تازيون خبرون

Daily Archives: November 22, 2014

پرويز مشرف جي درخواست منظور، شريڪ جوابدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ خاص عدالت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي درخواست منظور ڪندي شريڪ جوابدارن خلاف ڪاروائي، اڳوڻي وزيراعظم، اڳوڻي قانون وزير ۽ چيف جسٽس کي به ڌُر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت طرفان ٽنهي شخصيتن جا بيان قلمبند ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت کي انهن شخصيتن جا نالا شامل ڪري 5 1 ڏينهن ۾ نئون چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، بئنچ جي هڪ ميمبر جسٽس ياور علي فيصلي تي اختلافي نوٽ به لکيو آهي. جسٽس فيصل عرب جي سربراهي ۾ خاص عدالت جي ٽي رڪني بئنچ 1 3 آڪٽوبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت پنهنجي عبوري حڪم ۾ ٻڌايو ته بئنچ اڪثريت راءِ سان مشرف جي درخواست جزوي طور تي منظور ڪري ورتي آهي جنهن مطابق اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، اڳوڻي قانون وزير ذاهد حامد ۽ اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر کي به شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جسٽس فيصل عرب مختصر فيصلو ٻڌائيندي ٻڌايو ته جسٽس ياور علي فيصلي تي اختلافي نوٽ به لکيو آهي، عدالت هدايت ڪئي آهي ته ٽنهي شخصيتن جا بيان قلمبند ڪيا وڃن ۽ وفاقي حڪومت کي انهن شخصيتن جا نالا شامل ڪري 5 1 ڏينهن ۾ نئون چالان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

واعدو ٿو ڪريان نه سنڌ جو ورهاڱو ٿيندو نه ڪالاباغ ڊيم ٺهندو: عمران خان

لاڙڪاڻو/ڏوڪري/باقراڻي(نمائندن وٽان) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ايندڙ سال چونڊن جو سال آهي، سنڌ جي ماڻهن جي فيصلي ڪرڻ تائين ڪالا باغ ڊيم نه ٺهندو، واعدو ٿو ڪريان ته سنڌ جو ورهاڱو نه ٿيندو، اسان جي جدوجهد ظالم نظام خلاف آهي اهڙو نظام آڻينداسين جنهن ۾ وڏيرو ۽ هاري برابر هوندا، 30 نومبر لاءِ سنڌ جو عوام تيار ٿي وڃي، لاڙڪاڻي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته شاندار استقبال تي لاڙڪاڻي وارن جو شڪر گذار آهيان، ڌرڻو ان لاءِ هنيو ته 2013ع ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي اسان هن ظالم نظام خلاف 30 نومبر تي گڏ ٿي رهيا آهيون، مان پنهنجي سنڌ جي ماڻهنوٽ آيو آهيان ۽ انهن سان واعدو ٿو ڪيان ته نه سنڌ جو ورهاڱو ٿيندو ۽ سنڌ جي عوام جي فيصلي ڪرڻ تائن نه ئي ڪالا باغ ڊيم ٺهندو، هن چيو ته مخالف چون ٿا ته تحريڪ انصاف جا گانا سٺا آهن ان لاءِ ماڻهو گڏ ٿي وڃن ٿا، ايئن ناهي پر ماڻهو ظالم نظام کان تنگ ٿي چڪا آهن ۽ ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ان لاءِ عوام تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏئي رهيو آهي عمران خان چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ منهنجي خلاف قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن تي مون شڪريو ادا ڪيو ڇو ته جيڪڏهن منهنجي تعريف ڪئي وڃي ها ته ايئن لڳي ها ته آئون ڪو غلط ڪم ڪري رهيو آهيان، جڏهن ماڻهن کي انهن جا حق نه ملندا آهن ته هو غلام بڻجي ويندا آهن ڇا ماڻهن کي انصاف ملي ٿو؟ اسپتالن ۾ علاج ملي ٿو؟ آئون سنڌ اسيمبلي کان پڇڻ چاهيان ٿو ته حقن کان بغير شهري بڻجن ٿا يا غلام بڻجن ٿا؟ هتي پيپلز پارٽي 6 وارا وٺي چڪي آهي جيڪڏهن 6 وارن ۾ حالتون بهتر نه ٿيون آهن ته ڇا هينئر بهتر ٿي وينديون؟ زرداري خاندان جا سڀ ماڻهو سيٽن تي ويٺل آهن ڇا جمهوريت اجازت ڏئي ٿي ته پنهنجن ٻارن کي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو؟ ڇا جمهوريت اجازت ڏئي ٿي ته عمران خان پنهنجي پٽ کي پنهنجي سيٽ تي ويهاري ڇڏي؟ هن چيو ته هڪ خوشحال معاشري لاءِ شفاف ادارن جي ضرورت آهي پر هتي پوليس سياسي مداخلت سبب ڪم نه ڪري رهي آهي، هتي ته ڌاڙيل به احتجاج ڪرڻ شروع ٿي ويا آهن ڇو ته پوليس انهن کان به پئسا وٺي رهي آهي جڏهن پوليس جو اهو حال ڪيو وڃي ته اها ڪيئن اوهان جي حفاظت ڪندي، آئون دعويٰ ٿو ڪيان ته خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪوڙي ايف آءِ آر ڪٽرائي ڏيکاريو، تحريڪ انصاف سنڌ ۾ اهڙو نظام آڻيندي جيڪو سڀني جو حفاظت ڪندو اسان بلدياتي نظام آڻي اسڪولن کي ٺيڪ ڪنداسين جيڪي ٻار تعليم حاصل نه پيا ڪن انهن کي اسڪول موڪلينداسين، تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته شوڪت خانم اسپتال ۾ ميرٽ هجڻ تي فخر محسوس ڪريان ٿو ان جو چيئرمين آهيان پر ڪنهن جي سفارش نٿو ڪري سگهان ۽ شوڪت خانم جي ڪاميابي جو راز به اهو ئي آهي، هر هر وارا وٺندڙ پاڪستان ۾ بلدياتي چونڊون ڇو نه ڪرايون؟ اين ايف سي ايوارڊ ۾ 500 ارب سنڌ کي مليا پر سنڌي عوام کي ڇا مليو؟ هن چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ سياسي هينئر تائين ملڪ کي ورهايو ئي آهي جڏهن ته هي نظام ان وقت تائين درست نٿو ٿي سگهي جيستائين ميرٽ نه آندي وڃي، عمران خان چيو ته سنڌي عوام نٿو ڄاڻي ته هو ڪاري سون تي ويٺل آهي 80 لک ٽن ڪوئلي جو ذخيرو موجود آهي پر ان کي ڪڍڻ وارو ڪوبه ناهي، هي ڪوئلو ڪڍيو وڃي ته پاڪستان سان گڏوگڏ سنڌ به خوشحال ٿي وڃي تحريڪ انصاف پنهنجي حڪومتي دور ۾ پوليس ۽ عدليه سميت سمورن ادارن جي نظام کي ٺيڪ ڪندي ۽ اختيار ڳوٺن تائين منتقل ڪندي، هن سنڌ جي عوام سان واعدو ڪيو ته هو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو ۽ سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ورهائڻ نه ڏيندو سنڌ اندر اهڙو نظام آڻينداسين جو ڪمزور کان ڪمزور ماڻهو وڏيرن سان قانون ذريعي مقابلو ڪري سگهندو.

 

صدر ممنون حسين پاڪ بحريه جي سربراهه ذڪاءُ الله کي نشان امتياز ملٽري سان نوازي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله کي نشان امتياز ملٽري سان نوازيو آهي. کيس اهو اعزاز سندس اعليٰ خدمتن، غيرمعمولي ۽ واکاڻ جوڳي ڪارڪردگي ۽ فرض شناسي تي ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان منعقد خصوصي تقريب ۾ وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف ايئر اسٽاف، هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله 40 سال کان وڌيڪ عرصو اعليٰ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي، هن پنهنجي ڪيريئر جي دوران ڪيتريون ئي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ ڪمانڊ ۽ اسٽاف جي طور تي اهم فرض سرانجام ڏنا، کيس خدمتن جي اعتراف ۾ تمغه امتياز ملٽري، ستاره امتياز ملٽري ۽ هلال امتياز ملٽري سان به نوازيو ويو آهي.

 

حڪومت زرعي ٽيوب ويل لاءِ بجلي اگهن ۾ 3 رپيا 65 پئسا في يونٽ لاٿ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) حڪومت جو آبادگارن جي سهولت لاءِ ريليف پيڪيج، پاڻي ۽ بجلي وزارت زراعت لاءِ بجلي تي سبسڊي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، آبادگارن کي بجلي 0 1 رپيا 5 3 پئسا في يونٽ ڏني ويندي، سردين ۾ شام 6 کان 0 1 ۽ گرمين ۾ شام 5 کان 1 1 وڳي ٽيوب ويلن کي بجلي فراهم نه ڪئي ويندي، فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز به حڪومت برداشت ڪندي. تفصيل موجب پاڻي ۽ بجلي وزارت زراعت لاءِ بجلي تي سبسڊي ڏيڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جنهن بعد آبادگارن کي بجلي 0 1 رپيا 5 3 پئسا في يونٽ ڏني ويندي. پاڻي ۽ بجلي وزارت جي ذريعن موجب حڪومت هارين جي سهولت لاءِ ريليف پيڪيج جاري ڪيو آهي، ان پيڪيج ذريعي سردين ۾ شام 6 کان 0 1 وڳي ۽ گرمين ۾ شام 5 کان 1 1 وڳي ٽيوب ويلن کي بجلي فراهم نه ڪئي ويندي جڏهن ته فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز به حڪومت برداشت ڪندي.

 

سونامي جا نعرا هڻندڙن جو جلسو ناڪام ٿي ويو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ جا ماڻهو غلام ناهن پر پيپلز پارٽي انهن جي پارٽي آهي جڏهن ته سونامي جا نعرا هڻندڙن جو جلسو ناڪام ٿي ويو نجي ٽي وي سان ڳالهائڻ دوران تحريڪ انصاف جي جلسي تي ردعمل ظاهر ڪندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ 10 هزار ماڻهو به نه هئا ان کي جلسي جو نالو ڏيڻ به توهين آهي اها هڪ ڪارنر ميٽنگ هئي، هن چيو ته جلسي ۾ ماڻهو زبردستي آندا ويا تحريڪ انصاف ظالم ۽ قاتل وڏيري جي ديري تي جلسو ڪيو جنهن کي عوام رد ڪري ڇڏيو ۽ سونامي جا نعرا هڻندڙن جو جلسو بري طرح ناڪام ٿي ويو جڏهن ته پيپلز پارٽي ايندڙ اليڪشن ۾پهرئين کان به وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کان وڌيڪ ڪا به عوام جي خيرخواهه پارٽي ناهي.

 

وزيراعليٰ سنڌ پاران سليمان لاشاري قتل ڪيس جي جاچ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته سليمان لاشاري قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ان جي والده سان مشورو ڪري هڪ سينيئر پوليس آفيسر مقرر ڪيو وڃي. سليمان لاشاري جي والده مسز ارم ناز پاران پريس ڪانفرنس ۾ لڳايل الزامن کي رد ڪندي سيد قائم علي شاهه چيو ته قتل جي جاچ سان ان جو ڪوبه تعلق نه آهي ۽ اهڙي طرح جي معاملن ۾ هو ڪڏهن به مداخلت ناهي ڪندو. ياد رهي ته سليمان لاشاري کي 8 مئي تي هڪ ٻئي ڇوڪريقتل ڪيو هو ۽ اهو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي. وزيراعليٰ سنڌ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي کي هدايت ڪئي آهي ته هو سليمان لاشاري جي والده سان رابطو ڪري ان جي مشوري سان جاچ آفيسر مقرر ڪري.

 

خيبرايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري سبب 22 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م.ڊ) آپريشن خيبر ون دوران خيبر ايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري سبب 22 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج کي آپريشن خيبر ون ۾ ڀرپور ڪاميابيون ملي رهيون آهن جتي آپريشن ۾ اڄ پاڪ فضائيه جي جيٽ جهازن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جنهن ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا پاڪ فوج جي ترجمان مطابقجيٽ جهازن وادي تيراهه جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 6 ٺڪاڻا به تباهه ٿي ويا جڏهن ته ڪارروائي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم طالبان ۽ لشڪر اسلام سان آهي.

 

وفاقي وزير زاهد حامد وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس ۾ خاص عدالت پاران جوابدار طور شامل ڪرڻ بعد سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير زاهد حامد وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. عدالتي فيصلي بعد زاهد حامد پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم نواز شريف ڏانهن اماڻي ڇڏي جيڪا هن منظور ڪري ڇڏي. زاهد حامد جو چوڻهو ته عدالت کيس غداري ڪيس ۾ جوابدار قرار ڏنو آهي تنهن ڪري هــُو ڪم جاري نه ٿو رکي سگهي. زاهد حامد چيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ کيس عهدي تي رهڻ جو اخلاقي جواز ناهي. واضح رهي ته خاص عدالت،پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، جسٽس رٽائرڊ حميد ڊوگر، زاهد حامد سميت ٻين شريڪ جوابدارن کي شامل ڪرڻ واري درخواست منظور ڪندي وفاقي حڪومت کي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

 

