تازيون خبرون

Daily Archives: October 13, 2014

عاليه بٽ ڀارتين جي سڀ کان پسند ڪيل اداڪاره قرار

ممبئي (شوبز نيوز) نت نين شرارتن جي مالڪ عاليه بٽ کي ڀارتي سروي ۾ سڀ کان وڌيڪ شوخ ۽ چنچل اداڪار قرار ڏنو ويو آهي عاليه بٽ سال جي هن وقت تائين ڪامياب هيروئن ڀارت ۾ هڪ سروي ڪرايو ويو ۽ اهو معلوم ڪيو ويو ته ڪهڙي فلم اسٽار پنهنجي ادائن سان سڀني جي دلين تي حڪومت ڪري رهيو آهي گهڻي جي راءِ ۾ عاليه بٽ ئي نمبر ون نظر آئي جڏهن ته ٻئي نمبر تي عامر خان ۽ ٽين پوزيشن پريانڪا چوپڙا سنڀالي آهي.

 

نواز الدين صديقي نئين فلم ۾ ڳجهو ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) نواز الدين صديقي ڪڪ جي ذريعي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو بهترين صلاحيتن جو اداڪار آهي هاڻي نئين فلم ۾ ڳجهو ايجنٽ بڻجڻ وڃي رهيو آهي نواز الدين صديقي جي ولن واري هن ڪردار کيس جلد ٽاپ ڪلاس اداڪارن جي صف ۾ آڻي بيهاريو ولن هوندي به هو سڀني جو هيرو بڻجي ويو ۽ تازو ئي آيل سندس مووي ڪڪ جنهن ۾ هڪ دبنگ خان لاءِ مشڪلاتن جو طوفان مسلسل آڻيندو رهيو نوازالدين صديقي ايندڙ فلم فرضي ۾ ڳجهي ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪندو. مووي ۾ شاهد ڪپور ليڊ ڪريڪٽر ۾ آهي جڏهن ته نوازالدين صديقي جو هميشه وانگر منفرد ۽ ڇرڪائيندڙ ڪردار ادا ڪندو.

 

فلم بگ هيرو 6 جو پهريون ٽريلر جاري

نيويارڪ (شوبز نيوز) ٿري ڊي ڪمپيوٽر ايميٽيڊ سپر هيرو فلم بگ هيرو 6 جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو فلم 7 نومبر تي سئنيمائن گهرن جي رونڪ بڻجندي والٽ ڊزني اسٽوڊيوز تهت ٺهندڙ ٿري ڊي ڪمپيوٽر ايميٽيڊ سپر هيرو فلم بگ هيرو 6 جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو فلم جي ڪهاڻي فنڪشنل ڪامڪ سپر هيروز تي ٻڌل آهي جن کي شهر ۾ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ هڪ نوجوان ريبوٽ جي شڪل ۾ تيار ڪري ٿو فلم ۾ هالي ووڊ جي صف اول جي اداڪارن جا آواز رڪارڊ ڪيا ويا آهن هي فلم 7 نومبر تي سئنيما گهرن ۾ لڳندي.

 

ٻي جنگ عظيم جي واقعن تي ٻڌل فلم فيوري جو نئون ٽريلر تحلڪو مچائڻ لاءِ اچي ويو

نيويارڪ (شوبز نيوز) ٻي جنگ عظيم جي واقعن تي ٻڌل فلم فيوري جو نئون ٽريلر تحلڪو مچائڻ لاءِ اچي ويو فلم ۾ سپرهٽ هيرو بريٽ پٽ مرڪزي ڪردارا دا ڪري رهيو آهي هالي ووڊ جي نئين فلم فيوري جو نئون ٽريلر ڏسندڙن جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي فلم ۾ اداڪار بريٽ پٽ ايڪشن ڪندي نظر ايندو جيڪو پهريون ڀيرو فوجي جي شڪل ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو. ايڪشن سان ڀريل فلم فيوري ۾ ٻي عالمي جنگ جي رتوڇاڻ جي منظرن کي بهتر انداز ۾ عڪسبند ڪيو ويو آهي جتي پنج آمريڪي فوجين تي ٻڌل عملو فيوري نالي ٽينڪ تي دشمن جو مقابلو ڪري ٿو هي فلم 14 نومبر تي سئنيمائن تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جو شيڊيول تبديل

ڪولمبو (اسپورٽ نيوز) سريلنڪا ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ رٿيل ون ڊي سيريز کي ري شيڊيول ڪيو ويو آهي. ٻڌمت موڪل چوماسي وارين برساتن کي نظر ۾ رکندي اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. شيڊيول مطابق ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي چوٿين ميچ هاڻي 6 ڊسمبر بدران 7 ڊسمبر تي ٿيندي. سريلنڪا ڪرڪيٽ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق نئين شيڊيول تحت ون ڊي سيريز جي پنجن ميچن لاءِ ريزر ون رکيا ويا آهن. جڏهن ته سيريز جي چوٿين ۽ ستين ون ڊي ميچ لاءِ ريزر ون هوندا.

 

قومي اسنوڪر ٽيم (اڄ) قطر رواني ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) 2 ميمبرن واري قومي اسنوڪر ٽيم قطر اڪيڊمي سڪس ريڊ بال اسنوڪر چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ (اڄ) اڱاري تي قطر رواني ٿيندي. پاڪستان بليئرڊ اينڊ اسنوڪر ايسوسيئيشن جي اختيارين موجب سڪس ريڊ بال اسنوڪر چيمپيئن شپ 18 کان 21 آڪٽوبر تائين قطر جي شهر دوها ۾ کيڏي ويندي. جنهن ۾ محمد سجاد ۽ حمزه اڪبر پاڪستان جي نمائنداگي ڪندا.

 

ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽين ون ڊي ميئچ (اڄ) کيڏي ويندي

نئين دهلي (اسپورٽ نيوز) ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين ون ڊي مئچ (اڄ) اڱاري واري ڏينهن وساکا پٽم ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ون ڊي مئچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي. ڪوچي ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ۾ مهمان ٽيم ويسٽ انڊيز 124 رنسن جي وڏي مارجن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. پر دهلي ۾ ڀارتي ٽيم شاندار ڪم بيڪ ڪيو آهي ۽ 48 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪري سيريز برابر ڪئي جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي چوٿين ون ڊي 17 آڪٽوبر تي درم شالا جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي مئچ 20 آڪٽوبر تي ايڊن گارڊن ڪلڪتا ۾ کيڏي ويندي.

 

چوٿين بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ٽيم ۽ انتظاميه جو اعلان سڀاڻي ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽ نيوز) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل چوٿين بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ٽيم ۽ مينجمينٽ جو اعلان (سڀاڻي) 15 آڪٽوبر تي ڪندي. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ذريعن اي پي پي کي ٻڌايو ته عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ جي تياري لاءِ قومي رانديگرن جو تربيتي ڪيمپ لاهور ۾ ختم ٿي ويو آهي جنهن ۾ 32 رانديگرن شرڪت ڪئي. تربيتي ڪيمپ ۾ ورلڊ ڪپ لاءِ 16 باصلاحيت رانديگرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي پر انهن جو باضابطا اعلان 15 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو ته عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ قومي رانديگرن جي چونڊ ميرٽ تي ڪئي وئي آهي ۽ هو توقع رکن ٿا ته ورلڊڪپ ۾ قومي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ٽائيٽل جو دفاع ڪندي.

 

غلط حڪمت عملي ؛ صائمه الطاف

مئي جي مهيني ۾ جڏهن پاڪستان ۾ پوليو جا 54 ڪيس سامهون اچي چُڪا هئا ته اُهو ادارو جيڪو ان جي خاتمي لاءِ ڪوششن جي نگراني ڪري رهيو هو، يعني عالمي صحت واري اداري جو آزاد مانيٽرنگ بورڊ (آءِ ايم بي)، اُن اهڙي صورتحال کي ”خوفناڪ“ قرار ڏنو هو. آءِ ايم بي حڪومت تي الزام هنيو هو ته اُها ان وائرس خلاف ”شيڊو باڪسنگ يا فرضي پاڇي سان مقابلي“ ۾ مصروف آهي، ۽ اُن اُنهيءَ تي ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل جوڙڻ ۽ وزيراعظم جي سڌو سنئون مداخلت تي زور ڏنو هو.پاڪستان اُنهن سفارشن تي عمل ته ڪيو، تنهن هوندي ٽيهه سيپٽمبر تي آءِ ايم ايف جو اجلاس اُن وقت ٿيو، جڏهن پاڪستان ۾ پوليو ڪيسن جي تعداد ۾ ٽيڻ تي اضافي سان گڏ اهو 174 تائين وڃي پهتو ۽ فڪر جي ڳالهه اها آهي ته پوليو کان پاڪ سمجهيا ويندڙ صوبا پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به اهي ڪيس سامهون آيا آهن. اهو ئي سبب آهي ان اجلاس جي حوالي سان حڪومت جو پريشان ٿيڻ سمجهه ۾ اچي ٿو.ان وائرس جي خاتمي لاءِ هلندڙ موجوده پروگرام جنهن ۾ آءِ ايم بي جي سفارشن تي به عمل ڪيو پيو وڃي پر اهو مؤثر ثابت نه پيو ٿئي. جيڪڏهن اهو ئي طريقيڪار برقرار رهيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ هلندڙ مهمن جي اضافي، مانيٽرنگ ڪميٽي ۽ ويڪسين کان پنهنجن ٻارن کي پري رکڻ وارن ماڻهن خلاف ڪارروائي باوجود هن پروگرام ۾ ڪاميابي جو ڪو به امڪان نظر نه پيو اچي، اهو غير مؤثر آهي ۽ خراب ڳالهه اها آهي ته هن مسئلي کي وڌيڪ اينگهايو پيو وڃي.انهن ڪوششن جي سنگين ترين مسئلن مان هڪ نهايت بنيادي نوعيت جو آهي، يعني پوليو جي خاتمي جي قدمن وارو جيڪو سُٺو پروگرام آهي، اُهو پنهنجي بناوت توڙي عملي اعتبار سان معمول واري سروس جي ڊليوري سسٽم متعلق ناهي، ان ۾ پنهنجي فنڊنگ، عملدرآمد جا منصوبا ۽ ماڻهو آهن. صوبن جي ڀيٽ ۾ انهن کي ڊونرز کان وڌيڪ فنڊز ملن ٿا، اهڙي قسم جي پروگرامن جي ڪاميابي جي پنهنجي تاريخ آهي، خاص طور تي جڏهن ان تي سٺي نموني ۽ ڄاڻايل آبادي جي جغرافيائي علائقن ۾ ڌيان سان عمل ڪيو پيو وڃي. اهڙي قسم جي پروگرامن کي معمول جي طبي خدمتن ۾ واڌ ۽ سهڪار لاءِ شروع ڪيو ويندو آهي، ان جو مطلب اهو ناهي هوندو ته انهن کي طبي خدمتن جو متبادل سمجهيو وڃي.هڪ کان ٻئي فرد ۾ منتقل ٿيندڙ مرض جهڙوڪ پوليو جي روڪٿام ”اجتماعي قوت مدافعت“ جي تشڪيل ۽ متاثر ٿيندڙ آبادي جي نوي سيڪڙو تائين مؤثر ويڪسينيشن جي ذريعي ممڪن آهي.پوليو کان ”متاثر ٿيندڙ آبادي“ ۾ هر سال نئين برادري ۾ اضافو ٿيندو آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته اجتماعي قوت مدافعت کي پيدا ڪرڻ ڪو ننڍو ڪم ناهي، سٺي پروگرام تحت مخصوص سطح تي مهمن تي توجه ڏئي سگهجي ٿي ۽ مخصوص حد تائين اهي ڪامياب ثابت ٿين ٿيون. تنهن باوجود موجوده صورتحال جي لاءِ هڪ اهڙي مهم جي اشد ضرورت آهي جنهن ۾ ٽارگيٽ کي وسيع ڪيو ويو هجي.ان جو واحد حقيقي حل مستحڪم، مستقل ڊليوري سسٽم آهي، جيڪو وٺڻ ۽ ڏيڻ وارن جي ضرورتن مطابق ۽ جنهن سان عوام جو اعتماد حاصل ڪري سگهجي. تنهن باوجود اهو نظام هتي غائب نظر اچي ٿو ۽ ڪو به ان جي تعمير ۾ سنجيده نظر نه پيو اچي.سروس ڊليوري سسٽم ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران اهو مسئلو واضح نظر اچي ٿو. اهي ان جي سپلاءِ جي معاملن ۾ موجود مسئلا آهن، يعني وقت سر ٽرانسپورٽيشن، ان جي مينٽيننس ۽ ويڪسين جي سپلاءِ وغيره. طلب يا ڊيمانڊ جي اعتبار سان ڏٺو وڃي ته ويڪسين جي حوالي سان معلومات يا ته موجود ناهي يا اهو درست ناهي، ان پروگرامز جي لاءِ عملي جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ انهن جي تربيت به ناقص آهي. جڏهن ته عوام کي انتظاميه تي اعتماد ناهي ڏٺو ويو، جيڪو غير تصديق ٿيل ڦڙن کي پيارڻ لاءِ جلدي ڪن ٿا. جڏهن ته طبي سهولتن سميت ٻيون سهولتون موجود ناهن.2013 کان 2017 تائين پوليو جي خاتمي جي منصوبي تي لاڳت 8.328 ملين ڊالرز آهي، ان حوالي سان سرڪار خاموش آهي ته ڪهڙي طرح ان مسئلي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڊونرز فنڊنگ وڌائين ٿا ته حڪومت پاران ويڪسين جي ٽارگيٽ آبادي کي وڌايو آهي ۽ ٽيڪنيڪي مشيرن، ماهرن ۽ منصوبا سازن کان ويندي هر هڪ جيڪو موجوده حڪمت عملي کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، سمجهن ٿا ته ڪجهه پيش رفت ٿي رهي آهي، آخر ڪم ته ٿي رهيو آهي.حڪومت انڌن جيان پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري ٿي ۽ افراتفري ۾ سندن خواهش آهي ته ڪجهه ڪم ٿيندي نظر اچي، بدقسمتي سان ٻارن کي وات ۾ پيئاريندڙ ڦُڙا حقيقت ۾ وڏي عرصي تائين ڪارآمد پاليسي ناهي، او پي وي جو هڪ ڊوز قوت مدافعت وڌائڻ لاءِ ناڪافي آهي.جهازن ذريعي پمفليٽ ڪيرائڻ، خاص طور تي اهڙن ملڪن ۾ جتي تعليم جو ريشو تمام گهٽ آهي، اهو معلومات فراهم ڪرڻ جو ڪارآمد طريقو ناهي. اسان جي ملڪ ۾ انهن تصويرن جي ڳري قيمت، ورڪرن تي حملن جي صورت ۾ چُڪائڻي پئي، جنهن ۾ ڪيترا ئي پوليو جي خاتمي واري مهم دوران ڪم ڪندڙ ورڪرز مارجي ويا. ان کان علاوه سيڙپ، وقت، زندگيون ۽ ڊالرز جي شڪل ۾ ٿيندڙ نقصان الڳ آهي.

