تازيون خبرون

Daily Archives: November 13, 2014

سنڌ ۾ ناياب پکين جو شڪار جاري، عرب شهزادن جون گولاڙچي ۽ بدين ۾ ڪيمپون قائم

گولاڙچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ناياب پکين جو غير قانوني شڪار جاري آهي ۽ بدين ۽ گولاڙچي جي ساحلي ڪنارن تي ناياب پکين جي شڪار لاءِ 200کان وڌيڪ شڪارين پنهنجون ڪيمپون قائم ڪري ورتيون آهن، جن ۾ وڏي تعداد عرب شهزادن جي آهي علائقي ۾ 300 کان وڌيڪ ڍنڍون آهن جتي پکين جو شڪار ڪيو پيو وڃي انهن مان سائيبيريا آيل بدڪن ۽ پکين سان گڏوگڏ بازن جو شڪار به جاري آهي جڏهن ته انهن شڪارين ڍنڍن تي هڪ هزار کان وڌيڪ ڄار وڇائي ڇڏيا آهن جن جي ذريعي هو پاڻي تي ايندڙ ۽ ويهندڙ پکين جو شڪار ڪن ٿا جيتوڻيڪ سنڌ ۾ انهن ناياب پکين جي شڪار تي پابندي اهي پر پوءِ به سنڌ جي وائيلڊ لائيف کاتي انهن حوالي سان ڪوبه قدم نه کنيو آهي ۽ مبينا طور عرب شهزادن ۽ وڏن شڪارين کان وڏي پئماني تي رشوت وٺي انهن کي شڪار ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته وائيلڊ لائيف کاتي جي قانون تحت اهڙي شڪار لاءِ لائسنس هجڻ ضروري آهي پر هي رسم به پوري ناهي ڪئي وئي ۽ سرعام شڪار جاري آهي.

 

ريلوي وزارت ۾ 20 ارب 19 ڪروڙ کان وڌيڪ جي بيضابطگين جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي مالي سال 4 1 Á3 1 0 2 ع جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ريلوي وزارت ۾ 0 2 ارب 1 8 ڪروڙ 5 9 لک کان وڌيڪ جون مالي بي ضابطگيون ۽ بي قاعدگيون ٿيون، ريلوي کي خراب ريلوي انجڻن جي مرمت ۾ دير ۽ انهن مان متوقع آمدني حاصل نه ٿيڻ سان 0 1 ارب 5 2 ڪروڙ 8 9 لک، ريلوي جو سامان چوري سان 5 2 ڪروڙ 4 9 لک، ليول ڪراسنگ جي آپريشنل چارجز جي عدم وصولي سان 7 5 ڪروڙ 1 5 لک رپين جو نقصان ٿيو، پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي غير قانوني طريقي سان 2 ارب 1 9 ڪروڙ 5 3 لک رپين جي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي خريداري ڪئي وئي. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آڊٽ رپورٽ 4 1 Á3 1 0 2 ع موجب پاڪستان ريلوي کي خراب ريلوي انجڻن جي مرمت ۾ دير ۽ ان مان متوقع آمدني حاصل نه ٿيڻ سبب پاڪستان ريلوي کي 0 1 ارب 5 2 ڪروڙ 8 9 لک رپين جو نقصان ٿيو. جاري آڊٽ رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ريلوي وزارت پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي غير قانوني طريقي سان 2 ارب 1 9 ڪروڙ 5 3 لک رپين جي هاءِ اسپيڊ ڊيزل خريد ڪئي جڏهن ته آڊٽ دوران انسپيڪٽر جنرل ريلوي پوليس، چيف ڪنٽرولر پرچيز، چيف مڪينيڪل انجنيئر ۽ ڊي اي راولپنڊي سميت ٻين ادارن طرفان 1 ارب 4 1 ڪروڙ 3 3 لک کان وڌيڪ جو ريڪارڊ فراهم ناهي ڪيو ويو.

