تازيون خبرون

Daily Archives: November 22, 2014

ٽنڊي محمد خان ۾ اڻڄاتل شرپسندن مندر کي باهه ڏئي ڇڏي ، اقليتي برادري جو احتجاجي مظاهرو

ٽنڊو محمد خان (نمائندو) سنڌ ۾ اقليتن جي عبادتگاهن تي حملن جو سلسلو ختم نه ٿي سگهيو، ٽنڊي محمد خان ۾ اڻڄاتل شرپسند مندر کي باھ ڏئي ڇڏي،واقعي خلاف هندو برادري پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ڦليلي واھه تي قائم هنومانِ مندر کي اڻڄاتل شرپسندن باھه ڏني،جنھن جي نتيجي ۾ مورتيون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو. واقعي خلاف اقليتي برادريءَ جي ماڻھن موهن لال ايسراڻي،سريش آلواڻي ۽ بابو پٽيل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هندو برادري جي ماڻهن مطالبو ڪيو ته هنومان مندر کي باهه ڏيڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. آخري اطلاعن تائين مندر کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي ھئي. اقيلتي معاملن جي وزير گيانچند ايسراڻي واقعي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي.

 

عمران خان ايترو ته مايوسيءَ جو شڪار رهيو 25 منٽن ۾ پنهنجي تقرير ختم ڪري ڇڏيائين: اياز سومر

لاڙڪاڻو (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ايم اين اي محمد اياز سومرو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان جو لاڙڪاڻي واري جلسو هڪ ناڪام ميوزيڪل شو ثابت ٿيو آهي. سنڌ جي ماڻهن جي پنهنجي ثقافت پنهنجو نظريو پنهنجي سوچ ۽ هڪ فلسفو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيدراڻي محترمه بينظير ڀٽو سان محبت ۽ پيار رت ۽ روح جو رشتو آهي. عمران خان لاڙڪاڻي جي عوام پاران ٿڏيل پاڻ کي سياسي ماڻهو سڏائيندڙ وڏيرن وٽ جلسو ڪري ۽ ٻاهريان ماڻهو وٺي اچي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جلسو ڪري پنهنجي ناڪاميءَ جو ثبوت سنڌ واسين اڳيان پيش ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان ايترو ته مايوسيءَ جو شڪار رهيو 25 منٽن ۾ پنهنجي تقرير ختم ڪري ڇڏيائين. جيڪو ڳلو ڦاڙي چوي پيو مان لاڙڪاڻي پيو اچان. هاڻي هن کي خبر پئجي وئي آهي ته لاڙڪاڻو شهيدن جو شهر شهيدن جي سرزمين آهي. لاڙڪاڻي جا عزتدار ۽ شريف ماڻهو انهن ڪلابازيون کائيندڙ وڏيرن کي چڱي طرح سڃاڻي چڪا آهن. سنڌ جو عوام عمران خان کي وساري نه سگهيو آهي جو هن مشرف جي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ان جي ريفرينڊم جي حمايت ڪئي هئي. هاڻي به هو ڪنهن جي ايجنڊا ۽ اشارن تي هلي پيو. پيپلز پارٽي غريبن جي همدرد ۽ عوامي پارٽي آهي. جنهن هميشه سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ لکين ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي سنڌ جي تاريخ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم تعليم لاءِ يونيورسٽيون، ڪاليجز، اسڪول قائم ڪيا آهن. جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ جي ورهاڱي جو معاملو هجي پيپلز پارٽي هميشه اهڙن منصوبن جي مخالفت ڪئي آهي. سنڌين جي حقن لاءِ هميشه جاکوڙيندي رهندي. ايم اين اي محمد اياز سومرو وڌيڪ چيوته جلسي گاهه ۾ چند هزار ماڻهو ۽ ڪرسيون خالي رهيون. اهي وڏيرا ڏاڍ ۽ جبر سان پنهنجن هارين نارين کي جلسي گاهه ۾ وٺي آيا.

