تازيون خبرون

Daily Archives: November 11, 2014

شهلا رضا جي گاڏي کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي، اسپيڪر کي آگاهه ڪيو ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيده شهلا رضا کي پابندي مڙهيل تنظيمن مان ڌمڪي وارو خط مليو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جلد ئي سندس گاڏي کي نشانو بڻايو ويندو ذريعن مطابق سيده شهلا رضا کي مليل خط ۾ مبينه طور ڪالعدم تنظيم کيس قتل ڪرڻ لاءِ ان جي گاڏي کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي شهلا رضا ڌمڪي وارو خط اسپيڪر آغا سراج دراني جي چيمبر ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي هاڻي کان ڪجهه عرصو اڳ به شهلا رضا سان هڪ واقعو پيش اچي چڪو آهي ته جڏهن ان جي گهر ۾ ان جي گاڏي تي نامعلوم طرف کان گوليون اچي لڳيون هيون شهلا رضا ان سان گڏ ئي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني کي لکت ۾ پنهنجي جان جي خطري سبب بم پروف گاڏي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي آغا سراج دراني ڊپٽي اسپيڪر کي خاطري ڪرائي آهي ته هن معاملي کي سنجيدگي سان ورتو ويندو ۽ شهلا رضا پاران طلب ڪيل بم پروف گاڌي جي مطالبي تي به غور ڪيو ويندو هن چيو ته هو سيد قائم علي شاهه کي ان صورتحال کان پاڻ آگاهه ڪندو ۽ کيس فول پروف سيڪيورٽي لاءِ اپيل ڪندو واضح رهي ته ماضي ۾ اهڙي ئي قسم جي ڌمڪي وارو خط متحده قومي موومينٽ جي حيدرعباس رضوي ۽ پيپلزپارٽي جي فيصل رضا عابدي سميت ٻين سياسي شخصيتن ۽ مذهبي اڳواڻن کي به ملي چڪا آهن.

 

جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪار تي فائرنگ، 5 ٻارن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪار تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 5 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا آهن. ڪار ۾ ايس ڊي او لوڪل گورنمينٽ نصير منهاج عمراڻي ۽ مشتاق عمراڻي جا گهر ڀاتي سوار هئا.ڪار جڏهن سبي مٺي جي ڀرسان پهتي ته اُتي پهريان موجود نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ منهاج عمراڻي سميت 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 عورتون سخت زخمي ٿي پيون. مارجي ويلن 5 ٻارڙا به شامل آهن. واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاشن کي ليويز جي گاڏي ۾ جڏهن ته زخمين کي ايڌي ايمبولينس ذريعي ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.

 

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ برقرار، مختلف علائقن ۾ ٻن سڳن ڀاءُ ڀيڻ سميت 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا

ٿرپارڪر (رپورٽر) ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب موت جو سلسلو جاري آهي اڱاري تي به ٿر جي مختلف علائقن ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻن سڳن ڀاءُ ڀيڻ سميت 4 وڌيڪ تازا ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ 42 ڏينهن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 63 ٿي ويو آهي. ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي مٺي جي سول اسپتال ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڄاول ڀاءُ ڀيڻ فوت ٿي ويا سڳا ڀاءُ ڀيڻ ٻه ڏينهن اڳ ئي ڄاوا هئا جيڪي خوراڪ جي کوٽ سبب گذريل رات فوت ٿي ويا. ورنائي ڳوٺ ۾ وڌيڪ ٻن مائرن جا هنج خالي ٿي ويا ۽ ٻه ڄاول ٻارڙا ڄمندي ئي فوت ٿي ويا. ڏيپلو جي مقامي ڳوٺ ڪرشن پوري ۾ به ستن مهينن جو هڪ ٻارڙو خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويا ڇاڇرو جي هينسر ڳوٺ ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب زال مڙس جيئان بيبي ۽ سندس ور فوت ٿي ويا. ڇاڇرو جي خانگي اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو طبي سهولتن جي نه هجڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب وڏي انگ ۾ ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن.

