تازيون خبرون

Daily Archives: October 30, 2014

ڪراچي ۾ فائرنگ دوران هڪ رينجرز اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 2 گينگ وار مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لياري ۾ رينجرز جي گاڏي تي گينگ وار جي جوابدارن جي فائرنگ سبب هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 2 جوابدار پڻ مارجي ويا، لياري جي علائقي چيل چوڪ ويجهو رينجرز اهلڪار معمول مطابق گشت ڪري رهيا هئا ته اوچتو اڻڄاتل ماڻهن انهن جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ هڪ سخت زخمي ٿي پيو واقعي کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو ۽ ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا مارجي ويلن جي سڃاڻپ سرور بلوچ ۽ اويس جي نالي سان ٿي جن جو تعلق عذير بلوچ گروپ سان ٻڌايو پيو وڃي واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ آهي ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر آهي.

 

پاڪ- ڀارت ۾ بهتر ليڊرشپ نه هئڻ سبب ڪشمير جو مسئلو اڄ تائين حل نه ٿي سگهيو آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ بهتر ليڊرشپ نه هئڻ سبب اڄ تائين حل ناهي ٿي سگهيو ڏکڻ ايشيائي ۾ امن لاءِ مسئلي جو حل ضروري آهي پاڪستان ۽ ڀارت کي خطي ۾ امن جي قيام ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪن مسئلن جي حل لاءِ اسان کي هڪٻئي سان سچ ڳالهائڻو پوندو پاڪستان هندستان پاران ٿيندڙ ڪنهن به حملي کان نٿو ڊڄي ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي فائرنگ جي ذريعي جيڪڏهن ڀارت سمجهي ٿو پاڪستان خوفزده ٿي ويندو ته هي ان جي ڀل آهي آزادي ڪشمير پي ٽي آءِ جي تنظيم سازي جلد مڪمل ڪئي وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پي ٽِ آءِ آزاد ڪشمير عورتن جي شعبي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه ڪياني سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو شازيه ڪياني چيئرمين پي ٽي آءِ سان آزاد ڪشمير ۾ پارٽي جي تنطيم سازي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

 

دهشتگردي ٽوڙ عدالت گلو بٽ کي 11 سال 3 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

لاهور (بيورو) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت،ماڊل ٽائون سانحي دوران گاڏين جا شيشا ٽوڙيندڙ مک جوابدار گلوبٽ کي 11 سال، ٽي مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ماڊل ٽائون سانحي دوران گاڌين کي نقصان پهچائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت، گاڏين کي نقصان پهچائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار گلوبٽ کي 11 سال، 3 مهينا قيد ۽ هڪ لک 15 هزار رپيا ڏنڊ جي پڻ سزا ٻڌائي. عدالتي فيصلي بعد جوابدار گلوبٽ جج کان معافيون گهــُرندو رهيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته گلو بٽ جي ڪري سڄي دنيا ۾ملڪ جي بدنامي ٿي آهي. فيصلي بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي گلوبٽ جي وڪيل چيو ته هو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائيندا. هوڏانهن عدالتي فيصلي بعد پوليس گلو بٽ کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪري ڇڏيو.

 

آغا سراج دارني جي عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني اڄ عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري ڀري ۽ نيلوفر طوفان جي خير عافيت سان لنگهي وڃڻ جي دعا گهري هن ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي تڪرار کي ڳالهين ذريعي نبيرڻ جي به صلاح ڏني تنهن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي چيمبر اندر ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اميد ظاهر ڪئي ته نيلوفر طوفان خير خيريت سان گذري ويندو، هن چيو ته سياست ۾ ڳالهين جا دروازا بند نه ٿيندا آهن تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون وري شروع ٿي وڃن.

