تازيون خبرون

Daily Archives: October 22, 2014

بجلي جي اگهن ۾ واڌ نه ٿيندي، حڪومت واڌو بار پاڻ برداشت ڪندي: عابد شيرعلي/خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي جي وزير مملڪت عابد شيرعلي چيو آهي ته بجلي جا اگهه نه وڌايا ويندا پر حڪومت واڌو بار پاڻ برداشت ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مسلم ليگ جي حڪومت عوام دوست آهي وزيراعظم محمد نوازشريف جي هدايتن جي روشني ۾ حڪومت نيپرا جي نون اگهن جو بار صارفين تي نه وجهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هي اگهه موجوده سطح تي برقرار رهندا عابد شيرعلي چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته صارفين تي گهٽ کان گهٽ بار پوي. پاڻي ۽ بجليجي وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته بجلي جي وڌيڪ بلنگ جي شڪايت تي آڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي وڌيڪ يونٽ وجهڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي واڌو رقم صارفين کي واپس ڏني ويندي اسان کي بجلي جي پيداوار سان گڏوگڏ طلب ۽ بجلي چوري تي به ڪنٽرول ڪرڻو پوندو اربع تي قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي ۾ خواجه محمد آصف چيو ته وڌيڪ بلنگ جون شڪايتون آهن جڏهن ته وفاقي ڪابينه آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو ٻن ٽن ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو.

 

ملاله يوسفزئي ليبرٽي ايوارڊ کٽي ورتو

نيويارڪ (م.د) سوات ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ زخمي ڪيل شاگردياڻي ملاله يوسفزئي ليبرٽي ايوارڊ کٽي ورتو هي اعزاز حاصل ڪندڙ ننڍي ڄمار رکندڙ شخصيت آهي تفصيل موجب ملاله کي لبرٽي ميڊل آمريڪي رياست فلاح گيليفيا ۾ هڪ تقريب دوران ڏنو ويو ملاله کي هي ميڊل تعليم جي شعبي ۾ ان جي خدمتن ۽ قبائلي علائقن جي عورتن کي بنيادي حقن ۽ انهن جي آزادي جي حوالي سان جدوجهد تي ڏنو ويو آهي ان موقعي تي ملاله مليل هڪ لک ڊالر جي انعامي رقم پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ملاله يوسفزئي چيو ته ليبرٽي ايوارڊ حاصل ڪري فخر محسوس ڪري رهيا آهيان جنهن جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ تعليم کي عام ڪرڻ ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ جاري مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حوصلو وڌندو. ملاله چيو ته تعليم بهترين هٿيار آهي جنهن جي ڪري غربت جهالت ۽ دهشتگردي ختم ڪري سگهجي ٿي.

 

هندن جي مذهبي تهوار ”ديوالي“ جون تقريبون (اڄ) شروع ٿينديون

ڪراچي، عمرڪوٽ، لاهور (م.ڊ) هندن جي مذهبي تهوار ”ديوالي“ جون تقريبات (اڄ) پوري ملڪ ۾ شروع ٿينديون، سنڌ حڪومت ديوالي تي وبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، ان موقعي تي پوري ملڪ ۾ مندرن ۾ خاص پوجا پاٽ ٿيندي، ڪراچي، اندروني سنڌ، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، سکر سميت ٻين ضلعن جتي هندو رهيل آهن اتي ديوالي جون رنگا رنگي تقريبات ٿينديون، ان کان علاوه به پوري ملڪ ۾ جتي جتي هندو برادري رهيل آهي ديوالي ملهائي ويندي. ملڪ جي وڏي سياسي پارٽين هن ڀيري هندن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ديوالي جي تقريبات ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلاول هائوس ۾ ديوالي جي خاص تقريب ڪوٺائي هندو برادري جي اهم شخصيتن کي اتي شرڪت جي دعوت ڏني آهي، تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي (اڄ) عمر ڪوٽ ۾ هندو برادري سان ديوالي جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ٻئي پاسي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين صديق الفاروق لاهور جي ڪرشنا مندر راوي روڊ ۾ ٿيندڙ مرڪزي تقريب ۾ خاص مهمان هوندو. ديوالي جي ان تقريب ۾ ٻين مذهبن کان علاوه اتحاد بين المسلمين جا اهم اڳواڻ به شريڪ ٿيندا.

 

ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اختلاف ختم ۽ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا: منظور وساڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي جيلن واري  وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اختلاف ختم ۽ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا. پر برف پگهرڻ ۾ ڪجهه وقت ته لڳندو. اسان جون پارٽيون 1988 کان گڏ هلي رهيون آهن. اسان سڀ ڀائر آهيون. شهري ٻهراڙي جو فرق نه هجڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم ۾ تمام گهڻا باشعور ماڻهو به آهن. خواهش رهي آهي ته ثالثي جو ڪردار ادا ڪريان، بهتري ان ۾ آهي ته ٻئي پارٽيون گڏجي ڪم ڪن. شفاف ۽ آزاد بلدياتي چونڊن لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ٻئي متفق آهن. سنڌ حڪومت صوبي جي بلدياتي ادارن کي گهربل فنڊز ۽ گهربل وسيلا فراهم ڪندي. صوبائي وزير منظور وساڻ اهڙن خيالن جو اظهار اڄ پنهنجي آفيس ۾ ملاقات لاءِ ايندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پيشنگوئي ڪري ڇڏي هئي ته طاهر القادري جو ڌرڻو ختم ٿي ويندو. هاڻ جلد ئي عمران خان جو ڌرڻو به ختم ٿي ويندو. صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو ته عمران خان ۽ طاهر القادري ۾ به اختلاف آهن. عمران خان جلسن ۾ وڃڻ کان پهريان طاهر القادري کي اعتماد ۾ نه ورتو. هاڻ طاهر القادري به ڌرڻا ختم ڪرڻ تي عمران کي اعتماد ۾ نه ورتو. هن چيو ته عمران خان ۽ طاهر القادري کي چونڊن جو انتظار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جڏهن شير جي شڪار جو وقت آيو ته اهو ڪم پاڪستان پيپلز پارٽي ئي اڪيلي سر ڪندي. هن پيشنگوئي ڪئي ته ايندڙ چونڊن ۾ پوري ملڪ ۾ اصل مقابلو پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ٿيندو.

 

روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل روشن تارا اسڪول جي نائين ڪلاس جي شاگرد ارسلان مڱڻ جو ٽيجهو ٿي گذريو

ملير(ڊ ر) روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل روشن تارا اسڪول جي نائين ڪلاس جي شاگرد ارسلان مڱڻ جو ٽيجهو، ارسلان مڱڻ جي بي وقتائتي وڇوڙي تي شاگرد استاد ۽ وارث سوڳ وار بڻيل، کيس لفظن جي ڀيٽا. خبر موجب گلشن حديد جي رهواسي روشن تارا اسڪول جي نائين ڪلاس جي شاگرد ارسلان خان مڱڻ جو اوچتي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وڃڻ تي سندس دوست اسڪول جا استاد، شاگرد ۽ وارث اڃا تائين سوڳوار بڻيل آهن. گلشن حديد ۾ ارسلان مڱڻ جو ٽيجهو ٿيو، روشن تارا اسڪول جي استادن ۽ سگا اڳواڻ خادم حسين ڪانڌڙو، اعجاز سومرو، ميڊم زهرا ميراڻي، ميڊم زويا ڪيريو، ميڊم شائستا زاهد، ميڊم مريم، ميڊم صبيحا رحيم، ميڊم پارس ۽ ٻين چيو ته ارسلان خان مڱڻ جي اوچتي وڇوڙي اسان جو جيءُ جهوري ڇڏيو آهي. هو هڪ تمام هوشيار ۽ ذهين شاگرد هو جيڪو استادن ۽ شاگردن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. روڊ حادثي ۾ وڇڙي ويل ارسلان مڱڻ جو خال ڪير به پورو نه ٿو ڪري سگهي. هنن چيو ته ارسلان خان اسڪول ۾ سمورن استادن ۽ شاگردن جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندو هو. هو گلاب جي گل جيان اسان کي پيارو لڳندو هو. ارسلان مڱڻ جهڙا شاگرد صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هن کي پنهنجي وطن، ماءُ پيءُ،دوستن عزيز، شاگردن ۽ استادن سان وڏو پيار هو اسان ارسلان خان کي پنهنجو قومي هيرو سمجهون ٿا جيڪو وقت کان اڳ اسان کان وڇڙي ويو. ان جون يادگيريون سدائين اسان جي دلين ۾ رهنديون. خدا تعاليٰ وارثن کي صبر جميل توفيق عطا فرمائي ۽ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري.

 

فلم ”بينگ بينگ“ هلندڙ سال جي سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ فلم بڻجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ فلم ”بينگ بينڪگ“ 2014ع جي سڀ کان بزنس ڪندڙ فلم بڻجي وئي. ذريعن مطابق فلم بينگ بينگ جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ اداڪاره ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار رٿيڪ روشن شامل آهن. اها فلم 2014ع جي سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ فلم آهي. ان فلم ۾ آمريڪا ۾ رڪارڊ بزنس ڪيو آهي. جڏهن ته اها فلم آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي 100 سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ لڳائي ويندي. فلم پهرئين هفتي ۾ 3 ملين ڊالر جي ڪمائي ڪئي آهي جڏهن ته ايندڙ هفتن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي.

 

اداڪاره ميرا فلم ”هوٽل“ ۾ آئٽم سانگ ڪندي

اسلام آباد (شوبز نيوز)اداڪاره ميرا نئين فلم ”هوٽل“ ۾ آئٽم سانگ ڪندي. فلم هوٽل جي ڊائريڪٽر خالد حسن آهي جڏهن ته فلم جي پروڊڪشن ڪراچي ۾ مڪمل ڪئي ويندي. خالد حسين م طابق نفسياتي موضوع تي ٺهندڙ اها پهرين پاڪستاني ٿرلر فلم هوندي. فلم جي هيروئن ميرا آهي جڏهن ته باقي ڪاسٽ نون اداڪارن تي مشتمل آهي. فلم ۾ هڪ آئٽم سانگ آهي جنهن تي ميرا پرفارم ڪندي. گاني کي ڀارتي گلوڪاره جسمين سنڊلس ڳايو آهي.

 

دبنگ گرل سونا ڪشي اداڪاري بعد هاڻي فلمون پروڊيوس ڪندي

ممبئي(شوبز نيوز) دبنگ گرل سونا ڪشي سنها اداڪاري بعد هاڻي فلمون پروڊيوس ڪندي. ذريعن مطابق بالي ووڊ ”دبنگ“ مان مشهوري  ماڻيندڙ سونا ڪشي مداحن کي موهڻ بعد هاڻي پروڊڪشن جي ميدان ۾ پير پاتو آهي. هوءَ پنهنجي هوم پروڊڪشن ڪمپني ڪراٽوز انٽرٽيمنٽ جو حصو بڻجي وئي آهي. سونا ڪشي جون ايندڙ رليز ٿيندڙ فلمون ”ايڪشن جيڪسن“، ”تيور“ ۽ ”لنگا“ آهن جن جي شوٽنگ جلد ئي مڪمل ڪئي ويندي.

 

فلم ”تيور“ حقيقي موضوع تي ٻڌل فلم آهي: ارجن ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور چيو اهي ته فلم ”تيور“ جي ڪهاڻي حقيقي زندگي تي ٻڌل آهي. بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور پنهنجي انٽرويو م چيو ته فلم تيور جو فلم ”اوڪاوو“ جي هندي ريميڪ فلم آهي، جيڪا ان جي ڪيريئر جي اهم ترين فلم آهي. هيءَ فلم حقيقي موضوع تي ٺاهي وئي آهي. فلم ۾ سڀني اداڪارن تمام گهني محنت ڪئي آهي. اداڪار ارجن ٽوئيٽر ذريعي فلم جي پهرين جهلڪ جاري ڪئي آهي. هن چيو ته اميد آهي ته هئي فلم رليز ٿيندي ته مداحن کي ضرور پسند ايندي.

 

پاڪستاني رانديگرياڻين کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن: زينب مشتاق

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پنجاب جي اڳوڻي فٽبال ڪوچ زينب مشتاق چيو آهي ته پاڪستاني رانديگرياڻين کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته اهي انٽرنيشنل سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته هن وقت رانديگرياڻين يک بهترين ڪوچز ۽ سهولتن جي ضرورت آهي جيڪڏهن عورت رانديگرياڻين کي مرد رانديگرن جي برابر سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عورت رانديگرياڻيون پڻ ملڪ 7 قوم جو نالو روشن ڪري سگهن ٿيون.