تازيون خبرون

Daily Archives: November 9, 2014

نوابشاهه جي خانگي اسپتال ۾ عورت چئن ٻارڙن کي جنم ڏنو

نوابشاهه (ڊ ر) نوابشاهه جي خانگي اسپتال ۾ عورت چئن ٻارڙن کي جنم ڏنو آهي،ڊاڪٽرن موجب ماءُ ۽ سندس چارئي ٻارڙا صحتمند آهن. شهر جي منو آباد واري علائقي جي رهواسڻ انعم کي ويم جي لاءِ خانگي اسپتال داخل ڪرايو ويو،جتي هن چئن ٻارڙن کي جنم ڏنو. خانگي اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب ويم وقت‎ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي پر آپريشن ڪامياب رهيو. ڊاڪٽرن واضح ڪيو ته ويم بعد عورت انعم ۽ سندس چئني ٻارڙن جي صحت بهتر آهي. هوڏانهن ٻارڙن جي والد علي رضوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چئن ٻارڙن جي نعمت نصيب ٿيڻ تي هو تمام گهڻو خوش ۽ الله پاڪ جو ٿورائتو آهي..

 

 

 

ڪراچي ۾ پوليس مقابلي دوران لياري گينگ وار جو ڪارندو مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياري ۾ پوليس مقابلي ۾ لياري گينگ وار جو ڪارندو مارجي ويو، لياري جي علائقي ڪلاڪوٽ ۾ پوليس مقابلي ۾ گينگ وار جو ڪارندو مارجي ويو، پوليس موجب گينگ وار جو ڪارندو قتل، قتل جا قدم ۽ ڀته خوري جي وارداتن ۾ پوليس کي گهربل هيو، جوابدار جو تعلق گينگ وار جي عزير بلوچ گروپ سان آهي، پوليس چيو آهي ته مارجي ويل جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ به موجود آهي جيڪو قتل ۽ ڀته خوري جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث هيو.

 

ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ موت جو راڪاس برقرار, وڌيڪ هڪ ٻار فوت، ٻارڙن جو انگ وڌي 59 ٿي ويو

ٿرپارڪر (نمائندو) مارئي جي ديس ۾ موت جي راڪاس جو رقص جاري آهي، اڄ وڌيڪ هڪ ابهم ٻارڙو موت جو بَک بڻجي ويو آهي، ڏيڊ مهيني ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 59 ٿي ويو. مٺي جي سول اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ تازي ڄاول ٻار دم ڏئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽرن موجب ٻارڙو انتهائي ڪمزور هيو، جنهن علاج دوران دم ڏنو. اڄوڪي فوت ٿي ويل ٻارڙي سميت ٿر ۾ ڏڪار سبب ڏيڍ مهيني ۾ فوت فوتين جو انگ وڌي 59 ٿي ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به 4 ٻار فوت ٿي چڪا هئا. مٺي جي سول اسپتال ۾ ٽن مهينن جي سنديش ۽ ڏيپلي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ ٻه ٻار فوت ٿي ويا هيا، جڏهن ته ڇهن ورهين جي ڪائنات سوٽهڙ حيدرآباد جي اسپتال ۾ دم ڏنو هو.

 

چين سان اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي معاهدن سان پاڪستان ۾ ترقي جا نوان رستا کلندا: شهبازشريف

لاهور (م.ڊ) پنجاب جي وڏي وزير محمد شهبازشريف چيو آهي ته چين وزيراعظم نوازشريف جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو چين جي دوري ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جا معاهدا ٿيا جنهن سان پاڪستان ۾ ترقي جا نوان رستا کلندا چين جي تعاون سان ٺهندڙ منصوبن ۾ شفافيت ۽ اعليٰ معيار هوندو چين جي دوري تان وطن واپس ورڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته پاڪ چين دوستي ۾ ڪائي رنڊڪ نٿي اچي سگهي. وزيراعظم نوازشريف جي دوري دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ 19 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشت تي صحيون ڪيون ويون جنهن ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري توانائي جا منصوبا اقتصادي ۽ ٽيڪينڪي تعاون جا معاهدا شامل آهن.

