تازيون خبرون

Daily Archives: November 5, 2014

ڪينجهر ۾ ٻيڙي اونڌي، 4 ڄڻا ٻڏي ويا، 10 کي بچايو ويو، 2 لاش هٿ

ٺٽو(ڊ.ر) ڪينجهر ڍنڍ ۾ گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 4 ڄڻا ٻڏي ويا آهن جڏهن ته ريسڪيو آپريشن ۾ 10 ڄڻن کي زنده بچايو ويو آهي ٻيڙي ۾ سوار 14 ڄڻا نوري ڄام تماچي جي مزار تان زيارت ڪري واپس اچي رهيا هئا ته اوچتو انهن جي ٻيڙي اونڌي ٿي پئي جنهن سبب حادثو پيش آيو ريسڪيو اهلڪارنطرفان 2 لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته باقي 2 جي تلاش جاري آهي.

 

ڪراچي انتظاميا پوليو ورڪرن جي سيڪيورٽي لاءِ 700 پوليس اهلڪار گهري ورتا

اسلام آباد (بيورو) ڪراچي انتظاميا پوليو ورڪرن جي سيڪيورٽي لاءِ آءِ جي سنڌ کان 0 0 7 پوليس اهلڪار گهري ورتا. تفصيل موجب ڪمشنر ڪراچي طرفان پوليو ورڪرن جي سيڪيورٽي لاءِ آءِ جي سنڌ کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ پوليو روڪٿام مهم جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس اهلڪارن جي سخت ضرورت آهي، شهر ۾ ڪم ڪندڙ پوليو ٽيمن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ 0 0 7 اهلڪار فراهم ڪيا وڃن. ياد رهي ته وڏي وزير پوليو مهم جي سيڪيورٽي لاءِ الڳ فورس بڻائڻ جو حڪم ڏنو هو. خط جي متن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورس جي جوڙجڪ ۾ دير سان مهم ناڪام ٿيڻ جو خدشو آهي.

 

خيبر ايجنسي ۾ فورسز جي ڪارروائي، 5 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نري بابا جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ انهن جا 5 ٺڪاڻا پڻ تباهه ٿي ويا، سيڪيورٽي فورسز خيبرايجنسي جي علائقي نري بابا ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي پڻ تباهه ڪيو ويو ياد رهي ته 3 ڏينهن پهريان خيبر ايجنسي جي علائقي جهانسي قلعه ۾ سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو هو، ان کان هڪ ڏينهن پهريان به خيبرايجنسي جي علائقي باڙه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 14 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

 

ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت، تعداد 37 ٿي ويو

ٿرپارڪر(رپورٽر) مٺي ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي جنهن کانپوءِ 5 هفتن ۾ غذائي کوٽ سبب فوت ٿيل ٻارڙن جو تعداد 37 ٿي ويو آهي، تفصيل موجب مٺي جي سول اسپتال ۾ اڍائي سالن جي ٻارڙي زبيده علاج دوران وفات ڪري وئي جيڪا ڪيترن ئي ڏينهن کان اتي علاج هيٺ هئي، اهڙي طرح گذريل پنجن هفتن دوران اسپتال ۾ فوت ٿيل اها 37 ٻارڙي آهي جڏهن ته مٺي جي سول اسپتال ۾ اڃان 80 ٻار علاج هيٺ آهن ۽ ڪيترن ئي ٻين کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد به اماڻيو ويو آهي، ياد رهي ته وزيراعظم نواز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ خوراڪ واري صوبائي وزير طرفان ٿرپارڪر ضلعي ۾ غذائي کوٽ جو نوٽيس ورتو ويو هو پر ان جي باوجود ڪجهه به نه وريو ۽ غذائي کوٽ سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي.

 

ريتڪ روشن ۽ سوزاني خان ۾ قانوني طور تي طلاق ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)اداڪار ريتڪ روشن ۽ سوزاني خان ۾ قانوني طور تي طلاق ٿي وئي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ڊسمبر 2013ع ۾ عليحدگي کان پوءِ ريتڪ روشن ۽ سوزاني عدالت جي ذريعي طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو. ريتڪ جي وڪيل مطابق ٻنهي جي وچ ۾ طلاق بردباري ۽ منفرد طريقي سان ٿي. عدالت ۾ هڪ ٻئي تي ڪو به الزام نه هنيو ويو.

