تازيون خبرون

Monthly Archives: October 2014

ڀارت اي سريلنڪا کي ٽوئر ميچ ۾ 88 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ممبئي(اسپورٽس نيوز) روهيت شرما ۽ منيش پانڊي جي شاندار سينچرين عيوض ڀارت اي سريلنڪا کي ٽوئر ميچ ۾ 88 رنسن تان هارائي ڇڏيو. سريلنڪا ٽيم 382 رنسن جو مشڪل  هدف مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 294 رنسون ٺاهيون. ممبئي ۾ کيڏيل ٽوئر ميچ ۾ ڀارت جي اي ٽيم پهريون کيڏندي مقرر اوور ۾ 6 وڪيٽن تي 382 رنسون ٺاهيون، روهيت شرما 142 رنسن جي دلڪش اننگز کيڏي جڏهن ته منيش پانڊي 135 رنسون ٺاهي ناقبال شڪست رهيو. انمڪت 51 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڊهميڪا پرسياد 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ سريلنڪن ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 294 رنسون ٺاهيون. اپل ٿرنگا 76 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. ڪرن شما 9 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

 

آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وومنز وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي عورت ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چئن ٽي 20 ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ميچ (سڀاڻي) آچر تي سڊني ۾ کيڏي ويندي. تفصيل مطابق ويسٽ انڊيز جي عورت ٽيم آسٽريليا ۾ موجود آهن جتي هوءَ 4 ٽي 20 ۽ چئن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽي 20 ميچ 2 نومبر تي نارٿ سڊني ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽي 20 ميچ 5 نومبر تي ايڊيليڊ، ٽين 7 نومبر تي ميلبورن جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ميچ 9 نومبر تي سڊني ۾ کيڏي ويندي.

 

”سامونڊين سائين! واءُ سڻائو وارئين ؛ مشتاق گبول

                         تازي آيل ٻوڏ کانپوءِ طوفان ”نيلوفر“ اچي پيو، جيڪو ڪراچي کان 250 ڪلوميٽر جي فاصلي تان گذري ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته انهيءَ طوفان جون ٻاهريون لهرون پاڪستان جي ساحلن سان ٽڪرائبيون. طوفان جي گذرڻ وقت سنڌ جي ساحلي علائقن ۽ ٿر واري پٽي ۾ تيز هوائون هلنديون ۽ مينهن وسندو.

چيو پيو وڃي ته اهو سامونڊي طوفان چوڏهن ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان وڌي رهيو آهي. هندستان پنهنجي ساحلي پٽي جا اسڪول ۽ ڪاليج ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ 200 امدادي ڪيمپون قائم ڪري ورتيون آهن. جڏهن ته ان جي برعڪس وفاقي حڪومت يا سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن اڃا تائين امدادي ڪئمپون قائم ناهن ڪيون ۽ نه ئي ماڻهن کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ئي ڪري سگهيا آهن. منتقلي جي حوالي سان ڏسجي ته هندستاني حڪومت، هن وقت تائين 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تائين پهچايو آهي.

مينهن، زلزلا ۽ طوفان، قدرتي آفتون آهن، انهن کي روڪڻ ماڻهو جي وس کان ٻاهر آهي پر انهن قدرتي آفتن کي منهن ڏيئي سگهجي ٿو، انهن کان احتياطي اُپاءُ وٺي سگهجن ٿا، جنهن سان انساني جانيون بچائي سگهجن ٿيون پر اسان وٽ قصو ان جي اُبتڙ آهي! هنگامي حالتون لاڳو ڪيون وڃن ٿيون ۽ ساحلي علائقا خالي ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪئي وڃي ٿي! ائين ڪري وزير وڙا ڄڻ ته پنهنجي پاڻ کي ذميوارين کان آجو قرار ڏين ٿا پر انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نه پئي اچي ته ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ذميواري حڪومت جي آهي تنهن ڪري اِهو سوال ٿو اُٿي ته سخت متاثر ٿيندڙ ساحلي علائقا خالي ڪرائڻ لاءِ اڄ تائين وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ڪهڙا بندوبست ڪيا آهن؟

ٺٽي، بدين، سجاول، ٿرپارڪر ۽ ڪراچي ۽ سنڌ سرڪار هنگامي حالتن جو اعلان ڪري، ڇا پنهنجي ذميواري کان آجي ٿي وئي آهي؟

سنڌ حڪومت اهو ڇو نه پئي ٻُڌائي ته هن وقت تائين ڪيتريون امدادي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن؟

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سمورن ساحلي علائقن ۾ هنگامي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته انهن علائقن جي رهائشي ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اُهي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي وڃن. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته انساني جانين جي نقصان کان بچڻ جي لاءِ حڪومت، وڏن اشتهاري بورڊن کي هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي مالڪن کي به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اُهي پنهنجا اشتهاري بورڊ هٽائي ڇڏين جيڪڏهن انهن جي ڪري ڪنهن انساني جان جو نقصان ٿئي ٿو ته ان جي ذميواري اُنهن جي هوندي ۽ ان صورت  ۾ اُنهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي! انهيءَ بيان کي غور سان پڙهجي ته خبر پئجي ويندي ته حڪومت اشتهاري بورڊ هٽائڻ وارو ڪم به نه ڪري سگهندي!

جيڪا حڪومت، طوفان جي اچڻ تائين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ڪري سگهي هُجي، جيڪا حڪومت، امدادي ڪئمپون قائم نه ڪري سگهي هجي ته اُها حڪومت ٻيو ڇا ڪري سگهندي؟ ان حڪومت کان باقي ٻيو ڪهڙو ڪم ٿي سگهندو؟ سنڌ حڪومت کي 1998ع ۾ آيل طوفان کي نه وسارڻ گهرجي، جنهن بدين ۾ وڏي تباهي آندي هُئي ۽ ماڻهن هنيانو ڏاريندڙ منظر اکين سان ڏٺا هئا، جن ۾ وڻن تي ٽنگيل ماڻهن جي لاشن کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي؟

سامونڊي طوفانن جي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ۽ رڳو پاڙيسري ملڪ هندستان کي ڏسجي ته اُتي به سامونڊي طوفان تباهي مچائيندا رهيا آهن. 1999ع ۾ ڀارت جي رياست اڙيسه ۾ آيل ”سپر سائيڪلون“ سان ڏهه هزار مٿي ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ڀارت جي ساحلي پٽي ۾ ”هُد هُد“ طوفان ٽڪرايو هو، جنهن سان 40 کان مٿي انساني جانين جو نقصان ٿيو هو ۽ وڏي پئماني تي مالي نقصان پڻ ٿيو هو. ڀارت کي انهيءَ طوفان جي ڪري ساڍا ٽي لک ماڻهو، محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ڪرڻا پيا هئا!

انهيءَ حوالي سان ڏسجي ته سنڌ حڪومت وٽ هنگامي حالتن وقت اُهي ڪهڙا ذريعا آهن؟ جن جي ذريعي هلندڙ مصيبت ۾ هوءَ ماڻهن کي محفوظ ماڳن ڏانهن منتقلي وارو ڪم ڪري سگهي ٿي.

اسان جي ملڪ جي اها بدقسمتي آهي ته اهو اڃا تائين  مينهن، طوفان، زلزلن ۽ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل اوزار ۽ ذريعا قائم نه ڪري سگهيو آهي! ٻوڏون اينديون آهن ته تباهي مچائي وينديون آهن، مينهن وسندا آهن ته تباهي مچائي ويندا آهن ۽ طوفان ايندا آهن ته اُهي پڻ وڏي تباهي آڻيندا آهن! پر اسان وٽ گهربل سامان، مشينري ۽ اوزار نه هجڻ ڪري، امدادي ٽيمون، امدادي ڪاررواين وقت بهتر ۽ خاطر خواهه نتيجا نه ڏيئي سگهنديون آهن!

ڏٺو وڃي ته ماڻهن کي قدرتي آفتون ۽ مصيبتون گهٽ مارينديون آهن پر حڪومت جي غفلت وڌيڪ ماريندي آهي؟

انڊيا ۾ ڇنڇر تي طوفان ايندو. پر انهن هن مهل تائين نه رڳو 30 هزار ماڻهو محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ڪيا آهن پر 200 امدادي ڪيمپون پڻ قائم ڪري ورتيون آهن ۽ اسان جي حڪومتن جي حالت اها آهي جو طوفان اچي ويو آهي پر اڃا تائين اُهي ڪجهه ناهن ڪري سگهيون!

وفاقي حڪومت، ’نيلوفر‘ طوفان جي آمد جي حوالي سان سنڌ حڪومت کان لاتعلق بڻيل آهي! انهيءَ لاتعلقي کي ڇا سمجهجي؟

انهيءَ کان علاوه جيڪي هوڙها ۽ ٻيڙيون سمنڊ ڏانهن ويل هيون، اُنهن مان پڻ اڃا تائين گهڻن جي واپسي ناهي ٿي!

حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ حڪومتون اهڙي قسم جو بندوبست نه ڪري سگهيون آهن، جو انهن ٻيڙن ۽ هوڙهن جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهي سگهجي ۽ وقت بوقت اُنهن ماڻهن کي قدرتي مصيبتن ۽ آفتن کان آگاهي ڏيئي سگهجي!

’نيلوفر‘ طوفان سنڌ جي ساحلي پٽي جي ماڻهن جو ساهه سُڪ ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته ماڻهو، حڪومتي دعوائن ۽ اعلانن کان واقف آهن. اُهي سمجهن ٿا ته مصيبت جي وقت ۾ حڪومت ڪجهه به نه ڪري سگهندي آهي ۽ نه ئي حڪومت وٽ اهڙا ڪي ذريعا آهن، جو اُن جون امدادي ٽيمون، طوفان جي وقت ريسڪيو واريون ڪارروايون ڪري سگهنديون! تڏهن ته ماڻهو پريشان آهن ته طوفان سان الائي ڪيتري تباهي ايندي ۽ الائي جي ڪيترو نقصان ٿيندو!

هڪ طرف ماڻهو ’نيلوفر‘ طوفان جي ڪري تيز هوائون ۽ تيز مينهن پوڻ واري امڪان کان گهٻرايل آهن ۽ سوچي رهيا آهن ته مسلسل ٽي ڏينهن مينهن وسڻ ۽ تيز هوائن کان پاڻ کي بچائي سگهجي ٿو. ايترا ڏينهن، جيڪڏهن ڪراچي ۾ مسلسل مينهن وسندو رهيو ته اُهو مينهن پڻ اڳ وانگر وڏو نقصان ڪري سگهي ٿو ۽ ڪراچي مينهن جي پاڻي ۾ ٻُڏي سگهي ٿي ۽ غريبن جا ڪچا اجها ڪري سگهن ٿا. هڪ وڏي تباهي اچي سگهي ٿي ۽ ٻئي طرف سمنڊ ويل ٻيڙين ۽ هوڙهن ۾ سوار ماڻهن جون وَهون، وڻجاريون، هٿ مٿي کڻي ٽِمندڙ اکين ۽ سُڏڪي گاڏڙ آواز ۾ لطيف جي سِٽ، دعا طور ورجائي رهيون آهن:

”سامونڊين، سائين! واءُ ڻائو وارئين.“

ٿر جي صدا؛ مان سنگهه سوڍو

وطن پياري ۾ پياري ۾ پياري شيءِ آهي، وطن سان نه رُڳو ماڻهو پر جيت جانور ۽ پکي به پيار ڪندا آهن، هن وقت اسين نه رڳو ملير جا ماروئڙا يا رُڳو ٿري ۽ ڍاٽي آهيون، هن وقت ته اسين اُن آزاد ۽ خودمختيار مُلڪ جا باشندا آهيون، جنهن کي پاڪستان چئجي ٿو ۽ سنڌڙي جنهن کي ماءُ جهڙن لقبن سان پُڪاريون ٿا، اُهو اسان جو يعني صوبو آهي ۽ ٿرپارڪر ته اُن جو فقط هڪ ضلعو آهي، جنهن جي ايراضي فقط 19638 اسڪوائر ڪلو ميٽر ۾ پکڙيل آهي ۽ آدمشماري 15 لک جي لڳ ڀڳ ٻُڌائي پئي وڃي. هِن وقت ڏيپلو، مٺي، ڇاڇرو، ننگرپارڪر سميت اسلام ڪوٽ ۽ ڏاهلي کي پڻ تعلقي جو درجو ڏنو ويو آهي. ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٽوٽل ڳوٺ ئي 2305 آهن، 15 لک جي آبادي مان 50 سيڪڙو عورتون ۽ 20 سيڪڙو ٻار آهن، جڏهن ته هِن وقت به ٿر مان 3 ايم اين اي ۽ 5 ايم پي اي ۽ هڪ وزير به ٿر جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف وري هن سال ٿر کي ڏُڪار سٽيل قرار ڏئي ڪروڙين روپين جا سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت، بحريه ٽائون ۽ ٻين امدادي ادارن کان پڻ وڏا وڏا ٿر جي مُتاثرن جي بحالي لاءِ اعلان ڪيا ويا آهن، انهن ڪروڙين رپين جي امدادي اعلانن کانسواءِ هر ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي سال به سال فنڊ 5 کان 6 ڪروڙ پڻ ملن ٿا، پر سالن کان ملندڙ اُهي فنڊ ۽ اهي امدادي اعلان ڪٿي ۽ ڪهڙن ڳوٺن ۾ استعمال ٿيا ۽ خرچ ٿيا؟ انهن جو ٿر ئي ٻُڌائي پيو ۽ ٻُڌائيندو رهندو. پ پ سينيٽر گُل محمد لاٽ، ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ، سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، موجوده ايم اين اي فقير شير محمد جلالاڻي، ايم پي اي مهيش ملاڻي کان ضرور وري اليڪشن ۾ عوام ڏسڻ جي خواهشمند هوندي، جن اڳواڻن جي منهن ڏسڻ لاءِ هن وقت عوام پريشان پڻ آهي.کڻي قلم هٿ ۾ جي ڪيم ملير مُهاڙته سامهون ٿيون شور جون آيون ٿي آپارلکي ڇا لکان يار، درد رُڳو هن ديس ۾هي سٽون وري ورجائڻ کان آئون قطعي رهي نه ٿو سگهان ته مُون هِن دردن جي ديس ۾ ڀٽن جو ڀٽڪيل، اُداس ۽ اُڃايل، جيءَ جهُرندڙ جهانگيئڙن، سُڏسڪندڙ سانگيئڙن، منهن لٿل ماروئڙن اٽي، لٽي، اجهي ۽ پاڻي لاءِ سدا پريشان، اُس ۾ اُسڙ ڪندڙ الائي ڪيترن انسانن جون اُڀ ڏاريندڙ آهون ۽ دانهون ڪنن سان ٻُڌم ۽ اکين سان ڏٺم، ٿر چوڻ ۾ ڏاڍو سولو ۽ سادو آهي، پر هتي جي ماروئڙن جي زندگي ڏاڍي ڏکي ۽ اڙانگهي آهي، سچ پڇو ته هن ڌرتي جي باشندن گهڻو لوڙيو ۽ ڀوڳيو آهي، ڌارين جي يلغارن، بخاري پٺاڻن، انگريزن، ترخانن ۽ ارغونن کان علاوه ڪڏهن ڏڪارن ته ڪڏهن ٻوڏن، ڪڏهن طوفانن ته ڪڏهن زلزلن، ڪڏهن تڏن ۽ مَڪڙن ته ڪڏهن نام نهاد وياج خور اين جي اوز ۽ وياج خور وڏيرن به هِن ڀونءَ کي ڀيلائڻ ۽ سانگيئڙن کي سُور ڏيڻ ۾ ڪڏهن به ڪا ئي ڪسر ڪانه ڇڏي آهي، پر هن ڌرتي جي سدا سورمن ۽ سُورمين، سٻاجهڙن ۽ سَچارن، دليرن ۽ بهادرن ۽ مهمان نواز، مُحبتي ۽ مڻيادار وطن پرست وانگيئڙن ڪڏهن به مايوس بڻجي نه ماٺ ڪئي نه ئي پنهنجن اڏول ۽ ڪارونجهر جيان ڪَر کنيل مضبوط ارادن ۽ اُميدن مان نراس ٿي ڪڏهن به الله مان آسرو ڪو نه پليو اٿن، هي سدائين سوين سور سختيون ۽ صدما سهڻ باوجود پنهنجا هزارين درد، ڏک سور ڏوجهڙا ۽ تڪليفون دل ۾ دفن ڪري، مرڪون پکيڙي سدائين مُرڪندا ئي رهيا آهن. ٿر نه رڳو روپلي ڪولهي، جهان خان کوسو، مائي ڀاڳي، رائيچند هريجن، فوزيه سومرو، موهن ڀڳت، عثمان اديب يا ٻين انيڪ نامور سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن، اديبن، ليکڪن، صحافين، دانشورن ۽ اديبن جي ڌرتي آهي ۽ نه ئي رُڳو رنگ برنگي لباس دلڪش تهذيب، ادب، اخلاق، محبت مهمان نوازي، ڀائيچاري، محبت، مال مويشي، ڌڻڪار، ڀٽن، بَرن مڙهن مندرن، قُدرتي معدني وسيلن جنهن طرف به جاچبو، هي اسان جو ٿر دنيا کان مُنفرد ۽ پنهنجي سونهن سوڀيا سميت سڀني کان نمايان خطو ڏسڻ ۾ ايندو. مون کي افسوس آهي، مُنهنجي هن سنڌڙي جي ڪُجهه اهڙن سُٺن شاعرن، اديبن، ليکڪن تي جيڪي هتي جي ”عورت جي حُسن ۽ سونهن تي“ پير جي نُنهن کان وٺي گل جي تر کان چوٽي واري بڪل تائين ته پنهنجي غزلن، بيتن ۽ لکڻين ۾ لکي سگهن ٿا، پر ٻه دلا مٿي تي کڻندڙ ۽ ڪوهين ڏور منزل تان ٻيلهڙا کڻندڙ پاڻي لاءِ پريشان اُن عورت جي ڏکن ڏاکڻن، بُکن بدحالين، مجبورين ۽ سندن تڪليفن کي هڪ سٽ ۾ به سهيڙي نٿا سگهن، ٿر جنهن کي مارئي جو مُلڪ ملير چئي اسان جي نه ڄاڻ ڪيترن شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ صحافين ايترو ته ساراهيو آهي، جنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ هونئن به سچ پچ هِن مٽي جو ڪوئي مُلهه ناهي، هي سورمن ۽ سورمين جو ديس آهي ۽ جيڪي ڪُجهه هِن مٽي ۾ آهي، اُهو گهڻو ڪجهه آهي.رڳو نه ٿر ٿوهر، رُڳو نه ڌرتي ڌوڙ،ڪڻي جنهن به پروڙ، موتي تنهن ئي ميڙيا. ڏسي ڏيهه جا ڏکڙا، ڪي ڏکويا ڏُسڪن،سُکيا ڇا سمجهن، سواءِ سور سهڻ جي.هونئن ته ٿر سڄو مسئلن جو ڄار آهي، پاڻي جو مسئلو، تعليم جو مسئلو، صحت جو مسئلو، سفر جو مسئلو، روڊ جو مسئلو، لائيٽ جو مسئلو ۽ ٻيا به کوڙ سارا مسئلا، جن تي وقت به وقت آئون پنهنجي حال سارو لکڻين ذريعي ذڪر ڪندو رهيو آهيان.

**********(جاري)********

هن وقت به هتي جي حالت ڏسو سچ پُڇو ته دل جلي ٿي، باهه ٻري ٿي، ٿرپارڪر ضلعي جي مڙني مسئلن تي لکڻ لاءِ نه رُڳو هي هيڪڙو ڪالم بلڪه ڪيئي ڪتاب لکجي سگهجن ٿا، پر هن وقت آئون فقط ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي جي ڪُجهه اهم ۽ خاص مسئلن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. هي وقت اسان سڀني لاءِ جاڳڻ ۽ جاڳائڻ جو آهي، اڄ به جي اسان پنهنجي ماءُ ۽ منزل کي نه ڏسنداسون ته وقت جون ويرون اسان کي هڪ اهڙي اونهي سمنڊ ۾ اُڇلائي سگهن ٿيون، جنهن مان نڪرڻ لاءِ اسان کي نه ڪي چند سال بلڪه صديون کپن، حقيقت ۾ هي سڄو معاشرو اسان جو ئي ٺاهيل آهي ته اسان جو ئي بگاڙيل آهي. هِن معاشري ۾ رهندڙ هر فرد تي ڪُجهه ذميواريون پڻ عائد ٿيل آهن، ڪاش جي اُهي ذميواريون اڄ به جي اسين سڀ پنهنجي نهايت ديانتداري، ايماندار، پُرخلوص سچي نيت ۽ وطن دوستي جي جذبي سان نڀايون ته هوند هي سڄو معاشرو سون ٿي پوي، ڪوبه ماڻهو ذات پات يا مذهب جي بنياد تي اتم يا اعليٰ ناهي، پر سندس نيڪ ڪارنامن، سچاين ۽ سُٺي اخلاق جي اعليٰ گُڻن جي حيثيت سان هو اتم يا اعليٰ ٿي سگهي ٿو. مدر ٽريسا جو هڪ قول آهي ته ماڻهن کي اَن جي اُڻاٺ نه بلڪه محبت جو ڏُڪر ماري ٿو. ”ڏُڪر جو ذڪر ايندي ئي لون لون ڪانڊارجيو وڃي ٿو، هونئن ته ٿرپارڪر ۾ ڏُڪار ڪو نئين ڳالهه ناهي“ پاڪستان جي آزادي کانپوءِ به ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪيئي ڏُڪار آيا، ماڻهن وڻن جا ڇوڏا به کاڌا، هڪ ڏُڪار محمد خان جوڻيجو جي وزارت اعظميٰ واري دور ۾ به آيو، جيڪو به تمام خطرناڪ ڏُڪار هو، رڳو ڏڪارن نه بلڪه ٻوڏن به وڏي تباهي مچائي. 2011ع واري ٻوڏ جنهن کي تازي ٻوڏ به چئي سگهجي ٿو. ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڏيپلي ۾ جيڪو هِن ٻوڏ دوران نقصان ٿيو، اُهو اڄ به لڪل ناهي، غريب ۽ مسڪين ماڻهو جا جهوپا جهري ويا، هزارن جي تعداد ۾ گُذر سفر جو چوپايو مال پڻ مري تباهه ٿي ويو. يوسي جهرميو ڊاڀڙو ۾ جاگير ٻنيون ٻُڏي لوڻ جون کاڻيون ٿي ويون، پر حڪومت طرفان اڄ ڏينهن تائين نه اهڙين ٻنين جي صحيح سروي ٿي نه ئي مُتاثر ٿيل ماڻهن کي ڪو معاوضو مليو. بهرحال ٿر رُڳو بر ناهي. هن مٽي جو ذرو ذرو زر ۽ سون آهي، جت رُڳو ڪارونجهر جبل مان سوا سير سون جيتري آمدني روزانو صدين کان ملندي هُجي، جتي ڪوئلي جون کاڻيون، لوڻ جون کاڻيون، چائنا ڪَلي، گرينائيٽ، مال مويشي، وڻڪار، هٿ جا هُنر، زراعت، هيڏين وڏين نعمتن باوجود ٿر جي ماڻهن کي غريب ۽ مسڪين ماڻهو چوڻ اسان تي ٺٺول ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ مون کي افسوس آهي هيترن وڏين نعمتن هُئڻ باوجود ڏُڪارن ۾ هتي جا ماروئڙا سرڪاري امدادن جي آسري تي پيا اکيون اُڀ ۾ ڀَٽڪائين! هن وقت غربت حد کان وڌيڪ وڌيل آهي، ماڻهو صفا مجبور ۽ لولي لاءِ به ڪيترائي لاچار بڻيل آهن، هزارين بيروزگار ڊگرين يافته پڙهيل لکيل نوجوان سرڪاري نوڪريون نه ملڻ ڪري ۽ عمر جون حدون وڌڻ ڪري خودڪشيون ڪرڻ لاءِ پڻ مجبور آهن. تعلقي ڏيپلي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گذريل ٽن سالن کان ڏڪار جون سنگين ۽ خطرناڪ حالتون جيئن جو تيئن برقرار آهن. هن وقت تائين هزارن جي تعداد ۾ گذر سفر جو خاص ذريعو چوپايو مال پڻ مري چڪو آهي ته بچيل ۾ وري بُک وگهي بيماريون پڻ هلي رهيون آهن. غريبن کي ڪو به آٿت ڏيڻ وارو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. تعلقي ڏيپلي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ هن وقت به ڏڪار جا راڱا جاري آهن، ٻن سالن کان ڏڪاري حالتون هئڻ باوجود ڪيترن ئي خاندانن کي گذريل ٻن سالن دوران فقط رليف واري ڪڻڪ جي ٽن قسطن کان علاوه اڄ ڏينهن تائين ٻيو ڪجهه به نه مليو آهي. گذريل سال واري ڏڪار ۾ ڪروڙين رپين جا ڪيل اعلان ۽ امدادون پڻ فقط ڪجهه مخصوص ماڻهن تائين پهچي سگهيون آهن!