”بلو“ راڻي جي عشق ۾ مبتلا آهيان ان ڪري لاڙڪاڻي نه آيس: شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مون کي گرفتار ڪريو وڏو عرصو ٿي ويو آهي ساهرن ۾ ويندي هن وڌيڪ چيو ته عمران خان چيو ته ڇڪتاڻ انهن جي پاليسي ناهي هن کي جواب ڏنم ته نااهل حڪومت کي ختم ٿيڻ گهرجي، منهنجي پنهنجي پارٽي آهي ۽ تحريڪ انصاف جو اتحاديآهيان مان صرف عمران خان کي سڃاڻان ٿو، تحريڪ انصاف سان منهنجو ڪوبه تعلق ناهي، هن جو چوڻ هو ته بلو راڻي جي عشق ۾ مبتلا آهيان ان لاءِ لاڙڪاڻي نه پيو وڃان، نواز حڪومت خلاف ٽينڪ توپ کڻي نه پيا نڪرون، حڪومت طاقت جو مظاهرو ڪندي ته عوام آواز اٿارڻ جو حق رکي ٿو هي حڪومت 23 مارچ تائين رهي ته پنهنجي شڪست قبول ڪندس، ايندڙ ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ضرور ويندس، شيخ رشيد جو چوڻ هو ته جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي تحريڪون ئي ڏٺيون، سڄي زندگي جلسا، جلوس کيڏيو آهي.

لاڙڪاڻي اچڻ لاءِ نثار کهڙو جي اين او سي جي ضرورت ناهي: شاهه محمود قريشي

لاڙڪاڻو (بيورو) تحريڪ انصاف جي ڊپٽي چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي سنڌ ۾ اچڻ لاءِ نثار کهڙُ کان اين او سي نه گهرجيلاڙڪاڻي جي عوام اڄ جلسي ۾ شرڪت ڪري نثار کهڙو کي رد ڪري ڇڏيو آهي شاهه محمود قريشي جلسي جي عوام کي خطاب ڪندي چيو ته آئون 32 سالن کان عملي سياست ۾ آهيان مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت اوهان سان ڇا ڪري رهي آهي ڪنهن به سنڌ جي غريب جي حالت نه بدلجي سگهي آهي هن چيو ته منهنجي سنڌ بکايل، سڪايل ۽ اجڙيل آهي اوهان کان ووٽ وٺڻ وارا ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن آئون اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا لاڙڪاڻي ۾ هارين کي انهن جا حق ملي رهيا آحن ڇا سنڌ ۾ ڪنهن جي جان محفوظ آهي ڇا ڌاڙيلن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي، ڇا ڪو ٺيڪو ڪميشن کان بغير ڏنو وڃي ٿو هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۾ نه هاڻ ڪو ڀٽو آهي ۽ نه ئي ان جوفلسفو آهي. پ پ زرداري جي پارٽي بڻجي وئي آهي

 

بالي ووڊ اسٽار اديتي رائو اڀيشيڪ ڪپور جي نئين فلم ”فتور“ ۾ اداڪارا ريکا جي جوانيءَ جو ڪردار نڀائيندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار اديتي رائو حيدري ڊائريڪٽر اڀيشيڪ ڪپور جي نئين فلم ”فتور“ ۾ اداڪارا ريکا جي جوانيءَ جو ڪردار نڀائيندي، ان فلم جو مرڪزي خيال چارلس ڊڪسن جي ناول ”Great Expectations“ کان ورتو ويو آهي جنهن ۾ ينگ مس هويشام (ريکا) جو ڪردار اديتي رائو حيدري ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ۽ اداڪارا ۾ مامرا طئه ٿي ويا آهن، جڏهن ته ريکا جي وڏي عمر وارو ڪردار ريکا پاڻ ادا ڪندي، مس هويشام جو ايلڊرورزن ڪنهن ٻيءَ جو ناهي پر سدا بهار اداڪارا ريکا جو ئي آهي.

 

علي طاهر پي ٽي وي لاهور ۾ معاون پروڊيوسر بڻجي ويو

لاهور (شوبز نيوز)پي ٽي وي لاهور جي رٽائرڊ پروڊيوسر محمد سليم طاهر جو پٽ علي طاهر پي ٽي وي لاهور ۾ معاون پروڊيوسر بڻجي ويو. هن ”مين اور آپ“ جي هڪ دستاويزي پروگرام ذريعي شهرت حاصل ڪئي، جڏهن ته نشان حيدر جي حوالي سان ميجر عزيز ڀٽي شهيد تي هڪ يادگار ڊرامو ڊائريڪٽ ڪيو هو.

 

”هريالي“ ۾ ڪڻڪ جي پوک ۽ سار سنڀال جي موضوع تي پروگرام جي رڪارڊنگ

لاهور (شوبز نيوز)پي ٽي وي لاهور جي زرعي پروگرام ”هريالي“ جي رڪارڊن هڪ ڳوٺ ۾ ڪئي وئي، پروگرام جو عنوان ”ڪڻڪ جي پوک ۽ ان جي سار سنڀال“ هو. ان پروگرام ۾ زراعت کاتي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر محمد وارث ٺاڪر، ڊپٽي ڊائريڪٽر رائو محمد نواز ۽ ڪڻڪ جي مقامي آبادگارن شرڪت ڪئي، پروگرام جو پروڊيوسر محمد نعيم خان ۽ ڪمپيئر نسيم سنڌو هو.

 

مون کي ڪيترين ئي فلمن جون آڇو آهن، پر مان فلم ميڪنگ جو حصو بڻجي مزو وٺي رهي آهيان؛ ديا مرزا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ديا مرزا  چيو آهي ته هن وقت مون کي ڪيترين ئي فلمن جون آڇو آهن، پر مان فلم ميڪنگ جو حصو بڻجي مزو وٺي رهي آهيان، اداڪارا هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته فلمن جي آڇن باوجود ڪنهن به فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، هن چيو ته اڄ ڪلهه رڳو فلمن ٺاهڻ واري ڪم ۾ مصروف ۽ ان مان مزو وٺي رهي آهيان، پر ڪيمرا سامهون اچڻ منهنجي ضرورت آهي، هن چيو ته ايندڙ سال تائين ڪنهن نه ڪنهن فلم ۾ ڪم ضرور ڪنديس، ديا مرزا چيو ته مان پنهنجو پروڊڪشن هائوس اهو سوچي ناهي ٺاهيو ته مان پنهنجي لاءِ فلمون ٺاهيان پر جڏهن به ڪو سٺو اسڪرپٽ مليو ته ان ۾ ضرور پنهنجي پروڊڪشن هائوس ۾ ڪم ڪنديس.

 

فيڊرل بورڊ انٽر ڪاليجٽ گرلز هاڪي چيمپين شپ 25 نومبر کان شروع ٿيندي

اسلام آباد (اي پي پي)فيڊرل بورڊ انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جي انتظام هيٺ فيڊرل بورڊ انٽر ڪاليجٽ گرلز هاڪي چيمپين شپ 25 نومبر کان پاڪستان اسپورٽس ڪلب اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي، جنهن ۾ فيڊرل بورڊ سان لاڳاپيل ڪاليجن جون شاگردياڻيون حصو وٺنديون، چيمپين شپ جا ڊراز 25 نومبرتي صبح جو 9:30 وڳي ڪڍيا ويندا ۽ ايونٽ 10 وڳي شروع ٿيندو.

 

پاڪستان پريميئر فٽ بال ليگ، پاڪستان واپڊا ۽ پي آءِ اي جي وچ ۾ ميچ اڄ کيڏي ويندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ملڪ ۾ جاري 11هين پاڪستان پريميئر فٽ بال ليگ ۾ پاڪستان واپڊا ۽ پي آءِ اي جي ٽيمن وچ ۾ ميچ (اڄ) ڇنڇر ڏينهن تي ريلوي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جون 12 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جن ۾ دفاعي چيمپيئن ڪي آر ايل، ڪراچي اليڪٽرڪ، پاڪستان واپڊا، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان آرمي، پي آءِ اي، مسلم ڪلب چمن، ڪي پي ٽي، نيشنل بينڪ آف پاڪستان، چمن، افغان ايف سي، پاڪستان ريلوي ۽ بلوچ ڪلب ڪوئيٽا شامل آهن.