 

اداڪار فيصل خان ٻيهر فلمن ۾ نظر ايندو

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار عامر خان جو ڀاءُ فيصل خان ٻيهر فلمن ۾ نظر ايندو. ڀارتي ميڊيا مطابق فيصل خان نو سال پهرين هڪ فلم کان پوءِ بالي ووڊ مان عليحدگي اختيار ڪئي هئي پر عامر خان جي ويجهن حلقن سندس ڀاءُ جي ٻيهر انڊسٽري ۾ اچڻ جي اطلاع ڏني آهي. اداڪار فيصل خان فلم ”چنار داستان عسٰ“ ۾ ايندو جيڪا تياري جي شروعاتي مرحلن ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته چنار وشال ڀردواج جي فلم ”حيدر“ جي نموني جي هوندي.

 

سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن پنهنجي 41 هين سالگره ملهائي

(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن پنهنجي 41 هين سالگره ملهائي،  ايشوريا راءِ پهرين نومبر 1973ع تي ڀارتي شهر منگلورو ۾ ڄائي، 1994ع ۾ هن مس ورلڊ جو اعزاز ماڻيو، ايشوريا فني ڪيريئر جي شروعات تامل فلم سان ڪئي ۽ 1997ع ۾ هن بالي ووڊ ۾ فلم ”اور پيار هو گيا“ سان انٽري ڏني، ايشوريا جي پهرين سپر هٽ فلم ”هم دل دي چڪي صنم“ هئي جنهن کان پوءِ اداڪارا فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪاميابين جا جھنڊا کوڙيا، ايشوريا جي ڪيريئر جي ڪامياب فلمن ۾ ”تال، ديوداس، جوڌا اڪبر، محبتين، ڌوم-2، گُرو“ ۽ ٻيون شامل آهن جڏهن ته هن بين الاقوامي فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، ايشواريا کي سندس شاندار اداڪاريءَ تي ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا 2007ع ۾ مشهور بالي ووڊ ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن جي وڏ وَر  پٽ اڀيشيڪ بچن سان شادي ڪئي.

 

شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه اقبال جو جنم ڏينهن 9 نومبر تي انتهائي عقيدت سان ملهائيو ويندو

حيدرآباد (شوبز نيوز) مسلمانن لاءِ الڳ سرزمين جو خيال پيش ڪندڙ اوڀر جي ناليواري شاعر علامه اقبال جو هڪ سئو 37 هون جنهن ڏينهن 9 نومبر آچر ڏينهن ملهايو ويندو. ان موقعي تي ٽي وي ۽ ريڊيو چئنل خصوصي پروگرام نشر ڪندا جن ۾ شاعر مشرق جي حياتي، نظرين ۽ ڪاميابين تي روشني وڌي ويندي. 9 نومبر 1977ع تي سيالڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ علامه اقبال ٻه قومي نظريو پيش ڪندي چيو ته هندستان ۾ مسلمانن لاءِ الڳ سرزمين هجڻ گهرجي، جنهن کي بعد ۾ پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. اوڀر جي شاعر علامه اقبال جي شاعريءَ جي مجموعن جو اردو ۽ انگريزي سان گڏ مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾ بانگِ درا، بالِ جِبريل، رمُوزِ بيخوديِ، پيامِ مشرق، ضربِ ڪليم ۽ مسافر شامل آهن

 

هڪ اڳواڻ جي حيثيت سان پنهنجي ٽيم سان مڪمل انصاف ڪري رهيو آهيان، مائيڪل ڪلارڪ

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو آهي ته پاڪستان کان تاريخي شڪست جي باوجود ٽيم جي قيادت لاءِ پراميد آهيان جڏهن ته مائيڪل ڪلارڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ بدقسمتي سان بهتر راند جو مظاهرو نه ڪري سگهيو متحده عرب امارات ۾ پاڪستان کان ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش کان پوءِ ڏيهه ورڻ تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪينگرو ڪپتان جو چوڻ هو ته کيس لڳي ٿو ته هو هڪ قائد جي حيثيت سان پنهنجي ٽيم سان مڪمل انصاف ڪري رهيو آهي هو هاڻي به ٽيم لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو ڇو ته گذريل پنجن سالن ۾ رانديگر ۽ ڪپتان طور ان جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل رهيو آهي.

 

مردن جي والي بال مئچ ڏسڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ايراني عورت جي جيل ۾ بک هڙتال

تهران (اسپورٽس نيوز) ايران ۾ مردن جي والي بال مئچ ڏسڻ جي الزام ۾ گرفتار عورت گنچاڪوامي بک هڙتال شروع ڪئي گنچا جي ماءُ سوسن مشتگيان برطانوي نشرياتي اداري کي ٻڌايو ته پنهنجي غير قانوني گرفتاري خلاف احتجاج ڪري رهي آهي سوسن مشتگيان ٻڌايو ته هن جي ڌيءَ ڪنهن عدالتي حڪم کان سواءِ پنهنجي گرفتاري ۽ عدالت پاران ڪيس جو فيصلو نه ڪرڻ جي خلاف احتجاج ڪري رهي آهي.