تازيون خبرون

Daily Archives: October 27, 2014

راولپنڊي ۾ عورت مڙس ۽ ٻن ٻارن کي زهر ڏئي مارڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

ٿرپارڪر (نمائندو) ٿر ۾ ڏُڪاري حالتون شدت اختيار ڪري ويون، خوراڪ جــِي کوٽ سبب اڄ وڌيڪ 4 معصوم ٻار فوت ٿي ويا، جنهن بعد هلندڙ مهيني اندر 27 ٻارن سميت فوتين جو انگ 35 ٿي ويو. ٿرپارڪر ۾ ڏڪار جي صورتحال شدت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب ڏينهون ڏينهن ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو وڌي رهيو آهي. مٺي جي سول اسپتال ۾ تازو ڄاول ٻار فوت ٿي ويو جڏهن ته ڇاڇرو جي ٻن خانگي اسپتالن ۾ 3 ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويا. فوتين ۾ 13 ڏينهن جي تهمينا ۽ 2 تازه ڄاول ٻار شامل آهن. مٺي جي سول اسپتال ۾ 35 ٻار علاج هيٺ آهن جڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ٻارڙن جو انگ 60 کان وڌي ويو آهي. هوڏانهن ڏڪار جي هنگامي حالتن دوران علاج جون سهولتون رڳو ڪجهه شهرن جي اسپتالن تائين محدود آهن. ٿرپارڪر ضلعي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهندڙ 90 سيڪڙو آبادي علاج سميت سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. امدادي ڪڻڪ جي ورڇ پڻ شهرن ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن تائين محدود آهن پر ڏورانهن علائقن تائين امدادي ڪڻڪ جي چوٿين قسط اڃا تائين نه ملي سگهي آهي.

 

حڪمرانن بجلي جون قيمتون وڌائي عوام جو بلڊ پريشر وڌائي ڇڏيو : سراج الحق

لاهور (م.ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته حڪمرانن بجلي جون قيمتون وڌائي عوام جو بلڊ پريشر وڌائي ڇڏيو آهي اڄ عوام وڇون ۽ نانگ بدران واپڊا کان ڊڄي ٿو ڪرپٽ ماڻهن ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي نومبر ۾ مينار پاڪستان کان تحريڪ پاڪستان جي شروعات ڪنداسين هن اهڙن خيالن جو اظهار گذريل ڏينهن منصوره ۾ لاهور بار جي 9 رڪني وفد سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي وڪيلن جي وفد جماعت اسلامي جي اڳواڻ پروفيسر غلام اعظم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ۽ قل خواني به ڪئي.

 

مهاجر ڪنهن زبان جو نالو ناهي، مهاجر لفظ کي حضور ڪريم صلم جن جي هجرت سان جوڙيو پيو وڃي: نثار کهڙو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر تعليم واري وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي ته مهاجر ڪنهن زبان جو نالو نه آهي پر مهاجر لفظ کي حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي هجرت سان جوڙيو پيو وڃي ، پاڻ ڪريم جن ته هجرت ڪئي پر ڪڏهن به مديني جا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي ان لاءِ ايم ڪيو ايم جا دوست  اهڙيون ڳالهيون ڪري ماحول کي خراب نه ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته لڳي پيو ته سڄو معاملو مڪاني چونڊن جي آمد جو آهي ان لاءِ عوام کي مڪاني چونڊن ۾ جنهن کي ووٽ ڏيڻو هوندو ان کي ئي ڏيندو پر نفرتون پکيڙيندڙ ڳالهيون نه ڪيون وڃن. نثار احمد کهڙو چيو ته الطاف حسين انتظامي يونٽن ۽ خالد مقبول صديقي صوبي جو مطالبو ڪري رهيو آهي جيڪڏهن سندن پارٽي يا ليڊرشپ جو ڪو مسئلو آهي ته اهو سندن اندروني معاملو آهي ته هو پاڻ ئي حل ڪن. هن چيو ته سنڌ فاٽا يا وزيرستان ناهي جو انتظامي يونٽن ۽ صوبن جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن سنڌ صدين کان هڪ آهي ۽ هڪ رهندي. هن چيو ته شيخ رشيد جهڙي فضول ماڻهون تي ڳالهائي وقت ضايع نه ٿو ڪرڻ چاهيان.

 

نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 52 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) حڪومت، هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي بجلي ڪيرائي ڇڏي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي پاران فيول ايڊجسٽمينٽ جي مـد ۾ بجليءَ جــِي قيمت ۾ 52 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. نيپرا، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست منظور ڪندي بجلي جي اگهه ۾ 52 پئسا في يونٽ اضافجي منظوري ڏني. قيمتن ۾ تازي واڌ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي ۽ ان جي اوڳاڙي عوام کان ايندڙ مهيني ڪئي ويندي. نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهه ۾ تازو اضافو ڪــَي اليڪٽرڪ کانسواءِ ملڪ جي ٻين سمورين بجلي ورڇ وارين ڪمپنين تي لاڳو ڪيو ويندو.

 

لاڙڪاڻو ضلعو پي ٽي آءِ جو مضبوط قلعو بڻجي ويو آهي، جنهن جي ديوارن تائين پهچندي پ پ آخري پساهن ۾ هوندي؛شفقت انڙ

ڏوڪري(رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت حسين انڙ چيو آهي ته 21 نومبر لاڙڪاڻي ضلعي مان پ پ جي خاتمي جو ڏينهن هوندو. قائم علي شاهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏي ڪئمپون پٽرائڻ مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، لاڙڪاڻي ضلعي جو عوام پ پ مان بيزار ٿي چڪو آهي، عمران خان جي سونامي ۾ ڪرپٽ سياستدان لڙهي ويندا. ڏوڪري ويجهو علي آباد ۾ 21 نومبر تي عمران خان جي جلسي لاءِ تيارين جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي انڙ خاندان جي سرواڻ شفقت حسين انڙ چيو ته ملڪ کي ڪرپٽ ۽ بي ايمان سياستدانن جي ضرورت نه آهي، عمران خان جي اڳواڻي ۾ تبديلي جو شروع ڪيل سفر لاڙڪاڻي ضلعي جي عوام مان محرومي جو احساس ختم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته انڙ خاندان متحد آهي، ڪاغذي وڏيرا ۽ ڌانڌلين ذريعي چونڊيل ڀوتار صرف گدڙن واريون ڀڀڪيون ڇڏي رهيا آهن، عوام کي سڃاڻي ٿو. هن چيو ته لاڙڪاڻو ضلعو پي ٽي آءِ جي مضبوط قلعو بڻجي ويو آهي، جنهن جي ديوارن تائين پهچندي پ پ آخري پساهن ۾ هوندي. ان موقعي تي تقريب کي سيد نعيم شاهه راشدي، غلام شبير جتوئي، عطا محمد آريجو، گهنور جتوئي، عنايت الله مهر، اظهر آريجو، اياز انڙ، عبدالستار تنيو ۽ قابل خان چانڊيو پڻ خطاب ڪيو.

 

ڏوڪري لڳ ميلي ۾عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ، منع ڪرڻ تي درگاهه جي متولي سميت 3 زخمي، پوليس به الٽو زخمن مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ويجهو ميلي ۾ ڇيڙ ڇاڙ کان منح ڪرڻ تان هٿياربندن جو حملو، متولي سميت 3 ڄڻا زخمي، ويهڙ پوليس الٽو زخمين تي ڪيس داخل ڪري ورتو. ڏوڪري جي ڪچي واري ويهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ راوت کيڙو ۾ درگاهه عطا محمد شاهه جي ميلي ۾ موت جي کوهه جي عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ کان منح ڪرڻ تان هٿياربندن چڙهائي ڪري درگاهه جي متولي فقير روشن کيڙو سميت 3 ڄڻن گلزار کيڙو ۽ عثمان کيڙو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ بعد ويهڙ پوليس زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال ڏوڪري داخل ڪرايو. ان موقعي تي صحافين اڳيان دانهيندي درگاهه جي متولي فقير روشن کيڙو چيو ته اڳوڻي ايس ايڇ او رفيق کيڙو ۽ اي ايس آءِ رزاق کيڙو بدنام ڌاڙيل احمد علي کيڙو ۽ ٻين هٿياربندن سان گڏجي ميلي ۾ موت جي کوهه جي عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي، ايس ايڇ او ويهڙ کي شڪايت ڪرڻ تي هٿياربندن مٿس حملو ڪري کين زخمي ڪيو آهي. هن دانهيندي چيو ته ويهڙ پوليس سندس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪندي الٽو حملو ڪندڙن جو مٿس ڪيس داخل ڪري ظلم ڪيو آهي. هن وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته درگاهه تي حملو ڪري فقيرن کي زخمي ڪندڙ جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

سلمان خان اداڪاره ثونم ڪپور سان رومانوي سين ڪرڻ تي پريشان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان اداڪاره ثونم ڪپور سان رومانوي سين ڪرڻ تي ڪافي پريشان نظر اچي رهيو آهي سورج بڙجاٽيا جي فلم پريم رتن ڌن پايو ۾ ٻنهي جي جوڙي اهي پر ڊي اين اي مطابق رومانٽڪ سين ڪندي سلمان پرسڪون نٿو رکي سگهي واضح رهي ته ثونم سان رومانوي سين ڪرڻ کان اڳ سلمان پاڻ کان اڌ عمر جي ڪيترن ئي اداڪارن سوناڪشي سنها ڊيزي شاهه ۽ جيڪ ون ورناڊيز سان وڏي آرام سان ڪم ڪري چڪو آهي پر ثونم سان ان جي پريشاني جو سبب هي آهي ته ثوم جو والد انيل ڪپور ۽ سلمان خان پاڻ ۾ گهاٽا دوست آهن

 

اداڪاره شردها ڪپور پنهنجي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو آئيٽم سانگ ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور ولن شڪتي ڪپور جي ڌيءَ اداڪاره شردها ڪپور پنهنجي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو آئيٽم سانگ ڪرڻ واري آهي شردها هن گيت متعلق تمام گهڻو خوش نظر آئي انگريزي اخبار ڊي اين اي ۾ ڇپيل خبر موجب ڪرن جوهر جي فلم انگلي ۾ شردها جو هي آئيٽم سانگ شامل ٿيڻ وارو آهي اخبار سان ڳالهائيندي شردها چيو ته مون کي ناچ بنستي نالي جو گانو فلمايو ويندو فلم ۾ ان کان علاوه منهنجو ڪوئي رول نه آهي هن فلم ۾ عمران هاشمي، ڪنگنا رناوت، رنديپ هوڊا ۽ سنجي دت اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

 

پاڪستاني ڊرامن جو مداح آهيان: انيل ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار ۽ فلم پروڊيوسر انيل ڪپور چيو آهي ته پاڪستاني فنڪارن پنهنجي اداڪاري سان ڀارتي فلم انڊسٽري کي متاثر ڪيو آهي ان کان علاوه هو خود پاڪستاني ڊرامن جو مداح آهي. ممبئي جي هڪ خانگي ٽي وي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي انيل ڪپور جو چوڻ هو ته فواد خان ۽ ثونم ڪپور ڀارتي فلم خوبصورت ۾ ان جي سوچ مطابق ڪم ڪيو آهي کيس ٻنهي فنڪارن جي ڪم متاثر ڪيو ۽ فواد جي اداڪاري فلم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن جنهن کي ڀارتي اعوام به گهڻو پسند ڪيو آهي.

 

پنهنجي بائولنگ سان امپائر کي آڱر کڻڻ تي مجبور ڪنديس: ميرا

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي فلم انڊسٽري مان شهرت ماڻيندڙ اداڪاره ميرا عمران خان کي شادي جي آڇ ڪري چڪي آهي هاڻي سندس کيس جواب جو انتظار آهي قذافي اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪاره ميرا جو چوڻ هو ته هو عمران خان کي شادي جي آڇ ته ڪري چڪي آهي هاڻي کيس عمران خان پاران مثبت جواب جو انتظار آهي ميرا جو چوڻ هو ته هو پنهنجي ماءُ جي نالي تي ٺهندڙ اسپتال لاءِ فلم اندسٽري ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ مئچ ۾ رانديگر طور حصو وٺندي ۽ بائولنگ ڪري امپائر کي آڱر مٿي کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي.