تازيون خبرون

Daily Archives: October 9, 2014

دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان جي بقا جي جنگ آهي: وزيراعظم

بنون (م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي سٽيل علائقن کي ترقي يافتا بڻائيندي ۽ آپريشن سٽيلن جي آبادڪاري ۽ متاثر ٿيل علائقن جي ترقي لاءِ فوج سان گڏجي ترقي جو گڏيل منصوبو بڻايو ويندو، حڪومت متاثرن جي بحالي ۽ آبادڪاري لاءِ ڀرپور وسيلا فراهم ڪندي، متاثر ٿيل علائقن جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهو مشڪل دور مان گذري رهيا آهن، متاثرن ملڪ جي فائدي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو گهر ٻار ڇڏيو. بڪاخيل ڪيمپ ۾ اتر وزيرستان جي متاثرن کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ميرانشاهه کي جديد شهر بڻايو ويندو ۽ دهشتگردي خلاف آپريشن جي نتيجي ۾ جيڪي گهر تباهه ٿيا آهن انهن کي نئين سرِ تيار ڪيو ويندو ۽ پوري علائقي کي ٻيهر اڏائي خوبصورت بڻايو ويندو، جنهن جو منظر موجودهه منظر کان به مختلف هوندو، ان سلسلي ۾ عملي ڪم جو آغاز جلد ٿيندو ۽ ان نيڪ ڪم لاءِ اسان کي الله تعاليٰ جي مدد حاصل هوندي. هن چيو ته متاثر ٿيل علائقي کي ترقي يافتا علائقو بڻائڻ لاءِ پورو زور لڳائينداسين ۽ اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ لڏي آيلن جي مشڪلات گهٽائي ۽ اسان کي سندن مڪمل مدد ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ متاثرن جي خاندانن جي خيرو برڪت هجي، حڪومت متاثرن جي گهرن ڏانهن باعزت واپسي تائين سندن سار سنڀال لهندي رهندي. هن اتر وزيرستان جي متاثرن جي مدد ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي قابل واکاڻ قرار ڏنو. ان کان پهريان بڪاخيل ڪيمپ اچڻ تي وزيراعظم کي آپريشن سٽيلن کي فراهم ڪيون ويندڙ سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته بڪاخيل ڪيمپ ۾ 7 0 5 2 خاندان رهيل آهن ۽ هر خاندان کي ماهوار 5 1 هزار رپيا ڏنا پيا وڃن ۽ عام واهپي جون شيون به فراهم ڪيون پيون وڃن.

 

ڪراچي ۾ ڪچو شراب واپرائيندڙ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ 28 ٿي ويو

inp 09-71ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪچو شراب واپرائيندڙ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 28 ٿي ويو، اسپتال ۾ داخل 26 ڄڻن جو علاج جاري، 5 ڄڻن جي حالت اڃان به ڳڻتي جوڳي. ڪچو شراب واپرائڻ سبب جناح اسپتال ۾ داخل وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 28 ٿي ويو آهي. لانڍي، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ عيد جي رات ڪچو شراب واپرائڻ سبب بيهوش ٿيلن مان 8 ڄڻا گذريل رات جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويا هئا، اسپتال ۾ داخل 18 ڄڻن جي حالت اڃان به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪچي شراب سبب ٿيل فوتگين جو نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽرايڪسائز کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ آءِ جي سنڌ کان معاملي جي فوري طور رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي سنڌ پوليس شراب ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جنهن به حد ۾ ڪچو شراب ٺهندو يا وڪرو ٿيندو ان حد جي ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ڪچو شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانه ضلعي ڪورنگي ۾ ڪچي شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ ٿيل فوتگين جو سختي سان نوٽيس وٺندي اڌ ڪلاڪ جي نوٽيس تي اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪري ورتو. هن واضح ڪيو ته اهو واقعو اتفاقي ناهي بلڪ ان ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ضروري آهي ۽ پوليس ۽ ايڪسائيز کاتن جي انهن سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف قاعدن ۽ ضابطن تحت يقيني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. چيف سيڪريٽري آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي کي هدايت ڪئي ته هو ڪارروائي عمل ۾ آڻي. ايڊيشنل آئي جي غلام قادر ٿيٻو اجلاس کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي ۾ 23 ماڻهو ڪچي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيا آهن. ڊي ايس پي ڪورنگي ۽ ڊي ايس پي لانڍي سميت 6 ايس ايڇ اوز آهي، جن ۾ لانڍي، ڪورنگي، شاهه لطيف، زمان ٽائون، شرافي ڳوٺ ۽ ابراهيم حيدري جا ايس ايڇ اوز شامل آهن کي معطل ڪيو ويو آهي. ڊي آئي جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي اجلاس دوران چيف سيڪريٽري کي ٽيليفون تي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪو واقعو پيش ٿيو هو ان ۾ ڪچي شراب پيئڻ سان 22 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا ان واقعي بعد 2 ڊي ايس پيز ۽ 5 ايس ايڇ اوز ۽ ايڪسائيز پوليس جي 50 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري سيڪريٽري ايڪسائيز کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي صوبي ۾ منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن اينٽي نارڪوٽڪس فورس سنڌ بابت رپورٽ به هڪ هفتي ۾ طلب ڪري ورتي آهي. اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، گهرو سيڪريٽري نياز علي عباسي، ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي زبير چنا، ڊائريڪٽر تعلقات عامه نوخيز انور صديقي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر (جنرل) ڪراچي شاهزيب سيد به شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانه چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ان سلسلي ۾ ڀرپور رهنمائي ڪئي آهي انشاءَالله ان ڪارروائي جو منطقي انجام يقيني ٿيندو.

