تازيون خبرون

Daily Archives: October 9, 2014

ڪچو شراب وپرائڻ سبب فوتگيون: وڏي وزير نوٽيس ورتو، 2 ڪميٽيون قائم

NNI09-77ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪچي شراب سبب ٿيل فوتگين جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين مٿين آفيسرن جو تڪڙو اجلاس خميس ڏينهن چيف منسٽر هائوس ڪراچي ۾ سڏايو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ پوليس ۽ ايڪسائيز پوليس جي ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي حوالي سان ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن ڪراچي جي 2 ڊي ايس پيز ،4 ايس ايڇ اوز ۽ ڊائريڪٽر ايڪسائيز ڪراچي سوڌو حيدرآباد جي ڊائريڪٽر ايڪسائيز ۽ 2 ايس ايڇ اوز کي ڪوتاهي ڪرڻ تي فوري طور تي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير ڪچي شراب سبب ٿيل فوتگين جي واقعن جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءَ الله عباسي جي سربراهي ۾ ۽ ڪراچي ۾ فوتگين جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي اوڀر منير شيخ جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي جيڪا ٽن ڏينهن ۾ معاملن جي جاچ ڪري ۽ ذميدارن جو تعين ڪري رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه چيو ته جاچ ڪاميٽين جي رپورٽ کي ڏسندي واقعن ۾ ملوث قرار ڏنل ذميدارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن ڪچي شراب جي سڀني بٺين، اڏن کي فوري طور تي ڊاهڻ جو به حڪم ڏنو. سيد قائم علي شاهه عام ماڻهن، چونڊيل نمائندن ۽ سياسي ۽ سماجي ورڪرن کي مشورو ڏنو ته هو به پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ اهڙين سرگرمين کان هوشيار رهن ۽ لاڳاپيل عليَ انتظاميه يا گهٽ ۾ گهٽ چيف منسٽر هائوس ۾ قائم ڪمپلين سيل کي آگاهه ڪن ته جئين انهن سماج دشمن عناصر خلاف بروقت ڪارروائي ڪري سگهجي ۽ انساني جانين جي تحفظ کي وڌ ۾ وڌ يقيني بڻائي سگهجي.

 

عامر خان ”منا ڀائي“سيريز جي نئين فلم ۾ سرڪٽ جو ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان ”منا ڀائي Aamir-Khan-8-pack-bodyجي سلسلي جي نئين فلم ۾ سرڪٽ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو. ذريعن مطابق بالي ووڊ اداڪار عامر خان پنهنجي تازي انٽرويو ۾ منا ڀائي سلسلي جي ايندڙ فلم ۾ سرڪٽ جو ڪردار جيڪو اڳ ارشد وارثي ادا ڪيو آهي، جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو. عامر خان چيو ته ارشد وارثي اهو ڪردار بي حد خوبصورتي سان نڀايو. ان سلسلي جو سڀئي فلمون کيس بي حد پسند آهن پر سرڪٽ جو ڪردار سندس پسنديده آهي ۽ هو اهو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو.

 

”باجي راو مستاني“ جي شوٽنگ کان پهرين نروس آهيان: پريانڪا چوپڙا

piryanka chopraممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته فلم ”باجي رائو مستاني“ جي شوٽنگ کان اڳ نروس آهيان، بالي ووڊ اداڪارا پريانڪاچوپڙا ٽوئٽر تي چيو آهي ته فلم ”باجي رائو مستاني“ جي شوٽنگ شروع ٿيڻ واري آهي، اميد آهي ته فلم ۾ بهترين پرفارمنس ڪنديس، جڏهن ته فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ اداڪار رنوير سنگهه ۽ دپيڪا پڊوڪون شامل آهن.

 

فرحان اختر نئين فلم ”ڊو” لاءِ وزن وڌائيندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ۽ پروڊيوسر فرحان اختر نئين فلم لاءِ وزن وڌائيندو. ذريعن مطابق بالي ووڊ اداڪار ۽ پروڊيوسر فرحان اختر جنهن جو شمار بالي ووڊ جي ڪامياب هيروز ۾ ٿئي ٿو، نئين فلم ”ڊو” لاءِ وزن وڌائيندو ڇو ته هو ان فلم ۾ ايٿليٽ جو ڪردار نڀائيندو. کيس پنهنجي وزن ۾ 8 ڪلو جو اضافو ڪرڻو آهي تنهن ڪري هن کاڌي ۾ ڪيلريز جو مقدار وڌائي ڇڏيو آهي ته جيئن ڪردار سان مڪمل انصاف ڪري سگهي. فرحان اختر ”ڀاگ ملڪا ڀاگ ۾ به ايٿليٽ جو ڪردار نڀائي چڪو آهي جنهن ۾ هو ڏورا ٺاهيندي نظر اچي ٿو.ا

 

سنڌ يونيورسٽي ۾ فوڪ گيت ۽ غزل جا مقابلا 15 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندا

ڄامشورو (شوبز نيوز) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيوروآف اسٽئگس جي ايڊوائيزر پروفيسر محمد يوسف پرديسي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اسٽوڊنٽس شيڊيول تحت انٽر ڊپارٽمينٽل سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي زبانن ۾ فوڪ گيت ۽ غزل جا مقابلا -2014 اربع 15 آڪٽوبر تي شيخ اياز آڊيٽوريم آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ ۾ منعقد ٿيندا. سمورن ڊپارٽمينٽن ۽ ڪئمپسز جي سربراهن کي صلاح ڏني ويئي آهي ته اُهي فوڪ گيت ۽ غزل مقابلن ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي شعبي جي ٻن شاگردن (ميل/فيميل) جا نالا 13 آڪٽوبر تائين بيورو آف اسٽئگس جي آفيس ۾ ڏياري موڪلين.

 

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 124 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ڇڏي

CRICKET-CT2013-IND-WISڪوچي (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم مارلون سيميولز جي سينچري عيوض ڀارت کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 124 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، ڀارتي ٽيم 321 رنسن جي جبل جيڏي هدف پٺيان لڳندي 41 اوورن ۾ 197 رنسن تي ڍير ٿي وئي، شيکر ڌوان کان سواءِ ڪو به ڀارتي بيٽسمين ڪالي آنڌي جي رانديگرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو. ڀارتي ٽيم جا 6 رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه اچي سگهيا. ڪوچي ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ڌوني ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جيڪا کيس ڳچي ۾ پئجي وئي، ڪالي آنڌي پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن ۾ 321 رنسون ٺاهيون سيميولز ڀارتي بالرن کي ڪٽڪو ڏيندي 126 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي، سندس اننگ ۾ 4 ڇڪا ۽ 11 چوڪا شامل هئا، دنيش رامدين به ڀارتي بالرن کي مزو چکايو ۽ 61 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. ڊيوان سمٿ 46، ڪپتان ڊيوائن براوو 17، ڊيرن براوو 28 ۽ ڊيرن سيمي 10 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڀارت طرفان محمد شامي 4، روندا جديجا ۽ اميت مشرا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ ڀارتي ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ سڄي ٽيم 41 اوورن ۾ 197 رنسون ٺاهي پويلين واپس موٽي وئي، شيکر ڌوان 68 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو.

 

سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز اي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ (سڀاڻي) شروع ٿيندي

همبنٽوٽا (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز اي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين چئن ڏينهن واري ميچ (سڀاڻي) ڇنڇر کان همبنٽوٽا ۾ کيڏي ويدي، تفصيل مطابق ويسٽ انڊيز اي ٽيم ڪارلوس براٿيويت جي قيادت ۾ سريلنڪا ۾ موجود آهي، جتي هوءَ ٽي ٽيسٽ ميچ ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 11 کان 14 آڪٽوبر تائين همبنٽوٽا ۾، ٻئين ميچ 18 کان 21 آڪٽوبر تائين ماترا جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 25 کان 28 آڪٽوبر تائين موراتوا ۾ کيڏي ويندي، ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ پهرين نومبر تي دمبولا ۾ کيڏي ويندي، ٻي ون ڊي 3 نومبر جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي 5 نومبر تي کيڏي ويندي.

 

ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا جي وومين ڪرڪيت ٽيمن وچ ۾ چئن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 15 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چئن ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن تي بڌل سيريز جي پهرين ميچ 15 آڪٽوبر تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي، هلندڙ مهيني ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم سريلنڪا جو دورو ڪندي، جتي اها چئن ون ڊي ۽ 3 ٽي – 20 ميچن جي سيريز کيڏندي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 15 آڪٽوبر تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي، ٻي ون ڊي ميچ 17 آڪٽوبر، ٽين ون ڊي ميچ 19 آڪٽوبر، جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ون ڊي 21 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽي – 20 ميچ 23 آڪٽوبر، ٻئين 25 آڪٽوبر جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي – 20 ميچ 26 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

 

زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم هلندر مهيني بنگلاديش جو دورو ڪندي

