تازيون خبرون

Daily Archives: October 1, 2014

ٻوڏ متاثر اڪيلا ناهن، سندن بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين: وزيراعظم

inp 01-97وزيرآباد (م.ڊ/اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثر اڪيلا نه آهن وزير اعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير سندن مالڪي ڪري رهيا اهن متاثرن کي بحال ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين وقت اچي ويو آهي ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ خاص حڪمت عملي جوڙي وڃي ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ قومي ڪميٽي کي جوڙڻ اهم آهي متاثرن کي 25 هزار رپين جي پهرين امدادي قسط جاري ڪئي پئي وڃي سڀني کي عيد کان اڳ پئسا ملي ويندا 20 آڪٽوبر تي ٻي قسط جاري ڪئي ويندي اربع تي هتي وزيرآباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي پهرين امدادي قسط ورهائڻ جي موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته انتظام ڪيا وڃن ٻوڏ اچڻ کان اڳ ان کي ڪيئن روڪجي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن جتان سيلاب شيروع ٿئي ٿو ۽ جتي سمنڊ ۾ وڃي ختم ٿئي ٿو ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ قومي ڪميٽي جوڙڻ اهم آهي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آي اربين کربين رپيا به خرچ ٿين ته ڪرڻا پوندا هي پئسو خرچ ڪرڻ واجب آهي وزيراعظم چيو ته اسان کي سوچڻو پوي ٿو ته پئسا پهريان اتر وزيرستان ۾ آپريشن سبب لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن يا ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪيا وڃن اها اهو به سوچون ٿا ته پئسا بجلي جا ڪارخانا لڳائڻ لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجن يا ايجوڪيشن، علاج ۽ اسپتالن تي خرچ ڪيا وڃن ڇو ته اسان وٽ ايتري رقم نه آهي جو سڀني تي گڏ خرچ ڪيو وڃي پئسن جي اڻهوند سبب خرچ ڪرڻ کان اڳ سوچڻو پوي ٿو الله تعاليٰ اسان جي ملڪ تي رحم ڪري ۽ اسان کي توفيق عطا فرمائي ته اسان سمورن معاملن تي توجهه ڏيئي سگهون.

 

پاڪستان ۽ چين جي دوستي مثالي دوستي آهي: وڏو وزير

KHI1-26ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گذريل رات چين جي 65هين قومي ڏينهن جي حوالي سان مقامي هوٽل ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي چين جي قونصل جنرل مايائو سنڌ جي وڏي وزير جو استقبال ڪيو ان موقعي تي صوبائي وزير نثاراحمد کهڙو، روبينا قائمخاني، سنڌ جي وڏي وزير جا خاص معاون راشد رباني شرميلا فاروقي ۽ مختلف ملڪن جا قونصل جنرلز ۽ مختلف زندگي جي شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به پيش ڪيا ويا ان موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي سيد قائم علي شآهه عوامي جمهوريه چين جي حڪم تي عوام کي 65هين قومي ڏينهن جي موقعي تي واڌايون پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا پراڻا ۽ ويجها لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان ۽ چين جي دوستي مثالي دوستي آهي هن چيو ته چين سان پاڪستان جي دوستي جو ڪريڊٽ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کي مليل آهي جنهن چين سان دوستي ڪري هڪ تاريخي انقلابي قدم کنيو وڏي وزير چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جا چين جي تازي دوري دوران شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کين ملڪ جي سربراهه جيترو پروٽوڪول ڏنو ويو سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ چين سان حڪومتي سطح ۽ عوامي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت مختلف شعبن خاص ڪري زراعت ۽ توانائي ۾ چين جي ماهرن جي مهارت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي حڪومت سان ڪيترن ئي يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون آهن هن چيو ته اقتصادي رابطن کان علاوه ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي به خاص توجهه ڏني پئي وڃي وڏي وزير چيو ته اسان چين جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون جنهن پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ هتي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ان موقعي تي چين جي قونصل جنرل معزز مهمانن جي اعزاز ۾ آجياڻو پيش ڪندي چيو ته چين پاڪستان سان اڃا وڌيڪ لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي هن سنڌ جي وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته چين جي حڪومت سنڌ صوبي ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري رهي آهي جنهن اقتصادي معاشي، ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.