 

سنڌ حڪومت صحت ۽ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن بيروني سيڙپڪارن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهي آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سNNI09-77نڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ خميس تي ٿيندڙ اجلاس دوران ڪراچي ۾ ايجوڪيشن سٽي ۾ تعميراتي ڪم تيز ڪرڻ سميت ليور ٽرانسپلانٽيشن انسٽيٽيوٽ ۽ ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جي معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو آهي اجلاس کي خطاب ڪندي سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ صحت ۽ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن بيروني سيڙپڪارن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهي آهي هن چيو ته سنڌ حڪومت پهريان ئي ڪراچي ۾ ايجوڪيشن سٽي قائم ڪيو آهي جتي معتبر بيروني تعليمي ادارا گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن ۽ پنهنجا ڪئمپس تعمير ڪري رهيا آهن ۽ اهي ڏينهن پري ناهن جڏهن ترقي يافته ملڪن مان به شاگرد پنهنجي تعليم لاءِ ڪراچي کي ترجيحي ڏيندا اجلاس ۾ چانسلر بينظير ڀٽو يونيورسٽي ڪراچي، وائيس چانسلر انڊس يونيورسٽي، وزيراعليٰ سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو ڊي جي بورڊ آف انويسٽمينٽ ميمبر لينڊ يوٽيليشن بورڊ آف روينيو ۽ ٻين آفيسرن ايجوڪيشن سٽي ۾ ادارن جي قيام لاءِ سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ ليور ٽرانسپلانٽيشن انسٽيوٽيوٽ ۽ ڪينسر اسپتال جي قيام متعلق معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.

 

عمران خان پاڪستاني سياست ۾ پاڻي جو ڦوڪڻو آهي جيڪو جلد ڦاٽي پوندو: آصف زرداري

لاهور (بيورو) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جِي شريڪ چيئرمين آصف علAsif-Ali-Zardari copyي زرداري چيو آهي ته عمران خان پاڪستاني سياست ۾ پاڻي جو ڦوڪڻو آهي جيڪو جلد ڦاٽي پوندو، اڄ بلاول هائوس لاهور ۾ پيپلز پارٽي فيصل آباد ڊويزن جي ڪارڪنن سان گڏجاڻي دوران هن چيو ته عمران خان جيڪي ڪجهه ڪري پيو اهو هو پاڻ نه پيو ڪري پر هن جي پويان ٻيو ڪو آهي هن چيو ته سياسي قوتن کي پنهنجي حدن اندر رهي ڪم ڪرڻو پوندو، آصف علي زرداري چيو ته موجوده سياسي حالتن ۾ اسان جمهوريت کي بچائڻ لاءِ نواز شريف جي حمايت ڪئي ۽ کيس همٿايو ته هو مڙس ٿي جمهوري ادارن جي حفاظت ڪري سگهي، آصف علي زرداري چيو ته اهو پيپلز پارٽي جي هٿ ۾ آهي ته فيصلو ڪري ته چونڊون ڪڏهن ٿين پوءِ اهي ٽن سالن ۾ ٿين يا ٻئي ڪنهن وقت. ٿين ٿيون.