هراري (اسپورٽس نيوز) زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني بنگلاديش جو دورو ڪندي، جتي هوءَ ٽن ٽيسٽ ۽ پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي. زمبابوين ٽيم دوري جي شروعات ٽن ڏينهن جي وارم اپ ميچ سان ڪندي ۽ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽي ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ 25 کان 29 اڪٽوبر تائين شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي، ٻي ٽيسٽ 3 کان 7 نومبر تائين شيخ ابو ناصر اسٽيڊيم کلنا جڏهن ته ٽين ۽ آخري ٽيسٽ 12 کان 16 نومبر تائين ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم چٽاگانگ ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 21 نومبر، ٻي 23 نومبر، ٽين 26 نومبر، چوٿين 28 نومبر جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ پهرين ڊسمبر تي کيڏي ويندي.

 

معاشرتي تبديلي ڪيئين ايندي آهي؟: احمد خان جمالي

انسان هن ڌرتي تي لڳ ڀڳ ٽيھه لک سالن کان آباد آهي. پر ان ڊگهي عرصي ۾ هن ڪڏهن به اڪيلي سر زندگي نه گذاري آهي. هو هميشه ڪنهن نه ڪنهن ڪٽنب يا قبيلي سان وابسته رهيو آهي. دراصل هو اڪيلو رهي به نه پئي سگهيو ڇاڪاڻ جو اڪيلو ماڻهو نه پنهنجي حفاظت ڪري پئي سگهيو نه ئي پنهنجي ٻارن جي پرورش ۽ نه ئي وري کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻ جي قابل هو. وک وک تي کيس ٻين جي مدد درڪار هئي.

جنهن معاشري جو هو حصو هو، ان معاشري مان ئي سندس شعور ترقي ڪئي، هن پنهنجي وجود کي سڃاتو ۽پنهنجي فطري صلاحيتن کان ڪم ورتو.

انسان، ان دور ۾ جيڪي به ايجادون ڪيون اُهي به اجتماعي شعور جو نتيجو هيون، انهن ايجادن جو سبب به سندس گڏيل ضرورتون هيون. اهڙي طرح معاشري ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن انهن مان هڪجيترو لاڀ حاصل ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪير به اهو نٿو ٻڌائي سگهي ته ”باھ جو استعمال“ ڪنهن دريافت ڪيو يا تير ڪماڻ، پٿر جو اوزار يا برتن سازي يا زرعي اوزار يا شاعري، مصوري، موسيقي ۽ رقص ڪنهن ايجاد ڪيا؟ ٻيو ته ٺهيو پر ڪير اوها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي ته ”ٻولي“جيڪا ماڻهو جي سڀ کان وڌيڪ عظيم الشان ” اشتراڪي“ يعني گڏيل تخليق آهي ان جو ”باني“ڪير هو.

دراصل مٿي بيان ڪيل ڪو به ”فن“ يا هنر ڪنهن به هڪ شخص جي انفرادي تخليق نه آهي پر پوري معاشري ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن جي اجتماعي شعور، احساس ۽ تجربن جو ”نچوڙ“ آهي.

اُن دور جي پراڻي معاشري ۾ سڀ ماڻهو گڏجي پنهنجي زندگي لاءِ گهربل شيون پيدا ڪندا هئا  ۽ پوءِ پاڻ ۾ ورهائي استعمال ڪندا هئا. معاشري جو اهو دور لکين سال هلندو رهيو جنهن کي ”شروعاتي ڪميونزم“ جو دور ڪوٺيو وڃي ٿو.

ان ابتدائي ڪميونزم جو جيئرو جاڳندو نمونو ”تاسادي“ (Tasaday) قبيلي جا اُهي ماڻهو آهن جن کي 1961 ۾ فلپائين جي هڪ ٻيٽ مندانو جي پهاڙن ۾ ڏٺو ويو آهي. هي پهاڙ گهاٽن ٻيلن سان ڍڪيل آهن ۽ اتي پهچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هڪ ڏينهن هڪ شڪاري جڏهن ان جهنگ مان گذري رهيو هو ته کيس زمين تي ماڻهن جي پيرن جا نشان نظر آيا. ٿورو پنڌ ڪرڻ کان پوءِ کيس اهڙا ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا جن جي اڳين پٺين اوگهڙ وڻ جي پنن ۽ گاھ سان ڍڪيل هئي. شڪاري کي ڏسندي ئي اهي ٽيئي ماڻهو ڀڄڻ لڳا پر هن جي دوستاڻي لهجي انداز  آواز تي هو بيهي رهيا .اهڙي طرح اسان کي زمين تي رهندڙ قديم ماڻهن جي خبر پيئي.

