تازيون خبرون

Daily Archives: October 26, 2014

خطرن جي باوجود پنهنجي پارٽي جي منشور تي قائم رهنداسين: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فصل الرحمان واضح ڪيو آهي ته خطرن جي باوجود پنهنجي پارٽي جي منشور تي قائم رهنداسين بم ڌماڪا سياسي روايتن کان پوئتي هٽڻ تي مجبور نٿا ڪري سگهن هڪ انٽرويو ۾ مولانا فضل الرحمان هڪ دفعو ٻيهر ڪوئيٽا ۾ مٿس ٿيل آپگهاتي حملي۾ حملي جي جاچ ۾ عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته کيس اميد نه آهي حملو ڪندڙن تائين پهچڻ تي عملدارن کي مدد ملندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هو سياست جي اصولن تي يقين رکي ٿو ۽ خطرن جي باوجود هو پنهنجي پارٽي جي منشور تي قائم رهندو.

 

سانا پارن ايم ڪيوايم جي سنڌ ورهائڻ واري مطالبي جي مذمت، سازشن جو هر سطح تي مقابلو ڪرڻ جو اعلان

ھيوسٽن (پ.ر) سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) طرفان ايم ڪيو ايم جي سنڌ کي ورهائي مهاجرن لاءِ هڪ الڳ صوبو قائم ڪرڻ واري مطالبي کي سنڌ جي وحدت ۽ سالميت تي ڪاري وار قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جو غيرتمند عوام پنهنجي ڌرتي ماءُ خلاف جاري اهڙين سازشن جو ڄمي مقابلو ڪندو. سانا جي صدر جميل دائودي ۽ جنرل سيڪريٽري نورالنساءَ گھانگھرو پاران هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڪجھ سنڌ دشمن قوتون سنڌ خلاف گندين سازشن ۾ مصروآهن ۽ ايم ڪيو ايم جو وقت بوقت سنڌ ۾ الڳ صوبو قائم ڪرڻ وارو مطالبو ثابت ڪري ٿو ته اها به سنڌ خلاف ساذشن جو حصو بنيل آهي، هو ان سان سنڌ ۾ ٻيهر رت جي راند کيڏڻ چاهين ٿا پر اهي ياد رکن ته سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين پنهنجي ڌرتي ماءُ جي حفاظت لاءِ تيار آهي. سانا اڳواڻن چيو ته سنڌي ڀلي سياسي طرح مختلف پارٽين ۾ ورهايل هجن پر ڌرتيءَ جي وجود جي بقاءَ خاطر سياسي اختلاف وساري ٻڌيءَ جو شاندار مظاهرو ڪندا آيا آهن جنهن جو چٽو ثبوت سنڌين پاران ڪالاباغ ڊئم خلاف جدوجهد آهي جنهن ۾ سنڌي بنان ڪنهن سياسي فرق جي هڪ هيا. هنن مختلف سياسي نظريا رکندڙ پارٽين پ پ پ، عوامي نيشنل پارٽي، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ خاص طور جمائت اسلامي جهڙي مذهبي سياسي پارٽيءَ جي سربراھ پاران سنڌ ۾ نئين صوبي واري ايم ڪيو ايم جي مطالبي کي سختيءَ سان رد ڪرڻ واري عمل جي ساراه پڻ ڪئي. سانا اڳواڻن جميل دائودي ۽ نورالنساءَ گھانگھرو برطانيه حڪومت کي چتاءُ ڌنو آهي ته سندن ڌرتيءَ تان ويهي ايم ڪيو ايم سربراھ سنڌ خلاف سازشون ڪري سنڌ ۾ لساني بنيادن تي هڪ ڀيرو ٻيهر رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿو ۽ جيڪر برطانيه حڪومت ان ڳالھ جو نوٽيس نه ورتو ته ان خلاف عالمي سطح تي مظاهرا ڪيا ويندا. هنن ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ سردار نبيل گبول پاران سنڌ جي ورهاست جي معاملي تي پنهنجي پارٽيءَ جي مخالفت ڪرڻ واري عمل جي پڻ واکاڻ ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڪم ڪندڙ سنڌين کي چيو آهي ته جيڪر اهي سنڌ جا حلالي پٽ آهن ته اهي پنهنجي پارٽيءَ جي اهڙين سنڌ دشمن سازشن خلاف اٿي کڙا ٿين نه ته تاريخ کين معاف نه ڪندي.

 

ڪراچي، ڊي آءِ خان ۽ اتر علائقن ۾ دهشتگردي جو خطرو

اسلام آباد (بيورو) حساس ادارن ڪراچي ڊيرا اسماعيل خان ۽ اتر علائقن جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ڪوئي ۾ محرم شروع ٿيندي ئي سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن صوبائي حڪومت يوم عاشور تي موبائيل فون سروس بند رکڻ جي درخواست ڪري ڇڏي حساس ادارن محرم ۾ دهشتگردي جي خدشن جو اظهار ڪندي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي سيڪيورٽي الرٽ مطابق ڪراچي ڊيرا اسماعيل خان ۽ اترين علائقن ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ٿي سگهن ٿيون مشهور عالمن کي ٽارگيٽ ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته محرم جي جلوس تي فائرنگ، دستي بم حملا يا آپگهاتي حملا ٿي سگهن ٿا. حساس ادارن سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ تي زور ڏنو ٻئي پاسي ڪوئٽا جي مختلف علائقن ۾ پوليس، بلوچستان ڪانسٽيبلري ۽ ايف سي مقرر ڪئي ويئي آهي لاڳاپيل پهاڙن تي 10 محرم تائين ليويز مقرر رهندي پاڪ فوج کي به الرٽ ڪيو ويو آهي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي آهي.

 

مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا ٽيسٽ ۾ شريڪ ٻنهي ٻانهن کان معذور ٻن اميدوارن جي وي سي سان ملاقات، وائيس چانسلر پاران ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي صورت ۾ کين داخلا فيس معاف ڪرڻ جو اعلان

ڄامشورو (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ داخلا ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيل ٻن اسپيشل اميدوارن، جيڪي ٻنهي ٻانهن کان معذور آهن لاءِ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ساڻن امتحاني هال ۾ مليو. ان دوران هن اعلان ڪيو ته،ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي صورت ۾ کين داخلا في معاف ڪئي ويندي. ٻنهي هٿن کان معذور اميدوارن ساحل ٻگهيو ولد نزار ٻگهيو جنهن جو تعلق مورو سان ۽ ٻيو عبدالسلام ولد فضل الرحمان پٺاڻ جيڪو گلشن خير محمد فتح چوڪ حيدرآباد جو رهواسي آهي. ٻنهي باهمت ۽ ذهين شاگردن پير جي آڱوٺي ۾ پين ڦاسائي ٽيسٽ پيپر ڏنو. هنن چيو ته انجنيئر ٿيڻ اسان جو خواب آهي ۽ انشالله داخلا ٿيڻ جي صورت ۾ سٺا انجنيئر ٿي ڏيکارينداسين.

 

ايوارڊ ملڻ سان اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي: دپيڪا پڊوڪون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون چيو آهي ته ايوارڊ هن لاءِ اهميت رکندڙ آهن اداڪاره پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو ته ايوارڊ حاصل ڪرڻ هن لاءِ اهم آهي ڇو جو اهو توهان جي محنت تي توهان کي ملي ٿو. جيڪڏهنتوهان کي ايوارڊ ملي ٿو ته ان جو مطلب ته توهان بهترين ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته هو خوشنصيب آهي جو ڪيريئر دوران کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا، گذريل سال پڻ کيس ”چنائي ايڪسپريس“ ۽ گوليون ڪي راس ليلا، رام ليلا تي ايوارڊ مليو جيڪو هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ ان سان سندس اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. هو مستقبل ۾ پڻ مداحن لاءِ سٺو ڪم پيش ڪندي رهندي. اداڪاره جي نئين فلم ”بجرائو مستاني“ آهي جنهن جي شوٽنگ جاري آهي ۽ اها جلدي مڪمل ڪئي ويندي.

 

انيل ڪپور جو هدايتڪاري جي شعبي ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار انيل ڪپور هدايتڪاري جي شعبي ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪار انيل ڪپور هدايتڪاري جي شعبي ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اداڪار پنهنجيفلم ۾ پنهنجي ئي پٽ هرش ورڌان کي ڪاسٽ ڪندو. اها سندس پٽ هرش ورڌان جي ٻي فلم هوندي. ان فلم جي پروڊيوسر انيل ڪپور جي ڌيءَ ريحا ڪپور هوندي. واضح رهي ته هرش ورڌان جو پهريون فلمي پراجيڪٽ ”مرزا“ آهي جنهن م هو اداڪاري ڪري رهيو آهي.

 

شاهه رخ خان نئين فلم ”فين“ ۾ ڪم ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان جي نئين فلم ”فين“ هوندي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان جنهن جي فلم ”هيپي نيو ايئر“ تازو ئي رليز ٿي آهي، جي نئين فلم ”فين“ هوندي جنهن م هو اهم ڪردار ادا ڪندو. اداڪار چيو ته فلم سائن ڪرڻ جو سبب اهو آهي ته اها فلم ايڪشن کان هٽي اهم موضوع تي ٻڌل آهي. فلم جي هدايت منيش شرما ڏني آهي. فلم جي شوٽنگ جلدي شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته هو فلم هيپي نيو ايئر تي مداحن جي پسنديدگي تي خوش آهي، کيس پنهنجي محنت جو سلو مليو آهي ۽ هو توقع ٿو ڪري ته فلم 200 ڪروڙ جو ڪامياب بزنس ڪندي. ا

 

فلم ”ترشنا“ ايندڙ سال 26 جنوري تي سينيما گهرن ۾ رليز ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) فلم ”ترشنا“ 26 جنوري 2015ع تي سينيما گهرن ۾ رليز ٿيندي. بالي ووڊ فلم ترشنا، جنهن جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ اداڪار رضا احمد ۽ فريده پنتو شامل آهن. 26 جنوري تيسينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. فلم جي ڪهاڻي ٿامس هارڊي جي ناول ”ٽيس آف ادبي وائلز“ تي ٻڌل آهي. فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي ڇوڪري جي چوڦير گهمي ٿي جنهن جي زندگي محبت ۽ مسئلن وچ ۾ منجهيل رهي ٿي. فلم جي هدايت مائيڪل ونٽر بوئم ڏني آهي جڏهن ته پروڊيوسر سنيل بوهرا، انوراغ ڪشيپ، گونيت مونگا، مليسا پرميسنٽر ۽ اجي ڌاما ۽ ٻيا آهن. ا

 

دبئي ٽيسٽ : پاڪستان آسٽريليا کي 221 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان دبئي ٽيسٽ ۾ يونس خان، سرفراز احمد، ذوالفقار بابر ۽ ياسر شاهه جي شاندار ڪارڪردگي عيوض آسٽريليا کي 221 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. رنسن جي لحاظ کان اها پاڪستان جي آسٽريليا خلاف سڀ کان وڏي فتح آهي. گرين شرٽس راند جي سمورن شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪينگروز کي هر شعبي ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو. 138 رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آسٽريليائي ٽيم 216 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ذوالفقار بابر 5 ۽ ياسر شاهه 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. ميچ ۾ 2 سينچريون اسڪور ڪرڻ تي يونس خان کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.ا

 

يونس خان ٻڌايو، مون کي آسٽريليا جي خلاف پهرين ٽيسٽ سينچري ٺاهڻ لاءِ 12 سال انتظار ڪرڻو پيو: احمد شهزاد

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ٽيسٽ اوپنر احمد شهزاد چيو آهي ته يونس خان مون کي چيو هو ته مان آسٽريليا جي خلاف پهرين ٽيسٽ سينچري/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 33

ٺاهڻ لاءِ 12 سال انتظار ڪيو هو مون کي يقين آهي ته توهان ايترو انتظار نه ڪندا ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان جي ٽيسٽ اوپنر احمد شهزاد چيو ته سينچري جي هميشه خوشي ٿيندي آهي آسٽريليا جي خلاف سينچري ٺاهڻ جي خوشي آهي هي سينچري بيشڪ اسپيشل آهي پهرين اننگز ۾ جهڙي طرح آئوٽ ٿيس ان تي مون کي مايوسي ٿي هئي مان خوش قسمت رهيس ته يونس خان مون سان ڪريز تي موجود هو.