 

دادو ريلوي اسٽيشن تي 90ٿيل ترقياتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال، 90 هڙپ، يونين پول پڌرا ڪري ڇڏيا

دادو(رپورٽ اصغر ملاح) دادو ريلوي اسٽيشن جي مرمت ۽ رنگ روغن لاءِ 90 لک   هڙپ ٿي ويا، ڪيل تعميراتي ڪم ۾ به ناقص مٽيرل جو استعمال ڪيو ويو، نااهل ٺيڪيدار ٺيڪي جي رقم مان 25 سيڪڙو جو به ڪم ن ڪ ڪرايو، سموري رقم هڙپ ٿي وئي، ڪرپشن سبب دادو جي ريلوي اسٽيشن جي پيليٽ فارم جو سي سي بلاڪ هنڌا هنڌا اکڙي ويو ، پيليٽ فارم جي سي سي بلاڪ ۾ ڏار پئجي ويا، جڏهن ڊرينج جي نظام ۾ پراڻا پائيپ لڳائي سامهون نئين لوهي ڄاري لڳائي ڏسيو ويو ته نئون تعمير ڪيو آهي، ٺيڪيدار جي وڃڻ بعد اهو به تباهه ٿيل مليو، تفصيل موجب: ريلوي محنت ڪش يونين ڪراچي ڊويزن جو چئيرمين عبدل مجيد سولنگي ڪراچي ڊويزنل صدر فقير گلزار هيسباڻي ريلوي محنت ڪش يونين دادو زون جو صدر جاويد علي سولنگي جنرل سيڪريٽري اظهر حيسن ڀٽي ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري واقعي ۾ ريلوي اسٽيشن کي مڇريل ماڻهن سخت نقصان پهچايو هو، ان واقعي ۾ ريلوي اسٽيشن جو شيڊ ٽٽل آهي ان جي مرمت نه ڪئي وئي آهي پاڻي جي ٽائنڪي اڳيان سي سي بلاڪ ۾ ڏارون پئي ويون آهن، يونين اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هن نئين سي سي بلاڪ کان ته پراڻو سي سي بلاڪ بهتر هيو، نئون سي سي بلاڪ ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ 50 سال اڳ سي سي بلاڪ پيو هجي، دادو ريلوي اسٽيشن مرمت جو ڪم بلڪل صحيح نه ڪيو ويو آهي ان ۾ ناقص مٽيرل استعمال ڪيوويو آهي ان ۾ نه رڳو ٺيڪيدار ملوث آهي پر ريلوي انجينئرنگ کاتي جا آفيسر به ملوث آهي دادو جي عوام ريلوي جي ملازمن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي ان خلاف جنرل مينيجر ڊي ايس ريلوي ڪراچي ۽ ٻين ڪامورن وٽ دانهڻ سميت پريس ڪانفرنسون ۽ لکت ۾ درخواستون ڪيون آهن ته دادو ريلوي اسٽيشن جي مرمت واري ڪم ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ٿيل آهي، دادو ريلوي اسٽيشن جي 90 لک جي مرمت واري ڪم ۾ ٿيل ڪرپشن جي جانچ ڪئي وڃي هن چيو ته ريلوي جي ڪامورن ريلوي کاتي سان غداري ڪئي آهي آءِ اپيل ڪيا ٿو اعليٰ اختيارين کي دادو ريلوي اسٽيشن جي واهر ڪئي وڃي.

 

ريلوي اسپتال ۾ به 60 ڪي جي بجاءِ 40 ڪي جي لوهه استعمال ڪيو ويو، آهي، صدر ۽ وزير اعظم نوٽيس وٺي ريلوي کاتي سان انصاف ڪن: يونين جو مطالبو

دادو: دادو جي ريلوي اسپتال ۾ جيڪو لوهه استعمال ڪيو ويو آهي 60 ڪي جي استعمال ڪرڻ کپي ها هنن ملي ڀڳت ڪري 40 ڪي جي لوههاستعمال ڪيو آهي اسان مطالبو ڪيو ٿا ته صدر پاڪستان وزير اعظم پاڪستان ريلوي جي وزير کان ته ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن عملي کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته اهو ئي عوام ريلوي ملازمن سان انصاف هوندو ريلوي اسٽيشن جي 90 لک جي مرمت واري ڪم ڪرپشن ڪندڙن خلاف سخت کان سخت قدم کنيا وڃن.

بڪنگ ڪلارڪ موسيٰ قريشي به رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي

دادو: ريلوي اسٽيشن جي بڪنگ ڪلارڪ محمد موسيٰ قريشي ۽ ٻين رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي موٽرسائيڪل هجي يا ٻيو سامان بڪنگ جي رقم کان وڌيڪ اڳاڙين ٿا عوام جي ٻنهي هٿن سان کلهه لاٿي وڃي ٿي ريلوي اسٽيشن جا بڪنگ ڪلارڪ ۽ عملو ويزا تي ڇڏيو ويو آهي جانچ ڪئي وڃي.