اهي انتهائي امن پسند ماڻهو آهن، جن وٽ ڪنهن قسم جو هٿيار نه آهي. ان حد تائين جو هنن جي ٻولي ۾ دشمن، جنگ، قتل ۽ بدي جي لاءِ لفظ ئي نه آهي. هنن جو ڪو به مذهب نه آهي. ڀلائي ۽ حسن جي لاءِ هنن وٽ ساڳيو هڪ ئي اکر ”مافيون“ آهي. اهو قبيلو ڪيترن ئي ڪٽنبن ۾ ورهايل آهي. هر هڪ ڪٽنب ماءُ پيءُ ۽ ڇڙن ٻارن تي مشتمل آهي. ۽ پاڻ ۾ ورهائي کائين ٿا. سندن قبيلي جو ڪو به سردار نه آهي. ڪنهن به ڳالهه يا ڪم جو فيصلو ڪرڻ لاءِ هر بالغ مرد ۽ عورت کي راءِ ڏيڻ جو هڪجهڙو حق حاصل آهي. هنن ماڻهن جي هڪ مشهور چوڻي آهي ته ”اچو ته اسان سڀني انسانن کي صرف هڪ انسان چئون“

اهڙي طرح ”سيمانگ“ Semang جي نالي سان هڪ پراڻو قبيلو ملائيشيا جي پهاڙي جهنگ ۾ آباد آهي. هيءَ ماڻهو، ويهن ٽيهن جي ”جھُنڊ“ هڪٻئي کان پري پري جهوپڙين ۾ رهن ٿا. هر گروھ ۾ هڪ خاندان آهي. گل ٻوٽا ۽ جڙي ٻوٽيون سندن خوراڪ آهي، تير ڪمان سندن واحد اوزار آهي. ”بيد“ جي ٽڪرن کي گسائي باھ پيدا ڪندا آهن پنهنجن مردن کي دفن ڪندا آهن يا پري پهاڙن ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن.

ساڳي ريت آمريڪا جي مختلف پهاڙي ۽ جهنگلي علائقن ۾ پڻ ڪجهه عرصو اڳي تائين ”ابتدائي ڪيمونزم“  جي مطابق زندگي بسر ڪندڙ ڪيترائي قبيلا ڏنا ويا آهن. اهي ماڻهو خيمن ۾ رهن ٿا، شڪار سندن معاش جو ذريعو آهي. شڪار ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي صورت ۾ سمورا  مرد، عورتون ۽ ٻار گڏجي ”فتح“  جي خوشي ملهائيندا آهن. شڪار ڪرڻ وقت سندن عورتون مٿي تي هرڻ جي کل چاڙهي جانورن وانگر ٻاڪارينديون  ۽ رسمي گانا ڳائينديون آهن.

ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي سرحد تي پڻ ”بليڪ فٽ“ جي نالي سان هڪ اهڙو ئي قبليو رهندڙ آهي جنهن جو گذر سفر شڪار تي آهي. ان جو ڪو به سردار نه آهي. پر قبيلي جا جيڪي وڌيڪ تندرست ۽ هوشيار ماڻهو آهن، انهن جي ڳالهه مڃي ويندي آهي. هي ماڻهو گڏجي جهنگلي مينهن جو شڪار ڪندا آهن، جهنگلي مينهن کي ڳولڻ کان پوءِ هڪ ماهر شڪاري کي مينهنجي کل پارائيندا آهن ۽ مينهن جو ” منهه، مٿو“ سندس مٿي تي ٻڌي ڇڏيندا آهن. اهو ماهر شڪاري، مينهن جي ڌڻ ۾ گهڙي ويندو آهي ۽ آهستي آهستي مينهن کي شڪارين ڏانهن ڪاهي ايندو آهي اهڙي طرح سائبيريا ۽ نائيجريا ۾ پڻ اهڙا قبيلا ڏٺا ويا آهن.

ابتدائي ڪميونزم جي باقايات ۾ اها قوم پڻ شمار ڪجي ٿي جن کي ”ايسڪيمو“ سڏيو ويندو آهي جيڪي ڪئناڊا جي اترئين برفاني علائقي ۽ فن ليند جي برفاني ميدانن تائين پکڙيل آهن.

