تازيون خبرون

Daily Archives: November 14, 2014

نواز شريف پنجاب بجاءِ ملڪ جي ٻين صوبن کي به گڏ کڻي هلي: يوسف رضا گيلاني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني وزيراعظم نواز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته هو صرف پنجاب کي گڏ کڻي هلڻ بجاءِ ملڪ جي ٻين صبن کي به گڏ کڻي هلي ۽ انهن جا مسئلا حل ڪري ته جيئن اهو ثابت ٿي سگهي ته هو صرف پنجاب جو نه پر پوري ملڪ جو وزيراعظم آهي اڄ ڪراچي ۾ ميڊياسان ڳالهائيندي هن ٿر جي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته ٿر جو مسئلو صرف سنڌ حڪومت جو مسئلو ناه پر هي وفاق جو به مسئلو آهي ۽ وفاق کي گهرجي ته هو ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ساٿ ڏئي هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته عمران خان ڌرڻن جي سياست ڇڏي پارليامينٽ جي سياست ڪري ۽ جيڪو ڪجهه چوڻو ۽ ڪرڻو آهي اهو ڌرڻن بجاءِ پارليامينٽ ۾ چئي ۽ ڪري.

 

ٿر ڏڪار جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، پنهنجي نااهلي ايم ڪيو ايم مٿان ڇو پئي مڙهي وڃي: فيصل سبزواري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته ٿر ۾ ڏڪار جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي ان نااهلي کي ايم ڪيو ايم مٿان ڇو پيو مڙهيو وڃي، فيصل سبزواري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قائم علي شاهه مسلسل 6 سال سنڌ جو وڏو وزير رهيو آهي ۽ هن وٽ 13، 13 وزارتون رهيون آهن هن هينئر تائين ڇا ڪيو، هن صوبي جا سمورا وسيلا قائم علي شاهه وٽ رهيا آهن ۽ پوري صوبي جي سمورين شين جو جوابه به اهو ئي آهي، حڪومت چاهي ٿي ته ٿر ۾ ڏڪار سبب ٻار مرندا رهناد پر ڪٿان به آواز نه نڪري، هن قائم علي شاهه کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪي ماڻهو ڪچو شراب پيئڻ سبب مرن ٿا ته انهن کي به هو شهيد چئي ٿو.

 

آمريڪا پاڪستان ڪسٽم کي هوم لينڊ سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ لاءِ سامان فراهم ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) آمريڪا پاڪستان ڪسٽم کي هوم لينڊ سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ 80 گاڏيون فراهم ڪري ڇڏيون آمريڪا طرفان سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏنل سامان ۾ 160 بلٽ پروف جيڪٽس، موبائيل ليبارٽريز، ڪيميڪل اسڪينرز ۽ نائيٽ وزن چشما شامل آهن جيڪي آمريڪي سفير رچرڊ اولسن ايف بي آر جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن آمريڪي سفير جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفج دهشتگردي خلاف جنگ بهادري سان وڙهي رهي آهي ۽ ان دهشتگردي جي خاتمي تائين پاڪستان سان ڀرپور تعاون جاري رهندو، هن جو چوڻ هو ته ان سامان سان ڌماڪيدار مادي کي ناڪاره بڻائن ۽ بارودي سرنگن کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.

 

 

 

موٽر وي ڀڃ ڊاهه ڪيس، عدالت طاهرالقادري کي اشتهاري قرار ڏيئي ڇڏيو، 13 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم

راولپنڊي (بيورو) دهشتگردي ٽور جي خاص عدالت موٽر وي هنگاما آرائي ڪيس ۾ عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري کي اشتهاري قرار ڏيندي شريڪ ملزم فخر عباس سميت 13 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڌيو خميس تي دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت جي جج چوڌري عبدالقيوم موٽر وي تي پوليس ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ درج ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

 

ماڌوري وانگر رقص ڪرڻ چاهيان ٿي، سوناڪشي سنا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سوناڪشي سنا جنهن فلم تيور اداري سان گڏوگڏ پنهنجي آواز ۾ هڪ گانو به رڪارڊ ڪرايو آهي چيو آهي ته هو هڪ بهترين باٿ روم سنگر آهي ۽ ماڌوري وانگر رقص ڪرڻ گهري ٿي اهڙن خيالن جو اظهار 27 سالن جي اداڪاره پنهنجي ايندڙ فلم تيور جي ٽريلر جي لانچ ڪرڻ جي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو.

 

پي ٽي وي جي 53هين سالگره جون تياريون حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويون

لاهور(شوبز نيوز)26 نومبر تي پي ٽي وي جي 53هين سالگره جي حوالي سان تياريون حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن. پي ٽي وي جي سمورين اسٽيشنز تي سالگره جا ڪيڪ ڪاٽيا ويندا، جڏهن ته سمورين سينٽرن مان ماضي جي نالي وارا فنڪار، ميوزڪ ۽ پروگرامن ۽ پي ٽي وي جي ماضيءَ جي حوالي سان معلوماتي دستاويزي فلمون ڏيکاريون وينديون. پي ٽي وي لاهور جي پروگرام مئنيجر بشارت احمد خان سالگره جي حوالي سان سينٽر تي موجود پروڊيوسر جون ذميداريون سونپيون ويون آهن.

 

ماضيءَ جي يادگار رتن، مبارڪ ۽ ايمپائر سئنيمائن جا مسئلا حل نه ٿي سگهيا

لاهور(شوبز نيوز) ايبٽ روڊ اور ميڪلور روڊ تي موجود ماضيءَ جي يادگار رتن، مبارڪ ۽ ايمپائر سئنيمائن جا مسئلا حل نه ٿي سگهيا، جنهن ڪري ڪروڙين رپين جي سرمائيڪاري ۽ قيمتي جاءِ بيڪار پيل آهي. رائل پارڪ ۾ موجود فلمي حلقن جي اڪثريت سئنمائن جي بندش تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته انهن سئنيمائن جي مالڪن کي خانداني جهيڙن ۽ مسئلن کان پري ٿي ڪري انڊسٽريءَ جي بهتريءَ لاءِ منصوبا شروع ڪرڻ کپين. جڏهن ته انهن ٽنهي سئنيمائن ۾ يادگار سپرهٽ فلمن جي نمائش ٿيندي رهي آهي

 

ماهره خان پنهنجي ڀارتي پرستارن جي درخواست تي ساڻن ملڻ لاءِ ممبئي پهچي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) سلسليوار ڊرامي همسفر جي انڊين چينل زي زندگي ۾ بي مثال ڪاميابيءَ کان پوءِ ان ڊرامي جي مرڪزي اداڪارا ماهره خان پنهنجي ڀارتي چاهيندڙن جي درخواست تي ساڻن ملڻ لاءِ ممبئي پهچي وئي آهي، همسفر جي آخري قسط 8 نومبر تي زي زندگيءَ تي نشر ٿيندي ۽ چينل پنهنجي ٽوئٽر اڪائونت تي هڪ مقابلو پڻ ڪرايو، جنهن  کي ”ميڊ فار ماهره“ جو نالو ڏنو ويو، جنهن ۾ چاهيندڙن پنهنجي ڀيٽا ۽ اداڪارا سان محبت جو اظهار ڪرڻو هو، ان جي بدلي ۾ ساڻن ممبئيءَ ۾ اداڪارا کي ملڻو هو، چينل ماهره جي ممبئي پچڻ ۽ زندگي پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت به ٽوئيٽ ڪئي. ”صدقي تمهاري“ جي مرڪزي اداڪارا ممبئيءَ ۾ پنهنجي فالوورن جي نظر ۾ آهي، هُن ان محبت تي سندس ٿورا مڃيندي هندستان ۾ چاهيندڙن کان ملندڙ گرم جوشيءَ تي حيرت ۽ خوشيءَ جو اظهار به ڪيو.

 

پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻئين ميچ 17 نومبر کان دبئي ۾ شروع ٿيندي

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ ٽن ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻئين ٽيسٽ ميچ 17 نومبر کان دبئي انٽر نيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان کي ڪيويز خلاف سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. پاڪستان ڪيويز کي پهرين ميچ ۾ 248 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪئي. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ 26 کان 30 نومبر تائين شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ دنيا جي مختلف گرائونڊز ۾ کڏيل ٽيسٽ ميچن ۾ ڪاميابي جي حوالي سان پاڪستاني ٽيم اڳتي آهي.

 

ساف وومين فٽبال چيمپئن شپ ۾ ميزبان پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ نيپال خلاف اڄ کيڏندو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز)جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ جاري ساف وومين فٽبال چيمپئن شپ ۾ ميزبان پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ نيپال جي خلاف(اڄ) جمعي واري ڏينهن منجهند جو اڍائي وڳي کيڏندو. ان چيمپئن شپ ۾ 8 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. واضع رهي ته قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ سريلنڪا هٿان سخت مقابلي کان 1-2 گول تان شڪست ٿي جڏهن ته نيپال جي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ ڀوتان جي خلاف هڪ وڏي مارجن 0-8 تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.