 

عاصمه جهانگير عمران خان کي “بونگا خان” قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) وڪيل اڳواڻ عاصمه جهانگير عمران خان کي بونگا خان قرار ڏئي ڇڏيو هن جو چوڻ آهي ته ڪنٽينر تان جيڪو چيو ويندو آهي اهو فتواءِ بونگا هوندو آهي، خان صاحب گهٽ وڌ نه ڳالهائي لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عاصمه جهانگير چيو ته اهو طئه ٿي ڇڪو آهي ته سياست ۾ سول ادارن جي بالادستي هوندي عمران خان کي سول ادارن تي اعتماد ناهي، ان کي گهرجي ته هو درست ۽ شفاف سياست ڪري، گار گند نه ڪري ماضي ۾ به وڏا وڏا ماڻهو آيا اڄ اهي ڪٿي به نه آهن، عاصمه جهانگير جو چوڻ هو ته عمران خان جو رسل سٺو بڻجي سگهي ٿو جيڪڏهن هو سياست ۽ ووٽ ذريعي اچي، ماڻهو شرافت سبب خاموش آهن ماڻهو به گاريون ڏئي سگهن ٿا هن جو چوڻ هو ته عمران خان ضد تي بيٺل آهي نفسياتي ماهرن کي گهرجي ته هو ان جي سٺي طرح چڪاس ڪن، عاصمه جهانگير چيو ته هن ڪڏهن به نچڻ ڳائڻ تي تنقيد ناهي ڪئي جيڪڏهن عمران خان ڀارت ۾ ڊانس ڪرڻ چاهي ٿو ته ان تي ڪابه پابندي ناهي مون عمران خان تي تنقيد ناهي ڪئي خان صاحب کي برداشت ڪرڻ گهرجي.

 

عمران خان کي جلسن ۾ ماڻهو ڪرڪيٽر جي حيثيت سان ڏسڻ اچن ٿا: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو) پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر ۽ شيخ ينگيسٽرس فورم جي چيئرمين اعجاز علي شيخ پاران سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو جي مان ۾ ينگيسٽرس فورم ريشم گليءَ جيآفيس آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ مختلف ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن، واپارين ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي واپارين سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو چيوته واپارين سميت سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڀرپور نموني سان ڪوششون ڪري رهي آهي. لاڙڪاڻو پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي. هتان جي واپارين هميشه پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيوته 21 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ جيڪو پي ٽي آءِ جو جلسو ٿي رهيو آهي، اهڙيون پارٽيون گهڻيون آيون ۽ ويون. اهڙن جلسن يا جلسي سان پيپلز پارٽي تي ڪوبه فرق نه آيو آهي ۽ نه ئي ايندو. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي. عوام پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي قيادت ۾ متحد آهي. پيپلز پارٽي اڳ به سنڌ واسين جا مسئلا حل ڪيا آهن ۽ هاڻِ به حڪومت هر وقت عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششين ۾ آهي. پيپلز پارٽي جا مخالف ٿر جهڙا اشو اٿاري اسان کي سنڌ جي ترقياتي ڪمن ۽ خدمت کان روڪي نه ٿا سگهن. پيپلز پارٽي خلاف هميشه رڳو پروپگنڊا جو هٿيار استعمال ڪيو ويو آهي. پر حقيقت ۾ پ پ پ ئي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ باقين پارٽين جو حشر سڀني جي سامهون آهي. هن چيوته پي ٽي آءِ سنڌ ۾ ڪيترا به جلسا ڪري پر سنڌ جو عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان محبت ڪري ٿو ۽ ان جي پارٽي سان ڪڏهن به بيوفائي ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي. هن چيوته عمران خان کي جلسن ۾ ماڻهو ڪرڪيٽر جي حيثيت سان ڏسڻ اچن ٿا باقي هو جيڪي ڳالهيون ڪري ٿو انهن تي پاڻ به نه ٿو بيهي. جلسن ۾ ساڳيون ڳالهيون ڪري عوام جو وقت ضايع پيو ڪري. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، پ پ پ اڳواڻ اعجاز علي شيخ جي والد حاجي ارباب علي شيخ کي حج جي سعادت ماڻڻ تي مبارڪباد ڏني. جڏهن ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ اسلم شيخ، نياز احمد شيخ، علي اڪبر چوهاڻ، ڪاشف شيخ، پرديپ ڪمار ۽ ٻيا موجود هئا.