 

ضرب عضب تان ڌيان هٽائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪست15372-BilawalBhuttoZardari-1356688803-606-640x480ان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب تان ڌيان هٽائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن. سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڀارتي وحشت تي تيش ۾ نه اچڻ تي پاڪستان تي فخر آهي، آپريشن ضرب عضب تان ڌيان هٽائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون، ڪنهن پاڪستاني وزيراعظم جو اتر وزيرستان جو پهريون دورو خوشي جهڙي ڳالهه آهي.

 

ڀارتي فوج جي جارحيت جاري، عورت سميت وڌيڪ 3 شهيد، انگ 13 ٿي ويو

سيالڪوٽ(م.ڊ) ڀارت طرفان لNNI09-13 copyائين آف ڪنٽرول جي مختلف هنڌن تي اڄ به ڀڃڪڙي ڪئي وئي، ڀارتي فوج جي بناجواز فائرنگ ۾ عورت سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا، ٻبن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، چئن ڏينهن ۾ شهيد ٿي ويل پاڪستانين جو انگ 13 ٿي ويو. ڀارتي فوج طرفان لائين آف ڪنٽرول تي فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، ڀارتي فوجي اهلڪارن هڙپال سيڪٽر تي فائرنگ شروع ڪري ڏني.. فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. ظفر وال واري علائقي لهڙي سيڪٽر ۾ به ڀارتي فوج طرفان بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي جنهن سبب هڪ نوجوان شهيد ٿي ويو ۽ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڀارتي فوج جي چئن ڏينهن کان ايل او سي تي فائرنگ ۽ گولا باري جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويل پاڪستانين جو انگ 13 ٿي ويو آهي جڏهن ته 45 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ڀارتي فوج پاران شڪر ڳڙهه سيڪٽر، چارو واهه سيڪٽر ۽ ٻين هنڌن فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي وئي آهي، جيڪو سلسلو وفقي وفقي سان جاري آهي. پاڪ فوج جي جوابي فائرنگ بعد ڀارتي توپون خاموش ٿي وڃن ٿيون، جڏهن ته متاثر علائقن مان وڏي پئماني تي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن تي روانا ٿي ويا آهن. ٻئي طرف پاڪستان ڀارتي فوج طرفان لاڳيتو ڪنٽرول لائين جي ڀڃڪڙي تي سخت احتجاج ڪيو آهي

 

ڀارت پاڪستان سان سيز فائر جي خلاف ورزي جو معاملو جلد حل ڪرڻ گهري ٿو: مودي

نئين دهلي (م.ڊ/اين اين آءِ) Narendra-Modiڀارتي وزيراعظم نريندر مودي لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري جي خراب ٿيل صورتحال تي چيو آهي ته سرحد تي سمورا معاملا جلد بهتر ٿي ويندا لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت پاڪستان سان سيز فائر جي خلاف ورزي جي معاملي تي جلد حل ڪرڻ گهري ٿو جڏهن ته هي هڪ سنجيده معاملو آهي ۽ ايئن نه ٿيڻ گهرجي ها ڀارت پنهنجن پاڙيسرين سان امن ۽ بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي فائرنگ جا واقعا روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري آهن ڀارتي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڀارتي وزيراعظم جو چوڻ هو ته لائين آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي خلاف ورزين جا واقعا ختم ۽ معاملا جلد بهتر ٿي ويندا

 

