تازيون خبرون

Daily Archives: October 16, 2014

ڪنهن به شخص جي ڪامياب زندگيءَ ۾ خوبصورتي ۽ صلاحيتن جو وڏو عمل دخل هوندو آهي؛ ماريه واسطي

لاهور (شوبز نيوز) ماريه واسطيءَ چيو آهي ته ڪنهن به شخص جي ڪامياب زندگيءَ ۾ خوبصورتي ۽ صلاحيتن جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. پنهنجي صلاحيتن جي ڏڍق تي موجودا مقام ماڻيو آهي جنهن کي برقرار رکن لاءِ هر وقت محنت ۾ جوٽيل رهندي آهيان. هڪ انٽرويوءَ ۾ اداڪارا چيو ته ان کان انڪار ناهي ته خوبصورت چهرو خدا جو تحفو هوندو آهي پر ڪاميابيءَ لاءِ صلاحيتن جو هجڻ به اڻٽر آهي. منهنجي ويجو هر انسان ئي خوبصورت هوندو آهي پر صلاحيتن جي اعتبار کان هر اسان جو مختلف ڪيٽيگريون هونديون آهن. ماريه واسطيءَ چيو ته انڊسٽريءَ ۾پنهنجي صلاحيتن جي ڏڍَ تي ڪم ماڻيو ۽ اڳتي به ماڻينديس

 

”ڊراما ٽرائل“ ۾ اداڪار محمد قوي خان يحيٰ بختيار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي

لاهور (شوبز نيوز) ”ڊراما ٽرائل“ ۾ اداڪار محمد قوي خان يحيٰ بختيار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اداڪار محمد قوي خان ٻڌايو ته منهنجي لاءِ اهو ڪردار اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ مون کي اهو ڪردار ادا ڪندي مزو آيو. اداڪار محمد قوي خان هڪ پرائيويٽ پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ ڊرامي ”ٽرائل“ ۾ اڳوڻي اٽارني جنرل يحيٰ بختيار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اهو ڊرامو 50 منٽن جو آهي ۽ جلد ئي خانگي ٽي وي چينل تان آن ايئر ڪيو ويندو

 

طارق طافو جي نئين آڊيو البم ”الله ميان جهليان دا“ جي مشهوري ۾ اضافو

لاهور (شوبز نيوز)موسيقار طافو جو پٽ طارق طافو جي نئين آڊيو البم ”الله ميان جهليان دا“ جي مشهوري ۾ اضافو ٿيو آهي، طارق طافو ٻه ڏينهن پهرين علامه اقبال ٽائون ۾ البم جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي، طارق طافو جو گانو ”لاهور لاهور اي“ عالمي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي، طارق طافو چيو ته منهنجي نئين آڊيو البم جا گانا عوام کي تمام گهڻا پسند ايندا.

 

اداڪار نيل پيٽرڪ هيرس اڪيڊمي آسڪر ايوارڊ 2015ع جي ميزباني ڪندو

لاس اينجلس (شوبز نيوز)ايمي ايوارڊ يافته اداڪار نيل نيل پيٽرڪ هيرس اڪيڊمي آسڪر ايوارڊ 2015ع جي ميزباني ڪندو، نيل نيل پيٽرڪ ان کان پهرين براڊ وي ٽوني ۽ ٽي وي ايمي ايوارڊ جي ميزباني ڪري چڪو آهي.اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنس مطابق نيل 87هين اڪيڊمي ايوارڊ جو ميزبان هوندو، جيڪا 22 فيبروري 2015ع تي منعقد ٿيندي. نيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مون کي فخر آهي ته اڪيڊمي ايوارڊ جي ميزباني لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، ايوارڊ شو جي پروڊيوسر ڪريگ زيڊان ۽ نيل مرون آهي. نيل پيٽرڪ هيرس 4 ڀيرا گولڊ گلوب لاءِ نامزد ٿيو، هن چار ايمي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن، آسڪر ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب دنيا جي 225 ملڪن ۾ براءِ راست ڏٺي ويندي، جڏهن ته آسڪر جي نامزدگي جو اعلان 15 جنوري تي ٿيندو

 

سعيد اجمل جي درست ايڪشن سان عالمي ڪرڪيٽ ۾ جلد واپسي لاءِ پراميد آهيان، سقلين مشتاق

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آف اسپينر سقلين مشتاق سعيد اجمل جي درست ايڪشن سان جلد ٻيهر عالمي ڪرڪيٽ واپسي جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته آءِ سي سي کي ٽريفڪ حادثي سبب ان جي ميڊيڪل هسٽري جو خيال رکڻ گهرجي هڪ انٽرويو ۾ سعيد اجمل جي بالنگ ايڪشن کي قانوني دائري ۾ آڻڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف سقلين مشتاق چيو ته مان نهايت اميد سان آهيان سعيد اجمل جلد عالمي ڪرڪيٽ کيڏندو. سعيد اجمل ايندڙ ٻن هفتن ۾ بايو مڪينيڪل ليبارٽري ۾ ٽيسٽ لاءِ تيار هوندو ۽ سعيد اجمل وٽ بولنگ ايڪشن ٽيسٽ ڪليئر ڪرڻ جو سونهري موقعو آهي.

 

سلطان جوهر هاڪي ٽورنامينٽ (سڀاڻي) آخري ٽي ميچون کيڏيون وينديون

ڪوالالمپور (اسپورٽس نيوز)سلطان جوهر هاڪي ٽورنامينٽ ۾ (سڀاڻي) ڇنڇر تي آخري ٽي ميچون کيڏيون وينديون. ٽورنامينٽ ۾ (اج) جمعي تي آرام جو ڏينهن آهي، تفصيل مطابق ملائيشيا جي شهر جوهر بارو ۾ جاري چوٿين سلطان جوهر هاڪي ڪپ ۾ دلچسپ ميچن جو سلسلو جاري آهي، ٽورنامينٽ ۾ (سڀاڻي) ڇنڇر تي پهرين ميچ آسٽريليا ۽ ڀارت، ٻي ميچ پاڪستان ۽ ميزبان ملائيشيا جي هاڪي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٽين ميچ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

 

سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻي چئن ڏينهن واري ميچ (سڀاڻي) شروع ٿيندي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز)سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي اي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي چئن ڏينهن واري ميچ (سڀاڻي) ڇنڇر ڏينهن منارا ۾ شروع ٿيندي، ميزبان ٽيم سريلنڪا کي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0-1 تان سرسي حاصل آهي، همبنٽوٽا ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ سريلنڪا اي 10 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 25 کان 28 آڪٽوبر تائين موراتوا ۾ کيڏي ويندي.

 

ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ (اڄ) کيڏي ويندي، سيريز 1-1 تان برابر

ڌرم شالا (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ون ڊي ميچن تي مشتمل سيريز جي چوٿين ميچ (اڄ) جمعي تي ڌرم شالا ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز 1-1 تان برابر آهي، سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ميزبان ٽيم کي 24 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪئي هئي، پر ميزبان ڀارت ٻي ميچ ۾ مهمان ٽيم کي هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪئي آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽين ميچ سامونڊي خطري سبب ملتوي ڪئي وئي هئي، ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز جي چوٿين ون ڊي ميچ 17 آڪٽوبر تي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 20 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

 

نئين تاريخ لکندڙ بلاول ڀٽو زرداري؛ شرجيل انعام ميمڻ

                         اڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڀٽوز هميشه فيصلي ڪندڙ اشو رهيو آهي، جنهن کانسواءِ ملڪ جو سياسي تاڃي پيٽو اڌورو سمجهو ويندو آهي.پاڪستان ۾ جڏهن به جمهوري ادارن کي خطرو لاڳو ٿيو آهي، تڏهن ڀٽوز ئي ملڪ کي ريسڪيو ڪيو آهي. هاڻ هن ڀيرو ٻيهر تاريخي انهن پلن کي ارڙهين آڪٽوبر تي ورجايو ويندو.هي پل اهڙا ئي تاريخ ساز هوندا،جيڪي نئين تاريخ رقم ڪندا.