 

ڀارتي اداڪاره هما قريشي ڀارتي ميگزين جي ٽائيٽل پيج جي زينت بڻجي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره هما قريشي ڀارتي ميگزين جي ٽائيٽل پيج جي زينت بڻجي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق هما قريشي ڀارتي اسٽار وويڪ ميگزين جي ٽائيٽل پيج جي زينت بڻجي وئي آهي. هما قريشي انتهائي دلڪش انداز ۾ ٽائيٽل پيج تي نظر اچي رهي آهي. ميگزين ۾ اداڪاره جو هڪ مڪالو به شايع ٿيو آهي

 

شڪتي ڪپور فلم ۾ ڪردار لاءِ پنهنجو وزن 8 ڪلو گهٽائي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار شڪتي ڪپور فلم ”شملا مرچي“ ۾ ڪردار لاءِ پنهنجي وزن ۾ 8 ڪلو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، ميڊيا ذريعن موجب شڪتي ڪپور رميش سپي جي فلم ”شملا مرچي“ ۾ ڪردار جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجو وزن گهٽايو آهي، هن وزن گهٽائڻ لاءِ اداڪاره شرڌا ڪپور سان روزانو گڏجي جيم وڃڻ شروع ڪيو هو، جنهن ڪري هاڻي هو ڪردار لاءِ بلڪل تيار ٿي چڪو آهي، رپورٽ موجب هن ڪردار ڀرپور نموني نڀائڻ لاءِ تربيتي ڪلاس پڻ ورتا آهن، فلم جي ٻا ڪاسٽ ۾ هيما مالني، راج ڪمار ۽ ٻيا شامل آهن، فلم جي عڪسبندي جلد شروع ٿيندي

 

بالي ووڊ فلمساز روي ڪمار جي حالت ۾ بهتري اچي ويئي

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ فلمساز روي ڪمار جي حالت ۾ بهتري اچي ويئي آهي. ڀارت جي بريج ڪينيڊي اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته فلمساز روي ڪمار جنهن کي گڙدن جي تڪليف جي ڪري اسپتال ۾ رکيو ويو هو ان جي حالت سڌرندڙ آهي جيڪو جلد صحتياب ٿي ويندو. 68 سالا فلمساز جي آخري رليز ٿيندڙ فلم باغبان آهي جنهن کي عالمي سطح تي مڃتا ملي.

 

فن کي سماج ۾ تبديلي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو: شبانه اعظمي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪاره شبانه اعظمي چيو آهي ته فن کي سماجي تبديلي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته فن هڪ اهڙي شئي آهي جنهن کي اسان استعمال ڪري سماج ۾ بهتر تبديلي آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن مڪمل انٽرٽينمنٽ پيڪيج فلم بڻائي پئي وڃي ته فلمسازن کي انٽرٽينمينٽ فلم جو مطلب به خبر هجڻ گهرجي. جنهن جي عڪاسي سندن فلم ڪري ته جيئن ماڻهو صحيح معنيٰ ۾ تفريح ماڻي سگهن فلم به ڪامياب رهي. هن چيو ته هوءَ 24 آگسٽ کان فلم ”هيپي برٿ ڊي سنيا“ جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ لنڊن ۾ آهي ۽ هتي هڪ فليٽ ۾ رهي ٿي جتي هوءَ پنهنجا سمورا ڪم پاڻ ڪري ٿي ۽ اهو سندس نئون ۽ دلچسپ تجربو آهي. اها فلم جلد سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي

 

پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي اهتمام هيٺ ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي اهتمام هيٺ ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ (سڀاڻي) اڱاري کان جناح اسٽيديم اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي جنهن جو افتتاح بين الصوبائي رابطن جو وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ڪندو جڏهن ته افتتاح تقريب جو خاص مهمان ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن جو صدر سليمان بن ابراهيم الخليفه هوندو. پاڪستان فٽبال فيڊريشن جو سيڪريٽري ڪرنل (ر) احمد يار خان لوڌي بڌايو ته 20 نومبر تائين جاري رهندڙ چيمپيئن شپ ۾ 8 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون. هن چيو ته اها چيمپيئن شپ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهي آهي.

 

قومي فٽبال چيمپيئن شپ ايندڙ مهيني کيڏي ويندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پاڪستان قومي فٽبال فيڊريشن جي انتطام هيٺ قومي فٽبال چيمپيئن شپ ايندڙ مهيني ڊسمبر ۾ اسلام آباد ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان قومي فٽبال فيڊري شن جي صدر حاجي طارق محمود بڌايو ته چيمپيئن شپ ۾ سڄي ملڪ مان 7 ٽيمون حصو وٺنديون. جن ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواه، فاٽا، آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جون ٽيمون شامل آهن. هن ٻڌايو ته چيمپيئن شپ جو آرگنائيزنگ سيڪريٽري عدنان ملڪ هوندو ۽ ميزباني جا فرض اسلام آباد فٽبال ايسوسيئيشن ادا ڪندي ۽ تاريخ جو اعلان ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو