تازيون خبرون

Daily Archives: October 17, 2014

هما قريشي انجلينا جولي جي نقش قدم تي هلڻ جو عزم ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره هما قريشي هالي ووڊ جي اداڪارا انجلينا جولي جي نقش قدم تي هلڻ جو عزم ڪري ڇڏيو آهي ذريعن موجب بالي ووڊ اداڪاره هما قريشي جو چوڻ آهي ته هالي ووڊ اداڪاره انجلينا جولي وانگر اداري کان پوءِ هو هدايتڪاري جي شروعات ڪندي انجلينا جولي هٽ فلمون ڏيڻ کان پوءِ 39 سالن جي ڄمار ۾ سال 2011 ۾ ٻه فلمون جن ۾ ان دي لينڊ آف بلڊ ۽ هني شامل آهن جي هدايتڪاري ڪئي هما چيو ته هو 55 سالن جي ڄمار ۾ هدايتڪاري جي شروعات ڪندي اداڪاره اڄڪلهه فلم بدله پورا جي عڪسبندي ۾ مشغول آهي جيڪا جلد ئي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

عامر خان پنهنجي ٽي وي شو لاءِ دهلي پهچي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر پنهنجي ٽي وي شو سيتاهوجيتي 3 جي هڪ قسط ممڪن آهي ان لاءِ دهلي پهچي ويو عامر خان پنهنجي ٽي وي شو جي سيزن 3 جي هڪ قسط عنوان ممڪن آهي لاءِ چنديڳڙهه ۽ جيئپور جي دوري کان پوءِ هاڻي دهلي پهچي ويو آهي.

 

ڊريم گرل هيما مالني پنهنجي 66هين سالگرهه سادگي سان ملهائي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ۽ ڊريم گرم هيما مالني پنهنجي 66هين سالگرهه وڏي سادگي سان ملهائي اداڪاره هيما مالني جيڪا هاڻي پارليامينٽ جي ميمبر آهي پنهنجي سالگرهه گهرڀاتين سان ممبئي ۾ سادگي سان ملهائي اداڪاره چيو ته هو گهڻو خوش آهي جو کيس پيار ڪندڙ خاندان ۽ بيپناهه پيار ڏيندڙ مداح مليا سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ هجڻ تي خوشي محسوس ڪري رهي آهيان.

 

اداڪاره انوشڪا تڪراري پوسٽر جي حوالي سان توجهه حاصل ڪري ورتي

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪاره انوشڪا شرڪا جيڪا اڄڪلهه عامر خان سان فلم پي ڪي جي شوٽنگ ۾ مست آهي هن اوچتو پنهنجي مداحن کان علاوه ٻين ماڻهن کي به پنهنجي طرف متوجهه ڪرڻ لاءِ ٽوئٽ ڪيو آهي ته هو هاڻي عامر خان وانگر ٽرانسزسٽر پڪڙي پوسٽ رليز ڪندي. پر گذريل ڏينهن ڏنل تاريخ متعلق ان جو پوسٽ رليز نه ٿيو ۽ مداحن ۾ چوٻول آهي ته انوشڪا ٽرانسسٽر واري پوسٽ جو حصو ڪڏهن بڻجندي جنهن سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو انوشڪا سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ عامر خان جي تڪراري پوسٽ جو حوالو ڏيئي مداحن جي توجهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 

انٽرنيشنل راندين جي مقابلن جي تياري لاءِ پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ سجاوٽ جو ڪم جاري

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل راندين جي مقابلن جي تيارين لاءِ پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ سجاوٽ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌايو ته پاڪستان اسپورٽس جي ڊائريڪٽر جنرل جي هدايت مطابق ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته ساف ويمن فٽ بال چيمپين شپ ايندڙ مهيني کيڏي ويندي، جنهن جي تياري جي سلسلي ۾ پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس جي جناح اسٽيڊيم علامه اقبال هوٽل سميت ٻين راندين جي جاين ۾ سجاوٽ جو ڪم جاري آهي، هن ٻڌايو ته ساف ويمن فٽ بال چيمپين شپ 11 نومبر کان 11 نومبر تائين جناح اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ 8 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون، جن ۾ پاڪستان سميت ڀارت، بنگلاديش، افغانستان، مالديپ، نيپال، سريلنڪا ۽ ڀوٽان شامل آهن.

 

راولپنڊي ڊسٽرڪٽ اي ڊويزن فٽ بال ليگ، يو ايس جي سي ڪلب ۽ الحمرا ڪلب وچ ۾ ميچ برابر

راولپنڊي (اسپورٽس نيوز)راولپنڊي ڊسٽرڪٽ فٽ بال ايسوسيئيشن جي اهمتام هيٺ جاري روالپنڊي ڊسٽرڪٽ اي ڊويزن فٽ بال ليگ ۾ يو ايس جي سي ڪلب ۽ الحمرا ڪلب جي ٽيمن وچ ۾ ميچ 1-1 تان برابر رهي، ميونسپل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ليگ ميچ ۾ وقفي تائين يو ايس جي سي ڪلب کي 0-1 گول تان ڪاميابي حاصل ٿي، ٻئين هاف ۾ الحمرا ڪلب جي ٽيم ميچ برابر ڪيو. راند جي پهرين اڌ جي 12هين منٽن ۾ يو ايس جي سي ڪلب طرفان بلال گول ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. جنهن کي ٻئين اڌ جي 23هين منٽن ۾ الحمرا ڪلب جي راجا قيصر گول ڪري ميچ 1-1 تان برابر ڪئي، جيڪا ميچ جي پڄاڻي تائين جاري رهي. اهڙي طرح ميچ برابر کيڏڻ جي صورت ۾ ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ملي.

 

آءِ پي ايل گورننگ ڪائونسل جو اجلاس 20 آڪٽوبر تي ٿيندو

ڪلڪته (اسپورٽس نيوز)انڊين پريميئر ڪرڪيٽ ليگ (آءِ پي ايل) گورننگ ڪونسل جو اجلاس 20 آڪٽوبر تي ڪلڪته ۾ ٿيندو، جنهن ۾ آءِ پي ايل جي اٺين ايڊيشن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو، آءِ پي ايل جي اٺين ايڊيشن ۾ ڪلڪته نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي، جنهن جي ڪري ڪلڪته شهر هڪ ڀيرو ٻيهر افتتاحي تقريب جي ميزباني ڪندو. سي اي بي جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ آءِ پي ايل گورننگ ڪونسل جي ميمبر سبير گنگولي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته اجلاس ۾ اسان افتتاحي تقريب لاءِ ميزبان شهر کي حتمي شڪل ڏينداسين.

 

سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻي چئن ڏينهن واري ميچ (اڄ) شروع ٿيندي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز)سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي اي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي چئن ڏينهن واري ميچ (اڄ) ڇنڇر ڏينهن منارا ۾ شروع ٿيندي، ميزبان ٽيم سريلنڪا کي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0-1 تان سرسي حاصل آهي،همبنٽوٽا ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ سريلنڪا اي 10 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 25 کان 28 آڪٽوبر تائين موراتوا ۾ کيڏي ويندي.

 

پيپلز پارٽي ٻيهر اڀري سگهي ٿي؛زاهد حسين

                         اگهور ننڊ مان اٿي پاڪستان پيپلز پارٽي، ڀٽو سياست جي نوجوان وارث ۾ اميدون رکندي ٻيهر جيئندان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڪنهن زماني ۾ ملڪ جي اهم سياسي قوت رهندڙ هيءَ جماعت هاڻي ڄڻ ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪي آهي. جيڪا ملڪ جي نئين سياسي حقيقت بڻجي چڪي آهي. جيڪا ملڪ جي نئين سياسي حقيقت کان ڏور بيٺل نظر اچي ٿي.

                         هڪ سياسي سيکڙاٽ لاءِ پست حال ۽ زوال جو شڪار ٿيل پارٽي کي فقط ڀٽي جي نالي تي نئين سر اڀارڻ ممڪن هوندو! ڇا هيءَ پارٽي سرزمين تي پنهنجي جيڪا جاءِ  ۽ ساک اڳ ئي وڃائي چڪي آهي، تنهن کي ٻيهر حاصل ڪري سگهندي؟ اهو ڏسڻ ۽ پرکڻ انتهائي دلچسپي هوندو ته هيءَ پارٽيءَ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ ۽ اڀرندڙ نئين سماجي ۽ سياسي صورتحال ۾ پاڻ کي ڪيئن ٿي ڇنڊي ڇاڻي اڳتي اچي. بلاول ڀٽو زرداريءَ جو ن سياسي سرگرميون ته ڳچ عرصو اڳ شروع ٿي ويون هيون. پر سندس باضابطا ۽ باقاعده سياسي سفر گذريل ڪجهه مهينن کان سندس عوامي سرگرمين ۾ آيل واڌ سان شروع ٿيو آهي. جيتوڻيڪ هو اڃا تائين پنهنجي والد جي رهنمائي ۽ نگرانيءَ هيٺ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته سندس چريائپ وارا بيان سندس ئي عملي سرگرمين جي نفي هجن ٿا. عملي سياست جي لاهن چاڙهن مان گذرڻ بنائي قيادت سونپڻ يقينن نوجوان ڀٽي(بلاول) جي خامي نه ٿي چئي سگهجي. پر فقط ڀٽو هجڻ سان ئي فطري اڳواڻ يا قائد بڻجي نه ٿو سگهجي.

حقيقت ۾ سندس والد ۽ پڦي پارٽي تي ڪنٽرول ڪري ۽ هلائي رهيا آهن، جن هن جماعت کي هڪ بزنس ڪارپوريشن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پارٽيءَ جي وفادار جي رشتو ناتو ٻيهر پارٽيءَ سان جوڙڻ لاءِ هڪ ”ڀٽي جو چهرو“ ضروري سمجهيو پيو وڃي، پر ڇا ايئن ڪرڻ سان پ پ  ۾ نئون روح ڦوڪجي سگهندو؟ اها به حقيقت آهي ته مکيه قومي ڌارا وارين ٻين سياسي جماعتن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي حقن مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ بابت پيپلز پارٽيءَ جو موقف ترقي پسنداڻو آهي تنهن هوندي به هي پارٽي اسٽيٽسڪو خوف ۾ بند نظر ايندي. شهري علائقن مان تڏا ويڙھ ٿيڻ کانپوءِ ڳچ عرصي کان وٺي هيءَ جماعت ٻهراڙيءَ وارن علائقن تائين محدود ٿي وئي آهي، جيڪو ئي سندس سپورٽ بيس به آهي. پنجاب ۾ سندس جيڪو به حمايتي حلقو هئو سو عمران خان جي تحريڪ انصاف پاڻ ڏانهن ميڙي کڻي وئي آهي. پارٽيءَ وٽ نوجوان آباديءَ کي آڇڻ لاءِ هٿ ۾ ڪجهه به ناهي. هيءَ جماعت فقط ان اميد ۾ آهي ته ڀٽي جو نئون رتُ يا جوان ڀٽو سموري لهر جو پلٽو ڦيرائي پ پ جي پاسي ڪري ڇڏيندو، جنهن جي ملڪ جي وڏي صوبي منجهان تقريبن تڏا ويڙھ ٿي چڪي آهي. پنجاب لاءِ جتي پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ نواز ۾ ويڙھ هلي رهي آهي، اتي هي جماعت نظرئي نه ٿي اچي ۽ غير واسطيدار بڻجي وئي آهي.

اڳواٽ چونڊن جي امڪانن سبب آصف علي زرداري پنهنجو هيڊ ڪوارٽر لاهور منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ بلاول به صوبي ۾ پارٽيءَ کي نئين سر جيئارڻ لاءِ ريلين جو منصوبو رٿيو آهي پر ان جو تصور ڪرڻ به مشڪل آهي ته پ پ پنجاب جي صوبائي پارٽي ۾ رد ٿيل چهرن جي ذريعي پي ٽي آءِ جي اڀريل لهر جو ڪو ٽوڙ ڳولي سگهندي يا ان کي مات ڏئي سگهندي. پارٽي ڪارڪن ۽ جهونا وفادار انتهائي مايوس ٿي چڪا آهن. ڇاڪاڻ جو پ پ پنجاب ۾ ڄڻ ته ن ليگ جي ماتحت جماعت طور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، بينظير ڀٽو جي مرتئي کانپوءِ پارٽي قيادت سنڀاليندي مسٽر زرداريءَ پنجاب ۾ پارٽي جي صورتحال تبديل ڪري ڇڏي آهي، پارٽيءَ جي جهونن وفادارن کي ڪنڊائتو ڪري ان جي جاءِ نون آيلن حوالي ڪري ڇڏي. مسلم ليگ(ن) سان تعاون ڪرڻ تي پ پ جي جهونين شخصيتن ۾ پارٽيءَ کان بغاوت جهڙي صورتحال آهي.

اهو ڏسي تعجب به ٿئي ٿو ته بلاول پنهنجي ناني ذوالفقار علي ڀٽو جي پيروي ۽ ان جهڙو موقف اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ پنجاب ۾ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارت مخالف قومپرستيءَ کي اڀاري رهيو آهي. هن کي يا ته پنهنجي استاد غلط مشورو ڏنو آهي يا وري هو ذوالفقار علي ڀٽي جون چار ڏهاڪن کان به مٿي پراڻيون رڪارڊنگ ڏسي، انهن جي تاريخي پسمنظر کي سمجهي نه سگهيو آهي.

بلاول ڀٽو جيڪا شئي سمجهي نه سگهيو آهي،  ساهي آهي ته مسٽر ڀٽي جو تبديلي لاءِ لڳايل نعرو، جيڪو عوام، خاص ڪري ورڪنگ ڪلاس ۽ نئين نسل کي پاڻ ڏانهن ڇڪي آيو. پ پ جي قسمت جيئن کوٽ کاڌي آهي ته عمران خان طرفان ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي معاملن تي اٻهرو موقف اختيار ڪرڻ جي قطعي نظر هو تبديليءَ واري مقبول لهر جي اڳواڻي ڪري  رهيو آهي. پاڪستان ۾ جيڪي سماجي، سياسي ۽ معاشي تبديليون آيون آهن، تن نئين سياسي صورتحال کي جنم ڏنو آهي، جيڪا نئين سماجي ۽ سياسي معاهدي جي گهر جائو آهي. پر اهڙي صورتحال ۾ پ پ جي قيادت جمود جي ورچڙهيل نظر اچي ٿي، پارٽي نه رڳو وڌندڙ وچولي طبقي ۽ نوجوانن کي پاڻ ڏانهن آڻڻ ۾ ناڪام ٿي آهي پر اها  شهري غريب طبقي ۽ ورڪنگ ڪلاس ۾  به پنهنجو روايتي ڳڙھ ۽ حمايت وڃائي رهي آهي. ڳچ عرصو اڳ ئي پ پ جي شهري علائقن مان ته تڏا ويڙھ ٿي چڪي آهي. ٻهراڙي وارن علائقن خاص ڪري سنڌ ۾ به ان جو ڳڙھ، سندس غلطي حڪمرانيءَ سبب سندس هٿن کان کسڪي رهيو آهي.

هيءَ تقريبن اٺون سال آهي جو پارٽي سنڌ تي حڪمراني ڪري رهي آهي پر ان عوام جي فلاح، بهبود ۽ ترقيءَ لاءِ تقريبن ڪجهه به نه ڪيو آهي، انساني ترقيءَ جي سمورن اهڃاڻن ۾ سنڌ ملڪ ۾ باقي صوبن کان پٺتي آهي صوبي ۾ اهڙي ڪا شئي ناهي، جيڪا سنڌ سرڪار ترقياتي ڪم جي نالي ۾ ڏيکاري سگهي. بي تهاشا بدعنواني، ان جي سرپرستي ۽ خراب حڪمراني پ پ سرڪار جو نصب العين آهي. تنهن ڪري تعجب نه ٿيڻ کپي ته ڊونر ۽ گهڻ قومي امدادي ادارا سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ کان لنوائن ٿا. هيءَ هڪ اڀرندڙ سچ آهي ته پ پ جيڪڏهن طرز حڪمراني بهتر نه ڪئي ته سنڌ مان به ان جي تڏا ويڙھ ٿي ويندي، تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ شهادتن ۽ خانداني وراثت تي دارومدار رکندڙ سياست گهڻو عرصو جٽاءُ ڪري نه ٿي سگهي. اهو چوڻ مشڪل آهي ته پ پ قيادت کي انهيءَ صورتحال جو ادارڪ ۽ احساس آهي به الائي نه. گهڻو ڪري ناهي. چيو وڃي ٿو ته پارٽيءَ جي تازو ٿيل مرڪزي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ جڏهن پارٽيءَ جي ڪنهن سينيئر ميمبر صوبي ۾ خراب حڪمراني جو ذڪر ڪيو ته مسٽر زرداريءَ کيس ڳالهائڻ ئي نه ڏنو. مرڳو هن وراڻيو ته  ملڪ اندر هيءُ سڀ کان بهتر حڪمراني آهي اهو چوڻ مشڪل ٿيندو ته پنهنجي ڏک ۽ نئين سياسي حقيقت کي قبولڻ بنا پارٽي پنهنجي وڃايل ساک بحال ڪري سگهندي. جيڪڏهن پارٽي ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڀٽي جي نالي اکيون ٻوٺي ووٽ شايد نه پئي.

ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد؛ سرفراز ميمڻ

                         سنڌ جي عظيم ڌرتيءَ صدين کان دنيا جي ڀاڳوڙن ۽ ڌڪاريل بکين جون ڪيئي يلغارون پئي سٺيون آهن. عرب سامراجين هٿان راجا ڏاهر جي شهادت، ته ڪڏهن خلجين جي هٿان دودي جهڙا ڌڱ پئي ڪهرايا آهن ته ڪڏهن مغل ۽ ترخان سامراجين جي چڙهائين سان منهن ڏيندي دولهه دريا خان پئي ڪٺا آهن، ته ڪڏهن شاهه عنايت جهڙن علم جي ابن کي شهادت ماڻڻي پئي آهي، ته ڪڏهن مخدوم بلاول کي وطن پرستيءَ جي ڏوهه ۾ گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو آهي. ڪڏهن روپلي ڪولهيءَ ۽ هوشو “مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون” جا نعرا هڻندي شهادت جو جام پيتو آهي، ته ڪڏهن هيمون ڪالاڻي ۽ صبغت الله شاهه راشدي سوريون سينگاريون. انهن مڙني مٿين بهادريءَ جي ڪارنامن جي طويل تاريخ ۽ تسلسل آهي. ان ئي تسلسل سان 17 آڪٽوبر 1984ع تي ٻن پهرن جو سنڌي قوم پرستن جي رت سان هولي کيڏي وئي. سنڌي نوجوانن جي سينن کي گولين سان پروڻ ڪري انسانيت جي تقدس کي پائمال ڪيو ويو. اسان جو ئي وطن اسان لاءِ قبرستان بنايو ويو. سنڌي قوم جي مستقبل جي وارث 130 قومپرست شاگردن (جيڪي بسن ۾ چڙهي ڄامشوري کان لاڙڪاڻي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پنهنجي پهرين سال جي ڀائرن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته اوچتو ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ پُر امن نوجوانن ۽ بي هٿيار شاگردن تي مشين گنن ۽ ٻين خودڪار هٿيارن سان حملو ڪري 5 سنڌي قوم پرست شهيد ڪيا ويا. شهيد انور عباسي، شهيد مالڪ خشڪ، شهيد ذڪريا ميمڻ، شهيد امان الله وسطڙو، شهيد مٺو بليدي ان واقعي جي ردِ عمل ۾ احتجاج ڪندڙن تي پڻ گوليون هلايون ويون جنهن ۾ شهيد امير علي شاهه پڻ لاڙڪاڻي ۾ شهيد ٿيو، 50 کان مٿي زخمي ٿيا ۽ انهن سميت تقريبن 118 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. قوم پرستن جي لاشن جي بي حرمتي ڪئي وئي. سڄي قوم تي هڪ قيامت ٿي گذري.“

ان وقت هڪ منصوبي تحت سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين  کي هٿراڌو بهانا بنائي مهينن جا مهينا بند رکيو پئي ويو ته جيئن پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ جا نوجوان ڊگريون حاصل ڪري نوڪرين ۾ جڳهيون نه والارين، ان مان به هڙ حاصل نه ٿين ته پاس ڪندڙن کي نوڪرين کان محروم ڪري منجهائن علم جو مان ۽ شوق گهٽائڻ جون بي ايمانه ۽ بيهوديون حرڪتون ڪيون ويون. ان مان هنن جو اصل مقصد اهوئي هو ته هي تعليم جي پچر ڇڏين ته جيئن پنجاب وارا پنهنجن ٻارن کي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ داخلائون ڏئي، سنڌ ۾ نوڪريون ۽ وسيلن تي قبضو ڪري سگهجي. ان لاءِ هنن نيو سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (اين.ايس.ايس.او) جي نالي سان هڪ گروهه جوڙيو. جن کي آمر حڪومت جي پٺ حاصل هئي. پيسو، هٿيار ۽ گاڏيون کين اُتان مهيا ڪيون ويون، انهن جو ڪم شهنشاهه ايران طرفان ٺاهيل ساواق ۽ بنگال ۾ ٺاهيل البدر ۽ الشمس وارو هئو ته يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي سي.آءِ.ڊي ڪن انهن کي هيسائن ۽ ڌمڪائن جيئن سنڌي شاگرد پڙهائي ڏانهن ڌيان نه ڏئي سگهن. سنڌ جو نوجوان طبقو خاص طور تي شاگرد سنڌ جي آجپي واري هلچل ۾ صف اول ۾ رهندو آيو آهي، سنڌ جي سائين جي ايم سيد جي دور انديش ۽ مستقبل تي نظر رکندڙنگاهه اهو محسوس ڪري ورتو ته سنڌ جي آجپي واري هلچل ۾ شاگرد طبقو تمام گهڻو ۽ موءثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

تڏهن ئي سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪم جي شروعات شاگردن کان ڪئي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو سنڌ جي آزادي واري هلچل جو پڙاڏو سن جي ننڍڙي ڳوٺ مان نڪري سنڌ جي تعليمي ادارن جو حدون ٽپي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو. شاگردن کي قومي هلچل کان پري رکڻ لاءِ ٻه طريقا استعمال ڪيا ويا. هڪ ته نالي واري شاگردن کي پرمٽون، نوڪريون ۽ ٻي قسم جون لالچون ڏئي قومي هلچل کان مڪمل طور ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي خاص طور تي ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ عمل ڪيو ويو. ٻيو طريقو قومي تحريڪ جي پهرين صف جي نوجوانن تي تشدد جو طريقو استعمال ڪيو ويو جنهن ۾ تعليمي ادارن مان ريسٽيڪيٽ ڪرڻ، جيلن ۾ وجھڻ، ٽارچر ڪيمپن ۾ وٺي وڃڻ ۽ ڪوڙا هڻڻ وغيره پر اسين اڄ اهو سڀ ڪجھه وساري چپ آهيون. 31 سال گذرڻ باوجود سنڌ ڌرتيءَ لاءِ سر گهوريندڙ ٽوڙهيءَ جي شهيدن کي وساري نه سگهي آهي.