تازيون خبرون

Daily Archives: October 21, 2014

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ هڪ عورت ۽ سياسي پارٽي جي ڪارڪن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، سائيٽ جي علائقي فرنٽيئر ڪالوني ۾ سياسي پارٽي جي ٽن ڪارڪنن شاهد، مجيد ۽ نيڪ محمد سوڌو ٻيا ماڻهو هڪ سياسي پارٽي جو جهنڊو لڳائي رهيا هئا ته موٽرسائيڪل تي سوار جوابدارن فائرنگ ڪري ٽنهي کي زخمي ڪري وڌو جن مان نيڪ محمد اسپتال پهچندي فوت ٿي ويو، جوابدارن ويندي ويندي هڪ ڪريڪر به اڇلايو منگهو پير ۾ نيا ناظم آباد واري علائقي ۾ فائرنگڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته نيو ڪراچي جي بلاول ڪالوني ۾ فائرنگ سبب هڪ شخص مارجي ويو ايس ايس پي سينٽرل نعمان صديقي موجب مارجي ويل شخص گهربل جوابدار آهي ۽ ڦر دوران هڪ شهري جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو شاهه فيصل ڪالوني ۾ به فائرنگ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي.

 

ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ متعلق جمشيد دستي جو بل رد ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ بابت جمشيد دستي جو بل رد ڪري ڇڏيو اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ جمشيد دستي آئين جي آرٽيڪل هڪ ۾ ترميم متعلق بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري ۽ چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ ضروري آهن پنجاب اسيمبلي ڏکڻ پنجاب جي نالي سان نئون صوبو ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبلي هزارا جي نالي سان صوبو ٺاهڻ جون قراردادون منظور ڪري ڇڏيون آهن ملڪ آڏو جيڪي مسئلا آهن انهن جو واحد حل نوان صوبا ٺاهڻ آهي تنهنڪري هن بل کي ايوان ۾ پيش ڪيو وڃي اسپيڪر سردار اياز صادق وفاقي وزير زاهد حامد کان بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي حوالي سان پڇاڻو ڪيو جنهن تي وفاقي وزير ان جي مخالفت ڪئي اسپيڪر بل متعلق راءِ شماري لاءِ هن ايوان ۾ بل پيش ڪيو ته ايوان ان کي رد ڪري ڇڏيو.

 

تحريڪ طالبان شاهد الله شاهد کي برطرف ڪري ڇڏيو

پشاور(م.ڊ) بندش پيل تحريڪ طالبان داعش ۾ شامل ٿيڻ تي پنهنجي ترجمان شاهد الله شاهد کي تحريڪ جي عهدي تان هٽائڻ جو باقاعدهاعلان ڪري ڇڏيو آهي، طالبان جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شاهد الله شاهد ٽي ٽي پي جو ترجمان ناهي ۽ ان گروپ ابو عمر شيخ مقبول کي به اهو ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جنهن کي پڻ هٽايو ويو آهي بيان ۾ تحريڪ جو جيڪو نئون ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي تنهن جي سڃاڻپ نه ٻڌائي وئي بيان موجب ٽي ٽي پي جي سربراهه ملا فضل الله افغان طالبان جي اڳواڻ محمد عمر سان ٻيهر وفاداري ظاهر ڪئي آهي ۽ تحريڪ جي نئين ترجمان جو نالو جلد ٻڌايو ويندو ياد رهي ته شاهد الله شاهد سوڌو تحريڪ طالبان جي 5 اميرن عرق ۽ شام ۾ سرگرم ويڙهاڪ گروپ داعش ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

 

يو ايس ايڊ جي سهڪار سان سنڌ ۾ استادن کي ميرٽ جي گهرجن مطابق تربيت ڏيڻ لاءِ مرڪز بڻايا ويندا: کهڙو/آمريڪي قونصل جنرل