سراج الحق ٽن ڏينهن واري اجتماع ۾ پنهنجي عوامي ايجنڊا جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (م.ڊ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ ٽن ڏينهن واري اجتماع ۾ پنهنجي عوامي ايجنڊا جو اعلان ڪندي سودي نظام خلاف اعلان جنگ، انگريزن کي ڏنل جاگير واپس وٺڻ ۽ ايندڙ چونڊون متناسب نمائندگي جي بياد تي ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. مينار پاڪستان جي سائي ۾ جماعت اسلامي جي ٽن ڏينهن واري سڀاڻي پاڪستان اجتماع عام افتتاحي خطاب ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي عام ماڻهو کي وي آءِ پي ۽ وي آءِ پيز کي عام ماڻهو بڻائيندي. هن امير جماعت اسلامي ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وزير جي حيثيت سان پنهجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻا وزيراعظم به پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪن.

 

نثار کهڙي پاران آسو ٻائي جي اسڪول لاءِ عمارت ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان

ڪنري (نمائندو) سنڌ جي تعليم واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙي ٻهراڙيءَ جي علائقي ڪنريءَ ۾ ٻارن کي تعليم ڏيندڙ سنڌ جي ملالا آسو ٻائيءَ سان ڪنري پهچي سندس اسڪول ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس نوڪريءَ جو آرڊر ڏيڻ سان گڏوگڏ 250 ٻارن لاءِ في ٻار 350 رپين جي حساب ساب 80 هزار رپين جو چيڪ ۽ ٻارن لاءِ ڪتاب حوالي ڪري ڇڏيا. آسو ٻائي جي اسڪول لاءِ عمارت ٺهرائي ڏيڻ ۽ کيس ٻارن جي تعليم لاءِ سڀئي سهولتون فراهم ڪري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجبسنڌ جو تعليم واري سينئر وزير نثار احمد کهڙو سينيٽر عاجز ڌامراه ۽ ٻين سان گڏجي ڪنري پهچي آسو ٻائي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻارن کي تعليم ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي کيس هر تعاون جو يقين۽ ڏياريو. ان دوران هڪ تقريب ۾ نثار احمد کهڙي آسو ٻائي کي نوڪري جو آرڊر ۽ ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ 80 هزار رپين جو چيڪ ڏنو. نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته آسو ٻائي جو اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تحت هلايو ويندو ۽ سندس اسڪول ۾ 250 ٻار هجڻ سبب کيس في ٻار 350 رپين جي حساب سان 80 هزار رپيا هر مهيني ڏنا ويندا جنهن مان هو جيڪڏهن ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ وڌيڪ استاد هاير ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته آسو ٻائ سنڌ جي ملالا آهي جنهن همٿ ڪري پٺتي پيل علائقي ۾ ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سندس ان جذبي تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا. کيس اسڪول جي عمارت پڻ ٺهرائي ڏني ويندي ۽ سومر تائين سندس اسڪول ۾ ٻارن جي ويهڻ لاءِ 40 بئنچون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن ٻار پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ کان بچي سگهن. نثار کهڙو چيو ته سنڌ گوسڙو ماسترن کي نه پر آسو ٻائي کي ياد ڪندي اچو ته گڏجي ٻارن ڱي اسڪولن ڏانهن موڪليون ته جيئن سڀ گڏجي تعليم جي بهتريءَ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهون. هن چيو ته عمران خان اسڪول بند ڪرائڻ وارن وڏيرن جي اوطاق تي پهچي جلسو ڪري رهيو آهي پر منهنجي لاءِ ان کان وڌيڪ هي جلسو آهي جتي اڄ مان ٻارن جي تعليم لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ آسو ٻائي وٽ موجود آهيان.. هن چيو ته تعليم ئي غربت ۽ اميريءَ جو فيرق ختم ڪري سگهي ٿي. ان موقعي تي هن آسو ٻائي جي اسڪول جي ٻارن لاءِ 250 ڪتابن جا سيٽ ۽ 200 ڪتابن جا بيگ ۽ آڪسفورڊ جون ڊڪشنريون پڻ سندس حوالي ڪيون. ان دوران ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر پاران اسڪول لاءِ آر او پلانٽ ڏيڻ ۽ ڳوٺ جي حاجي بقا پلي پاران اسڪول لاءِ 7 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي آسو ٻائي چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ جو مستقبل تڏهن روشن ٿيندو جڏهن ٻار تعليم جي زيور سان آراسته ٿيندا. هن چيو ته مون اڄ جيڪو تعليم جو ٻوٽو پوکيو آهي ۽ تڏهن ئي سک جو ساهه کڻنديس جڏهن هن ٻوٽي جو ميوو اچڻ شروع ٿيندو.