تازيون خبرون

Daily Archives: November 27, 2014

بک ۽ بيماري وگهي ڇاڇرو ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا

ٿرپارڪر (نمائندو) ڏڪار سٽيل ٿر ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، بک ۽ بيماري وگهي ڇاڇرو ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي، جنهن بعد 56 ڏينهن دوران فوتين جو انگ وڌي 141 ٿي ويو آهي. ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ رتن جو تڙ ۾ پورهيت محمد راهمون جي ڏيڍ ورهين جي ڌيءُ ثمينه فوت ٿي وئي. ٿر ۾ بک ۽ بيمارين وگهي 56 ڏينهن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 141 ٿي ويو آهي، پر سرڪار پاران ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا ويا.

 

ڪالاباغ ڊيم زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، سنڌ ڪالاباغ ڊيم جو نالو ٻــُڌڻ لاءِ به تيار ناهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي وفد سان ملاقات دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير نثار کهڙي چيو ته ڪراچي آپريشن تيز ڪيو ويو آهي ۽ امن امان جي بحالي تائين اهو آپريشن جاري رهندو. هن چيو ته دهشتگرديءَ جو وڏو ڪارڻ غيرقانوني سم ڪارڊن جو استعمال آهي، وفاقي حڪومت غير قانوني سمون بند ڪرائڻ لاءِ پي ٽي اي کي پابند ڪري. هن چيو ته ٿر جو بنيادي مسئلو پاڻي آهي، ان لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ جلد 750 آر او پلانٽس لڳائڻ وارو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪالا باغ ڊيم زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، سنڌ ڊيم جو نالو ٻــُڌڻ لاءِ به تيار ناهي. سندس چوڻ ته ڪالا باغ ڊيم جو اشو اٿاري صوبن ۾ وڇوٽيون پيدا ڪيون پيون وڃن. تعليم واري وزير چيو ته سنڌ کي پاڻي جو پورو حصو نه ملڻ جو سبب بلوچستان کي سنڌ سنڌ سان شڪايت آهي ته وفاق سان رابطو ڪيو وڃي. تعليم واري وزير نثار احمد کهڙي چيو ته سنڌ ۾ گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي جاري آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا جي مدد سان 3 هزار گوسڙو استادن جي ڊيٽا حاصل ڪئي آهي، جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

سنڌ حڪومت ڪراچي جي مدرسي مان هٿ آيل 26 نينگرين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت،ڪراچي جي مدرسي مان هٿ آيل 26 نينگرين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ڪراچيءَ جي علائقي لياقت آباد جي هڪ مدرسي تي پوليس ڇاپو هڻي 26 نينگرين کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس ٻڌايو ته هٿ آيل نينگرين کي ايس ايس پي سينٽرل جي آفيس منتقل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته ڪاغذي ڪارروائي بعد کين وارثن حوالي ڪيو ويندو. پوليس ٻڌايو ته مدرسو حميدان نالي هڪ عورت هلائي رهي هئي،جنهن بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو آهي ته سموريون نينگريون باجوڙ جي غريب ڪٽنبن سان تعلق رکن ٿيون. مدرسي جي معلمه حميده جي بيان موجب نينگرين جي سار سنڀال لاءِ ايوب صديقي نالي شخص رقم ڏيندو هو، پر ڪجهه وقت کان رقم ملڻ جو سلسلو بند ٿيڻ بعد هن سمورين نينگرين کي سندس گهر پهچايو. پوليس پاران ڇاپو هڻي بازياب ڪرايل 26 نينگرين جا وارث به موقعي تي پهتا، جن کي ڏسي نينگريون کين چنبڙي روئينديون رهيون. ٻئي طرف عورتن جي ڀلائي واري صوبائي وزير روبينا قائمخاني لاڳاپيل ٿاڻي تي پهچي معلومات حاصل ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير روبينا قائمخاني چيو ته مدرسي مان هٿ آيل سمورين ڇوڪرين کي سنڌ حڪومت پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته هٿ آيل نينگرين جي حفاظت لاءِ آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي وئي آهي. روبينا قائمخاني چيو ته ٻارڙين جي سارسنڀال ۽ حفاظت سندن ذميواري آهي، سندن رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو خرچ عورتن جي ڀلائي وارو کاتو برداشت ڪندو . بيت المال جي چيئرمين پڻ پهچي نينگرين جي معاملي بابت ڄاڻ ورتي ۽ اعلان ڪيو ته هٿ آيل 26 نينگريون وارثن حوالي ٿيڻ تائين سندن سار سنڀال لڌي ويندي. هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي ميمبر خواجا اظهارالحق جو چوڻ آهي ته غير قانوني مدرسن جي حوالي سان ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

 

ماڊل ٽائون سانحو، عوامي تحرڪي جي جنرل سيڪريٽري سميت 50 ڄڻا واقعي جا ذميوار قرار

لاهور(م.ڊ) ماڊل ٽائون سانحي جي پهرين ايف آءِ آر جي جاچ مڪمل ڪندر چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ خرم گنڊاپور سميت 50 ماڻهن کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ماڊل ٽائون سانحي جي پهرين ايف آءِ آر تي جاچ مڪمل ڪندي پراسيڪيوشن کاتي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 8 صفحن تي مشتمل چالان پيش ڪيو جنهن ۾ واقعي جو ذميوار پاڪستان عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري خرم نواز گنڊاپور سميت 50 ڄڻن کي قرار ڏنو ويو آهي چالان ۾ چيو ويو آهي ته خرم نواز گنڊاپور سميت 7 اهڙا ماڻهو آهن جيڪي جاچ ٽيم سامهون پيش نه ٿيا، ياد رهي ته ماڊل ٽائون لاهور ۾ 17 جون تي عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جي رهائشگاهه ٻاهران بيريئر هٽائڻ جي معاملي تي پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 14 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

 

ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جو حصو ٿيڻ تي خوشي آهي: بپاشا باسو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره بپاشا باسو ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت متعلق آگاهي مهم ”پنکاٿون“ جي 3 سالن کان حصو ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سڌ سماءَ جي ذريعن موجب بالي ووڊ اداڪاره بپاش باسو ڇاتيءَ جي ڪينسر متعلق آگاهي مهم ”پنکاٿون“ سان 3 سالن کان لاڳاپيل آهي. ان حوالي سان هن چيو ته ”پنکاٿون“ هڪ اهم پليٽ فارم آهي جيڪو انهن عورتن جي حوصلا افزائي ڪندو آهي جيڪي ان بيماريءَ سان جنگ ڪري رهيا آهن انهن کي گهرجي ته ان حوالي سان ڳالهيون ڪري ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪن ته جيئن وقت تي احتياط ڪري ان بيماريءَ کان بچاءُ ممڪن ٿي سگهي ۽ جيڪي عورتون ان بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي چڪيون آهن ته شروعاتي مرحلي ۾ ئي ان بيماريءَ جي تشخيص ڪرڻ لاءِ علاج ڪرائين ته جيئن هو اڳتي هلي صحتمند زندگي گذاري سگهن.

 

مداحن جي محبت ۽ دعائن جو شڪر گذار آهيان: دليپ ڪمار

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار دليپ ڪمار صحتياب ٿيڻ کانپوءِ يهر ٽوئيٽر تي مداحن سان رابطا بحال ڪيا آهن. بالي ووڊ جو نالي  واري اداڪار دليپ ڪمار بيمار ٿيڻ کانپوءِ ٽوئيٽر ذريعي مداحن سان رابطي ۾ نه هو ۽ هاڻي صحتيابي کانپوءِ ٻيهر ان سماجي ويب سائيٽ تي مداحن سان رابطا بحال ڪيا آهن. اداڪار مداحن لاءِ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هو مداحن جي محبتن ۽ دعائن لاءِ سندس شڪر گذار آهيان ۽ اڄ صحتياب به صرف دعائن جي ڪري ئي ٿيو آهي

 

اداڪارا زارا اڪبر جو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي يوم تاسيس واري تقريب ۾ شرڪت کان انڪار

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا زارا اڪبر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي يوم تاسيس واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب  پيپلز ڪلچرل ونگ کي متحرڪ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ 30 نومبر تي بلاول ڀٽو زرداري جي لاهور آمد تي کيس فنڪارن سان به ملايو ويندو، جنهن جي لاءِ اداڪار خالد معين بٽ رابطن جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي، خالد معين زارا اڪبر سان رابطو ڪيو ۽ کيس دعوت ڏني پر هن معذرت ڪئي، زارا اڪبر جو چوڻ هو ته فيملي ڊگھي وقت کان پ پ سان لاڳاپيل رهي آهي، پاڻ به جيل ويس، پر پ پ جي حڪومت آئي ته هن ڪارڪنن کي نظر انداز ڪيو، جنهن ڪري هوءَ ڪيترائي مهينا اڳ پ پ کي ڇڏڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي تحريڪ انصاف جو حصو آهي، رحيم يارخان ۾ موجود زارا اڪبر جو چوڻ هو ته هوءَ لاهور واپسيءَ تي پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ اعلان ڪندي

 

اداڪاره جيليا ڊي سوز ۽ اداڪار رتيش ديش مک جي گهر پٽ جي پيدائش

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري جوڙي اداڪاره جيليا ڊي سوز ۽ اداڪار رتيش ديش مک جي گهر پُٽ جي پيدائش ٿي آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق اداڪاره جيليا ڊي سوز ۽ اداڪار رتيش ديش مک جي 2012ع ۾ شادي ٿي هئي. اداڪار اڀيشڪ سميت ڪيترن ئي فلمي شخصيتن ان جوڙي کي پٽ جي پيدائش تي مبارڪون ڏنيون اهن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ڄاڻايل جوڙي ڪيترن ئي فلمن ۾ گڏ ڪم پڻ ڪيو آهي

 

ويٽوري نيوزيلينڊ طرفان وڌيڪ ٽيسٽ کيڏندڙ پليئر بڻجي ويو

شارجا(اسپورٽس نيوز) ڊينئل ويٽوري نيوزيلينڊ طرفان وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کيڏندڙ پليئر بڻجي ويو آهي. ويٽوري پاڪستان خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪري اسٽيفن فلمينگ جو وڌيڪ ٽيسٽ کيڏڻ جو رڪارڊ ٽوڙي  ڇڏيو. فلمينگ 1991ع کان 2008ع تائين 111 ٽيسٽ ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪري قومي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو. اربع ڏينهن شآرجا اسٽيڊيم ۾ پاڪستنا خلاف شروع ٿيندڙ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ويٽوري ميچ ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ ئي ڪيريئر جي 112 ٽيسٽ مڪمل ڪري ڇڏي. ان سان گڏ ئي هو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ کيڏندڙ پليئر پڻ بڻجي ويو آهي.

 

ڀارت 2016ع ۾ شيڊول ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪلب جي ميزباني ڪندو

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل (ڊبليو بي سي سي) 2016ع ۾ شيڊول ٻين ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڀارت کي ڏني آهي. ان ڳالهه جو فيصلو ڊبليو بي سي سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي. ڊبليو بي سي سي جو سترهون اجلاس ڪيپ ٽائون، ڏکڻ آفريڪا ۾ منعقد ٿيو. پاڪستان ۽ ڊبليو پي سي سي جي صدر سلطان شاهه اجلاس جي صدارت ۾ ڀارت، آسٽريليا، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 2018ع ۾ شيڊول ون ڊي ورلڊ بلائينڊ ڪپ جي ميزباني پاڪستان ۽ 2016ع ۾ شيڊول ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڀارت کي ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي