تازيون خبرون

Daily Archives: October 28, 2014

جمهوريت ۾ احتجاج ضرور ڪيو بدتميزي نه: آغا سراج دراني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جو چوڻ آهي ته اسان ڪنهن کان به استعيفيٰ ناهي ورتي ۽ نه ئي ايئن چاهيونٿا وري به چوان ٿو ته گڏ ويهي معاملا ڳالهين سان حل ڪيو، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان پهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني جو چوڻ هو ته اسان ڪنهن به استعيفيٰ ناهي ورتي ۽ نه ئي اسان ايئن چاهيون ٿا جمهوريت ۾ احتجاج ضرور ڪيو پر بدتميزي نه هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئين جيڪو چوي ٿو اسان کي ان حساب سان هلڻو آهي وري به چوان ٿو ته گڏ ويهي معاملا ڳالهين سان حل ٿي وڃن.

 

پيپلز پارٽي جهڙو عمل ڪندي تهڙو ئي ردعمل ملندو: خواجه اظهار الحسن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ جي ڊپٽي پارلياماني ليڊر خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته پيپلز پارٽي جنهن طرح عمل ڪندي ان کي ان کان سخت رد عمل ڏينداسين ۽ جيڪڏهن اسان جي احتجاج تي قرارداد آني وئي ته پيپلز پارٽي جي جلسي تي مذمتي قرارداد پيش ڪنداسين سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان پهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جي احتجاج کي غلط رنگ ڏئي رهي آهي ۽ جيڪڏهن جلسن، جلوسن ۽ سياسي عمل کي قرارداد ذريعي ايوان ۾ آڻڻ چاهي ٿي ته پيپلز پارٽي جي جلسن خلاف به مذمتي قرارداد پيش ڪئي ويندي چاهي اها قبول هجي يا نه هن چيو ته جمهوري عمل جي مذمت نٿا ڪري سگهون جيڪڏهن ڪنهن به جمهوري عمل جي مذمت ڪئي وئي ته جواب به انهي شڪل ۾ ايندو خواجه اظهار الحسن چيو ته پنهنجي طرفان پارلياماني روايتن جي ڀڃڪڙي جي ڪڏهن به اڳرائي نه ڪنداسين ۽ اها ئي توقع پيپلز پارٽي کان به آهي پر هينئر حڪومت ۾ نوان وزير آهن جن کي انهن روايتن جو علم ناهي جڏهن ته اسان جي ڪوشش هوندي ته پارلياماني روايتون برقرار رکيون وڃن.

 

مڊٽرم چونڊن جو ڪو امڪان ناهي، نه ئي اهڙي صورتحال آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) دفاع، پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ مڊٽرم چونڊن جو ڪو امڪان ناهي نه اهڙي صورتحال نظر اچي ٿي، وزيراعظم جي اها پنهنجي صوابديد آهي جيڪڏهن هو چاهي ته مڊ ٽرم چونڊون ڪرائي سگهي ٿو، آئين کيس اختيار ڏنو آهي. هو پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته ڌرڻا سازش تحت ڏنا ويا آهن ته جيئن پاڪستان معاشي ابتري جو شڪار ٿئي پر هو پنهنجي عزمن ۾ ڪامياب نه ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جون حالتون هاڻ معمول تي اچي رهيون آهن ۽ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته مڊٽرم چونڊن جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي ۽ نه ئي اهڙي صورتحال نظر اچي ٿي، اهو وزيراعظم جي صوابديد تي آهي ته هو چونڊون ڪرائي سگهي ٿو، هن چيو ته چونڊون 8 1 0 2 ع ۾ ئي ٿينديون ۽ پوءِ عوام جي عدالت ۾ وينداسين ۽ فيصلو عوام ڪندو.

 

يزيد جي پيروي ڪندڙ ڪڏهن به مظلوم نه ٿا ٿي سگهن، عوام حسينيت جي پوئلڳن سان گڏ آهي؛ شفقت انڙ

ڏوڪري(رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت حسين انڙ چيو آهي ته 21 نومبر تي لاڙڪاڻي واري جلسي ۾ عوامي سمنڊ هوندو، پ پ لاڙڪاڻي مان پنهنجي تڏا ويڙهه ڏسي بوکلائجي وئي آهي. عمران خان سنڌ جي نوجوانن لاءِ فيورٽ بڻجي ويو آهي، عوام کيس ڀرپور موٽ ڏئي رهيو آهي. ڏوڪري ويجهو علي آباد ۾ 21 نومبر تي عمران خان جي جلسي لاءِ تيارين جي سلسلي ۾ ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن جي معززن جي ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي انڙ خاندان جي سرواڻ شفقت حسين انڙ چيو ته يزيد جي پيروي ڪندڙ ڪڏهن به مظلوم نه ٿا ٿي سگهن، عوام حسينيت جي پوئلڳن سان گڏ آهي، 21 نومبر ثابت ڪندو ته يزيديت کي شڪست اچي چڪي آهي. اسٽيل ملز جي اڳوڻي جي ايم سيد قوت علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ نئون تعمير ٿيندڙ پاڪستان عوام جي خواهشن موجب هوندو، لوڪل گورنمينٽ جا فنڊ هڙپ ڪندڙ ڪڏهن به مظلوم نه ٿا ٿي سگهن. هن چيو ته شهيد ڀٽو کان پوءِ سنڌ ۾ قيادت جو فقدان هئو، جنهن کي تحريڪ انصاف ڀري رهي آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي کي هٿ سان وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، ميونسپل جا فنڊز عوام تي خرچ ٿيڻ بجاءِ پ پ جا وڏيرا هڙپ ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ڏوڪري باقراڻي، رتوديرو سميت سڄو لاڙڪاڻو گٽرن جي پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. هن چيو ته نالين جا پئسيا هڙپ ڪندڙ هاڻي تبديلي جو نعرو هڻي رهيا آهن، ڇا ڌانڌلي ڪري چونڊون کٽڻ کي تبديلي چيو ويندو آهي. ان موقعي تي ڏوڪري ۽ باقراڻي جي ابڙا برادري جي چڱن مڙسن نثار ابڙو، ارباب ابڙو ۽ ٻين تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. تقريب کي زيب خان انڙ، سيد نعيم شاهه راشدي، اڳوڻي ناظم شاهد شيخ، وڏيرو منظور سنديلو، اسماعيل سامٽيو، اظهر آريجو، اياز انڙ، فهد علي پٺاڻ ۽ رفيق هليو پڻ خطاب ڪيو.

 

فلم دل ڌڙڪنين دو ايندڙ سال 5 جون تي سئمنيما گهرن جي رونق بڻجندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارائون ڪترينا ڪيف، پريانڪا چوپڙا ۽ ڌپيڪا پڊڪون کان پوءِ اداڪاره انوشڪا شرما به فلمن ۾ آئيٽم سانگ ڪندڙ هيروئنن جي ڪلب ۾ شامل ٿي ويئي آهي ڀارتي ميڊيا موجب هو زويا اختر جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم دل ڌڙڪنين دو ۾ آئيٽم سانگ ڪندي سونگ نالي آئيٽم سونگ فلم لاءِ پريانڪا چوپڙا فرحان اختر انيل ڪپور ۽ شيفالي شاهه تي به عڪسبند ڪيو ويندو جڏهن ته هي پهريون آئيٽم نمبر هوندو جنهن ۾ انوشڪا شرما به پنهنجون ادائون ڏيکاريندي.

 

ناياب علي خان پنهنجي نئين فلم جي شوٽنگ ايندڙ مهيني شروع ڪندو

لاهور (شوبز نيوز) مشهور ڪلاسيڪل گلوڪار حامد علي خان جو پٽ ناياب علي خان آمريڪا کان لاهور پهچي ويو، ناياب علي خان ٻڌايو ته هاڻي هو پنهنجي نئين فلم جي شوٽنگ ايندڙ مهيني کان شروع ڪندو، ناياب علي خان ٻڌايو ته آمريڪا ۾ سندس ميوزڪ شوز کي هزارين پاڪستانين تمام گهڻو پسند ڪيو

 

بپاشا سان شادي قسمت ۾ لکيل هوندي ته ٿي ويندي: اداڪار هرمن باويجا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره بپاشا باسو ۽ اداڪار هرمن باويجا چيو آهي ته هو مناسب وقت تي شادي ڪندا اداڪار هرمن باويجا جنهن کي اداڪاره بپاشا باسو سان واسطي جي بنياد تي شهرت ملي آهي هن چيو آهي ته جيڪڏهن سندن بپاشا سان شادي قسمت ۾ لکيل هوندي ته ضرور ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن ايئن ناهي ته اسان جي لاءِ ٻيا بهتر رستا کلي ويندا هن چيو ته مان پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن شئي جي رٿابندي ناهي ڪئي جيڪو نصيب ۾ هو آڏو ايندو ويو ٻئي طرف بپاسي هرمن جي بيان جي تائيد ڪندي چيو آهي ته مون کي شادي ڪرڻ جي ڪائي تڪڙ نه آهي. منهنجي ماءُ به مون کان سوال ڪندي رهندي آهي ته توهانجي شادي ڪڏهن ٿيندي ۽ منهنجو جواب هوندو آهي ته جڏهن وقت ايندو ته ٿي ويندي.

 

بالي ووڊ فلم ”هيپي نيوائير“ ٽن ڏينهن ۾ 109 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري سمورا اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين فلم ”هيپي نيو ايئر“ پنهنجي رليس جي پهرين وين اينڊ تي 100 ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪري ورتو، سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب فلم هيپي نيو ايئر ڀارت ۾ جمعي کان آچر تائين 109 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري سمورا اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڪنهن فلم جو شروعاتي ٽن ڏينهن ۾ ئي 100 ڪروڙ ڪلب کي پار ڪرڻ انتهائي سٺپ سنوڻ قرار ڏنو پيو وڃي، ڄاڻايل فلم ڀارت ۾ هندي کان علاوه تيلگو ۽ تامل ٻولين ۾ پڻ رليز ڪئي وئي، اهڙي طرح شاهه رخ خان پهريون سپر اسٽار بڻجي ويو جنهن جي فلم رڳو ٽن ڏينهن ۾ ايترو بزنس ڪيو آهي، فلم اوپننگ ڊي تي 45 ڪروڙ جو بزنس ڪيو

 

شڪست سان ائين ٿو لڳي جيئن ڪنهن پٺيءَ ۾ گولي هنئين هجي: مائيڪل ڪلارڪ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو آهي ته شڪست مان ائين لڳي ٿو جيئن ڪنهن پٺي ۾ گولي هنئي هجي پاڪستان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سمورن شعبن ۾ پرفارمنس وڌيڪ بهتر بنائڻي پوندي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو ته اسان جي لاءِ ڪائي به شڪست پٺيءَ ۾ لڳندڙ گولي کان گهٽ نه آهي ڪوئي به ناڪامي پسند ناهي ڪندو پاڪستان فتح جو وڌيڪ مستحڪ هو ڇو ته هن پنجين ڏينهن بهترين ڪرڪيٽ کيڏي اسان به سٺي راند کيڏي سگهون پيا جڏهن ته ايئن نه ٿي سگهيو جنهن جي تلافي هاڻي ٻي ٽيسٽ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين سيريز بچائڻ لاءِ اسان سمورن شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي جي ضرورت آهي.

 

ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني آسٽريليا جو دورو ڪندي

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني آسٽريليا جو دورو ڪندي. پروٽيز جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ پنج ون ڊي مئچن جي سيريز کيڏندي. ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريقا طرفان جاري ڪيل تفصيل مطابق ڏکڻ آفريقا جي ٽيم دوري جي شروعات 2 نومبر تي ڪرڪيٽ آسٽرليا اليون جي خلاف ٽوئر مئچ سان ڪندي. ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي مئچن جي سيريز جي پهرين مئچ 5 نومبر تي ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل 7 نومبر تي ميلبورن جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي مئچ 9 نومبر تي سڊني ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ون ڊي مئچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 14 نومبر تي پرٿ ۾ ٻي ون ڊي 16 نومبر، ٽيون ون ڊي 19 نومبر، چوٿين 21 نومبر جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي 23 نومبر تي کيڏي ويندي