پوليو جي خاتمي واري مهم ان کان اڳ ڪڏهن ايڏي وڏي پئماني تي نه هلائي وئي، تنهن هوندي ان تي مڪمل نظرثاني جي ضرورت آهي. پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ مقامي سطح جي مناسب پروگرام جي ضرورت آهي، جيڪو عام رواجي سروس ڊليوري سسٽم تي مشتمل هجي ۽ ان کي ان پروگرام مان تبديل نه ڪيو ويو هجي.

آبادي، صوبن ۽ ضلعن جي حدن کي سامهون رکندي ان جي ماحول مطابق مخصوص ۽ مناسب سرگرمين جي ضرورت آهي، ڊونرز کي پنهنجن فنڊز کي جاري ڪرڻ لاءِ ٺوس ۽ قابل يقين قدم، جن ۾ عملي جي گهٽ پگهارن ۽ انتظامي ميڪنزم جهڙن معاملن کي پڻ مشروط ڪرڻ جي ضرورت آهي (جاري).

ڇا واقعي سڀ ٺيڪ آهي؟ ؛ جئه پرڪاش موراڻي

هُو چون ٿا سڀ ٺيڪ آهي، ڪو پُڇي ته ڪيئن؟ جواب مٿي ۾ لڳي ته اسان جو چئون پيا، ٺيڪ آهي مطلب سڀ ٺيڪ آهي.امن امان جي صورتحال ڪيئن آهي، اخبارون ڏسون ٿا ته خبرون پڙهي رت جو دٻاءُ دماغ جون رڳون ٽوڙڻ لڳي ٿو، نه شهرن ۾ سڪون آهي نه ٻهراڙيءَ ۾ سُک جي ننڊ، رات ته آهي ئي ڏوهارين جي حوالي پر ڏينهن جو هلڻ به حرام بڻيل آهي. امن جي پکيئڙي سنڌ کان شايد پاسو ڪيو آهي جو اسان ڏانهن ڀيرو ئي نٿو ڪري، اغوا ڪيترا ٿيا، انگ ڳڻيو پورو ٿا ڪريون ته ان وچ ۾ ٻه چار ٻيا يار کنيو وڃن، قتل ته ائين پيا ٿين ڄڻ ٻار بلورن سان راند پيا ڪن، هي ويو ۽ هو نشاني تي. ڦرلٽ ته آهي ئي ٻارڙن جي راند، پوءِ به هو چون ٿا سڀ ٺيڪ آهي.

سنڌ جو بنيادي ڍانچو جيڪو اڄ کان 5 هزار پهرين به دنيا لاءِ مثال هو ۽ اڄ کان 70 سال پهرين به سڀ اسان جا شهر ڏسي سرها ٿيندا هئا ۽ پنهنجن شهرن کي حيدرآباد، ڪراچي، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو بنائڻ جا خواب ڏسندا هئا. اهو هاڻي ”ترقي“ ڪري ايترو ته ”سٺو“ ٿي ويو آهي جو روڊن نالي جيڪي رستا سنڌ ۾ موجود هئا اهي هاڻي کڏن، کوٻن ۽ پٿرن سان ڀريل گذر گاهون وڃي بچيون آهن، ناليون اڄڪلهه گندگي ۽ گندو پاڻي کڻي ڪنهن هنڌ جائيتو نٿيون ڪن پر انهن جو ڪم گندو پاڻي رستن تي پکيڙڻ ۽ ماڻهن جي گهرن تائين پهچائڻ رهجي ويو آهي. صفائي ڪارڪنن جي نالي ۾ جيڪي ”سفيد پوش“ سياسي رشوت عيوض ڀرتي ڪيا ويا انهن جا پنهنجا ڀونگا ئي صاف ناهن ته پرايون گهٽيون ڪٿان ته صاف ڪن ۽ جيڪي اهو ڪم ڪن ٿا انهن کي وري ڀوتارن جي بنگلن تي اماڻي انهن جي جيءَ حضوري ۾ قابو ڪيو ويو آهي. مليريا کاتي نالي هڪ کاتو ڪنهن وقت سنڌ ۾ مڇرن خلاف سرگرم هوندو هو، ان جو عملو ڪيڏانهن ويو ڪا خبر ناهي، مڇر مار ڦوهارو ٿيندي ورهيه گذري ويا، ڪجهه وڏن شهرن ۾ سال ۾ هڪ ڀيرو گاسليٽ جو دونهون ڏيئي ووچرن ۾ قيمتي دوائون لکي ماڻهن جي صحت سان کيڏڻ ۽ ماڻهن جي ناڻي کي هڙپ ڪرڻ جو معمول بڻيل آهي. چئجي ڪنهن کي ڇو ته هُو چون ٿا سڀ ٺيڪ آهي.