 

شاهه رُخ خان سلمان خان جي ڀيڻ جي شاديءَ ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار شاهه رُخ خان سلمان خان جي ڀيڻ جي شادي ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب شاهه رُخ خان ۽ سلمان خان وچ ۾ اختلاف آهن، ان ۾ پهرين کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. پر سلمان خان جي ڀيڻ جي شادي کي ماضيءَ جا اختلاف حل ڪرڻ جو بهترين موقعو سمجهيو پيو وڃي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ شاهه رُخ خان چيو ته پُڇيل سوال جي جواب ۾ سلمان خان جي ڀيڻ جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته سلمان خان جي ڀيڻ سندس جي به ڀيڻ وانگر آهي ۽ جيڪڏهن کيس دعوت نامو نه به ڏنو وڃي ها ته ضرور ان تقريب ۾ شرڪت ڪيان ها. واضح رهي ته سلمان خان جي ڀيڻ جي شادي جي تقريب 18 نومبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندي.

 

انٽرنيشنل فلم فيسٽيول آف انڊيا 20 نومبر تي گوا ۾ شروع ٿيندو

ممبئي(شوبز نيوز) 45هون انٽرنيشنل فيسٽيول آف انڊيا (آءِ ايف ايف آءِ) 20 نومبر تي گوا ۾ شروع ٿيندو، جيڪو 30 نومبر تائين جاري رهندو. اها ڳالهه سڌ سماءَ جي نئين مملڪتي وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چئي. هن چيو ته اداڪار اميتاڀ بچن فيسٽيول جو خاص مهمان هوندو، جڏهن ته رجني ڪانت کي انڊين فلم جي سال جي بهترين شخصيت جي سينچري ايوارڊ سان نوازيو ويندو. هن چيو ته آءِ ايف ايف آءِ 2014ع ۾ فلمي شعبي کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. فيسٽيول ۾ 75 ملڪن جون 179 فلمون نمائش لاءِ لڳايون وينديون

 

ايشوريا راءِ نئين فلم ۾ پهريون ڀيرو عامر خان جي هيروئن بڻجندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ايشوريا راءِ پهريون ڀيرو عامر خان جي هيروئن بڻجندي. سڌ سماءَ جي ذريعن موجب فلمساز ڪرن جوهر جو ٻنهي اسٽارن کي گڏ ڪر۾ ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته عامر خان پهريون ڀيرو ڪرن جوهر جي فلم ۾ ڪم ڪندو.

 

عامر خان جي فلم ”پي ڪي“ ٽريلر ٽوئيٽر تي جاري

ممبئي(شوبز نيوز)اداڪار عامر خان جي فلم ”پي ڪي“ جو ٽريلر ٽوئيٽر تي رليز ڪيو ويو آهي. پي ڪي پهرين ڀارتي فلم آهي. جنهن جي هڪ جهلڪ فلم جو آڊيو ڪارڊ استعمال ڪندي ٽوئيٽر تي جاري ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق راج ڪمار هيراني انهيءَ آڊيو ڪارڊ کي استعمال ڪندي پي ڪي ميوزڪ به ٽوئيٽر کي لانچ ڪندو. فلم پي ڪي ۾ عامر خان کان علاوه سنجي دت، انوشڪا شرما، شانت سنگهه راجپوت ۽ ڀومن ايراني ڪم ڪيو آهي. فلم 18 ڊسمبر تي رليز ڪئي ويندي

 

ساف وومين فٽبال چيمپن شپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي ٽيم پاڪستان پهچي وئي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي ٽيم اسلام آباد پهچي وئي آهي. بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي يوٿ ڊولپمينٽ آفيسر محمد عرفان خان نيازي سان گڏ ٻين آفيشلز ٽيم جي رانديگرن ۽ آفيشلز جو استقبال ڪيو ۽ گلدستا پيش ڪيا. ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ کيڏي پئي وڃي ۽ چيمپيئن شپ ۾ اٺن ملڪن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.

 

ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ (اڄ) کيڏي ويندي

ڪلڪته (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ (اڄ) خميس 13 نومبر تي ايڊنز گارڊن ڪلڪته ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ٽيم ڀارت کي پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-3 تان سرسي حاصل آهي. ڀارت سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 169 رنسن جڏهن ته ٽيئن ون ڊي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تن ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 16 نومبر تي رانچي ۾ کيڏي ويندي.