تازيون خبرون

Daily Archives: November 10, 2014

وزيراعظم پاران پارليامينٽ ميمبرن جا ترقياتي فنڊ ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف سياستدانن ۾ بدعنوانين کي ختم ڪرڻ لاءِ مالي سال کان عوامي نمائندن لاءِ ترقياتي فنڊ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پوليو جي خاتمي جي باري ۾ رهبر ڪميٽي جي گذريل اجلاس دوران وزيراعظم سمورن وڏن وزيرن تي اهو زور ڏنو ته هو پنهنجن صوبن ۾ بدعنواني تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻن نواز شريف اجلاس کي ٻڌايو ته هن ايندڙ مالي سال کان چونڊ تڪن ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي ملندڙ اربين روپين جا فنڊ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي هن چيو ته اهڙا اطلاع ملي رهيا آهن ته انهن فنڊن جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي ۽ بدعنواني کي هٿي ڏني پئي وڃي ان لاءِ بدعنواني جو هي دروازو بند ڪرڻ لاءِ هي فيصلو ڪيو ويو آهي هن چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي ۽ صوبائي حڪومت جا سمورا ترقياتي فنڊ فوري ۽ معياري ترقي بڻائڻ طرف منتقل ڪرڻ جو ارادو ڪيو اهي هيٺين سطح تي عوامي نمائندن تي مشتمل مقامي حڪومتون انهن فنڊن کي عوام جي بهتري تي شفاف انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي بهتر پوزيشن ۾ هونديون، وزيراعظم جو چوڻ هو ته فنڊن جي مقامي حڪومتن کي منتقلي سان بدعنواني تي قابو آڻي ۽ مقامي سطح تي عوامي مسئلن کي بهتر نموني سان حل ڪرڻ م مدد ملندي، نواز شريف وڏن وزيرن کي اهو به چيو ته هو پنهنجن صوبن ۾ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي ترقياتي فنڊن جو پئسو روڪڻ تي سنجيدگي سان غور ڪن ۽ تيز ۽ شفاف ترقي لاءِ هي فنڊ چونڊيل مقامي حڪومتن کي منتقل ڪيون وڃن.

 

چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري، عمران خان ڊڪٽيشن نه ڏئي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (مانيترنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد ساهه چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي اسان کي عمران خان کان ڊڪٽيشن وٺڻ جي ضروت ناهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته اسان کي جسٽس (ر) ناصر اسلم زاهد جي نالي تي پهريان به خدشا هئا ته هاڻ چيف اليڪشن ڪمشنر طور ان جي نالي تي ڪيئن اتفاق ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي اسان کي عمران خان ڪنهن ڊڪٽيشن جي ضروت ناهي، ياد رهي ته تحريڪ انصاف طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ جسٽس (ر) ناصر اسلم زاهد جو نالو تجويز ڪيو ويو هو جڏهن ته اڄ رحيم يار خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جي نالي کي رد ڪندي چيو ته اسان کي نه ان تي پهريان اعتماد هو ۽ نه هاڻي آهي.

 

آرمي چيف جنرل راحيل سان اٽلي جي فوجي سربراهه جي ملاقات، پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان اٽلي جي چيف آف اسٽاف ملاقات ڪئي، جنرل ڪلاڊيو گريزنو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته اٽلي پاڪستان سان دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان اٽلي جي فوجي سربراهه ڪلاڊيو گريزنو جــِي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران دفاع، سڪيورٽي جي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ مختلف قدمن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام مختلف قسمن جي سڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن. اطالوي فوجي سربراهه پاڪ فوج جي پيشواراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته خطي ۾ استحڪام ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ عوام جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. هن چيو ته اٽلي پاڪستان سان دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب اٽلي جي فوجي سربراهه جي جــِي ايڇ ڪيو پهچڻ تي کيس گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو جڏهن ته جنرل ڪلاڊيو گريزنو شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر به چاڙهي.

 

قائم علي شاهه ۽ آغا سراج دراني وچ ۾ ملاقات، پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون قبول نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڄ ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن فيصلو ڪيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جون استعيفائون ان وقت تائين منظور نه ڪيون وڃن جيستائين وفاق ان جي قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون قبول نه ٿي ڪري ٻنهي اڳواڻن اهو به فيصلو ڪيو ته جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ ميمبرن استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن پر انهن جون استعيفائون منظور نه ٿيون آهن ان لاءِ انهن کي اسيمبلي ميمبرن واري پگهار ۽ ٻيون مراعتون بدستور ملنديون رهنديون هنن چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته پي ٽي آءِ جا جيڪي ميمبر استعيفيٰ ڏنا آهن انهن کي واپس اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ راضي ڪري سگهون.