خيرپور(ڊ.ر( سنڌ جي سينيئر تعليم واري وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته يو ايس ايڊ جي سهڪار سان سنڌ ۾ استادن کي ميرٽ جي گهرجن موجب تربيت ڏيڻ لاءِ 3 سينٽر قائم ڪيا ويندا، اڄ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيٰءِ ۾ پهرين سينٽر جو افتتاح ڪندي خوشي ٿي آهي. هن اها ڳالهه شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ 1.5 ملين ڊالر جي لاڳت سان جُڙي راس ٿيل فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي عمارت جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڪئي. ان کان اڳ صوبائي وزير تعليم نثار کهڙو ۽ ڪراچيءَ ۾ مقرر آمريڪا جي قونصل جنرل برائن هيٿ گڏيل طور تي عمارت جو افتتاح ڪيو. افتتاح واري موقعي تي سيڪريٽري تعليم، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه، پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ جي دپٽي مشن ڊائريڪٽر ڪيٿي مُور ۽ ٻيا موجود هئا. ان بعد منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي ترقيءَ لاءِ يو ايس ايڊ جيڪي به قدم کنيا آهن اهي ساراهه جوڳا آهن. سنڌ ۾ استادن کي تربيت ڏئي تعليم جي معيار ۾ بهتري آڻڻ جي ڏس ۾ يوا يس ايڊ جي سهڪار سان خيرپور کان علاوه حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به سينٽر قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيل سينٽر ۾ 300 استادن کي بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جي تربيت ڏني ويندي پر اهو انگ ڪافي ناهي. تربيت وٺندڙن جي انگ ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه پڻ ڪئي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت ڪُل 8 هزار شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. آباديءَ جي حساب سان ڏسجي ته اهو انگ به ڪافي ناهي، شاگردن جو انگ به وڌيڪ هجڻ گهرجي. ان ڏس ۾ اسان ڪوششون وٺنداسين ته جيئن تعليم جي ميدان ۾ نوجوانن کي حصو وٺڻ لاءِ همٿائي سگهجي. نثار احمد کهڙو چيو ته اسان پنهنجي پارٽيءَ جي قيادت جي هدايتن تحت سنڌ ۾ ميرٽ واري پاليسيءَ کي مستحڪم ڪري رهيا آهيون. ان ڏس ۾ لڳ ڀڳ 25 هزار نوجوانن کي ميرٽ تحت استاد جون نوڪريون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ هن وقت جيڪو جمهوري نظام هلي رهيو آهي اسان جي خواهش آهي ته ان کي ڪير به نقصان نه پهچائي سگهي. اهو نظام برقرار رهندو ته عوام کي ان جا فائدا به ملي سگهندا. ان موقعي تي خصوصي مهمان طور تي تقرير ڪندي آمريڪا جي قونصل جنرل برائن هيٿ چيو ته کيس خوشي ٿي آهي ته سنڌ ۾ يو ايس ايڊ جي بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام تحت استادن کي تربيت ڏيڻ وارو پهريون سينٽر قائم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بطور قونصل جنرل ڪراچي مقرر ٿيڻ کانپوءِ اندرون سنڌ جو هي منهنجو پهريون دورو آهي. هي دورو منهنجي لاءِ ان ڪري به اهميت وارو هو ڇو ته مون سمجهڻ پئي چاهيو ته ڪراچيءَ کان ٻاهر باقي سنڌ ڇا پئي سوچي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي ادارن سان گڏجي سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي خوشي ٿيندي ته اهو ڪم مستقبل ۾ به جاري رکيو وڃي. تعليم جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ وارن منصوبن سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط به ٿيندا ۽ سنڌ صوبي ۾ نوجوانن ۽ ٻارڙن کي معياري تعليم به ميسر ٿي سگهندي. هن چيو ته پاڪستان جي خوشحالي ۽ سماجي سطح تي زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري اسانجو اهم مقصد آهي. اهڙي ارادي سان اسان پاڪستان ۾ شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏينداسين. هن اهو پڻ ٻڌايو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيل هن فيڪلٽيءَ آف ايجوڪيسٽن جي 2 بهترين شاگردن کي ميرٽ تحت پي ايڇ ڊيءَ لاءِ اسڪالرشپ پڻ ڏني ويندي. ان کان اڳ پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر ميٿي مُور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته يو ايس ايڊ سنڌ ۾ معياري تعليم لاءِ وسيلن جي سيڙپ ڪري رهي آهي ان سان نه صرف معيار تعليم بهتر ٿيندو جڏهن ته زندگيءَ جو معاير به يقينن بهتر ٿيندو. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ ڪُل 85 ٽيچر ٽريننگ سينٽر قائم ڪرڻ واري منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ لازمي تعليم واري قانون تي ضرور عمل ڪرائيندي ته جيئن وڌ کان وڌ ٻار تعليم حاصل ڪندا رهن. تقريب کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه خطاب ڪندي چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي اتر سنڌ جي شهرن جي تقريبن 8 هزار شاگردن کي تعليم ڏئي رهي آهي. هيءَ پاڪستان جي ستين نمبر تي وڏي يونيورسٽي آهي. يو ايس ايڊ پاران شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي بنيادي تعليم واري منصوبي لاءِ پارٽنر طور چونڊن اسان جي خوش نصيبي آهي. اميد آهي ته هن منصوبي سان علائقي ۾ تعليم جي معيار بهتر ٿيندو. هن چيو ته هن سينٽر ۾ داخلا ميرٽ تحت ٿيندي ۽ استادن کي دنيا جي جديد گهرجن موجب تعليم ڏيڻ ۽ نصاب کي بهتر ڪرڻ جي تربيت ڏني ويندي. تقريب کي سنڌ جي سيڪريٽري تعليم فضل پيچوهو، ايڇ اي سيءَ جي نمائندي ڊاڪٽر رضا ڀٽي، سنڌ ايڇ اي سيءَ جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته تقريب ۾ ڪمشنر سکر عباس بلوچ، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مظهر علي مڱڻهار ۽ يونيوسٽيءَ جي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