بلاول جي 18 آڪٽوبر واري جلسي وقت پ پ مخالفن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون: نثار احمد کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽNisar-Khoroي لاڙڪاڻو الله آباد يونٽ جي اڳواڻ ۽ هليا برادري جي مرڪزي نائب صدر هارون هليو جي پٽ جي عقيقو واري تقريب ۾ تعليم کاتي جي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چٽي ڳالهه ڪئي آهي ته سنڌ جو ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته هو سنڌ ڄائو آهي ۽ سنڌ کي يونٽن ۾ ورهائڻ واري ڳالهه ڪندڙ خوابن واري دنيا ۾ رهن پيا. هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽي جي رٿيل جلسي ۾ لکين ماڻهن جو سمنڊ نظر ايندو ۽ ان وقت پ پ پ مخالفن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون، ڇاڪاڻ ته پ پ پ اها واحد جماعت آهي، جيڪا هن ملڪ جي غريب مظلوم عوام جي حقن خاطر پنهنجي عظيم پارٽي جي ٻن ليڊرن شهادت ماڻي پر ڪڏهن به آمر قوتن آڏو ڪنڌ نه جهڪايو ۽ عوامي حقن خاطر سدائين آواز بلند رکيو. ان ڪري اڄ به ماڻهو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي پهچي حاضري ڀري انهن کي عقيدت جي ڀيٽا ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت ڪراچي سميت سنڌ ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آهي. سنڌ ۾ ترقياتي ڄار وڇايو پيو وڃي ۽ نوڪرين تان پڻ پابندي هٽائي وئي آهي ته جيئن سنڌ جي نوجوانن کي ميرٽ تي روزگار ملي سگهي. تقريب ۾ ايم اين اي محمد اياز سومرو، اڳوڻو پ پ ايم پي اي حاجي منور علي عباسي، هليا برادري جو مرڪزي صدر محمد اعظم هليو، ستار هليو، ڊاڪٽر زاهد هليو، ايڊوڪيٽ عبدالستار هليو، ممتاز جروار، ممتاز شيخ، ديدار لغاري، رياض ڪلهوڙو، آفاق ڪلهوڙو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

آءِ ڊي پيز جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته اسلام آباد ۾ هڪ ٻيو ڌرڻو لڳندو: سراج الحق

پشاور(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، inp 09-64هڪ مهيني اندر آءِ ڊي پيز جا مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته آءِ ڊي پيز ڪنهن هڪ جماعت نه پر 18 ڪروڙ عوام جو مسئلو آهي. پشاور ۾ گرينڊ قبائلي جرڳي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته جيڪڏهن مرڪزي حڪومت چاهي ٿي ته ايندڙ هڪ مهيني اندر اسلام آباد ۾ هڪ ٻيو ڌرڻو نه لڳي ته اها فوري طور آءِ ڊي پيز جا مطالبا تسليم ڪري نه ته ڌرڻي جو انتظار ڪريهن چيو ته جيڪي ماڻهو قبائلي علائقن جي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هــُو انهن کي ٻــُڌائڻ چاهي ٿو ته اڄ آزاد ڪشمير انهن قبائلين سبب ئي آزاد آهي. سراج الحق چيو ته ڀارتي جارحيت تي پاڪستاني حڪومت ڪو به غيرت منداڻو جواب ناهي ڏنو ۽ جيڪي غيرت سان جواب ڏيڻ چاهين پيا انهن کي ئي پنهنجي ملڪ ۾ مهاجر بڻايو ويو آهي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته هــُو قوم کي ٻــُڌائڻ چاهي ٿو ته حڪومت هر بار قوم کي ڌوڪي ۾ رکيو ۽ اڄ ٻيهر ان جي غلط فيصلن سبب پاڪستان کي انهي رستي تي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

شيخ رشيد سينيئر سياستدان آهي، جمهوريت ۾ سڀني کي ڳالهائڻ ۽ عوام وٽ وڃڻ جو حق حاصل آهي: شاهه محمود قريشي

inp 09-88ملتان (بيورو)  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته شيخ رشيد سينيئر سياستدان آهي ته جمهوريت ۾ سڀني کي ڳالهائڻ ۽ عوام وٽ وڃڻ جو حق حاصل آهي، سپر ملتان ۾ نواز ليگ جي غنڊن شيخ رشيد جو جهڙي طرح گهيرو۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪئي آهي اها هڪ خطرناڪ روايت قائم ڪئي وئي آهي ايئن نه ٿيڻ گهرجي، سڀاڻي ملتان ۾ تحريڪ انصاف جو جلسو آهي جيڪڏهن جلسي ۾ نواز ليگ اهڙي حرڪت ڪئي ته خطرناڪ ثابت ٿيندي.