 

اسحاق ڊار ۽ خورشيد شاهه وچ ۾ رابطو، نئين چيف اليڪشن ڪمشنر بابت مشاورتاسلام آباد(بيورو) خزاني واري وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ نئين چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا آهن ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي ِرضامندي ڏيکاري ته ان اهم عهدي تي سپريم ڪورٽ جي هدايت مطابق 13 نومبر/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 22 کان اڳ صلاح مشورا مڪمل ڪري ڪنهن هڪ نالي تي رضامندي ظاهر ڪئي وڃي، ياد رهي ته هن وقت چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي لاءِ جسٽس تصدق حسين جيلاني، جسٽس ناصر اسلم زاهد مضبوط اميدوار آهن پر اڃان تائين سموريون ڌريون انهن تي يڪراءِ نه ٿي سگهيون آهن تنهن ڪري ايئن به ٿي سگهي ٿو ته13 نومبر تائين ڪو نئون نالو سامهون اچي وڃي.

اسلام آباد(بيورو) خزاني واري وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ نئين چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا آهن ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي ِرضامندي ڏيکاري ته ان اهم عهدي تي سپريم ڪورٽ جي هدايت مطابق 13 نومبرکان اڳ صلاح مشورا مڪمل ڪري ڪنهن هڪ نالي تي رضامندي ظاهر ڪئي وڃي، ياد رهي ته هن وقت چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي لاءِ جسٽس تصدق حسين جيلاني، جسٽس ناصر اسلم زاهد مضبوط اميدوار آهن پر اڃان تائين سموريون ڌريون انهن تي يڪراءِ نه ٿي سگهيون آهن تنهن ڪري ايئن به ٿي سگهي ٿو ته13 نومبر تائين ڪو نئون نالو سامهون اچي وڃي.

 

 

