تازيون خبرون

Daily Archives: November 10, 2014

مسيحي خاندان سان تعزيت لاءِ سراج الحق ڪوٽ راڌا ڪشن پهچي ويو, ڪوٽ راڌا ڪشن جي آزاداڻي جاچ ڪرائي وڃي: سراج الحق

ڪوٽ راڌا ڪشن(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته اسلام ته جانورن جي حقن جو خيال رکي ٿو هي ڪهڙا ماڻهو هئا جن انسانن کي زنده ساڙيو جماعت اسلامي جو امير سراج الحق ڪوٽ راڌا ڪشن پهچي ويو ڪوٽ راڌا ڪشن آمد تي جماعت اسلامي جي امير بٺي ۾ ساڙيو ويندڙ جوڙي جي وارثن سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي سراج الحق جو چوڻ هو ته ڪوٽ راڌا ڪشن جي آزاداڻي جاچ ڪرائي وڃي اسلام ته جانورن جي حقن جو به خيال رکي ٿو هي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي انسانن کي زنده ساڙين ٿا، هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڻ سزا ڏيڻ لڳي وڃون ته معاشرو نه هلي سگهندو ان موقعي تي سراج الحق مسيحي برادري سان به ملاقات ڪئي ۽ انصاف جي حاصلات ۽ اقليتن جي تحفظ بابت يقين ڏياريو.

 

داعش جي وال چاڪنگ جي پويان مخصوص لابي آهي: فضل الرحمان

بهاولپور(م.د) ڏکڻ پنجاب ۾ داعش جي وال چاڪنگ جي پويان مخصوص لابي آهي جنهن جو مقصد ڏکڻ پنجاب ۾ 1500 ديني مدرسن کي ٽارگيٽ بڻائڻ آهي تمام جلد ڏکڻ پنجاب جو دورو ڪندس اهڙن خيالن جو اظهار جميت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملتان ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ضلعي جنرل سيڪريٽري علامه شفقت الرحمان سان هڪ ملاقات دوران ڪيو فضل الرحمان چيو ته اسان پنهنجي جان تي کيڏي پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪئي آهي پرڏيهي ايجنٽن ملڪ جي بنياد کي کوکلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن کي اسان ناڪام بنايو هن چيو ته اڄ ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي جي شاهراهه تي هلي رهيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به هن ملڪ جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت جو فرض سرنجام ڏيندا رهنداسين ۽ اسلام جي ڪنهن به شعبي کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين.

 

دپيڪا پڊوڪون کي مان گنجي طور سٺو لڳندو آهيان: رنوير سنگهه

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه چيو آهي ته اداڪاره دپيڪا پڊوڪون کي هو گنجي ماڻهو طور سٺو لڳندو آهن. پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته هن فلم ”باجي رائو مستاني“ لاءِ پنهنجو مٿو ڪوڙايو آهي. فلم ۾ سندس هيروئن دپيڪا پڊوڪون آهي جنهن کي هو گنج ڪرائڻ کان پوءِ سٺو لڳي ٿو. هن چيو ته هن ساڻس مٿو ڪوڙائڻ بعد تصويرون شيئر ڪيون جنهن کان پوءِ دپيڪا سندس واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هو عڪس بندي جي شروعات جو بي صبري سان انتظام ڪري رهي آهي ته جيئن سندس اهو انداز پنهنجي اکين سان ڏسي سگهي. هن چيو ته هن فلم ۾ ڊمانڊ مطابق مٿو ڪوڙايو آهي کيس تڪليف ته محسوس ٿئي ٿي پر جڏهن سڀني سندس واکاڻ ڪئي ته کيس به پنهنجو اهو انداز وڻڻ لڳو آهي.

 

ٽوئنڪل کنا ٽوئيٽر جوائن ڪري ورتو

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا ۽ اڪشي ڪمار جي زال ٽوئنڪل کنا سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر جوائن ڪئي آهي. سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق اداڪارا سماجي رابطي واري ويب سائيٽ تي پنهنجو نالو مز فني بونين استعمال ڪيو آهي. هن مداحن کيچيو آهي ته هاڻي ٽوئٽر تي رابطو ڪري سگهن ٿا. اڪشي ڪمار پنهنجي زال جي ٽوئٽر جوائن ڪرڻ تي مداحن کي چيو آهي ته هو هاڻي رابطو ڪري سگهن ٿا. فلمساز ڪرن جوهر ٽوئيٽ تي اڪشي ڪمار جي خوبصورت زال ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي بهترين دوست لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي

 

سلمان خان جي وزيراعظم مودي سان ملاقات، ڀيڻ جي شادي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار سلمان خان جي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات پنهنجي ڀيڻ جي شادي ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏنو سلمان اڄڪلهه فلم بجرنگ ڀائيجان جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ دهلي ۾ آهي هڪ نيوز چينل موجب هو پنهنجي ڀيڻ ارپنا خان جي شادي جو دعوتنامو ڏيڻ لاءِ وزيراعظم جي رهائشگاهه پهتو هو وزيراعظم سان ملاقات دوران سلمان خان سان گڏ ان جي ڀيڻ به هئي اطلاعن مطابق سلمان خان پنهنجي ڀيڻ جي شادي جو دعوتنامو شاهه رخ خان کي به ڏنو آهي ارپنا جي شادي دهلي جي هڪ تاجر خاندان ۾ آئوش شرما سان ٿي رهي آهي ٻنهي جي شادي حيرآباد جي فلڪ نما هوٽل ۾ ٿيندي اطلاع مطابق سلمان خان ان سڄي هوٽل کي هڪ هفتي لاءِ بوڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان لاءِ 3 ڪروڙ رپيا ادا ڪري ڇڏيا آهن.

 

سنجي دت لاءِ پي ڪي جي خصوصي اسڪريننگ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته سنجي دت منهنجي وڏي ڀاءُ وانگر آهي. فلم پي ڪي ۾ سنجي دت منهنجي دوست بيرو سنگهه جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عامر خان فلم ”پي ڪي“ جي هڪ گانو کي لانچ ڪرڻ واري تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته فلم جي شوٽنگ دوران سنجي دت سان هڪ دلچسپ ۽ زبردست وقت گذريو ۽ مون سندس موجودگي ۾ پان کي محفوظ ۽ پرسڪون محسوس ڪيو. 49 سالن جي عامر خان چيو ته هو منهنجي وڏي ڀاءُ وانگر آهي. پنهنجي ڪيريئر دوران هن سان گڏ جيڪو وقت گذريو ان ۾ خوشي محسوس ٿي. عامر خان چيو ته هو ۽ پي ڪي جي سموري ٽيم سنجي دت لاءِ خصوصي اسڪريننگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

 

پاڪستاني رانديگر احمد شهزاد بيسٽ اننگز کيڏي 176 رنسون ٺاهيون

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڀرندڙ نوجوان اوپنر احمد شهزاد نيوزيلينڊ خلاف ابوظهبي ٽيسٽ ۾ ڪيريئر جي بيسٽ اننگز کيڏي ۽ 176 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ هٽ وڪيٽ آئوٽ ٿي ويو. احمد شهزاد ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن پڻ ڪيوي بالرن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ 176 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. احمد شهزاد ڪوري اينڊرسن جي شارٽ بال مٿي تي لڳڻ سبب توازن برقرار نه رکي سگهيو ۽ سندس بيٽ هٿ مان نڪري وڪيٽن سان ٽڪرائجي وئي. سندس اننگز ۾ هڪ ڇڪو ۽ 17 چوڪا شامل هئا. واضح رهي ته اها سندس ٽين ٽيسٽ سينچري آهي.

 

عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ 2 تبديليون

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل ڏکڻ آفريقا ۾ هلندڙ مهيني ٿيندڙ عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون آهن. ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر سيد سلطان شاهه اي پي پي کي ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ بهاوالپور ۾ ٿيل ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جي ڪري ڪائونسل ورلڊڪپ لاءِ جوڙيل ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون آهن جنهن مطابق ڊي ون توفيق بٽ جي جاءِ تي محمد وقاص ۽ بي ٽو ۾ محمد افضل جي جاءِ تي عرفان مجيد کي ورلڊڪپ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي

 

ڀارت ۽ سريلنڪا وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ 13 نومبر تي کيڏي ويندي

ڪلڪته (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ 13 نومبر تي ايڊنز گارڊن ڪلڪته ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ٽيم ڀارت کي پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-3 تان سرسي حاصل آهي. ڀارت سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 169 رنسن جڏهن ته ٽيئن ون ڊي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تن ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 16 نومبر تي رانچي ۾ کيڏي ويندي.

 

آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي اڄ کيڏي ويندي

سڊني (اسپورٽس نيوز)آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي عورت ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چئن ون ڊي ميچن تي مشتمل سريز جي پهرين ميچ اڄ اڱاري کان سڊني ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ آسٽريلوي ٽيم چئن ٽي-20 ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سويپ ڪري چڪي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي 13 نومبر، ٽين 16 نومبر جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ون ڊي 18 نومبر تي کيڏي ويندي