صحت کاتي کي گذريل 6 سالن کان مفاهمت جي ٽياس تي ٽنگيو ويو آهي. وچ ۾ ڪجهه عرصو اهو کاتو ان ٽياس تان لٿو هو ته آسمان تان ڪري کجور ۾ اٽڪيو هو. عوام مري يا جيئي اسان جو ڇا، اسان جي اڪائونٽن جي صحت شل خراب نه ٿئي. انهيءَ فارمولا تي عمل ڪندي وزير وڙا ۽ ڪامورا ڪڙا ”يا ڦٻئون“ جو ورد پيا ڪن، دوائن جي نالي ۾ نارا ڪئنال ڀرسان ڳاڙهي پاڻي جي ڊرمن مان جڳن وسيلي ڀريل بوتلن کي بنا سيل جي ڍڪن سان ڍڪي مريض جي مٿي ۾ هنيو وڃي ٿو، گوريون ٻڌڻ ۾ اهو آيو آهي ته پريٽ آباد ۾ ٻارڙن جا نقلي کٽمٺڙا ٺاهيندڙ فيڪٽرين جي بٺين مان پچي راس ٿين ٿيون ۽ انهن ئي پئڪنگ مشينن تي پئڪ ڪري اسپتالن ۾ پهچايون وڃن ٿيون. زهريلي شراب جي نالي ۾ 50 روپين ۾ موت ٿيلهي ۾ بند ٿي گهٽي گهٽي ۾ پيو وڪامي، منٿلي وٺڻ لاءِ پوليس وارا اڳرا، جڏهن ماڻهو مرن ته ڏوهه ايڪسائيز وارن جو. سڀني کي خبر آهي ته اهو ڪيميڪل ڪير ٿو آڻي، ڪٿي ٿو گڏ ٿئي، ڪيئن ٿيون ٿيلهيون ڀرجن پر ڪير ڪُڇي، پوليس جي پئون ٻارنهن آهي، هيٺيان کان مٿي تائين منٿلي گهر ويٺي پهچي، انهن مان حصو پتي چونڊيل نمائندن جي اوطاقن جو خرچ به هلائي پوءِ ڪهڙي ڪارروائي ۽ ڪير ڪندو ڪارروائي. ان ڏهاڙي مياڻي ٻيلي جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ صحافي دوستن پئي ٻڌايو ته هتي جي ”نون ڀوتارن“ جا ڪمدار به پوليس جي وردي پائين ۽ انهن جي ٻنين تان گاهه پٺو ۽ هارياڻيون به موبائيلن ۾ کڻي گهرن تائين پهچايا وڃن پوءِ امن امان جي دانهن ڏيڻ ئي فضول آهي. هن ڀيري به زهريلي شراب حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ چاليهارو ماڻهو ماريا. ڪراچي ۾ به مري ويلن جو انگ ذري گهٽ ايترو ئي هو. نتيجو ڇا نڪتو ڀري ٻيڙي ۾ واڻيو ڳرو، مڪيش چاولا کي وٺرايو ويو گهر جو ٽڪيٽ، ٻه اعليٰ عمدار ٻن ٽن ڏينهن لاءِ معطل ٿيا، منٿلي جو اگهه ڪجهه مٿڀرو ٿيو، وري هر ڪو وڃي پنهنجي پنهنجي ڪرت سان لڳو. ملڪ ۾ مسئلا ايترا آهن جو ميڊيا کي هر منٽ ۾ ٻه ٽي نوان معاملا، مسئلا ۽ اشو رپورٽ ٿا ڪرڻا پون سو فالواپ وارو رجحان ئي ختم ٿي ويو آهي. نئون سج نيون خبرون. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪو ٻيو سانحو ٿيندو ته وري به اهي ٻيجل ٻوليندا. باقي وڏي وزير صاحب ته هينئر به اهو چئي پنهنجو پاند آجو ڪرايو هو ته زهريلو شراب پي مرڻ وارن کي به اسين شهيد سمجهون ٿا، ويچارن عيد جي خوشي ۾ ٿورو شغل ڪيو هو باقي سڀ ٺيڪ آهي.