سنڌ اسيمبلي وبائي مرضن جي پکيڙ روڪڻ سميت 2 ڌار ڌار بل منظور ڪري ورتا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ صوبي ۾ وبائي مرضن جي پکيڙ روڪڻ ۽ آءِ سرجري جي ميڊيڪل پريڪٽشنرز کي رجسٽرڊ ڪرڻ توڙي غير رجسٽرڊ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بابت 2 ڌار ڌار بل منظور ڪري ورتا، اجلاس دوران حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ واري معاملي تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن ۾ ڏند چڪ پڻ ٿي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري، سنڌ ۾ وبائي مرضن جي پکيڙ روڪڻ لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو جيڪو منظور ڪيو ويو جڏهن ته بل ۾ ايم ڪيو ايم جون چار ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون. بل ۾ چيو ويو آهي ته موذي بيمارين جي پکيڙ روڪڻ لاءِ آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويندا. بل جي متن موجب هڪ ٻئي کي لڳندڙ وبائي بيمارين جي روڪٿام سنڌ حڪومت ڪندي. سڪندر مينڌري چيو ته صحت کاتو وفاق کان سنڌ ڏانهن منتقل ٿيڻ بعد قانونسازي ضروري هئي. آءِ سرجري جي ميڊيڪل پريڪٽشنرز کي رجسٽرڊ ڪرڻ ۽ غير رجسٽرڊ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو وارو بل به ايوان منظور ڪري ورتو. ڊاڪٽر سڪندر مينڌري چيو ته اهڙيون شاهديون مليون آهن ته ماهر ڊاڪٽرن کانسواءِ ڪجهه ماڻهو اکين جو آپريشن ڪري رهيو آهن. اپوزيشن ليڊر شهريار مهر چيو ته رڳو اکين جو آپريشن نه پر ماڻهن جي حياتين سان کيڏندڙ ٻين غير قانوني ڊاڪٽرن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي. ان کان اڳ اجلاس دوران ٿر ۾ فوت ٿيل ٻارڙن لاءِ دعا ڪرائي وئي، جڏهن ته ڊاڪٽر فهميده مرزا جي والده ۽ شميم آرا پنهور جي والد جي لاڏاڻي تي به فاتحه خواني ڪئي وئي. اسيمبلي ميمبرن، ڪوٽ راڌا ڪشن واقعي جي مذمت ڪندي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي جڏهن ته واگها بارڊر سانحي ۾ مارجي ويلن لاءِ پڻ فاتحه خواني ڪئي وئي. ان موقعي تي صحافين، گمبٽ ۾ مارجي ويل صحافي جيوڻ آرائين ۽ حيدرآباد ۾ صحافي اشرف سولنگي جي والد عبدالستار جي قتل وارن واقعن خلاف اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پاران جوابدارن جي گرفتاري بابت خاطري بعد صحافين اجلاس جو بائيڪاٽ ختم ڪري ڇڏيو سوالن جوابن جي وقفي دوران اپوزيشن ميمبرن طرفان اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسپيڪر ميمبرن کي بعد ۾ وقت ڏيڻ جي واعدي تي خاموش ڪرائي ڇڏيو. نصرت سحر عباسي چيو ته ٿر ۾ ويڪسينيشن جو عمل ناڪام ٿي ويو آهي جنهن تي صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته ويڪسينشن جو عمل جاري آهي، کير جي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد طريقيڪار تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڄام خان شوري چيو ته وفاقي حڪومت ارڙهين ترميم تحت ڪجهه ادارا صوبن ڏانهن منتقل نه ٿي ڪرڻ چاهي، مختلف نالن سان ادارا وفاق ۾ قائم ڪيا وڃن. هن چيو ته فوڊ ڊويلپمينٽ اٿارٽي جي نالي سان وفاق ادارو قائم ڪيو آهي، 18 هين ترميم تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاريو وڃي. ان دوران ڄام خان شوري ۽ نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي، اسپيڪر جي مداخلت تي صورتحال ڪنٽرول ۾ اچي وئي. نصرت سحر عباسي چيو ته سکر جي دارالامان جي حالت انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، پناهه وٺندڙ عورتون ڪي به سهولتون ناهن. هن چيو ته سنڌ جي داراالامانن جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ اسيمبلي جي عورت ميمبرن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ميمبر محمد حسين چيو ته صوبائي وزير، ضمني سوالن جا جواب ڏيڻ بدران سياسي تقرير ڪن ٿا، 18 هين تيميم پ پ اڪيلي سر منظور نه ڪرائي سڀني جماعتن ساٿ ڏنو. صوبائي وزير سڪندر مينڌري چيو ته 18 هين ترميم تحت منتقل ٿيل کاتن بابت معاملن تي وضاحت گهــُربل آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت حل ٿيڻ جوڳا معاملا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاري چڪي آهي. اپوزيشن ليڊر شهريار مهر چيو ته پهرين نومبر کان صوبي ۾ اسڪولن جي تالابندي ٿي رهي آهي، حڪومت وضاحت ڪري. تعليم واري وزير نثار کهڙي اپوزيشن ليڊر جي سوال کي ضابطي جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو. متحده ميمبر محمد حسين چيو ته اپوزيشن سيٽن لاءِ سندن درخواست تي اڃا تائين ڪارروائي ناهي ٿي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته اپوزيشن ليڊر لاءِ درخواست ڏيو ته ڪارروائي ٿيندي. اجلاس دوران حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ٺهراءَ تي عمل لاءِ ايم ڪيو ايم ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. متحده ميمبر راشد خلجي چيو ته 16 هزار کان وڌيڪ شاگرد هائير ايجوڪيشن ڪري نڪرن ٿا جيڪي اعليٰ تعليم کان محروم رهن ٿا. راشد خلجي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو حيدرآباد ڪئمپس ختم ڪيو ويو، تعصب پرستي کي ڇڏي حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته حيدرآباد ۾ ڪيتريون ئي خانگي يونيورسٽي ڪم ڪري رهيون آهن، ڄامشوري ۾ قائم يونيورسٽيون حيدرآباد وارن لاءِ به آهن. ايم ڪيو ايم ميمبرن نثار کهڙي جي اهڙي بيان کي حقيقتن کان ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو. بعد ۾ ان معاملي تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. فيصل سبزواري چيو ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ مقامي ماڻهن جو مطالبو آهي،ڄامشوري ۾ قائم يونيورسٽي ڄامشوري ضلعي سان تعلق رکي ٿي. ايم ڪيو ميمبر جي خالد احمد، ڪــَي فور منصوبي جو روٽ تبديل ڪرڻ واري معاملي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. خالد احمد چيو ته ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر بي حس آهي، جنهن اسيمبلي جي حڪمن جي پرواهه نه ڪئي. ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪــَي فور جو روٽ تبديل ڪرڻ تي غور ٿيو هو پر هاڻي تبديلي نه پئي ڪئي وڃي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪــَي فور منصوبي تي 25 ارب رپيا لاڳت ايندي، سال جي آخر ۾ ڪم شروع ڪيو ويندو.