 

آءِ ڊي پيز ۽ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اڍائي ارب ڊالر امداد ملڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو) آپريشن ضرب عضب جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيندڙ آءِ ڊي پيز ۽ٻوڏ متاثرن لاءِ عالم ادارن ۽ ڊونرز طرفان اڍائي ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي خزاني واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ عالمي ڊونرز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ڊونرز شرڪت ڪئي ذريعن مطابق حڪومت عالمي ادارن کان اڍائي ارب ڊالر امداد طلب ڪئي جنهن ۾ 1.5 ارب ڊالر آپريشن ضرب عضب ۽ آءِ ڊي پيز جي بحالي لاءِ استعمال ڪيا ويندا، جڏهن ته هڪ ارب ڊالر ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ مستقبل ۾ ٻوڏ جي روڪٿام لاءِ استعمال ٿيندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊونرز مطالبو ڪيو ته آپريشن ضرب عضب جو اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي جنهن سان ماڻهن کي نقصان نه پهچي جڏهن ته امداد جو شفاف استعمال به يقيني بڻايو وڃي وفاقي خزاني واري وزير سمورين شريڪن کي يقين ڏياريو ته اڍائي ارب ڊالر امداد جي شفاف استعمال کي يقيني بڻايو ويندو.

 

پئسن لاءِ نه پر پنهنجي پٽ لاءِ فلمون ڪرڻ چاهيان ٿو: اڪشي ڪمار

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار پنهنجي جملن سان مسلسل پرستارن کي حيران ڪندو آيو آهي ٻين وڏن اداڪارن جي مقابلي ۾ هو سال ۾ ڪيتريون ئي فلمون ڪري ٿو پر ان جو چوڻ آهي ته هو اهڙيون فلمون نٿو ڪرڻ چاهي جيڪي 100 يا 200 ڪروڙ رپيا ڪمائين اڪشي جو چوڻ آهي ته هو پئسن لاءِ نه پر صرف پنهنجي پٽ لاءِ فلمون ڪرڻ چاهي ٿو هن چيو ته مان بهترين فلمون ڪرڻ چاهيان ٿو منهنجو پٽ مون وٽ اچي چوندو آهي ته ان کي فلم سمجهه ۾ نه آئي ان کي فلم بيڪار لڳي ته مون کي سٺو نٿو لڳي مان اهڙيون فلم ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪي هن کي پسند به اچن ۽ سمجهه ۾ به اچن.

 

”دي هنگ گيمز“ جو اسٽيج شو 2016ع ۾ لنڊن ۾ ڏيکاريو ويندو

لاس اينجلس (شوبز نيوز)هالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلمي سلسلي دي هنگر جو اسٽيج شو 2016ع ۾ لنڊن ۾ ڏيکاريو ويندو. ڄاڻايل فلم اسٽيج ڊرامي طور لنڊن جي ويمسلي اسٽيديم ۾ ٽين تيار ٿيل ٿيٽر ۾ ڏيکاري ويندي. اسٽيج تي فلم جي هڪ گرائونڊ جو نقل ٺاهڻ لاءِ ڊچ ڪمپني ۽ آمريڪي انٽرٽينمينٽ اداري جون خدمتون حاصل ڪيون ويديون. ان اسٽيج شو لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ ٽيڪنالاجي تي عمل ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ جي نئين فلم موڪنگ جي پارٽ ون 21 نومبر تي رليز ڪئي ويندي ۽ ان سلسلي جي گذريل ٻن فلمن سڄي دنيا ۾ ڏيڍ ارب ڊالر جو ڪاروبار ڪيو.

 

بالي ووڊ فلم پي ڪي جو پهريون گانو جاري، فلم 19 ڊسمبر تي رليز ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) فلم جي پهرين پوسٽر کان هي مختلف تڪرارن جي ور چڙهيل فلم پي ڪي جو پهريون گانو جاري ڪيو ويو آهي گاني جو نالو آهي ٺرڪي ڇوڪرو جنهن ۾ عامر خان پنهنجو پاڻ ۾ ئي گم نظر اچي رهيو آهي هن گاني جي خاص ڳالهه هي آهي ته ان ۾ اداڪاره عامر خان ۽ سنجي دت جي پهرين ڊائيلاگ سان ئي عامر خان جي ڪردار جي عڪاسي ٿي وڃي ٿي جنهن ۾ خبر پوي ٿي ته عامر پنهنجي يادداشت وڃائي ويٺو آهي فلم جي مرڪزي ڪردارن ۾ عامر خان سنجي دت ۽ انوشڪا شرما شامل آهن هي فلم 19 ڊسمبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

