تازيون خبرون

Daily Archives: October 29, 2014

سياسي جرڳي پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سياسي جرڳي، پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون رد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سراج الحق جو چوڻ آهي ته حڪومت پاڻمرادو وچ مدي وارين چونڊن جو ماحول پيدا ڪري رهي آهي،جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ٿيون ته ڳالهه اڳتي نڪري ويندي. اسلام آباد ۾ سياسي جرڳي جي سربراهه سراج الحق پ پ سينيٽر رحمان ملڪ سان ملاقات ڪئي ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سياسي جرڳي جي ميمبرن حڪومت کان اپيل ڪئي ته تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن ۽ ڌرڻن جي خاتمي تائين معاملي کي رد ڪيو وڃي جيڪڏهن استعيفائون منظور ڪيون ويون ته ڳالهه اڳتي وڌي ويندي. سراج الحق چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر استعيفائن جي معاملي ۾ تڪڙ کان ڪم نه وٺي ۽ ان معاملي کي محرم تائين رد ڪيو وڃي. سراج الحق چيو ته سياسي پارٽين سياڻپ جو مظاهرو نه ڪيو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون. جماعت اسلامي جي امير حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ماڻهو هاڻي نانگن ۽ وڇن کان نه پر بجلي جي بلن کان ڊڄن ٿا. پ پ سينيٽر رحمان ملڪ ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته جمهوريت هاڻ به خطري ۾ آهي،پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿيون ته ڳالهه اڳتي نڪري ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن ڌرڻو ختم نه ٿيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. هن حڪومت کي اپيل ڪئي ته پي ٽي آءِ ميمبرن جو استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن. رحمان ملڪ عمران خان کي به درخواست ڪئي ته وزيراعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي تان هٿ کڻي ۽ حڪومت سان ڳالهيون ڪري. رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته حڪومت طاهرالقادري جو نالو اي سي ايل ۾ نه وجهي سياڻپ جو مظاهرو ڪيو آهي.

 

تحريڪ انصاف استعيفائن جي گڏيل تصديق لاءِ ضد تي اٽڪيل، ٻار ناهيون جو هڪ هڪ ٿي اچون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن اڪيلي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ استعيفائن جي صديق جو معاملو اٽڪي پيو آهي، پي ٽي آءِ جا 25 اسيمبلي ميمبر استعيفائن جي تصديق لاءِ شاهه محمود قريشي جي قيادت ۾ قومي اسيمبلي پهتا جنهن کانپوءِ اسپيڪر سمورن ميمبرن کي الڳ الڳ پنهنجي چيمبر ۾ اچڻ لاءِ چيو جڏهنته سمورن ميمبرن پاران انڪار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته جيڪڏهن استعيفائن جي صديق ڪرڻ آهي ته گڏيل طور تي ڪئي وڃي ان موقعي تي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڪوبه ميمبر اڪيلي اسپيڪر سان نه ملندو اسان اسڪول جا ٻار ناهيون جو هڪ هڪ ٿي اسپيڪر سامهون وڃون جيڪڏهن ان کي استعيفائن جي تصديق ڪرڻي آهي ته گڏجي ڪري ۽ ان لاءِ لائونج ۾ اچي، ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي ميمبر اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو ته اسپيڪر جو انتظار ڪندي هڪ ڪلاڪ ٿي ويو آهي لڳي ٿو ته ايم اين اي چونڊجڻ کان استعيفيٰ ڏيڻ وڌيڪ مشڪل آهي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري چيو ته هاڻ صرف اسپيڪر جو انتظار آهي پر خبر ناهي هو ڇو نه پيو اچي ٻئي طرف اسپيڪر اياز صايق چيو ته آئين جي دائري ۾ رهي استعيفائن جي الڳ الڳ تصديق ڪرڻ ضروري آهي ان لاءِ هو گڏيل طور تي تصديق نٿو ڪري سگهي.

 

آءِ ايس آءِ پاڪستان جي سلامتي معاملن ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪري رهي آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ريٽائر ٿيندڙ آءِ ايس آءِ ڊي جي ظهير الاسلام جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو، ملڪي سيڪيورٽي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. تفصيل موجب وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان 7 نومبر تي ريٽائر ٿيندڙ آءِ ايس آءِ ڊي جي ظهير الاسلام جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو ۽ سندس پاڪستان لاءِ خدمتن کي ساراهيو، ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته آءِ ايس آءِ پاڪستان جي سلامتي معاملن ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ظهير الاسلام جي مقرري دوران آءِ ايس آءِ جي ڪردار ۽ صلاحيت ۾ واڌ ٿي. آءِ ايس آءِ ملڪ جو اهڙو ادارو آهي جيڪو ملڪ جي اندروني ۽ بيروني دشمن قوتن لاءِ خوف جي علامت آهي. ڏيڍ سال ۾ آءِ ايس آءِ ۽ گهرو وزارت وچ ۾ مثالي هم آهنگي رهي.

 

سامونڊي طوفان نيلوفر اڄ رات ڪراچي سان ٽڪرائيندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سامونڊي طوفان نيلوفر جي انتهائي شدت برقرار آهي، ڪراچي کان 875 ڪلوميٽر مفاصلي تي موجود نيلوفر اڄ رات ڪراچي سان ٽڪرائيندو، جڏهن ته بلوچستان جي ساحلي علائقن، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ۾ برسات ٿيندي، ملاحن کي کليل سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ سامونڊي طوفان نيلوفر جي انتهائي شدت برقرار آهي طوفاني لهرون ڪراچي کان ڏکڻ اوڀر ۾ 875 ڪلوميٽر ۽ گوادر جي ڏکڻ طرف 740 ڪلوميٽر فاصلي تي آهن، ايندڙ 12 ڪلاڪن دوران 12 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اتر طرف وڌي رهيو آهي، ان کانپوءِ طوفان جو رخ اتر اولهه طرف سنڌ جي ساحلي علائقن ۽ ڀارتي گجرات طرف وڌڻ جو امڪان آهي طوفان سبب ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ڊويزن ۾ اڪثر علائقن ۾ برسات ٿي سگهي ٿي بلوچستان جي علائقي قلات ۽ مڪران ۾ به برسات جو امڪان آهن، موسميات کاتي مطابق برسات جو سلسلو پهرين نومبرتائين جاري رهندو.

 

پاڪستاني فلم ”زنده ڀاگ“ آمريڪا ۾ نمائش لاءِ لڳائي ويندي

اسلام آباد (شوبز نيوز) پاڪستاني فلم ”زنده ڀاگ“ آمريڪا ۾ نمائش لاءِ لڳائي ويندي. گذريل 50 سالن جي فلمي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڪيڊمي ايوارڊ لاءِ فلم ”زنده ڀاگ“ جو به نالو شامل آهي. ان فلم ۾ ماڊل اداڪاره آمنه الياس ۽ ڀارتي اداڪار نصير الدين شاهه ڪم ڪيو آهي. ان فلم جي آمريڪا ۾ ڪيترن ئي يونيورسٽين هاورڊ برائون ۽ اين وائي يو شامل آهن ۾ نمائش ٿيندي

 

مجلسن ۾ دلي سڪون ملندو آهي: حامد علي خان

لاهور (شوبز نيوز) گلوڪار شوڪت علي، انور رفيع، حامد علي خان، سائره نسيم، حميرا چنه ۽ حميرا ارشد سميت ڪيترائي فنڪار محرم الحرام نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي رهيا آهن. گلوڪار شوڪت علي ۽ انور رفيع چيو آهي ته محرم نيڪن ۽ دعائن جو مهينو آهي ۽ ان جو جيترو احترام ڪيو وڃي گهٽ آهي. حامد علي خان چيو ته هن کي مجلسن ۾ جي سڪون ملندو آهي. گلوڪاره سائره نسيم چيو ته ان مقدس مهيني ۾ نوهڻ جي البم جي اهميت وڌي ويندي.

 

نومبر جي ٻئين هفتي کان نئن پاڪستاني فلمن جي نمائش شروع ٿيندي

لاهور (شوبز نيوز) نومبر جي ٻئين هفتي کان نئن پاڪستاني فلمن جي نمائش شروع ٿيندي. ان سلسلي ۾ هدايتڪار اشرف گربيگو جي پنجابي فلم ”سانجها وير“ هدايتڪار نسيم حيدر جي پنجابي فلم ”ماهي پيار منگدا“ جي نمائش ٿيندي. ان کان علاوه پڻ وڌيڪ رڪيل نئن فلمن جي نمائش جون تياريون جاري آهن.

 

ملڪ جي نالي واري ڪمپيئر دلدار پرويز ڀٽي جي 20هين ورسي اڄ ملهائي ويندي

فيصل آباد (م ڊ) ملڪ جي نالي واري ڪمپيئر دلدار ڀٽي جي 20 هين ورسي اڄ 30 آڪٽوبر تي ملهائي ويندي. جڏهن ته ان موقعي تي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ سندس مداحن ۽ ڪٽنب پاران قرآن خواني منعقد ڪئي ويندي.دلدار ڀٽي گوجرانوالا ۾ پيدا ٿيو ۽ شروعاتي تعليم اتان ئي حاصل ڪئي. هن پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات 1975ع ۾ پي ٽي وي کان ڪئي. مرحوم اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو. دلدار ڀٽي 30 آڪٽوبر 1994ع تي هڪ اسپتال جي فنڊ ريزنگ جي سلسلي ۾ آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ موجودگي دوران اوچتو دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي ورسي جي موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص پروگرام نشر ڪيا ويندا.

 

آسٽريليا کي ٻين ميچ ۾ پڻ شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئپ ڪنداسين؛ مصباح الحق

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ آخري ميچ اڄ خميس کان شيخ زيد اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪينگروز کي وڏي مارجن 221 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪپتان ۽ سينئر بيٽسمين مصباح الحق چيو آهي ته آسٽريليا کي ٻين ميچ ۾ پڻ شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئپ ڪنداسين.

 

لبنان جي بيوٽي ڪوئين نٿالي فراج پاڪستاني اوپنر احمد شهزاد جي ديواني نڪتي

بيروُت (اسپورٽس نيوز) لبنان جي بيوٽي ڪوئين نٿالي فراج پاڪستاني اوپنر احمد شهزاد جي ديواني نڪتي، احمد شهزاد جي سينچريءَ تي خوشيءَ جي اظهار سان گڏ پاڪ-آسٽريليا ٻيون ٽيسٽ ميچ ڏسڻ جي خواهش به ظاهر ڪئي اٿائين. لبنان سان تعلق رکندڙ نٿالي فراج قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين احمد شهزاد جي بيٽنگ کان متاثر آهي، اڳوڻي مس ايشيا پيسفڪ ورلڊ اسٽار نٿاليءَ آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪاميابيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي نٿاليءَ آسٽريليا خلاف احمد شهزاد جي سينچريءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، لبناني حسينا چيو ته مان پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٿيندڙ 30 آڪٽوبر واري ٽيسٽ ضرورت ڏسنديس ۽ احمد شهزاد جي بيٽنگ مان مزو وٺڻ جو موقعو نه وڃائينديس.