 

عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر يوٽرن ورتو آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (م.ڊ) پيپلزپارٽي جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي چيرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر يو ٽرن رتو آهي. سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري عمران خان جي هڪ تصوير تي تبصرو ڪيو آهي جنهن ۾ هو ڪارڪنن کي اشارن سان جواب ڏئي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته يوٽرن ڇا کي ٿا چون؟ اُهو سمجهڻ لاءِ سائن لينگوئيج سکڻ جي ضرورت آهي.

 

جمهوريت جو راڳ الاپيندڙ مڪاني چونڊون ڇو نٿا ڪرائين: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته پاڪستانجي آبادي 20 ڪروڙ ٿي چڪي آهي ان ڪري سٺي حڪمراني ۽ عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪروڙ جي آبادي تي هڪ صوبو هئڻ گهرجي، لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي پنجابي سرائيڪي آرگنائزيشن ڪميٽي جي اجتماع کي خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي ڪجهه خاندانن موروثي سياسي نظام مڙهي ڇڏيو آهي ۽ پورو پورو خاندان حڪومت ۾ اچي ٿو وڏا وڏا ليڊر دعويٰ ڪن ٿا ته انهن جي پارٽي غريبن جي نمائنده پارٽي آهي ۽ هو غريبن ۽ مڊل ڪلاس ماڻهن جو انقلاب آڻيندا پر ان جي چوڌاري جاگيردار، وڏيرا ۽ دولت مند ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ جڏهن ته چونڊن جو وقت اچي ٿو ته غريبن ۽ مڊل ڪلاس جي نوجوانن بجاءِ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي ٽڪيٽ ڏين ٿا الطاف حسين چيو ته جن جي آسي پاسي جاگيردار، وڏيرا ۽ دولتمند هوندا اهي ملڪ ۾ غريب ۽ هيٺين طبقي جو انقلاب نٿا آڻي سگهن ملڪ ۾ مڊل ڪلاس انقلاب اها ئي پارٽي آڻي سگهي ٿي جنهن جي قيادت پاڻ مڊل ڪلاس هجي هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي 20 ڪروڙ آبادي ٿي چڪي آهي ان ڪري سٺي حڪمراني ۽ عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪروڙ آبادي تي هڪ صوبو هئڻ گهرجي وڌ کان وڌ صوبا ملڪ ۽ عوام ٻنيه جي مفاد ۾ آهن جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ سسٽم جمهوريت جي نرسري آهي ته جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙ لوڪل گورنمينٽ سسٽم نافذ ڇو نٿا ڪن.

 

ٿر ۾ ڏڪار، وڌيڪ ٻن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت

ٿرپارڪر (نمائندو) ڏُڪاريل ڏيهه ٿر تان موت جو راڪاس نه ٽــَريو، وڌيڪ ٻن ابهم ٻارڙن ۽ پيرسن جوڙي سميت 5 حياتيون ضايع ٿي ويون، جنهن بعد ڏيڍ مهيني دوران 53 ٻارن سميت فوتين جو انگ 64 ٿي ويو. ڏيپلي جي ڳوٺ ورنائي جا ڏُڪار سٽيل 2 ٻارڙا فوت ويا، جن ۾ الهجڙيو ۽ امتياز شامل آهن. فوت ٿي ويل هڪ ٻار جي والدين ٻڌايو ته الهجڙيو کي بدين جي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏنو. کيسر واري علائقي ۾ پيرسن ميوو ميربحر ۽ سندس زال جئيان دم فوت ٿي ويا. مٺي جي سول اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب 28 ورهين جي مهيش سنگجو دم ڏنو. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته خوراڪ جي کوٽ سبب موت جو راڪاس انساني حياتيون ڳڙڪائي رهيو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن مٺي جي سول اسپتال ۾ 3 ابهم ٻارڙا فوت ٿي ويا هئا، جن ۾ پورهيت هوٿي ڪولهي، غلام مصطفيٰ ۽ نگو بجير جا پٽ شامل آهن.

 

اليڪشن ڪميشن طرفان مراد علي شاهه جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري

ڀان سيد آباد(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 73 تي پ پ اميدوار سيد مراد علي شاهه بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جي اليڪشن ڪميشن ان جي بنا مقابلي چونڊجڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته سيد مراد علي شاهه هن وقت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار طور ڪم ڪري رهيو هو جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اميدوار روشن علي ٻرڙو اميدوار هو جنهن ڪالهه رات پ پ اميدوار سيد مراد علي شاهه جي حق ۾ هٿ کڻي ويو هو جنهن کانپوءِ سندس مقابلي ۾ ڪوبه اميدوار نه هجڻ سبب ان کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو ۽ اڄ سنڌ جي اليڪشن ڪميشڻ ان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.