ڪراچي؛ شاگردن پاران سنڌي شاگرد سٿ جي ٻئي سالگره وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي

ڪراچي(پ_ر) سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي يونيورسٽي ۾ اڄ سنڌي شاگرد سٿ پاران سنڌي شاگرد سٿ جي ٻئي سالگره وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. جنهن ۾ شاگردن پاران ميرين بيالوجي پارڪ ۾ وڏي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگرياڻين شرڪت ڪئي ۽ سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. تقريب جو شروعات انعام جتوئي جي سريلي آواز ۾ شاه سائين جي وائي سان ڪئي وئي. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن معيد ابڙو، اياز ڪمبوه، اشفاق سبزوئي، لجپت راءِ، نصير جوڪهيو، عمران ڏيرو، وزير سنڌي، سعيد شر ويچار ونڊيندي چيو ته مادر علمي ۾ سنڌي شاگردن جي رهنمائي ۽ سندن تعليمي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٻه سال اڳ هڪ سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي سٿ جوڙيو ويو هيو. جنهن پليٽ فارم تحت لڳاتار به سال سنڌي شاگردن جي رهنمائي، سنڌ جا ثقافتي ڏيهارا ملهائڻ، تعليمي سيمينارز ڪرائڻ جهڙا عظيم ڪم وڏي جوش ۽ جذبي سان سر انجام ڏيندي رهي آهي. ۽ اڄ سالگره جي موقعي تي شاگردن پاران اهو عظم ڪيو ويو ته آئينده به سنڌي شاگردن جي خدمت جو ڪم جاري رکندا.

 

جيڪو نصيب ۾ هوندو آهي اهو سامهون اچي ويندو آهي، وقت ايندو ته شادي ٿي ويندي: بپاشا باسو ۽هرمن باويجا

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره بپاشا باسو ۽ اداڪاره هرمن باويجا چيو آهي ته هو صحيح وقت اچڻ تي شادي ڪري وٺندي. اداڪار هرمن باويجا جنهن کي اداڪاره بپاشا باسو سان تعلق رکڻ جي بنياد تي شهرت ملي آهي پنهنجي تازين ڳالهين ۾ چيو ته سندس بپاشا سان گڏ شادي ٿيڻ تقدير ۾ لکيل هي ته وقت اچڻ تي ايئن ئي ٿي ويندو. ۽ جيڪڏهن ائين ناهي ته اسان لاءِ ٻيو بهتر رستو نڪري ايندو. هن چيو ته شادي هڪ قدرتي عمل آهي کيس پلاننگ ذريعي سرانجام نٿو ڏئي سگهجي. ان لاءِ چوندا آهن ته جوڙيون آسمان تي ٺهنديون آهن ۽ زمين تي ملنديون آهن.

 

ڪترينا ڪيف لاءِ هڪ ٻيو عالمي اعزاز

ممبئي (شوبز نيوز) باربي ڊول ڪترينا ڪيف هن وقت عروج تي اهي ۽ هاڻي ته هن دپيڪا پڊڪون ۽ پريانڪا چوپڙا کي هڪ ٻئي ميدان ۾ شڪست ڏيئي ڇڏي اهي ۽ هو آهي مادام تساءُ جي تاريخي ميوزم ۾ جڳهه ٺاهڻ لنڊن جي مادام تساءُ ميوزم ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته ڪترينا ڪيف جو ممي مجسمو 2015 ۾ بالي ووڊ گئلري ۾ جاءِ حاصل ڪري وٺندو هر سال مادام تساءُ پاران آن لائين سروي جي بنياد تي عالمي فنڪارن جي مجسمن جي تياري جو تعين ڪيو وڃي ٿو ۽ هلندڙ سال ڪترينا هن معاملي ۾ دپيڪا ۽ پريانڪا چوپڙا سميت ٻين کي شڪست ڏني آهي.

 

فلم ”گون گرل“ 20.2 ملين ڊالر جو بزنس ڪيو

لاس اينجلس (شوبز نيوز)هالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار ڊيوڊ فنچر جي تازو ئي رليز ٿيل فلم ”گون گرل“ 200 ملين ڊالر جو بزنس ڪري ورتو آهي. گلوبل باڪس آفيس جي رپورٽ مطابق ”گون گرل“ سڄي دنيا ۾ هن وقت تائين 20.2 ملين ڊالر کان وڌيڪ بزنس ڪري چڪي آهي. ڄاڻايل فلم ان نالي جي هڪ ناول جي ڪهاڻي تي مشتمل آهي. فلم دي گرل ”وود اڊريگن ٽيتو“ 232.6 ملين ڊالر جو ڪاروبار ڪيو هو ۽ جلد ئي گون گرل ان جو رڪارڊ ٽوڙيندي. ويڪ اينڊ باڪس آفيس تي اداڪار بن ايفلڪ جي گون گرل 20.2، جڏهن ته ”اينابلي“ 19.2 ملين ڊالر جو بزنس ڪيو آهي

 

ڪشميري ٻوڏ متاثرن لاءِ عامر خان ۽ اميتاڀ بچن ميدان ۾ اچي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) ڪشمير ۾ آيل تازي ٻوڏ جي متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ عامر خان ۽ اميتاڀ بچن جهڙا مشهور بالي ووڊ اداڪار سامهون آيا آهن هم هين اميد ڪشمير نالي جي هن تقريب ۾ آسام جي ٻوڏ ۽ وشاکا پٽنم ۾ حدحد طوفان سان متاثرن جي لاءِ به امداد جي ڳالهه ڪئي ويئي فنڊ گڏ ڪرڻ واري تقريب ۾ عامر خان کان علاوه اداڪار فرحان اختر ۽ اداڪاره پرينڪا چوپڙا به شرڪت ڪئي تقريب ۾ مشهور اداڪارن متاثرن جي امداد ۽ آفت سٽيل علائقن جي اڏاوت لاءِ ڀرپور تعاون جي اپيل ڪئي. ڀارتي اخبار موجب ان کان اڳ اميتاڀ بچن چيو هو ته جڏهن به اسان ڪشمير جي ڳالهه ڪيون ٿا ته آسام جي ڳالهه ڪيون ٿا ته مان سوچان ٿو ته ڪٿي اسان جي وطن کي تڪليف پهتي آهي ۽ مان جيڪو به ڪري سگهان ٿو ڪندس

 

آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کٽڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي: مصباح الحق

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته آسٽريليا جي خلاف ٽيسٽ سيريز کٽڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي دبئي جي وڪيٽ ٻين وڪيٽن کان مختلف آهن آسٽريليا جي خلاف سيريز ۾ فارم ۾ واپسي لاءِ پراميد آهيان دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو ته جيڪڏهن سينيئر رانديگر بهترين ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته ٽيم جي ڪارڪردگي تي وڏو فرق پوي ٿو. دبئي جي وڪيٽ ٻين وڪيٽن کان مختلف آهي ۽ بال به بيٽ تي اچي رهيو آهي. آسٽريليا جي خلاف سيريز ۾ فارم ۾ واپسي لاءِ پراميد آهيان سندس چوڻ هو ته آسٽريليا خلاف اسپنر کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي ڇو ته دبئي جي وڪيٽ اسپنر لاءِ سازگار آهي سمورن رانديگرن جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان ۽ ٽيسٽ سيريز ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.