سرڪاري ملازم ۽ پگهارن جو مسئلو

مختلف شهرن مان آيل خبرن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄامشوري ضلعي مان پوليس کاتي ۾ ڀرتي ڪيل 200 کان وڌيڪ نون اهلڪارن کي پگهارون نه ملڻ جي ڪري اهي ملازم سخت پريشان آهن، جنهن جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته انهن ملازمن جا اڃا بئنڪ ۾ اڪائونٽ نه کلي سگهيا آهن. جنهن ڪري اهي پگهار وٺڻ کان لاچار آهن، ڇاڪاڻ ته بئنڪن ۾ اڪائونٽ کلڻ ۾ هڪ مهيني کان به وڌيڪ وقت لڳيو وڃي ۽ جيستائين بئنڪون اڪائونٽ کوليندڙ شخص بابت مطمئن نه ٿين ۽ انهن جي تصديق بئنڪن جي هيڊ آفيس کان نه ٿي ٿيئي، تيستائين ڪنهن جو به اڪائونٽ نه ٿو کلي سگهي.

                      اهڙي ريت بدين کان به هڪ خبر آئي آهي جنهن تحت ضلعي ڪائونسل جي ملازمن کي گذريل 7 مهينن کان پگهارون نه مليون ۽ اهي پگهارون نه ملڻ جي ڪري گذريل ٻه عيدون به ملهائي نه سگهيا آهن. خيرپورناٿن شاهه جي ميونسپل ملازمن به احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو لڳايو آهي ۽ الزام لڳايو آهي ته 144 ملازمن کي گذريل ٻن سالن کان پگهار نه ملي آهي. قمبر مان خبر ملي ته اين ٽي ايس پاس ڪندڙ استادن به پگهار نه ملڻ خلاف مظاهرو ڪيو، سندن چوڻ هو ته ڊيوٽي جوائين ڪرڻ کانپوءِ به اڃا تائين پگهارن وارو مسئلو حل نه ڪيو ويو آهي. اسان جيڪي خبرون مٿي ڄاڻايون آهن اهي رڳو ڪالهوڪين اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن، جڏهن ته اهڙيون خبرون هاڻ معمول بڻجي چڪيون آهن.

                      اسان سمجهون ٿا ته پگهار ۾ رخنو پوڻ جا ڪيئي ٽيڪنيڪل سبب به ٿي سگهن ٿا، ليڪن اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ملازم ڪيترائي مهينا احتجاج ڪندا رهن، پر انهن کي پگهار ڏيڻ لاءِ ڪو به تحرڪ وٺندو نظر نه اچي. اسان اها ڳالهه به نوٽ ڪئي آهي ته جن سرڪاري کاتن ۾ ٻه چار مهينن کان مٿي ملازمن جي پگهار چڙهي وڃي ٿي، تنهن اداري جو ڪم ڪار به ڄڻ ته ٺپ ٿيو وڃِي ۽ ائين به ڏٺو ويو آهي ته سرڪار جڏهن اها پگهار قسطن ۾ ڏيڻ شروع ڪري ٿي تڏهن به ملازم اها ئي رڙ ڪندا نظر اچن ٿا ته اسان کي جيستائين ٽوٽل پگهار نه ٿي ملي تيستائين ڪم ڪار به نه ڪنداسين، ائين ڪرڻ سان سرڪار ته قسطن ۾ سڄي سال جي پگهار ڏيو ڇڏي پر ملازم پگهارون نه ملڻ جو بهانو ڪري سڄو سال ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن. پگهارون نه ملڻ جي سلسلي ۾ سرڪاري ملازمن کي گهڻي کان گهڻي شڪايت مڪاني ادارن جي ملازمن جي آهي. جڏهن کان مڪاني ادارا ايڊمنسٽريٽرن ۽ اڻ چونڊيل نمائندن جي حوالي ٿيا آهن، تڏهن کان ته دانهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.

                      شايد ئي ڪو مڪاني ادارو هجي جنهن خلاف عوام جي ڪا شڪايت نه ٿيندي هجي. لڳي ٿو ته مڪاني ادارن ۾ ويٺل ڪامورن جي ڪرسين کي ڪا ”ايلفي“ لڳل آهي جو اهي پنهنجين ڪرسين تان اٿي سندن حدن ۾ ايندڙ شهرن ۽ ڳوٺن جو دورو نه ٿا ڪن جڏهن ته اهي ڏسن ته شهرن جي ڪهڙي حالت آهي ۽ عوام ڪهڙين مصيبتن ۾ مبتلا آهي.پر اهي آفيسن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. هن وقت سنڌ جا سڀيئي شهر ڄڻ ته گند جو ڍير بڻجي چڪا آهن، ڪنهن به شهر ۾ ڪو به عملو صفائي ڪندي نظر نه ٿو اچي، ويتر جڏهن کان ڪجهه مسلمان ملازمن کي سوئيپر ڀرتي ڪيو ويو آهي، تڏهن کان ته اهي سوئيپر ڄڻ ته پاڻ ئي مڪاني ادارن جا وڏا آفيسر بڻجي چڪا آهن. جڏهن ته آرڊر وٺڻ وقت کين خبر هئي ته اسان کي سوئيپر ڪري ڀرتي ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي شهرن جا گٽر، روڊ ۽ رستا صاف ڪرڻا آهن. اهي جيڪڏهن ايڏا چڱا مڙس هجن ها ته پوءِ اهي ڀنگين سان گڏ هڪ ٿالهي ۾ کائڻ وارو آرڊر وٺن ئي نه ها.

                      اسان صفائي جي سلسلي ۾ جڏهن مڪاني ادارن وٽ موجود مختلف گاڏين ۽ ٽريڪٽرن کي ڏسون ٿا ته حيرت ٿيئي ٿي ته ايتريون گاڏيون هوندي به صفائي وارو عمل صحيح طريقي سان ٿيندو نظر نه ٿو اچي. جڏهن ته ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته اسان به ڇا ڪريون گاڏين لاءِ جيڪو پئٽرول اچي ٿو، اهو ان ئي ڏينهن سرندي وارن کان وٺي وڏين ۽ ننڍين پارٽين جي عهديدارن ۽ ڪجهه صحافين ۾ تيل وارين پرچين جي شڪل ۾ ورهائجيو وڃي. يعني ڪنهن کي 100 ليٽر ته ڪنهن کي 500 ليٽر تيل جي پرچي گهر ويٺي پهچائي وڃي ٿي. اهڙي ريت ترقياتي ڪمن لاءِ جيڪي رقمون اچن ٿيون اهي به سفارشي ٺيڪيدارن کي ڪوڙن ڪاغذن تي اڳواٽ ئي ورهائجيو وڃن.

                      اهڙي هڻ وٺ واري صورتحال ۾ ڪو به سرڪاري ادارو ملازمن کي نه ته ڪا پگهار ڏيڻ واري پوزيشن ۾ آهي ۽ نه ئي اهو ادارو عوام کي شهري سهولتون فراهم ڪري سگهندو. اسان جيتوڻيڪ اها صورتحال اشاري طو ر هڪ اداري جي لکي آهي پر هتي ته ڄڻ ته سڀني ادارن جو جهڳو ئي جهڻ لڳو پيو آهي. سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ گڊ گورنينس جو نه هجڻ جا سبب به اهي به آهن ته جيستائين هيٺين سطح تي ادارن جي نگراني نه ڪئي ويندي، تيستائين نه ته ڪا ڪرپشن ختم ٿيندي ۽ نه ئي ”گڊ گورنينس“ قائم ٿيندي اهڙي ريت نه ملازمن کي پگهارون وقت سرملي سگهنديون ۽ نه ئي عوام کي شهري سهولتون حاصل ٿي سگهنديون.

عمران خان جي سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي ئي وڪيٽ ڪري پئي، ناڪامي جو اعتراف ڪري: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان جي سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيٽ ڪري پئي رانديگر صحيح راند کيڏي رهيو آهي نه ئي امپائر آڏو راند ڏيکارڻ جي قابل وڃي رهيو آهي. تحريڪ انصاف ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ نه وجهي ناڪامي جو اعتراف ڪري ڌرڻو ختم ڪري قومي اسيمبلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري اسان جو ضمير مطمئن ۽ دل صاف آهي عمران خان جيڪا ڳالهه رستن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ثابت نه ڪري سگهيو ڳالهين جي ميز تي ان کي مطئن ڪنداسين. آئين جي حد ۾ ان جي مطالبن جو جوڳو جواب ڏينداسين نوازشريف ان جي جماعت جمهوريت چونڊ عمل ۽ اسان جي ذات متعلق جيڪي الزام مڙهيا اسان ان کي الله جي عدالت ۾ ڇڏيون ٿا اسان انهن الزامن تي ڪائي شڪايت نٿا ڪيون حڪومت نجڪاري نه پر پارٽنرشپ ڪري رهي آهي خميس تي پارليمينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر پرويز رشيد چيو ته عمران خان جي سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيٽ ڪري پئي عمران خان جي پنهنجي وڪيٽ ئي سندس نو بال جو شڪار ٿي ويئي عمران خان جي امپائر جي آڱر مٿي ڪرائي اسان کي ٻاهر ڪڍڻ جو موقعو مليو هو الزامن سان گڏ ڪي ثبوت يا دستاويز موجود نه هئا عمران خان پٽيشنز سان خود عدالت ۾ پيش ٿئي ها ۽ اهي الزام ثابت ڪري ها جيڪي هو گذريل ڪيترن مهينن کان ڪنٽينر تي بيهي رڻي رهيو آهي هن چيو ته اسان کي شڪ هو ته عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ اردو بازار مان ڇپيل بيلٽ پيپر پيش ڪندو جنهن جي بنياد تي هو چوي ٿو ته چونڊن ۾ ناانصافي ٿي سپريم ڪورٽ آڏو ثابت ڪنداسين ته ڪيئن رٽرننگ آفيسر عمران جي چونڊن کي ناڪام ڪيو ۽ اهو به ٻڌائينداسين ته ميان نوازشريف جي تقرير ڪيئن چونڊن تي اثرانداز ٿي اسان کي گمان هو ته هو اهو به ٻڌائيندو ته نگران وزيراعليٰ پنجاب نجم سيٺي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيئن چيف جسٽس افتخار چوڌري چونڊن کي متاثر ڪيو نه ئي پٽيشنز هاءِ ڪورٽ آڏو پنهنجا الزام درست ثابت ڪري سگهيو ۽ نه ئي عمران خان کي جرئت ٿي جو هو ڪنٽينرتان لهي ۽ جيترو بالنگ ڪرائڻ وقت رن اپ وٺندو هو ايتري فاصلي تي موجود سپريم ڪورٽ ۾ امپائر آڏو پيش ٿئي ها هن چيو ته ان جو مطلب آهي ته رانديگر صحيح راند نه پيو کيڏي ۽ نه ئي ان ۾ صلاحيت آهي يا هو رانديگر امپائر آڏو راند ڏيکارڻ جي قابل ئي ناهي رهيو هو هاءِ ڪورٽ بدران صرف خالي ڪرسين آڏو پنهنجو مقدمو پيش ڪري رهيو آهي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ عمران خان ڌرڻو ختم ڪري کيس بهتري موقعو مليو هو ته هو سپريم ڪورٽ ۾ الزام ثابت ڪري ها پر هو الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.