بالي ووڊ فلم ”رانجهنا“ ٽي وي شو جي طور تي پيش ڪئي ويندي: آنند لال رائي

ممبئي(شوبز نيوز) اولهه ۾ ڪامياب فلمن کي ٽي وي شوز ۾ بدلائڻ هڪ عام ڳالهه آهي. فلم ”رانجهنا“ جي هدايتڪار آنند لال رائي اعلان ڪيو آهي ته 2013ع جي هٽ فلم ”رانجهنا“ کي ٽي وي شو طور پيش ڪيو ويندو.ان فلم ۾ مرڪزي ڪردار سونم ڪپور ۽ ڌنوش ادا ڪيو هو. آنند مطابق رانجها جي ٽائيٽل بابت بيشمار ڪهاڻيون جڙيل آهن، جن کي 3 ڪلاڪن جي هڪ فلم ۾ ڏيکارڻ ممڪن ناهي، هو هاڻي ٽي وي سيريل جي ذريعي رانجهنا کي پيس ڪري پنهنجو شوق پورو ڪندو.

 

آءِ سي سي ون ڊي ورلڊڪپ 2015ع شروع ٿيڻ ۾ 94 ڏينهن رهيل

دبئي (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ون ڊي ورلڊڪپ 2015ع ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي ويو آهي. ميگا ايونٽ منعقد ٿيڻ ۾ باقي 94 ڏينهن رهجي ويا آهن. ورلڊڪپ جو ميلو 15 فيبروري تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ لڳندو.ڀارت جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. ورلڊڪپ ڪائونٽ ڊائون جي تقريب دبئي ۾ منعقد ٿي چڪي آهي جنهن ۾ دفاعي چيمپيئن ڀارت، پاڪستان، آستريليا ۽ ٻين ٽيمن جي اڳواڻن سميت آءِ سي جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ايونٽ ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا جون 14 ٽيمون کيڏنديون جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر گروپ ۾ 7 ٽيمون شامل آهن. گروپ اي ۾ نيوزيلينڊ. سريلنڪا، آسٽريليا، انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، افغانستان ۽ بنگلاديش. جڏهن ته گروپ بي جي ٽيمن ۾ سائوٿ آفريقا، زمبابوي، دفاعي چيمپيئن ڀارت، پاڪستان، آئرلينڊ، ويسٽ انڊيز، يونائيٽيڊ عرب امارات شامل آهن. ٻنهي گروپن جي ٽيمن وچ ۾ ڪل 42 ميچون کيڏيون وينديون، جنهن کان پوءِ ڪوارٽر فائينل مرحلو شروع ٿيندو. ٻنهي گروپن مان ٽاپ 4-4 ٽيمون چونڊيون وينديون. جن وچ ۾ 4 ڪوارٽر فائينل کيڏيا ويندا. انهن ڪوارٽر فائينلن مان ڪي به کٽندڙ 4 ٽيمون چونڊيون وينديون جيڪي 2 سيمي فائينل کيڏنديون. ٻن سيمي فائينلن مان کٽندڙ ڪي به 2 ٽيمون پاڻ ۾ 29 مارچ آچر ڏينهن ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي فائينل کيڏنديون. پهرين ميچ گروپ اي جي ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ هيگلي اوول ڪرسٽ چرچ گرائونڊ تي ڇنڇر 14 فيبروري 2015ع تي پاڪستاني وقت مطابق شام جو 3 وڳي کيڏي ويندي.

 

ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ (سڀاڻي) کيڏي ويندي

ڪلڪته (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ (سڀاڻي) خميس 13 نومبر تي ايڊنز گارڊن ڪلڪته ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ٽيم ڀارت کي پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-3 تان سرسي حاصل آهي. ڀارت سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 169 رنسن جڏهن ته ٽيئن ون ڊي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تن ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 16 نومبر تي رانچي ۾ کيڏي ويندي.