جيتوڻيڪ ايسڪيمو قبيلي جا ماڻهو هڪٻئي کان سوين ميلن جي مفاصلي تي رهندڙ آهن پر سندن جسماني بناوت، ٻولي ۽ تهذيب ۾ حيرت انگيز طور تي هڪهڙائي ڏٺي وئي آهي. نسلي لحاظ کان سندن تعلق منگولن سان ٻڌايو وڃي ٿو ۽ سندن آدمشماري 60 هزارن کان مٿي نه آهي. مڇي ۽ اڇي برفاني رڇ جو شڪار سندن گذر سفر جو وسيلو آهي. چمڙي جا ڪپڙا پائيندا آهن غارن ۾ يا کلن سان ڍڪيل گهرن ۾ رهندا آهن ڪتا ۽ ڦاڙها پاليندا آهن. سندن گاڏيون، ڦيٿن کانسواءِ آهن جن کي ڦاڙها برف تي گهليندا آهن. سندن معاشري ۾ خود غرضي ۽ لالچ کي سڀ کان وڏو عيب سمجهيو ويندو آهي.

ننڍي کنڊ جو علائقو پڻ دنيا جي اهڙن حصن مان آهي جتي پٿر جي زماني کان وٺي هاڻوڪي ترقي يافته دور جاماڻهو آباد آهن، ان ڪري جيڪڏهن ڪو به ماڻهو سماجي ارتقا جي تاريخ مرتب ڪرڻ يا لکڻ چاهي ته کيس هن ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي.

ڪجهه عرصو ٿيندو ته ”علم الانسان“ جو هڪ آمريڪي پروفيسر بلوچستان جي مري قبيلي جي رهڻي ڪهڻي  جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مري بلوچن سان گڏجي رهڻ لڳو. سندس انتقال به اُٿي ئي ٿيو. پرسندس ساٿين سندس ڪم جاري رکيو ۽ 1966ع ۾ ”مري بلوچن جي سماجي تنظيم“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب شايع ڪيو. ان ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ”پوک“ ۽ هارپو ڪرڻ مري بلوچن جو پيشو آهي. پراڻي زماني ۾ هي ماڻهو صفا ”خانه بندوش“ هوندا هئا، پر هاڻي هنن جتي ڪٿي ڳوٺ وسايا آهن. ليکڪ جو چوڻ آهي ته قبيلي جي هر هڪ فرد کي چشمن، چراگاهن ۽ پاڻي جي کوهن تي هڪهڙو حق آهي. زمين پوري ڪٽنب جي گڏيل ملڪيت آهي ۽ ڪيترائي ته اهڙا علائقا به آهن جتي زمين سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت آهي. مٿي بيان ڪيل حقيقت جو مقصد اهو آهي ته انسان جي سماجي زندگي جي شروعات ان ڍنگ سان ٿي آهي ۽ اها لکين سالن تائين ايئن هلندي رهي. سچ پچ ته پيداوار جي ذريعن تي ذاتي ملڪيت جو ڪو به اٽل يا مقدس قانون ڪڏهن به نه هو پر ان جو رواج به سماجي ضرورت جي تحت معاشري جي ارتقا جي به هڪ خاص دور ۾ شروع ٿيو. ان جو سبب اهو به هو ته ابتدائي ڪميونزم ۾ ڪم ڪار جي ونڊ ورڇ جي گنجائش محدود هئي. ڪم ڪار ۽ اپت جي ڪمي جي ڪري پيداوار ۾ اضافو آڻڻ ممڪن نه هو ۽ نه ئي وڌندڙ آدمشماري جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ممڪن هو. اهڙي طرح سماجي ترقي جي تقاضائن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ”ذاتي ملڪيت“ پيدا ٿي. ان وقت، ان دور ۾ ابتدائي ڪميونسٽ معاشري ۾ جيڪو تضاد پيدا ٿيو ان جو اُن وقت حل اهو ئي هو ته پيداوار جا ذريعا ذاتي ملڪيت ۾ تبديل ٿي وڃن پر گذريل عرصي جي دوران ذاتي ملڪيت جي نتيجي ۾ جيڪي تضاد نه صرف پيدا ٿيندا رهيا آهن پر انتهائي شدت اختيار ڪري چڪا آهن، انهن تضادن جي گهرج اهائي آهي ته انساني معاشري کي نئين سر ترتيب ڏيئي اهي تضاد ختم ڪجن ته جيئن معاشري اڳتي ترقي ڪري سگهي ظاهر آهي ته نئون معاشرو جيڪو ڦرلٽ کان پاڪ انصاف تي ٻڌل هجي اهو متحد ۽ منتظم ٿيڻ کان سواءِ قائم نه ڪري سگهبو.