تازيون خبرون

Daily Archives: October 12, 2014

ڏوڪري؛ جسمم اڳواڻ شڪيل کونهارو جي قتل خلاف شٽر بند ڦيٿا روڪ هڙتال، ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا

ڏوڪري(رپورٽر) جسمم جساف اڳواڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سوشيالوجي ڊپارٽمينٽ جي شاگرد شڪيل کونهاروجي قتل خلاف قومپرست اتحاد جي سڏ تي ڏوڪري ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي. هڙتال سبب ڏوڪري شهر جي شاهي بازار، ريشم بازار، ٽلو بازار، حيدر بازار سميت ٻيا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا، جڏهن ته پوليس جي وڏي تعداد ۾ اضافي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي. قومي ڪارڪنن رڪ سنڌي، ارشاد ٻگهيو، عثمان جيسر، صابر جروار، رياض جتوئي، ڪامريڊ شبن جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ٽائون هال کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ۽ قومي ڪارڪنن جي قتل خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي قومي ڪارڪنن ۽ ڏوڪري پوليس ۾ سخت چڪريون پڻ ٿيون. ٻئي طرف قومي ڪارڪنن حيدر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي ڪارڪنن چيو ته شڪيل کونهارو جو قتل رياستي ڏاڍ ۽ جبر آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي قتل جو نوٽيس وٺي کين انصاف مهيا ڪيو وڃي. ياد رهي ته عيد واري ڏينهن باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ ڪريم ڏنو کونهارو مان جسمم اڳواڻ شڪيل کونهارو کي گرفتار ڪيو ويو، 5 ڏينهن کان وارثن طرفان بازيابي لاءِ مسلسل احتجاج جاري هيو، ڪالهه ڪراچي جي پپري واري علائقي مان سندس تشدد ٿيل لاش هٿ آيو هو. هوڏانهن شڪيل کونهاري جي سوڳ ۾ وڪڙو، ٻلهڙيجي، بخش جتوئي، ڪريم ڏنو کونهارو ۽ ڏوڪري ٽائون هال ۾ قومپرست ڌرين طرفان تڏا وڇايا ويا آهن. ٻئي طرف جسمم جساف اڳواڻ شڪيل کونهارو جو لاش جناح اسپتال انتظاميا پوليس جي ڪارروائي بعد لاش سندس پيءُ گل محمد کونهارو ۽ ڀيڻيوي شڪيل ڪلهوڙي حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن بعد شڪيل کونهاري جو لاش سندس وارث ڪراچي کان ايمبولنس ذريعي ڳوٺ ڪريم ڏنو کونهارو لاءِ روانا ٿي ويا آهن. اهڙي تصديق ميڊيا سان ڳالهائيندي شڪيل کونهاري جي ڀيڻيوي شڪيل ڪلهوڙي ڪئي آهي. ٻئي طرف شڪيل کونهاري جا مائٽ، دوست ۽ قومي ڪارڪن قافلي جي صورت ۾ ڳوٺ ڪريم ڏنو کونهارو پهچڻ جو سلسلو جاري آهي، جتي سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس سن ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار ڀرسان دفن ڪيو ويندو.

 

پي آءِ اي حج آپريشن: 12 هزار حاجي سڳورا واپس پاڪستان پهچي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي آءِ اي جو 8 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ حج بعد آپريشن آچر ڏينهن به جاري رهيو، ان دوران 5 2 خاص حج اڏامن ذريعي اٽڪل 2 1 هزار حاجي سڳورن کي واپس پاڪستان پهچايو ويو. آچر ڏينهن پي آءِ اي ترجمان موجب ڪراچي لاءِ 4 اڏامن ذريعي 1600، لاهور لاءِ 9 اڏامن ذريعي 4000 ، اسلام آباد لاءِ 5 اڏامن ذريعي 2200 ، پشاور لاءِ 3 اڏامن ذريعي 1100 ۽ ڪوئيٽا لاءِ 3 اڏامن ذريعي 100 حاجين کي وطن پهچايو ويو آهي. انهن خاص اڏامن کان علاوه پي آءِ اي جي شيڊول اڏامن ذريعي به حاجي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ملتان پهچي رهيا آهن. ترجمان ٻڌايو ته پي آءِ اي اهو واحد ايئر لائين آهي جنهن جا جهاز جدي پهچڻ بعد گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ واپس وطن روانا ٿي رهيا آهن ۽ اڏامن جي جدي کان بروقت روانگي جي شرح 0 8 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. حج ٽرمينل تي پي آءِ اي جا آفيشلز ۽ اسڪائوٽس حاجين جي لڳاتار رهنمائي ڪري رهيا آهن ۽ پي آءِ اي جي موجودگي حج ٽرمينل تي سڀ کان وڌيڪ نظر اچي رهي آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اميد ڪئي پئي وڃي ته اڳين هڪ ٻن ڏينهن ۾ جدي ٽرمينل تي رش ۾ گهٽتائي اچي ويندي، هن وقت 0 5 کان وڌيڪ ايئر لائينز جون 0 0 1 کان وڌيڪ اڏامون هر ڏينهن روانيون ٿي رهيون آهن.

 

ادڪاره ڪنگنا رناوت فلم ”تينو ويڊز مينو 2“ ۾ ڊبل رول ادا ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت فلم ”تينو ويڊز مينو 2“ ۾ ڊبل رول ادا ڪندي. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ڪنگنا رناوت ڄاڻايل فلم ”تينو ويڊز مينو“ جي سيڪوئل ۾ ڪم ڪري رهي آهي. جنهن ۾ هوءَ ٻن مختلف ڪردارن ۾ نظر ايندي. ان فلم جي ڪهاڻي پهرين فلم جو تسلسل آهي. پهرين فلم جي ڪهاڻي ٻن غيرشادي شده ماڻهن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪي محبت ۾ مبتلا ٿين ٿا. جڏهن ته ٻي فلم جي ڪهاڻي سندن شادي شده زندگيءَ ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن تي ٻڌل آهي. فلم جي عڪسبندي جلد مڪمل ڪئي ويندي

 

پريانڪا چوپڙا فلم ”بجرائو مستاني“ ۾ ديسي اسٽائيل ۾ نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا فلم ”بجرائو مستاني“ ۾ ديسي انداز ۾ نظر ايندي. ميڊيا ذريعن موجب پريانڪا چوپڙا جنهن جي تازو ئي رليز ٿيل فلم ميري ڪوم سپر هٽ ثابت ٿي آهي اها ان فلم ۾ ديسي انداز ۾ نظر ايندي. فلم جي عڪسبندي شروع ٿي وئي آهي جنهن جو هدايتڪار سنجي ليلا بنسالي آهي. فلم جي ڪاسٽ دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه شامل آهن. دپيڪا فلم ۾ مستاني جو ڪردار ادا ڪندي.

 

سنجي ليلا بنسالي فلمساز سڀاش گئي سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ عدم دلچسپي ڏيکاري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ هدايتڪار سنجي ليلا بنسالي فلمساز سڀاش گئي سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا موجب بنسالي جي باري ۾ خبرون سرگرمهيون ته هو فلم کلنائڪ جو ريميڪ سڀاش گئي سان گڏ ٺاهي رهيو آهي، هن سڀاش گئي سان سندس گهر ملاقات ڪئي آهي ۽ انهي ملاقات ۾ هن ساڻس گڏ فلم جو ريميڪ ٺاهڻ ۾ عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. فلم کلنائڪ 26 مئي 1993ع ۾ رليز ٿي هئي جنهن ۾ سنجي دت اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ اها فلم سپر هٽ رهي هئي.

 

ريکا ۽ سلمان خان بگ باس ۾ 25 سالن کان پوءِ گڏ نظر ايندا

ممبئي (اسپورٽس نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ريکا اداڪار سلمان خان سان گڏ 25 سالن کان پوءِ اسڪرين تي نظر ايندي. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪاره ريکا ٽي وي شو بگ باس سيزن 8 ۾ 25 سالن کان پوءِ سلمان خان سان گڏ اسڪرين تي نظر ايندي. ميڊيا موجب ريکا 1988ع ۾ فلم بيوي هو تو ايسي ۾ سلمان خان سان گڏ ڪم ڪيو هو. فلم ۾ سلمان سندس ڏير جو ڪردار ادا ڪيو هو. هوءَ بگ باس 8 جي ٻن قسطن م نظر ايندي. ريکا هتي پنهنجي فلم ”سپر ناني“ جيڪا جلد رليز ٿي رهي آهي جي پڻ تشريح ڪندي ۽ شرڪت ڪندڙن سان ڪچهري پڻ ڪندي.

 

ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽين ون ڊي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين هڪ ڏينهن واري ميچ سڀاڻي اڱاري تي ڪو وسکاپٽنم ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن واري سيريز هڪ هڪ تان برابر آهي.ڪوچي ۾ ٿيل پهرين ميچ ۾ مهمان ٽيم ويسٽ انڊيز 124 رنسن جي وڏي مارجن تان فتح ماڻي هئي، پر دهلي ۾ ڀارتي ٽيم شاندار ڪم بيڪ ڪندي 48 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي چوٿين ميچ 17 آڪٽوبر تي ڌرم شالا ۽ پنجين ۽ آخري ون ڊي 20 آڪٽوبر تي ايڊن گارڊن ڪلڪتي ۾ کيڏي ويندي

 

ايس او اي اسڪول گيمز ملتوي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ (اڄ9 سومر کان شروع ٿيندڙ ايس او اي اسڪول گيمز ملتوي ڪيون ويون آهن. سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل مدثر آرائين طرفان جاري ڪيل بيان موجب ايس او اي اسڪول گيمز جيڪي (اڄ) سومر کان شروع ٿيڻيون هيون ملتوي ڪيون ويون آهن. گيمز جي نئين تاريخ جو اعلان جلدي ڪيو ويندو.

 

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني سريلنڪا جو دورو ڪندي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني سريلنڪا جو دورو ڪندي. انگلش ٽيم دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 7 هڪ ڏينهن وارين بين الاقوامي ميچن جي سيريزکيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جون چار ميچون ڪولمبو، ٻه ميچون پاليڪيلي، جڏهن ته هڪ ميچ همبنٽوٽا واري هنڌ کيڌي ويندي. انگلش ٽيم ميزبان ٽيم خلاف ون ڊي سيريز کان اڳ سريلنڪا اي خلاف 2 پريڪٽس ميچون پڻ کيڏندي.

 

چوٿين بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ٽيم ۽ انتظاميه جو اعلان 15 آڪٽوبر تي ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل چوٿين بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ ٽيم ۽ مينجمينٽ جو اعلان 15 آڪٽوبر تي ڪندي. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ذريعن اي پي پيکي ٻڌايو ته عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ جي تياري لاءِ قومي رانديگرن جو تربيتي ڪيمپ لاهور ۾ ختم ٿي ويو آهي جنهن ۾ 32 رانديگرن شرڪت ڪئي. تربيتي ڪيمپ ۾ ورلڊ ڪپ لاءِ 16 باصلاحيت رانديگرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي پر انهن جو باضابطا اعلان 15 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو ته عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ قومي رانديگرن جي چونڊ ميرٽ تي ڪئي وئي آهي ۽ هو توقع رکن ٿا ته ورلڊڪپ ۾ قومي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ٽائيٽل جو دفاع ڪندي.