تعليم کاتي جي ته اصل ڳالهه ئي نه پڇو مون کان ته بلڪل به نه پڇو ته ان سان منهنجا ڪيئي ميڊيائي ڀائر ناراض ٿيندا. اسان قوم سڌارڻ ۽ ملڪ سڌارڻ جي ڳالهه وڏي واڪ ڪريون ٿا پر پنهنجو پاڻ سڌارڻ کان ٻرو ٿو لڳي. هر ڪنهن وٽ ڀري دليلن جي ٻڌل آهي ۽ ان کي ڏيڍي ڳنڍ ذريعي قابو ڪيو ويو آهي جيڪا رڳو هڪ ڏور ڇڪڻ سان کليو ٿي وڃي. ماستر ڪمدار به آهن، ماستر اين جي اوز ۾ به آهن، ماستر سياستدان به آهن، ماستر ميڊيا ۾ به آهن، ماسترن جون ڪلينڪون به هلن پيون، ماستر ڪنڊيڪٽري ڪن ٿا ته انهن جا ڪاروبار به هلن پيا باقي ٻارڙن کي پڙهائڻ کان ٺپ جواب. آئون پاڻ هڪ استاد جو اولاد آهيان. مون کي فخر آهي ته منهنجي والد محترم سڄي زندگي علم کي فرض سمجهي پڙهايو ۽ ڪاروبار سمجهي ڪڏهن به ٽيوشن کي ڌنڌو نه بڻايو. جڏهن به پڙهڻ جي ڳالهه ٿي ته سڄي ڪلاس لاءِ شام جو وڌيڪ پڙهائي لاءِ ڪلاس هلندا هئا، اهو وقت هاڻي ڏسڻ لاءِ به نٿو ملي. اسلاميه هاءِ اسڪول کپرو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪلوئي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلي ۾ پڙهي اڳتي آيل هزارين شاگرد ان دور جا شاهد آهن. هن وقت اهڙا استاد آهن پر انهن کي ”ماستري جي واري سياست“ جي ور چاڙهي ڪنڊائتو ڪيو ويو آهي. جڏهن ماستريون لکن ۾ وڪامن ۽ وزير دُڪان کولي ويهن ته پوءِ اوهان جي اولاد لاءِ علم جا دروازا ڪيترا کليل هوندا اوهان چڱي ريت ڄاڻو ٿا. مسئلو اصل اهو آهي ته نه رڳو سياستدانن جي اکين تي ڏوڪڙن جون عينڪون لڳل آهن پر هاڻي عوام به اکپور ٿي ويو آهي. ٻنهي جو موقف ساڳيو آهي ته سڀ ٺيڪ آهي.

سنڌ سان ٿيندڙ سياست به ڏاڍي ڏکي آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ به پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي، اهو آئون نه پر ڪيترائي نام ڪٺيا سياستدان اسيمبلي ۾ چئي چڪا آهن. ان دوران هاڻي جڏهن پراڻن پنهنجا کنڌا ۽ کاتا خرزينون ڀرجڻ سبب بند ڪيا آهن انهن پنهنجي ٻي پيڙهي کي سوري اڳتي آندو آهي. هاڻي چهرا نوان آهن پرڪار پراڻا ئي آهن. نعرا نئين جوش سان لڳن ٿا پر انهن نعرن لڳائڻ وارن نون چهرن جون ڏوريون ڇڪيندڙ اهي بابا، چاچا ۽ پڦيون پراڻيون ئي آهن. ڀلي سنڌ کي نئين سياسي گس تي لڳائڻ جي ڳالهه ٿيندي هجي، اسان کي ان تي ارها هرگز ناهيون پر ان کان اڳ پراڻو گند صاف ٿيڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ساڳي راجا واري ريل وري هلائي وئي ته پوءِ ملڪ جو مال وري به ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ ٿيندو. غريبن جي لاءِ وري به حصي ۾ اهي هنڀوڇيون اينديون جيڪي هڏو ڀت کائي جلسن ۾ هڻندا يا وري ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪنا بيضا ۽ ڦتل ٽماٽا سندن حصي ۾ ايندا جيڪي اهي ڪن يتيم ليڊرن کي هڻي سرهائي جو اظهار ڪندا. وڏا اجگر ته نه انهن جي ڪالهه ڪنٽرول ۾ هئا نه ئي سڀاڻي سنوان ٿيڻ جي ڪا سڌ ڪري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته جيستائين اسان سڀ ٺيڪ آهي واري آفيم جي ترنگ مان نڪري حقيقتن کي نه ڏسنداسين ان وقت تائين حقيقت ۾ ڪجهه به ٺيڪ نه هوندو.

ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي نشاني تي آهي. ڪراچي واري جلسي لاءِ ته ”بسون ۽ ماڻهو گڏ ڪريو مهم“ شروع ٿي ويئي آهي. لک ٿورا بلاول جا جنهن جي صدقي عوام کي اليڪشن جي ڏيڍ سال کانپوءِ چونڊيل نمائندن جا چنڊ جهڙا چهرا ڏسڻ ۽ انهن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته هن وقت جيڪڏهن ڪو انهن سان پنهنجي ڪم جي ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته ٺهه پهه جواب ملي ٿو ته في الحال جلسو ٿيڻ ڏيو، اوهان به ان ۾ هلو، باقي ڳالهيون پوءِ ڪنداسين. ڪم لهڻ کانپوءِ ڊکڻ سدائين وسري ويندو آهي اهو عوام کي به پتو آهي پر ڪجي ڇا جو ٻي ڪا ڀيڻي ناهي. رهي ڳالهه ڪپتان خان ته هن جي ته هُن پاڻ کي خبر ناهي ته هو چاهي ڇا ٿو، ڪري ڇا پيو ۽ ڪري ڪيئن پيو. پرائمري ۾ جيئن ماستر ڪُٽي ڪُٽي ٻارڙن کي کوڙا ياد ڪرائيندو آهي ۽ پوءِ اهو ٻار بئنچ تي ويهي جهومي جهومي کوڙا پڙهندو آهي ائين عمران خان به گذريل ڏيڍ مهيني کان ساڳي تقرير وري وري ورجائڻ جو ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي، هاڻي سندس ”ماستر“ کي عرض آهي ته هاڻ خان صاحب کي ڪو نئون سبق ياد ڪرايو وڃي. باقي لاڙڪاڻي ۾ خانصاحب جن سڄڻن جي آسري تي سيڙجي اچي ٿو، انهن جي پنهنجي رنڌڻي مان رولو نڪرندو ته ٻين لاءِ به ڪي اڱڻ ٻوهاريندا نه ته ٿيا وڃي ست خير. باقي سڀ ٺيڪ آهي.