تازيون خبرون

Daily Archives: October 20, 2014

پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اختلاف بلدياتي نظام ۾ ترميمن تي ٿيا: ذريعا

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ ۾ بلدياتي نظام ۾ ترميمن جي معاملن تي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم اختلاف پيدا ڪيا جنهن جي ڪري گذريل هڪ مهيني کان ٻنهي جماعتن ۾ بيان بازي ٿي رهي هئي ان دوران ڊاڪٽر عشرت العباد خان ۽ رحمان ملڪ ڪوشش ڪئي پر معاملا حل نه ٿي سگهيا ذريعن موجب ايم ڪيو ايم کي شڪايتون هيون ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ بلدياتي نظام جي معاملي تي پنهنجي مرضي موجب ترميمون ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ايم ڪيو ايم جي تجويزن ۽ سفارشن تي غور نٿو ڪيو وڃيڪراچي آپريشن دوران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بنا جواز گرفتارين تي به سنڌ حڪومت ڪوئي تعاون ناهي ڪيو جڏهن ته سرڪاري نوڪرين تي به شهري علائقن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ بلدياتي ادارن ۾ اختيارن جي جنگ ۽ فنڊ جاري ٿيڻ جو معاملو به اختلافن جو سبب بڻيل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جو وفاقي حڪومت سان ورڪنگ رليشن شپ بهتر آهي ۽ ٻنهي ۾ اڄڪلهه بهترين رابطا آهن وفاق پاران ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ويئي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي پاران ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ فعال رابطا ناهن ڪيا ويا اختلاف ختم ٿيڻ بدران بيان بازي جو سلسلو هلندو رهيو ان دوران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن پاران الطاف حسين جي خلاف بلاول ڀٽو جي بيانن تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو ويو هو پارٽي قيادت تي دٻاءُ هو ته سنڌ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو وڃي بيان بازي نه روڪڻ ۽ مختلف اشوز تي معاملا حل نه ٿيڻ جي ڪري ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جوا علان ڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم تازو ئي نون انتظامي يونٽن جي معاملن تي عوام سان رابطا ڪري رهي آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي قيادت ان معاملي جي سخت خلاف اهي ايم ڪيو ايم هاڻي انتظامي يونٽن جي معاملي کي قانوني طريقي سان حل ڪرائڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد تيز ڪندي هوڏانهن پيپلزپارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي قيادت اسان جي قيادت جي خلاف پهرين بيان بازي جو سلسلو شروع ڪيو رابطن جي باوجود ايم ڪيو ايم خود سنڌ حڪومت کان الڳ ٿي پيپلزپارٽي جي ڪوشش آهي ته هاڻي به معاملو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪيو وڃي ان حوالي سان جلد رابطن جو آغاز ڪيو ويندو پيپلزپارٽي ذريعن جوچوڻ آهي ته هاڻي ايم ڪيو ايم پنهنجي سياسي حڪمت عملي مهاجرن جا مسئلا حل ڪرائڻ طرف جوڙي رهي آهي ايم ڪيو ايم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينه ۾ شامل انهن جي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونين کي اختيار حاصل نه هئا واضح رهي ته سڄي صورتحال مان ثابت ٿي ويو آهي ته ايم ڪيو ايم الڳ صوبو ٺاهڻ جي ناپاڪ ڪوشش ۾ مصروف آهي پر پاڪستان پيپلزپارٽي جا اڳواڻ انهيءَ ڳالهه تي پنهنجي عوام کان لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن تنهنڪري پاڪستان پيپلزپارٽي کي عوام آڏو پنهنجو چٽو موقف پيش ڪرڻو پوندو.

 

متحده قيادت سنڌ ۾ رهندڙن اردو ۽ سنڌين کي ويڙهائڻ چاهي ٿي: جسقم

ملير (ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته متحده سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪري نه رڳو سنڌ جو روح رنجايو آهي پر مجموعي سنڌي قوم کي تڪليف ۽ ڪاوڙ پهتي آهي، اقتدار جي خواهش ۽ اقتدار ۾ پاور جي هوس ايم ڪيو ايم قيادتکي انڌو ڪري ڇڏيو آهي، افسوس جو ايترو عرصو سنڌ ۾ رهڻ کانپوءِ به هو سنڌين جي مزاج ۽ روح کي سمجهي نه سگهيا آهن. متحده جي قيادت سنڌ ۾ رهندڙن اردو ۽ سنڌين کي ويڙهائڻ چاهي ٿي. پ پ ۽ متحده ملي ڀڳت ڪري ڊرامو رچايو آهي، جيڪو اقتدار جي حاصلات جي ڪڙي آهي. جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته اسين ايم ڪيو ايم کي خبردار ڪيون ٿا اقتدار جي مقصد لاءِ سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه نه ڪئي وڃي ان کي اسين برداشت نه ڪري سگهنداسين. هنن چيو ته اسين عام اردو ڳالهائيندڙ کي ذميوار نه ٿا سمجهون متحده قيادت سنڌ ۾ نفرتون پکيڙڻ جي ذميوار آهي. سنڌ جي ورهاست جي سازش ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڀاڱيڀائيوار آهن. هن چيو ته جيستائين هڪ به سنڌي زنده آهي سنڌ جي هڪ هڪ  انچ ڪنهن کي نه ڏينداسين. سنڌ ڌرتي لاءِ سنڌ جو ٻچو ٻچو سرن سان ڪفن ٻڌي ٻاهر نڪري ايندو. سنڌ اسان جي ماءُ آهي. سنڌ جو ڪو به حلالي پٽ سنڌ ڌرتي جو ورهاڱو برداشت نه ڪندو. هن چيو ته شهيد بابا بشير قريشي سنڌ لاءِ جان جي قرباني ڏني، جيستائين ساهه ۾ ساهه آهي سنڌ طرف ميري اک سان ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته سڀاڻي حيدرآباد ۾ جسقم جي مرڪزي بادي جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آئينده جي لائحه عمل سميت اهم فيصلا ڪيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ صنعان قريشي چيو ته پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي ۾ ايم ڪيو ايم جي وزارت صحت کاتي کي ته ڪم نه ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو پر پنهنجي وزير اعليٰ ۽ سنڌ جي سمورن کاتن جي ناقص ڪارڪردگي تي وزير اعليٰ سميت ڪنهن به وزير کان پڇاڻو نه ڪيو. جڏهن ته سڄي سنڌ جي اڳيان واضح آهي ته سنڌ جي ڪنهن به يونين ڪائونسل ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو سڀ فنڊ وزير ۽ ڪامورا هڙپ ڪري وڃن ٿا پر سڄي سنڌ جي بجيٽ صرف ڪراچي جي مخصوص علائقن تي خرچ ڪئي وڃي ٿي. زندگي جي هر سهولت ڪراچي ۾ ته موجود آهي پر سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ آءِ سي يو  جي پڻ سهولت نه آهي. اهڙي صورتحال تي پ پ قيادت خاموش آهي، جنهن مان سنڌي قوم سمجهي سگهي ٿي ته جلسي ۾ ڪيل ڳالهيون ڳٺ جوڙ آهن. پريس ڪانفرنس ۾ جسقم جا مرڪزي اڳواڻ ڪيهر انصاري، ساگر حنيف بڙدي پڻ موجود هئا

 

ايس ٽي پي ايم ڪيو ايم تي پابندي ۽ سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (بيورو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايم ڪيو ايم روزانه سنڌ جي وحدت ۽ قومي بقا سان مزاق بند ڪري. سنڌ جي ماڻهن 1947ع کان هندستان کان آيل هر هڪ ماڻهو کي پنهنجي برابر حق ڏنا ۽ سنڌ ۾ ضم ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن . ڪنهن به سنڌي کي مهاجر نالي کان نفرت نه آهي صدين کان آس پاس جي ملڪن مان آيل پناهگير، مهاجر بڻجيسنڌ ۾ پناه وٺندا رهيا آهن. سنڌ صدائين لٽيل ڦريل ماڻهن  جي لاءِ آٿٿ محبت ۽ پناه جو مرڪز رهي آهي سنڌ جي مستقل اردو آبادي کي خود ان مهاجر سڃاڻپ کان لا تعلقي ۽ بيزاري جو اعلان ڪرڻ گھرجي نه ته هڪ وطن ۾ رهڻ کانپوءِ ان پناه ڏيندڙ وطن کان لا تعلقي انهن ماڻهن جي بد بختي چئي ويندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ وڳوڙي ٽولو، افغانستان کان ٿيندو هندستان پهتو جتي نسلي ۽ مذهبي فسادن کان پوءِ سنڌ کي گذريل 25 سالن کان دهشت گرديءَ جي لپيٽ ۾ آڻي هر طرح جي سياسي بليڪ ميل ڪندو پيو اچي. ايس ٽي پي سمجھي ٿي مهاجر صوبي واري منصوبي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ، ايم ڪيو ايم سان ٻٽ بڻيل آهي مادر وطن سنڌ کي وڪري جي جنس طور استعمال ڪندي رهندي آهي.  ڪڏهن دهشت گردن سان ٻٽا ڀاڪر ۽ ڪڏهن غير ذميوار ڇڙواڳ بيان. انهن جو حتمي نتيجو نسل پرست  دهشت گردن طرفان سنڌ جي بقا تي مسلسل حملا ۽ وار آهن. ان ڪري سياسي شبدي بازي کي سنڌ جي سياست مان نيڪالي ڏني وڃي. ايس ٽي پي ، ايم ڪيو ايم جي سياست تي بندش جو مطالبو ڪندي سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ جي گھر ڪري ٿي. سنڌ جي سموري آبادي بشمول مختلف ثقافتي اقليتون پنجابي پشتون ۽ اردو ڳالهيندڙ آبادين کي گڏجي هن نسلي رهزني ۽ دهشت گردي خلاف اسان جو ساٿ ڏين، ته جئين سنڌ جي بقا ۽ قوم جي بقا کي يقيني بنائي دهشت گردن جا ڏند کٽا ڪري سگھون ته ساهه جي اخري هڏڪي تائين وطن جي حفاظت ڪريون. هن چيو ته جيڪي سنڌي ايم ڪيو ايم ۾ ڪنهن سبب جي ڪري شامل ٿيا آهن اهي پاڻ کي ايم ڪيو ايم کان ڌار ڪن، ۽ پر امن اردو ڳالهائيندڙ عوام کي ايم ڪيو ايم کان بيزاري جو اعلان ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته ايس ٽي پي وطن جي بقا لاءِ رت جي آخري ڦڙي تاءِ قرباني ڏيندي. اجلاس جي آخر  ۾ عزم ورجايو ويو ته سنڌي قوم حوصلا بلند رکي نسل پرست دهشت گردن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين آخري وقت تائين دهشت ۽ وحشت جو مقابلو ڪنداسين. اجلاس ۾ الطاف جسڪاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، احمد نوناري، شبير مگسي، ڄام شوڪت ابڙو، صالح جوڻيجو، ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، ڊاڪٽر حميد ميمڻ، نصرت حسين چنه، ڊاڪٽر نواز ڳاهوتي، گوتم چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

قومي عوامي تحريڪ 23 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ، ايم ڪيو ايم طرفان هڪ ڀيرو وري سنڌ ۾ نئين صوبي واري مطالبي خلاف 23 آڪٽوبر تي هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. حيدرآباد ۾ پليجو هائوس تي نيشنل سرائيڪي پارٽي جي سربراهه ساجده لانگاهه سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ انور سومري چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪري رهيون آهن،جنهن کي ڌرتي ڌڻي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته 23 آڪٽوبر تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ بند رهندي،ٽرانسپورٽر،واپاري۽ڌرتي ڌڻي سندن ساٿ ڏئي سنڌ جي دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏين. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي تان هٿ نه کنيو ته هڙتال کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. ان موقعي نيشنل سرائيڪي پارٽيءَ جي سربراهه ساجده لانگاهه چيو ته 1973ع واري آئين ۾ ترميم ڪري ملڪ کي 5 قومن تي ٻڌل ملڪ قرار ڏنو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته سرائيڪي سڃاڻپ جي بحالي لاءِ حڪومت سميت 4 قومون ساڻن سهڪار ڪن. ساجده لانگاهه وڌيڪ چيو ته اردو ڳالهائيندڙ به سنڌ جو حصو آهن ۽ هو پاڻ کي سنڌي سمجهن،ڌار صوبي وارو مطالبو غلط آهي.

 

والد شوبز جي دنيا ۾ ڪڏهن به سفارش ناهي ڪئي، پاڻ پنهنجو ٽيلنٽ مڃرائي شوبز ۾ آئي آهيان: مومل شيخ

لاهور (شوبز نيوز) اداڪاره مومل شيخ چيو آهي ته منهنجي پيءُ شوبز جي دنيا ۾ ڪڏهن به منهنجي سفارش ناهي ڪئي پر مان پاڻ پنهنجي ٽيلنٽ کي مڃرائي شوبز ۾ آئي آهيان منهنجي مڙس هميشه مون کي سپورٽ ڪيو ان جي اجازت سان شوبز ۾ ڪم ڪري رهي آهيان هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي مومل شيخ چيو ته منهنجي فئملي جا ڪيترائي اداڪار شوبز جي دنيا جا اداڪار آهن مان انهن جي مدد کان سواءِ پنهنجي فن سان اڳتي وڌي نالو ۽ شهرت ماڻينديس هن چيو ته شادي کان پوءِ زندگي تبديل ٿي ويئي آهي. شادي کان اڳ انسان پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذاريندو آهي پر شادي کان پوءِ مڙس ۽ ساهورن جي مرضي مطابق هلڻو پوي ٿو.

 

رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف ايندڙ سال فيبروري ۾ لائون لهندا

ممبئي (شوبز نيوز)ڪترينا ۽ رنبير ڪپور ايندڙ سال فيبروري ۾ شادي ڪندا، رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف فلمي مصروفيتن سبب ڪجهه عرصو پري رهڻ کان پو3 هاڻي ٻيهر گڏ نظر اچي رهيا آهن، ويجهن ماڻهن سندن شادي جي تيارين جو اشارو پڻ ڏنو آهي، ڀارتي ذريعن موجب هي جوڙو فيبروري ۾ شادي ڪندو، ٻنهي ۾ 2009ع کان دوستي هلي رهي آهي.

 

پرينتي چوپڙا بگ باس شو جي مداح نڪتي

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره پرينتي چوپڙا پڻ بگ باس شو جي مداح نڪتي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پريني تي چوپڙا ٽوئيٽ ڪيو آهي ته بگ باس کي جيڪڏهن ڪنهن گهرن ۾ ڏسڻ وارو شو بڻايو آهي ته اهو سلمان خان آهي، اداڪاره چيو ته هو شو جي لڳاتار پنجون ڀيرو ميزباني ڪري رهيو آهي، هو هڪ ذهين ۽ مزاحيه ميزبان آهي، جنهن ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي.

 

نئون دور شروع ٿيڻ وارو آهي، اسٽيج ڊرامو بهتر ٿي ويندو: اداڪار نجم زيدي

لاهور (شوبز نيوز) سينيئر اداڪار نجم زيدي چيو آهي ته اداڪاري جي ڪائي حد ناهي هوندي فن اداڪاري ۾ اداڪار جيترو به ڪم ڪندو ان قدر اداڪاري ۾ مضبوطي ايندي بدمعاش جي ڪردار کان وٺي هجڙي وارا به ڪردار ڪيا آهن هر ڪردار ادا ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڪردار کي سرچ ڪيان ٿو اين اين آءِ سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن مان اداڪاري ڪيان ٿو ته مان نجم زيدي جي زات مان نڪري ڪردار ۾ سمائجي وڃان ٿو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي حقيقت آهي ته ڪجهه ماڻهو اهڙا اسٽيج ڊراما پيش ڪري رهيا آهن جو ڊرامي جي نالي تي بدنما داغ آهن اهڙن ماڻهن اسٽيج جي ڊرامن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي پر هاڻي هڪ نئون دور اچڻ وارو آهي جنهن سان اسٽيج ڊرامو بهتر ٿي ويندو.

 

گهرواري ثانيه مرزا جي فتح تي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي: شعيب ملڪ

لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ ڪرڪيٽر شعيب ملڪ پنهنجي گهر واري ثانيه مرزا سان گڏ رهڻ جي پلاننگ ڪري ورتي ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب ملڪ چيو ته شادي کان اڳ هي ڳالهه ذهن ۾ هئي ته پنهنجون سرگرميون جاري رکندي گڏ رهڻ مشڪل هوندي پر هي هڪ حقيقت آهي ته اسان پنهنجي راند جي سرگرمين مان فارغ ٿي گڏ ئي رهنداسين هن چيو ته جڏهن ثانيه مرزا کي ڪاميابي ملندي آهي ته تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي

 

برازيل ۾ ڊگهي عمارت تي ڊوڙي چڙهڻ جي مقابلن جو اهتمام

سائوپائولو (اسپورٽس نيوز) برازيل جي شهر سائوپائولو ۾ ڊوڙڻ جو انوکو مقابلو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ايٿليٽ شهر جي سڀ کان ڊگهي عمارت تي چڙهي ويا عمارت تي ڊوڙي چڙهڻ جو مقابلو ايلٽ ۽ اميچور ٻه ڪيٽيگريز ۾ منعقد ڪيو ويو مردن ۽ عورتن جا مقابلا عمر جي لحاذ کان چئن گروپن ۾ الڳ الڳ منعقد ڪيا ويا.