن وڪيٽن جي نقصان تي ماڻيو، نثار عليءَ 62 رنسن جي اننگ کيڏي، واضح رهي ته پاڪستان پهرين ميچ ۾ ڀارت کي به 7 وڪيٽن تان هارايو هو

 

محمد سجاد ورلڊ سنوڪر جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائڻ کان رهجي ويو

(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو محمد سجاد سخت مقابلي کان پوءِ چيني ڪيوسٽ کان هارائجي ويو ۽ هو ورلڊ سنوڪر جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائڻ کان رهجي ويو، ڀارتي شهر بينگلور ۾ کيڏيل فائنل ۾ پاڪستان جي محمد سجاد ۽ چيني ڪيوسٽ يان بنگ ٽاو وچ ۾ مقابلو ٿيو، ٻنهي رانديگرن راند جي شروع ۾ سٺي ٽيڪنڪ ۽ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، هڪ موقعي تي ٻنهي رانديگرن جو مقابو 7، 7 فريمن سان برابر هو پر آخري فريم ۾ چيني ڪيوسٽ ٻه شاندار سينچري بريڪ هڻي ورلڊ سنوڪر جو تاج ماڻيو، چيني ڪيوست يان ينگ اهڙو اعزاز 14 سالن جي عمر ۾ پنهنجي نالي ڪري گھٽ عمر ترين عالمي چيمپئن بڻجڻ جو نئون عالمي رڪارڊ به جوڙيو. واضح رهي ته سيمي فائنل ۾ محمد سجاد چيني ڪيوسٽ زاوزين ٽانگ کي جڏهن ته يان بنگ ٽاو ٿائلينڊ جي رانديگر ڪرسٽ سنٽ کي هارائي فائنل تائين پهتا هئا.