تازيون خبرون

Daily Archives: November 1, 2014

اورڪزئي ايجنسي، سيڪيورٽي فورسز سان چڪريون، 0 2 دهشتگرد مارجي ويا، 6 اهلڪار شهيد

اورڪزئي ايجنسي، پشاور، ٽل (م.ڊ) اورڪزئي ايجنسي ۽ خيبر ايجنسي جي وچ تي واقع علائقي شيرين دره ۾ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين ۾ 0 2 دهشتگرد مارجي جڏهن ته 6 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا، زخمين کي ويجهي اسپتال پهچايو ويو، ماموند لڳ علائقي ڪمرسر ۾ رستي ڪناري پوريل بارودي سرنگ ڦاٽڻ سان 2 ليويز اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا. نجي ٽي وي موجب اورڪزئي ايجنسي ۽ خيبر ايجنسي جي وچ تي واقع علائقي شيرين دره ۾ شدت پسندن سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪاروائي ۾ 0 2 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي حڪام جو چوڻ آهي ته اڃا تائين اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته چڪرين ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق ڪهڙي گروپ سان هو. سيڪيورٽي حڪام چيو آهي ته چڪرين ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن کي تڪڙو سينٽرل ملٽري اسپتال ٽل پهچايو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. باجوڙ ايجنسي جي تعلقي ماموند لڳ علائقي ڪمرسر ۾ رستي ڪناري پوريل بارودي سرنگ ڦاٽڻ سان 2 ليويز اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي تڪڙو اسپتال پهچايو ويو جتي هڪ اهلڪار زخمن جي سَٽ نه سهندي ساهه ڏئي ويٺو، علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو.

 

قوم ڄاڻڻ چاهي ٿي ته ڪرپشن ڪيس ۽ سوموٽو ايڪشن افتخار چوڌري جا ئي شوق هئا: قمرزمان ڪائره

گوجر خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي سڌسماءَ جي وزير قمرزمان ڪائره چيو آهي ته قوم معلوم ڪرڻ گهري ٿي ته ڇا ڪرپشن ڪيس ۽ سوموٽو ايڪشن افتخار چوڌري جا ئي شوق هئا عدالتي ٽرائيل سان گڏ اسان جو ميڊيا ٽرائيل به ٿيندو رهيو ڌانڌلي جو ڄاڻيندي به فقط جمهوري عمل جي سلسلي ۾ نتيجا قبول ڪيا اسان جي دور ۾ ٽي وي چئنلن جي بريڪنگ نيوز عدالت جي ڪمري مان هلندي هئي ميڊيا کي پنهنجي لاءِ ضابطئه اخلاق خود جوڙڻو پوندو اهڙن خيالن جو اظهار قمرزمان ڪائره گذريل ڏينهن رينجنل يونين آف جرنسلٽس گوجر خان جي وفد سان هڪ خصوصي نشست دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو وفد جي قيادت يونين جو صدر راجا ارشد ڪري رهيو هو ان موقعي تي وفاقي سيڪريٽري انفارميشن محمد اعظم ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو صدر افضل بٽ ۽ ٻيا صحافي پڻ موجود هئا.

 

ن ليگ ۾ وڏيون تبديليون ڏسي رهيو آهيان، پ پ ۽ اين اين پي به ڌرڻا پيون هڻن: شيخ رشيد

ملتان (م.ڊ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڳالهين جي حل لاءِ تيار آهيون حڪومت اڃا تائين مسئلن جي حل لاءِ دري به ناهي کولي ملتان ۾ او جي ڊي سي ايل جي ملازمن کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڳالهين لاءِ تيار آهيون جڏهن ته اسحاق ڊار خاطري کان پوءِ ٻيهر نه آيو ۽ هاڻي 30 نومبر تي عمران خان جو ڪنٽينرن تي احتجاج اسيمبلي سان وڌيڪ موثر هوندو ماڊل ٽائون سانحي ۾ شيشا ٽوڙيندڙن سان گڏ گهرن جا چراغ گل ڪندڙن کي به بي نقاب ٿيڻ گهرجي هن چيو ته مختلف ادارن ۾ ونڊ ورهاست جو سلسلو جاري آهي.

 

سياست شجره ممنوعه نه آهي، وقت اچڻ تي سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪندس: افتخار چوڌري

گجرات (م.ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته سياست شجره ممنوعه نه آهي وقت اچڻ تي سياست ۾ اچڻ جو فصيلو ڪيو ويندو گجرات ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوني چيف جسٽس چيو ته عمران خان پاران چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام بي بنياد آهن 2013 جي چونڊن ۾ چونڊون مان نه ڪرايون ۽ چيف جسٽس جو رٽرننگ آفيسر سان ڪوئي تعلق ناهي هوندو جڏهن ته عمران خان جي خلاف ڪيس جلد فائل ڪندس هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ جڊيشل پاليسي اسان ٺاهي ته جيئن عوام کي تڪڙو انصاف ملي جڏهن ته حڪومت کي گهرجي ته عدل انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪري.

 

اها ڳالهه پسند ناهي ته منهنجي پريانڪا چوپڙا سان ڀيٽ ڪئي وڃي : پرينيتي چوپڙا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پرينيتي چوپڙا چيو آهي ته کيس اها ڳالهه پسند ناهي ته هن جي ڪنهن ٻي اداڪاره سان ڀيٽ ڪئي وڃي. ڀارتي ميڊيا مطابق پرينيتي چوپڙا پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڪڏهن هن جي پنهنجي ڪزن پريانڪا چوپڙا سان ته ڪڏهن وري منارا سان ڀيٽ ڪئي ويندي آهي ۽ منهنجي پنهنجن ڪزنز جي فلمن سان ڀيٽ ڪئي ويندي آهي ته ڪهڙي اداڪاره اڳيان نڪري ويندي ۽ ڪهڙي پوئتي ٿي ويندي جيڪا بالڪل غلط ڳالهه آهي. هر فنڪار جي فني صلاحيت ٻئي کان مختلف آهي. هن چيو ته منارا منهنجي ڀينرن جيان آهي جنهن سان هوءَ بي حد پيار ڪري ٿي. پرينيتي چوپڙا جي نئين فلم ”ڪل دل“ 14 نومبر تي سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

بالي ووڊ اداڪاره ايولين شرما ٿائي باڪسنگ سکي ورتي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ايولين شرما ٿائي باڪسنگ سکي ورتي. ڀارتي ميڊيا مطابق ايولين شرما پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڪجهه وقت اڳ هڪ ٽي وي شو ”لائيف“جي شوٽنگ لاءَ ٿائيلينڊ ۾ هئي جتي هن بي حد انجواءِ ڪيو ۽ ٿائي طرز جي باڪسنگ جي خاص سکيا پڻ ورتي. هن چيو ته باڪسنگ سکڻ پنهنجو دفاع ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي جنهن ذريعي ماڻهو فٽ رهو ٿا. ايولين شرما جي تازو رليز ٿيل فلم ”نو ٽنڪي ساله“ آهي جنهن مناسب بزنس ڪيو آهي.

 

بالي ووڊ اداڪار رشي ڪپور کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رشي ڪپور کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا مطابق رشي ڪپور کي مليريا سبب اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو پر هاڻي هو مڪمل صحتياب ٿي چڪو آهي ۽ کيس اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي. رشي ڪپور جي ڪٽنب مطابق هو هاڻي بالڪل ٺيڪ آهي ۽ گهر اچي ويو آهي

 

انوپم کير سان ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي: اڪشي ڪمار

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ هيرو اڪشي ڪمار چيو آهي ته کيس اداڪار انوپم کير سان ڪم ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو. ڀارتي ميڊيا مطابق اڪشي ڪمار هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته هن انوپم کير سان ڪيترن ئي فلمن ۾ گڏ ڪم ڪيو.اسان ٻنهي جي پهرين فلم ”ديدار” هئي جيڪا 1992ع ۾ رليز ٿي هئي. هن چيو ته اسان فلم ”شوقين “ ۾ به ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته منهنجي انوپم کير سان سٺي دوستي آهي ۽ هو انوپم جو سينيئر اداڪار طور بي حد احترام ڪندو آهي. اڪشي ڪمار جي نئين فلم ”شوقين“ 7 نومبر تي رليز ٿيندي.

 

بوم بوم آفريديءَ بيٽنگ فارم بهتر بڻائڻ لاءِ چئن سالن کان پوءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) بوم بوم آفريديءَ بيٽنگ فارم بهتر بڻائڻ لاءِ چئن سالن کان پوءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ جو فيصلو ڪيو هو، هن گذريل هفتي حبيب بئنڪ طرفان قائد اعظم ٽرائي سلور ليگ جو ميچ کيڏڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ذاتي ڪم سانگي بئنڪاڪ وڃڻ ڪري هو ميچ ۾ شريڪ نه ٿي سگھيو هو، حبيب بئنڪ جي اسپورٽس ڊائريڪٽر موجب هن هفتي بهاولپور خلاف ميچ کيڏڻي هئي، پر شاهد آفريديءَ کي بخار ٿي پيو آهي جنهن ڪري هو بينڪ جي ٽيم سان گڏ بهاولپور نه وڃي سگھيو.

 

راجر فيڊرر ۽ اينڊي مري پيرس ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽ جي ٽئين رائونڊ ۾ پهچي ويا

پيرس (اسپورٽس نيوز) سوئٽزرلينڊ جو راجر فيڊرر ۽ برطانيا جو اينڊي مري پيرس ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽ جي ٽئين رائونڊ ۾ پهچي ويا، فرانس ۾ هلندڙ پيرس ماسٽرز ٽينس ٽورنامينٽ جي ٻئين رائونڊ ۾ فيڊرر سخت مقابلي کان پوءِ فرانس جي جرمي چارڊي کي هارايو، سندس اسڪور 7-6،6-7 ۽ 6-4 سيٽ رهيو، ٻئي رائونڊ جي هڪ ٻي ميچ ۾ برطانوي اسٽار اينڊي مري فرانس جي جولين بينيستو کي اسٽريٽ سيٽن ۾ هارائي ٽئين رائونڊ ۾ پهچي ويو