 

 

ماهره خان جو وڊيو ۾ ماڊلنگ بنجڻ کان انڪار

لاهور (شوبز نيوز) اداڪاره ماهره خان وڊيو ۾ ماڊلنگ کان انڪار ڪري ڇڏيو ذريعن اين اين آءِ کي ٻڌايو ته لاهور جي هڪ ميوزيڪل بينڊ ماهرن خان کي پنهنجي گاني جي وڊيو ۾ ماڊلنگ لاءِ رابطو ڪيو ته هن پنهنجي مصروفيتن جو تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هو اڃا ان لاءِ ٽائيم نٿي ڪڍي سگهي ڇو ته اڄڪلهه هو گهڻو مصروف آهي.

 

ماضي جو اداڪار ريحان خان 80 سالن جو ٿي ويو

لاهور (شوبز نيوز) ماضي جو نالي وارو اداڪار ريحان خان 80 سالن جو ٿي ويو، اداڪار اڄڪلهه پنهنجي ڪٽنب سان گڏ خوش زندگي گذاري رهيو آهي، ريحان خان 40 سال اڳ اردو فلم ڊريڪولا ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ ذريعي شهرت حاصل ڪئي، جڏهن ته سندس ڪيريئر جي ڪامياب فلم آئينه هئي. ريحان 20 سال اڳ ف،من ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ هاڻي هو هڪ پرسڪون زندگي گذاري رهيو آهي.

 

نالي واري موسيقار علي افضل جي لاڏاڻي تي گلوڪارن ۽ موسيقارن جو افسوس جو اظهار

لاهور (شوبز نيوز) فلم انڊسٽري جي نالي واري موسيقار علي افضل جي وفات تي گلوڪارن ۽ موسيقارن افسوس جو اظهار ڪندي حڪومت کان مرحوم جي ڪٽنب جي مدد ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي آهي، موسيقار علي افضل نوان فنڪار پڻ متعارف ڪرايا، گلوڪار انور رفيع، حميرا چنا، سائره نسيم ۽ ٻين علي افضل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

 

ادڪاره عاليه ڀٽ ميگزين جي ٽائيل جي زينت بڻبي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره عاليه ڀٽ ميگزين جي ٽائيٽل جي زينت بڻبي، ميڊيا رپورٽن مطابق اداڪاره عاليه ڀٽ ايندڙ نومبر ۾ شايع ٿيندڙ ميگزين ڊي جوسن جي ٽائيٽل جي زينت بڻبي، ان ميگزين ۾ عاليه ڀٽ جي حوالي سان سندس نالي سان آرٽيڪل پڻ شايع ڪيو ويو ويندو، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي خوبصورتي جي حوالي سان مداحن کي فائديمند مشورا ڏيندي

 

پي سي بي نيوزيلينڊ خلاف 3 ڏينهن واري ميچ لاءِ 15 رڪني اي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 3 کان 5 نومبر تائين شارجا ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ڏينهن واري ميچ لاءِ قومي اي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آل رائونڊر انور علي کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، اعلانيل 15 رانديگرن ۾ عابد علي، عادل امين، ادنان اڪمل، عطاءُ الله، بابر اعظم، بلاول ڀٽي، احسان عديل، حارث سهيل، جنيد الياس، ڪرامت علي، رضا حسن، شام مسعود، شان اسلم، سميع اسلم ۽ سعد علي شامل آهن. چيف سليڪٽر معين خان جي سربراهي ۾ سليڪشن ڪميٽي ڄاڻايل رانديگرن جي پرفرفارمنس ۽ فٽنيس جو جائزو وٺڻ بعد چيئرمين پي سي بي شهريار خان جي حتمي منظوري سان ٽيم جو اعلان ڪيو. ٽيم ۾ 4 ٽيسٽ ڪرڪيٽر ادنان اڪمل، بلاول ڀٽي، احسان عادل ۽ شان مسعود شامل آهن، جڏهن ته 3 انٽرنيشنل رانديگر حارث سهيل، رضا حسين ۽ انور علي شامل آهن، باقي انڊر 19 ٽيم جي رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو آهي.