 

13 نومبر تائين چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي: سپريم ڪورٽ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري متعلق قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي 3 مهينن جي وڌيڪ مهلت واري اپيل رد ڪندي چيو آهي ته مقرر ٿيل وقت ۾ مقرري نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي جج جون خدمتون واپس ورتيون وينديون، عدالت 3 1 نومبر تائين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري اڻٽر بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي ٽن مهينن جي وڌيڪ مهلت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل اعتزاز احسن موقف اختيار ڪيو ته حڪومت ۽ آپوزيشن ۾ مشاورت جاري آهي جڏهن ته انتخابي سڌاري جو عمل جاري آهي، جيڪڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري متعلق طريقيڪار تبديل ٿيو ته مسئلو ٿيندو، لهذا عدالت 3 مهينن جي مهلت ڏئي ڇڏي، جنهن تي عدالت قرار ڏنو آهي ته موجودهه آئيني طريقيڪار موجب مقرري ڪئي وڃي، مشاورت ڪندڙ گذريل هڪ سال کان ڇا ڪري رهيا هئا؟ چونڊ سڌاري جو عمل ته هاڻ شروع ٿيو پر مقرري جو معاملو پراڻو آهي، مشاورت ۽ چونڊ سڌارو ٻه الڳ الڳ شيون آهن. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته هي آئيني عهدو آهي ۽ مقرري به آئيني تقاضو آهي، مستقل مقرري نه ٿيڻ سان معاملا متاثر ٿيا آهن. عدالت اٽارني جنرل کان پڇو ته ڇا وزيراعظم کي مقرري لاءِ وقت کپي جنهن تي سندس چوڻ هو ته ان حوالي سان خبر ناهي پر عدالت جيڪو به حڪم ڏيندي، ان تي عمل ڪيو ويندو. عدالت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي درخواست رد ڪندي حڪم ڏنو ته 3 1 نومبر تائين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري اڻٽر بڻائي وڃي.

 

وزيراعظم آءِ سي سي جي صدارت لاءِ نجم سيٺي جي نالي جي منظوري ڏيئي ڇڏي

لاهور (م.ڊ) وزيراعظم محمد نوازشريف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدارت لاءِ نجم سيٺي جي نالي جي منظوري ڏيئي ڇڏي ضابطي جي ڪارروائي کان پوءِ نجم سيٺي ايندڙ سال پهرين جولاءِ تي عهدو سنڀاليندو ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شيريارخان گورننگ بورڊ آءِ سي سي جو آئينده صدر لاءِ متفقه طور تي نجم سيٺي جونالو تجويز ڪيو هو پي سي بي جي پيٽرن چيف وزيراعظم ميان نوازشريف ان جي نالي جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي جنهنکان پوءِ 10 نومبر تي آءِ سي اي جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ نجم سيٺي جي نالي جي حتمي منظوري ڏني ويندي ۽ ضابطي جي ڪارروائي کان پوءِ نجم سيٺي ايندڙ سال پهرين جولاءِ تي هڪ سال لاءِ عهدو سنڀاليندو.

 

مهاڻن کي سامونڊي صورتحال جو وسيع تجربو ۽ مهارت حاصل هوندي آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ڪالهه سامونڊي علائقن جو دورو ڪيو ۽ نيلوفر طوفان جي حوالي سان احتياطي قدمن جو جائزو ورتو. وڏي وزير ان موقعي تي مهاڻن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندس مسئلا معلوم ڪيا. سيد قائم علي شاهه چيو ته مهاڻن کي سامونڊي صورتحال جو وسيع تجربو ۽ مهارت حاصل هوندي آهي. وڏي وزير دوري دوران ابراهيم حيدري ۾ صفائي سٿرائي جي خراب حالت هجڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو علائقي ۾ صفائي سٿرائي کي بهتر ڪري ۽ هو وري ٻيهر هفتي بعد ابراهيم حيدري جو دورو ڪندو ۽ جيڪڏهن صفائي سٿرائي جي حوالي سان شڪايت سامهون آئي ته لاڳاپيل ماڻهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

 

چنيوٽ ويجهو مسافر وين جو سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، 13 مسافر فوت

چنيوٽ(م.د) فيصل آباد کان چنيوٽ ويندڙ مسافر وين جڏهن سم نالي جي ڀرسان پهتي ته گيس ليگ ٿيڻ سبب اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ مسافر وين ۾ سوار 13 مسافر جيئرا سڙي ويا جڏهن ته 16 ماڻهو سڙي زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو 1122 جي عملي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال چنيو پهچايو جتي 3 زخمين جي حالت جوڳي هئڻ سبب فيصل آباد الائيڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي پنجاب جي وڏي وزير انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته زخمين کي علاج جي سهوليت فراهم ڪئي وڃي ۽ واقعي جي باري ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.