                         هڪڙي ارِڙهين آڪٽوبر اها هئي، جنهن تي محترما بينظير ڀٽو صاحبا پاڪستان وري هئي ۽ ان وقت جي آمر کي للڪاريو هو.ٻئي ارڙهين آڪٽوبر هي آهي ،جنهن دوران محترما شهيد جو موڀي پٽ بلاول ڀٽو پنهنجي جيجل ماءَ جي مشن کي اڳتي وڌائڻ جو وچن ڪندو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترما شهيد جي آمد وقت به لکين انسانن جو سمنڊ آيو  هو، ڪراچي جا رستا، ڳليون ۽ چوڪ عوام سان ڀريل هئا،هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ پاڻ کي ورجائيندي.هن ڀيري بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سياسي ڪيريئر جي  باقاعده شروعات ڪندو.

هن ملڪ جو عوام هڪ ڀيرو ٻيهر لکن جي تعداد ۾ جلسي ۾ شريڪ ٿي پنهنجي وچن کي ورجائيندو ته ڀٽوز فيڪٽر هاڻ به سياست ۾ ايترو ئي اثرائتو آهي،جيترو ان کان اڳ هو.هن ملڪ کي هميشه نوجوان خون جي ضرورت پئي آهي.هن کان اڳ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي نانا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به ڦوهه جواني ۾ سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي.جڏهن بئريسٽر ڀٽو جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هاڪ هئي.هاڻ پنهنجي نانا جي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ  بلاول ڀٽو  به تاريخ سان نئون وچن ڪندو.هونئن به پاڪستان جي تاريخ ڀٽوز جي وچن جي ورجاءَ جي تاريخ آهي.

اهي ڌريون جيڪي سمجهن ٿيون ته بلاول ڀٽو زرداري جونيئر آهي، پاڪستان جي سازشي سياست جي ورن وڪڙن کان اڻ واقف آهي، اهي هي ڳالهه وساري ويهن ٿا ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي صرف پنهنجي والد سر شاهنواز ڀٽو جو سياسي تجربو ورثي ۾ مليو هو، پر بلاول ڀٽو زرداري کي هڪ ئي وقت ٻن سياسي خاندانن جو سياسي تجربو ورثي ۾ مليو آهي، هو وڌيڪ  Enrich آهي.هن جو سياسي  Back up  به وڌيڪ اثرائتو آهي.انهن مڙني ڳالهين سان گڏ هن جو نوجوان خون، جوش ۽ جذبو آهي.هن جي پاڪستان جي نوجوانن ۾ تمام گهڻي اپيل آهي، هن ملڪ جا نوجوان جن جي ووٽن جي گهڻائي آهي، اهي چاهين ٿا ته سندن آواز اقتدار جي ايوانن ۾ هجي.هنن جي دل جي ڳالهه سمجهڻ ۽ ٻڌڻ وارو ڪو هجي.بلاول انهن لکين ڪروڙين  نوجوانن جي دل ۽ دماغ جو آواز ۽ مظهر هوندو.

بلاول ڀٽو جا سياسي Mentors هن جا وڏڙا هوندا.هڪ طرف سندس پڙنانو، نانو، جيجل ماءَ ۽ سندس ڏاڏي جي سياست هوندي، ته ٻئي پاسي وري سندس والد ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڏاهپ ۽ ويزن هوندو.ان سان گڏ پارٽي جو تجربو به سرمايو آهي، جيڪو بلاول ڀٽو جي جهولي ۾ آهي.هو انهيءَ سموري ورثي جو والي وارث هوندو.هن کي ڪروڙين عوام کي سنڀالڻو آهي، جنهن بي انتها قربانيون ڏنيون.جن ڀٽوز جي سياست لاءِ پنهنجن ڪيترن ئي نسلن کي قربان ڪري ڇڏيو.اهي جيڪي ڀٽوز جا جيالا آهن، جيڪي پنهنجي جان جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار رهيا آهن. اهي جن جا والدين، جن جا پٽ، جن جون نياڻيون ۽ الهه تلهه پارٽي جي سياست تان قربان ٿيا، بلاول انهن سمورن ڪارڪنن ۽ شهيدن جو وارث آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلڪل انهيءَ انداز سان سياست ڪندو،جيئن ان جي وڏڙن ۽ سياسي اڳواڻن ڪئي.هن کي جيڪا عوام جي سمونڊ جي صورت ۾ پارٽي ۽ ان جا جيالا ورثي ۾مليا آهن ، انهن کي سنڀالي هلڻو آهي.هن کي سياسي پروگرام کي اڳڀرو وڌائڻو آهي، جنهن جي نويد هن جي وڏڙن ۽ پارٽي جي بانين ڏني  هئي.

پارٽي اڄ به اٽي،لٽي ۽ اجهي جي ويزن تي قائم آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي انهيءَ ويزن کي وڌائڻ لاءِ هميشه قدم کنيا آهن.پارٽي ڪنهن به ملڪ جي شهري کي بيروزگار ڪرڻ بدران باروزگار ڪيو آهي.ان انهن خاندانن کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو ۽ ڪفالت ڪئي، جيڪي انتهائي هيٺان کان مٿي آيا هئا.عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا، اهي به سڀني جي سامهون آهن.عوام شاهد آهي ته پارٽي جڏهن به اقتدار ۾ آئي ته ان جو مول متو عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي هو.ڇاڪاڻ ته هن پارٽي جي پيڙهه ۾ عوام دوستي آهي.اهو ئي سبب آهي،جو عوام هميشه اميرن بدران هن غريبن جي پارٽي کي اوليت ڏني.هاڻ ان عزم کي ورجائڻو آهي.بلاول ڀٽو جيڪا اميد کڻي آيو آهي، اها انشاءَ الله ضرور پوري ٿيندي.

ملڪ ۽ سنڌ جو عوام هڪ ڀيرو ٻيهر لکن جي تعداد ۾ شريڪ ٿي ڪري اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته ان جنهن مشن جي شروعات ڪئي هئي، اهو اڃان مڪمل نه ٿيو آهي.عوام جي خوشحالي جو مشن، ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي جو مشن جاري آهي.تاريخ عوام جي ڀلائي جي مشن جي مشعل پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي آهي.ان ۾ ڪوبه شڪ ۽ شبهو نه هجڻ گهرجي ته عوام جي مشن سان ڪا خيانت ٿيندي.عوام سمجهي ٿو ته انهن جو حقيقي ڏوکي بلاول ڀٽو ئي آهي.

اهي سياسي اڳواڻ جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالن ۽ ڪارڪنن تي تنقيد ڪن ٿا.انهن کي خبر ئي ناهي ته شهيدن جا وارث ڪيئن ٿيندا آهن.انهن کي انهن جي احساسن ۽ اميدن جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي.هنن جي سيني ۾ انساني دل به ناهي.هنن جا دماغ سمجهڻ کان قاصر آهن.انڪري هو عوام کي رڍون ۽ ٻڪريون سمجهن ٿا.عوام اصل طاقت آهي.عوام جو راضپو ئي اصل ڳالهه آهي.عوام جنهن کي چاهي ان کي پٽ تان کڻي کٽ تي ويهاري سگهي ٿو، جنهن کي چاهي پنهنجن صفن کان ٻاهر ڪري سگهي ٿو.اهي جن کي عوام آزمايو،جن تي اعتبار ڪيو اهي ديس دروهي نڪتا.اهي انهن جي اعتماد تي پورا نه لٿا.پر بلاول جو جنهن سياسي خاندان سان واسطو آهي، ان هميشه عوام سان وفا ڪئي آهي.هي محبت ڪندڙ خاندان آهي، جنهن پنهنجن ساٿين سان ساٿ نڀايو.

هاڻ بلاول لکين انسانن جي سمنڊ جي اڳيان پنهنجي نانا ۽ والده محترما جي مشن کي اڳتي وڌائڻ جو وچن ڪندو.هي اهو ئي وعدو آهي جنهن تي پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ ڏينهن تائين عمل ڪندي رهي آهي.پارٽي جو هي نوجوان سرواڻ آهي، جيڪو ڪروڙين عوام جو مهندار ۽ سپه سالار آهي.ان ۾ ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي ته هو پنهنجي وڏڙن جي ڏسيل گس تي نه هلندو.يقينن هو پارٽي قيادت جي گڏيل ڏاهپ کي اڳتي وڌائيندو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڌيڪ ميچوئر پارٽي بڻائيندو.هن جي سياست ائين ئي تاريخ جو رخ موڙيندي،جيئن هن جي نانا ۽ والده محترما موڙيو.تاريخ جو هي سلسلو جاري رهندو.شهيدن جو هي قافلو جاري آهي ۽ جاري رهندو.لکين عوام جو هي اڳواڻ پنهنجي ڏاهپ ۽ ذهانت سان تاريخ جو رخ موڙيندو ۽ اهو سلسلو هميشه جيان جاري ۽ ساري رهندو

جمهوريت لاءِ راهه جوڙيندڙ ڪارساز سانحو ؛ ناديه گبول

 ارڙهن آڪٽوبر 2007ع پاڪستان جي تاريخ جو اهڙو ڏينهن هيو، جڏهن پاڪستان جي غريب، هاري ۽ ابتري واري حالت مان گذرندڙ ماڻهن کي پنهنجي مسيحا جي پاڪستان آمد جو بيچيني سان انتظار هو ۽ جيئن جيئن ميڊيا ذريعي انهن مظلومن کي دادرسي ڪندڙ جي چرپر جي حوالي سان آگاهه ڪيو پئي ويو، تيئن تيئن ماڻهن جي محبت ۽ عقيدت ۾ شدت پيدا ٿيندي رهي.پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو، جو اطلاع ڏنو ويو ته ايشيا جي فخر، قائدِ عوام ۽ ملڪ جي پهرئين متفقه آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءَ ۽ اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو 8 سالن جي جلاوطني ختم ڪري ڪراچي جي قائد اعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پير رکيا آهن، پوءِ ته سموري ملڪ مان کان پهتل جمهوريت جي پروانن جو سمونڊ پنهنجي مسيحا جو شاندار استقبال ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ ۽ محترما جي منزل واري روٽ تي سندس آمد جو منتظر هو.جهاز جو در کليو ۽ محترمه بينظير ڀٽو دروازي کان ٻاهر نڪتي، ته دنيا ڏٺو ته واقعي به بينظير لڳي رهي هئي، ڄڻ ته ڪنهن روحاني شخصيت جي آمد ٿيندي هجي، محترمه بينظير ڀٽو جهاز کان نڪري خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ قرآن پاڪ جي ڇانوَ ۾ جهاز کان هيٺ لٿي. هڪ انسيت ۽ محبت جو عجيب منظر هو ۽ ڀٽو جي نياڻي جون اکيون پنهنجي سرزمين تي پير رکڻ جي خوشي ۾ ڇـُلڪي رهيون هيون، ٻئي پاسي جيالا پاڻ کي قائد جي وچ ۾ ڏسي جذبات منجهان ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا. محترمه کي آگاهه ڪيو ويو هو ته سندس جان کي شيد خطرو آهي، پر ان وقت پنهنجي ماڻهن وٽ ۽ پنهنجي سرزمين تي پهچي سندس جيڪا ڪيفيت هئي، اها خطرن جي خوف تي حاوي ٿي چڪي هئي.

هاڻ محترمه جو قافلو پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هو ۽ محترمه جي چاهيندڙن، توڙي جيالن جي قافلن ته ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو، ايئرپورٽ کان قوم جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ۽ ان کانپوءِ 70 ڪلفٽن تائين وارو رڳو ڪجهه دير جو سفر، ڄڻ ته ڪنهن به صورت ۾ پڄاڻي تي پهچڻ ئي نه پئي چاهيو. جتان جتان محترمه جو قافلو گذري رهيو هو، اتان مٿس گل نڇاور ٿي رهيا هئا ۽ ڪارساز جي جاءِ تائين ايندي ايندي ڪيترائي جذباتي منظر رقم ٿيندا پئي ويا.

اُڀ ڏاريندڙ نعرن جي گونج سان قافلو شاهراهه فيصل کان ماڪوڙي جي رفتار سان اڳتي وڌندو رهيو ۽ رات جو لڳ ڀڳ 12 لڳي 52 منٽن تي ڪارساز واري هنڌ پهتو. اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظر ڀٽو ان دوران ٽرڪ تي پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سان گڏ ديوانن جيان نعرا هڻندڙ مردن توڙي عورتن کي جواب ڏئي رهي هئي ۽ پوءِ آرام لاءِ ٽرڪ اندر تيار ڪيل ڪمري ۾ هلي وئي، ته اوچتو هڪٻئي پويان خوفناڪ ڌماڪا ٿيا ۽ هر پاسي تباهي مچي وئي، ڪنهن کي به خبر نه پئي ته ڇا ٿيو. محترمه بينظير ڀٽو کي ڪارڪنن ٽرڪ مان ڪڍي حفاظت سان گهر پهچايو. ڪارساز واري هنڌ ٿيل انهي ڌماڪي جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 150 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ سيڪيورٽي تي مقرر 20 پوليس اهلڪار به شامل هئا، ان کانسواءِ 450 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿيا، جن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کانسواءِ پوليس اهلڪار ۽ ميڊيا سان واسطو رکندڙ ماڻهو به شامل آهن.

محترمه جي قافلي تي حملو ڪندڙ دهشتگردن وڏي واڪي آپگهاتي حملي جي ذميواري قبول ڪئي، پر انهن سڀني جي باوجود ڀٽو جي نياڻي، جيڪا ان کان اڳ به آمر جو مقابلو ڪري چڪي هئي، هن ڀيري به اوتر ئي پرعزم هئي، جيتري 2 ڏهاڪا اڳ هئي. محترمه بينظير ڀٽو کليل لفظن ۾ مليل ڌمڪين باوجود رڳو ان ڪري پاڪستان واپس آئي، جو ملڪ ۾ جاري نام نهاد جمهوريت بدران هڪ حقيقي جمهوريت جي قيام جي جدوجهد ڪئي وڃي، ته جيئن عوام الناس کي آمريت جي گهُٽ ۽ ٻوسٽ مان ڇوٽڪارو ڏياري آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. کيس خبر نه هئي ته انهي جدوجهد ۾ سندس زندگي به وڃي سگهي ٿي، پر هن لنڊن ۽ دبئي جي پُرامن فضا کي الوداع ڪري عظيم والد شهيد ذوالفقار ڀٽو جي پيروي ڪندي پنهنجي زندگي کي خطري ۾ وجهڻ پسند ڪيو، سندس جيالن به لکن جي تعداد ۾ ايئرپورٽ پهچي ان جو جواب ڏنو.

ڪارساز سانحي جي شهيدن پنهنجو جيڪو رت ڏنو، اهو جمهوريت جي قيام لاءِ برسات جي پهرين بوند ثابت ٿيو ۽ شهيدن پنهنجي رت سان جيڪو ڏيئو روشن ڪيو، اهو جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙن جي رهنمائي جو ڪارڻ بڻيو، جنهن قرباني ۽ عزم جو استعارو بڻجي سدائين لاءِ عوام الناس جي ذهن ۾ منتقل ڪيو.

هڪ پاسي جتي محترمه بينظير ڀٽو سانحي جي شهيدن کي زبردست ڀيٽا ۽ خراجِ عقيدت پيش ڪيو، اتي شهيدن جي پونئيرن محترمه مٿان پنهنجا ايندڙ نسل به قربان ڪرڻ جو عزم ورجايو.

ڪارساز سانحي جي شهيدن جي رت جي برڪت سان ئي 2008 ۾ جمهوريت بحال ٿي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنج سالن جو مدو پورو ڪيو ۽ عوام الناس جي اميدن تي پورو لهندي تقليد جوڳا ترقياتي ۽ فلاحي منصوبا شروع ڪيا، جن جي ثمر مان اڄ به ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ عوام فائدو حاصل ڪري رهيو آهي.

ڪارساز سانحي جي شهيدن پنهنجي رت سان جيڪو دڳ مقرر ڪيو، ان تي هلندي هاڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو فرزند بلاول ڀٽو زرداري معاشري جي پٺتي پيل ۽ محروم طبقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جو وَڙ به آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڏکئي رستي تي سفر ڪندي شهادتن جي تاريخ رڳو ڀٽو ڪٽنب ئي لکي آهي ۽ ٻيو ڪو ائين ڪري به ڪيئن ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي تاريخ لکڻ لاءِ ڀٽو هجڻ ضروري آهي.

(نوٽ: ليکڪه انساني حقن بابت
وڏي وزير جي ڪوآرڊينيٽر آهي)