تازيون خبرون

Daily Archives: October 10, 2014

ڏوڪري ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر لاڙڪاڻي منتقل ٿيڻ سبب هزارين مستحق عورتون عيد جي قسط کان محروم

ڏوڪري بي آءِ ايس پي سينٽر احتجاجڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر لاڙڪاڻي منتقل ٿيڻ سبب هزارين مستحق عورتون عيد جي قسط کان محروم، سينٽر لاڙڪاڻي منتقل ٿيڻ خلاف مستحق عورتن جو بند سينٽر ٻاهران احتجاجي مظاهرو، سينٽر ٻيهر کولڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق ڏوڪري ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر جي ٺيڪيدار طرفان گذريل 15 ڏينهن کان سينٽر بند ڪرڻ سبب هزارين مستحق ۽ غريب عورتون عيد جون خوشيون ملهائڻ کان محروم ٿي ويون. بينظير انڪم سپورٽ سينٽر جي ٺيڪيدار اياز جانوري طرفان سينٽر تي مبينا ڪميشن ايجنٽ مقرر ڪرڻ واري عمل خلاف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مستحق عورتن طرفان احتجاج ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي سينٽر بند ڪري ڇڏيو. بي آءِ ايس پي سينٽر بند ٿيڻ سبب لاڙڪاڻي، دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن کان ايندڙ 15 هزار کان وڌيڪ مستحق عورتن کي عيد جو وظيفو نه ملڻ ڪري متاثر عورتن بند ٿيل سينٽر ٻاهران حور خاتون، زبيده خاتون سولنگي، عمراءِ خاتون جوڻيجو، راڻي مينگل، وزيران خاتون شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي مستحق عورتن چيو ته بي آءِ ايس پي سينٽر بند ٿيڻ ڪري سوين روپيا ڪرايو ڪري لاڙڪاڻي وڃڻو پوي ٿو، جتي سندن تمام گهڻي تذليل ٿي رهي آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته سينٽر تي مقرر ڪميشن ايجنٽ 1500 کان 1800 ڪميشن وٺي مستحق عورتن کي ٺڳي من پسند ڪارڊ ڪرائي رهيا آهن. هنن بلاول ڀٽو، آصف زرداري ۽ وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ڏوڪري سينٽر کولي عورتن کي پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

شهيد محترم سيد علي حسن جي قرآن خواني جو اهتمام 12 آڪٽوبر تي ڪيو پيو وڃي

10c12سيد ابن حسن جي والد شهيد محترم سيد علي حسن جي قرآن خواني ۽ مجلس چهلم ايصال ثواب جي لاءِآچر 12 آڪٽوبر 2014ع تي 4 وڳي امام بارگاهه شهداءِ ڪربلا، بلاڪ 20، ايس بي ايريا انچولي سوسائٽي ڪراچي ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي

 

پيار،پيار ۽ رڳو پيار، اداڪاره ريکا پيار کي پنهنجي جواني جو راز قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ريکا پيار کي پنهنجي جواني جو راز قرار ڌئي ڇڏيو. سندس سدا بهار جواني مداحن جي اندر اهو ڄاڻڻ جو تجسس پيدا ڪري ڇڏيو آهي ته آخر هوءَ ڪري ڇا ٿي جو ايڏي عمر جي ٿيڻ باوجود خوبصورت، جوان ۽ پر ڪشش نظر اچي ٿي. ريکا اهو راز مداحن لاءِ نيٺ ظاهر ڪري ئي ڇڏيو. سندس چوڻ آهي ته پيار ۽ زندگي گذارڻ جي طريقي ۾ سادگي سندس جواني جو راز آهي. هن ٻچايو ته جڏهن هوءَ صبح جو سوير پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ پنهنجي لاءِ محبت ڀري اٿندي آهي ته هر شيءِ سان بي حد پيار ڪندي آهي. سندس خيال ۾ پنهنجي خدا، پنهنجي ماءُ ۽ پاڻ سان سي محبت ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته محبوب به دغا ڏئي ويندا آهن پر اهي ٽي شيون دغا ناهن ڏينديون.

 

اداڪار گووندا جي ڌيءَ نرمدا پنهنجو نالو مٽائي ٽينا رکي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارائن جي اولاد جو فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ عام ڳالهه آهي ۽ بالي ووڊ ۾ اڄڪلهه فلمن سان لاڳاپيل ماڻهن جي ٻارڙن جون قطارون لڳل آهن جڏهن ته بالي ووڊ جو مشهور اداڪار گووندا جي ڌيءَ اڃا تائين ايترو خوش قسمت ثابت نه ٿي آهي نرمدا مشهور پنجابي فلم ايڪٽر ۽ فنڪار گپي گريوال سان پنهنجي پهرين فلم ۾ جوهر ڏيکاريندي هن ان فلم لاءِ پنهنجو نالو نرمدا تبديل ڪري ٽينا رکيو آهي.

 

نديم تي 401 فلمن 201 گانا پڪچرائز ڪيا ويا، 18 گانا پنهنجي آواز ۾ ڳايا

nadeemڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري جي سدا بهار هيرو نديم ”چڪوري” کان وٺي ”مين هون شاهد آفريدي“ تائين 401 فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي جنهن مان مٿس مجموعي طور تي 201 گانا پڪچرائز ڪيا ويا جيڪي لڳ ڀڳ تمام گهڻا مشهور ٿيا. هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق نديم تي مسعود رانا، مجبيب عالم، احمد رشدي، مهدي حسن ، اي نير ۽ اخلاق احمد جهڙن سريلن گلوڪارن جي آواز ۾ گانا رڪارڊ ٿيا پر دلچسپي جي ڳالهه اها به آهي ته 201 گانن مان 18 گانا خود نديم جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيا جن ۾ سندس پهرين فلم ”چڪوري” جو گانو ڪهان هو تم ڪو ڊهونڊ رهي هين يه بهارين يه سمان ” فلم ”دل لگي” جو گانو ”پيار ڪرنا تو ڪوئي جرم نهين هي يارو” ۽ ٻيا گانا پڻ شامل آهن. واضح رهي ته نديم بنيادي طور تي گلوڪار آهي، هو فلم انڊسٽري ۾ گلوڪار بڻجڻ آيو پر بڻجي اداڪار ويو

 

ريکا 60 هين سالگره ملهائي

rekha_nagarjuna_manam_movie_newsممبئي(شوبز نيوز) بالي وود اداڪاره ريکا پنهنجي 60 هين سالگره ملهائي. ذريعن مطابق ريکا جنهن جي حسن جو ڪو ثاني ناهي پنهنجي 60 هين سالگره ملهائي آهي. ريکا نوجواني ۾ فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. ريکا هيل تائين ڊگهي ڪيريئر دوران 180 فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس نئين فلم ”سپر نيتي” 24 آڪٽوبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي

 

بالي ووڊ فلم ”تيور“ جي پهرين جهلڪ جاري ڪئي وئي

Arjun Kapoor and Sonakshi Sinhaممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”تيور“ جي پهرين جهلڪ جاري ڪئي وئي. سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ”تيور” جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ اداڪار ارجن ڪپور، سونا ڪشي سنها، منوج باجپائي ۽ اداڪاره شروتي هاسن شامل آهن. فلم جي پهرين جهلڪ جاري ڪئي وئي آهي. ان جهلڪ ۾ ارجن ڪپور کي خود اعتمادي سان پرفارم ڪندي نظر اچي رهيو آهي. فلم ايندڙ سال جنوري ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻئين ڪرڪيٽ ميچ اڄ کيڏي ويندي

india-west-indiesنئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ڪرڪيٽ ميچ (اڄ) ڇنڇر ڏينهن فيروز شاهه ڪوٽلا نئين دهلي ۾ کيڏي پيندي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ميچ ڊي اينڊ نائيٽ ٿيندي،ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت جي خلاف سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي، جڏهن ته مهمان ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارت کي 124 رنسن تان هارايو هو، ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت جي خلاف پنجن ون ڊي، واحد ٽي – 20 ۽ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي رهي آهي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٽئين ميچ 14 آڪٽوبر تي وشاکها پٽم، چوٿين 17 آڪٽوبر تي ڌرم شالا جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 20 آڪٽوبر تي ڪولڪتا ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واحد ٽي – 20 ميچ 22 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 30 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين حيدرآباد، ٻئين ميچ 7 کان 11 نومبر تائين بنگلور، جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ 15 کان 18 نومبر تائين احمد آباد ۾ کيڏي ويندي.

 

ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي هلندڙ سال ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو

muhamaad shamiڪوچي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر محمد شامي هلندڙ سال ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو آهي، محمد شامي ويسٽ انڊيز خلاف کيڏيل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ اهو اعزاز حاصل ڪري سريلنڪا جي فاسٽ بالر لاسٿ ملنگا کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، ڪوچي ۾ ويسٽ انڊيز خلاف کيڏيل پهرين ون ڊي ۾ محمد شامي 2 وڪيٽون وٺي لاسٽ ملنگا کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، هو ويسٽ انڊيز جي چئن رانديگرن کي واپس پويلين جي راهه ڏيکاري وڌيڪ وٺندڙن جي فهرست ۾ اڳيان اچي ويو آهي، شامي 14 ميچن ۾ 32 وڪيٽون ورتيون آهن، ملنگا 29 وڪيٽن سان ٻئين نمبر ۽ اجنٿا مينڊس 25 وڪيٽن سان ٽئين نمبر تي موجود آهي.

 

نيوزيلينڊ جو پاڪستان جي خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان

New-Zealand-Cricketويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ پاڪستاني ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل ڪرڪيٽ سيريز 9 نومبر کان يو اي اي ۾ شروع ٿيندي، ان سلسلي ۾ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پهرئين 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت برينڊن ميڪ ڪليم کي ٽيم جو ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته فاسٽ بالر ڊگ بريسويل جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سليڪشن ڪميٽي پاران اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ برينڊن ميڪ ڪليم (ڪپتان)، هميش ردفورڊ، ٽام ليٿم، ڪين وليمسن روس ٽيلي، ڪوري اينڊرسن، بي جي وئلنگ، لوڪ رونچي، جمي نيشم، مارڪ ڪريگ، ٽم سائوڊي، ڊگ بريسويل، نيل، ويگز، ٽرينٽ بولٽ ۽ ايش مودي شامل آهن، واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز نومبر ۾ گڏيل عرب امارات ۾ کيڏي ويندي، . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ 9 کان 13 نومبر تائين ابوظهبي. ٻي 17 کان 21 نومبر تائين دبئي، جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ 26 کان 30 نومبر تائين شارجا ۾ کيڏي ويندي.