 

اليڪشن ڪميشن اثاثا جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

ecpاسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن ملڪيتن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي، پ پ ايم اين فريال ٽالپر، مخدوم امين فهيم، رضا رباني، فاروق ستار ۽ وفاقي وزير خرم دستگير سميت ڪيترن ئي ميمبرن ملڪيتن جا تفصيل اڃا تائين جمع ناهن ڪرايا. اليڪشن ڪميشن طرفان پارليامينٽ ميمبرن کي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ 30 سيپٽمبر تائين ڊيڊ لائين ڏني وئي هئي. اليڪشن ڪميشن طرفان تاريخ گذرڻ باوجود اثاثا جمع نه ڪرائيندڙ 5 سئو 23 ميمبرن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي تفصيلن موجب پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر، مخدوم امين فهيم،رضا رباني ۽ ٻين پنهنجي ملڪيت ظاهر ناهي ڪئي. وفاقي وزير صدر الدين شاهه، شاهد خاقان عباسي، خرم دستگير ۽ عبدالقادر بلوچ کان به اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ واري ڳالهه وسري وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جي لسٽ موجب متحده جي ايم اين اي ڊاڪٽر فاروق ستار، نبيل گبول، پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت محمود، اسد عمر، رفيق رجوانا، دانيال عزيز، طلال چوڌري، طارق فضل چوڌري ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ به پنهنجي ملڪيتن جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته آخري تاريخ گذرڻ باوجود اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي نمائندگي معطل ڪئي ويندي. ان کان اڳ وفاقي وزير خواجه آصف، اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جمالي ۽ شيرين مزاري اڄ تفصيل جمع ڪرايا. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته سينيٽ جي 19 ۽ قومي اسيمبلي جي 96 ميمبرن پنهنجي ملڪيتن جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ٻڌايو ته پنجاب جي 320 ۽ سنڌ جي 78 ، ڪي پي ڪي جي 63 ۽ بلوچستان جي 37 ميمبرن ملڪيتن جا تفصيل نه ڏنا آهن.

 

مڊٽرم چونڊن بابت خورشيد شاهه سان لاڳاپيل بيان درست ناهي، آئين تحت وچ مدي چونڊون ٿيون ته تيار آهيون: پيپلزپارٽي

INP 01-41لاهور (م.ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري انفارميشن قمرزمان ڪائره مڊٽرم چونڊن بابت اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سان لاڳاپيل بيان جي ترديد ڪندي چيو ته جيڪڏهن آئين ۾ ڏنل طريقي مطابق مڊٽرم چونڊون ٿين ٿيون ته پيپلزپارٽي ان لاءِ هر وقت تيار آهي حڪومت کي پيش ايندڙ خطرو ختم ناهي ٿيو پر في الحال ٽري ويو آهي ان لاءِ حڪومت هوش مان ڪم وٺي جڏهن به اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي بنياد تي حڪومت ويئي آهي ته اها 10-10 سال بحال ناهي ٿي ان لاءِ پپلزپارٽي ان بنياد تي حڪومت کي ڪيرائڻ جي چڪر ۾ نه آهي ڌرڻن وارن سان ڳالهين لاءِ وزيراعظم اڃا تائين ڪائي ڪميٽي ناهي جوڙي پر سموريون ڪميٽيون پاڻ ٺهيون آهن وزيراعظم سينيئر پارليمينٽرينز تي ٻڌل بااختيار ڪميٽي جوڙي ۽ ان جي پاڻ نگراني ڪري عمران خان طاهرالقادري به اهڙي نموني ڪميٽي جوڙين لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قمرزمان ڪائره چيو ته تحريڪ انصاف جي هڪ صوبي ۾ حڪومت آهي ۽ ان جي قيادت سڀ کان مقبول جماعت هجڻ جي دعويٰ به ڪري ٿي ڪنهن کي به ڪنهن جماعت جي قيادت تي اعتراض جو حق حاصل آهي پر ان ۾ لفظن جي استعمال جو خيال رکڻ گهرجي اسان مفاهمت جي سياست ڪرڻ چاهيون ٿا پر مفاهمت جو اهو مطلب نه آهي ته غلطين جي نشاندهي نه ڪئي وڃي هن چيو ته عمران خان ميثاق جمهوريت کي لنڊن پلان ڪوٺيو آهي پر مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پلان اهو هوندو آهي جيڪو ڳجهو هوندو آهي جڏهن ته ميثاق جمهوريت عوامي معاهدو هو جيڪو سڄي دنيا جي سامهون ٿيو هو ٻن وڏين پارٽين کان پوءِ سمورين پارٽين کي گهرائي ان تي صحيحون ڪرايون ويون هي ڳجها دستاويز نه آهن پر جمهوريت جي بحالي ۽ آمر جي خلاف قومي گڏجاڻي جا دستاويز هئا هي جمهوريت پاران سفرنامو آهي محترمه بينظير ڀٽو شهيد زيادتين ناانصافين ۽ تڪليفن کي گهرائي معاهدو ڪيو هن چيو ته اسان جو مطلب آهي ته هاڻي ان دستاويز تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ ان ۾ حالتن مطابق تبديلي ڪئي وڃي جنهن جي ضرورت آهي ۽ اسان ان کي ڀليڪار چونداسين. هن خورشيد شاهه جي مڊٽرم چونڊن جي حوالي سان بيان جي سوال جي جواب ۾ چيو ته هي ڳالهه سيد خورشيد شاهه کان پڇڻ گهرجي پر مان ڪالهه کان رڙيون ڪري ان جي ترديد ڪري رهيو آهيان ته هن اهڙي قسم جي ڪائي ڳالهه ناهي ڪئي ۽ ڇو ان سان ان ڳالهه کي جوڙي ان جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي.

 

ڪراچي شهر مان قبضا ۽ غير قانون هائيڊرينٽ جو فوري خاتم ڪيو وڃي، نه ته ڪارروائي ٿيندي: شرجيل ميمڻ

KHI1-4ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ واٽر بورڊ ۽ بلديات کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي فوري طور تي شهر ۾ قائم قبضن ۽ غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ جي خاتمي جون هدايتون ڏيندي کين خبردار ڪيو ته 10 آڪٽوبر کان پوءِ جيڪڏهن شهر ۾ هڪ به غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ نظر آيو ته ڄاڻايل علائقي جو چيف انجنيئر،سپريٽنڊنٽ انجنيئر ۽ ايڪس اين کي معطل ڪيو ويندو. 15 آڪٽوبر کان پوءِ پوري شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ قبضن جو خاتمو نه ٿيڻ تي لاڳاپيل ضلعي جو ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر به معطل ڪيا ويندا. بلديات کاتي جي گريڊ 19 جي آفيسر جي سربراهي ۾ هڪ مانيٽرنگ ٽيم جوڙي وئي آهي، جيڪا صوبي ۾ صفائي سٿرائي ۽ قبضن جي حوالي سان روزانو جي بنياد تي رپورٽ ڏيندي. ڪي ايم سي مان 800 گوسڙو ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ سمورن کاتن جون لسٽون تيار ڪيون پيون وڃن. ايم ڊي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي آهي ته هو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان ملي ان کي استدعا ڪري ته هو غيرقانوني ڪمن تي عدالتن پاران اسٽي آرڊر تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي. هاڻ عوامي مسئلن تي ڪنهن قسم جو سمجھوتو نه ڪيو ويندو ۽ جيڪي آفيسر يا ملازم سرڪاري حڪمن جي پاسداري نه ڪندا انهن کي سرڪاري ملازم نه رهڻ ڏنو ويندو. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بلديات کاتي جي سمورن ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته شهر ۾ قرباني جي جانورن جا اوجهه کڻي ٺڪاڻي لڳائڻ ۽ شهر ۾ فوري صفائي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع تي پنهنجي آفيس ۾ بلديات کاتي ۽ واٽر بورڊ جي اعليٰ آفيسرن جي اجلاس جي صدارت کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل سيڪريٽري بلديات عبدالرشيد سولنگي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رئوف اختر فاروقي، ايم ڊي واٽر بورڊ قطب الدين شيخ، اينٽي انڪروچمينٽ سيل ڪي ايم سي جي انچارج بلال منظر، سمورن ڊي ايم سيز جي ايڊمنسٽريٽرن ۽ ميونسپل ڪمشنرز، انچارج واٽر هائيڊرينٽ ڪراچي، چيف انجنيئر ۽ ٻيا به موجود هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزير 20 سيپٽمبر2014 کان صوبي ۾ شروع ڪيل ماهوار صفائي ۽ قبضن خلاف مهم جي حوالي سان مڪمل رپورٽ طلب ڪئي ۽ جن جن علائقن ۾ صفائي جي ڪمن ۾ ڪوتاهي نظر آئي اتي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنرن کان سخت پڇاڻو ڪيو ۽ کين فوري طور تي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مهم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 3 مهينا اڳ شهر ۾ 90 کان وڌيڪ غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ هئا، جن مان 40 کان وڌيڪ غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ کي مسمار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي 50 واٽر هائيڊرينٽ جي خاتمي لاءِ  ايم ڊي واٽر بورڊ کي 10 آڪٽوبر 2014 تائين مهلت ڏني وئي آهي. هن چيو ته مهلت گذرڻ کان پوءِ شهر جي جنهن به علائقي ۾ غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ جي اطلاع ملي ته ڄاڻايل علائقي جو چيف انجينئر، سپرينڊنٽ انجنيئر ۽ ايڪس اين کي معطل ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته هن وقت شهر ۾ ڪل 16 قانوني واٽر هائيڊرينٽ موجود آهن، جيڪي 3 مهينا اڳ 23 هئا، جڏهن ته غيرقانوني ۽ عوام کي پاڻي جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ 8 قانوني واٽر هائيڊرينٽ جا اجازت ناما به رد ڪري انهن کي ڊاٿو ويو آهي، جڏهن ته ڪورنگي ۾ هلندڙ هڪ وڌيڪ قانوني هائيڊرينٽ کي اڄ کان بند ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته 20 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ماهوار صفائي ۽ قبضن خلاف مهم جو 100 سيڪڙو ته نه پر ته ڪنهن حد تائين مثبت نتيجا ملي رهيا آهن ۽ ان حوالي سان اڄوڪي اجلاس ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ سمورن ضلعن جي ذميوارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ کين 15 آڪٽوبر 2014 تائين جي ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي، جنهن کان پوءِ شڪايتن تي ڄاڻايل ميونسپل ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽرمعطل ڪيا ويندا. هن اينٽي انڪروچمينٽ کاتي جي انچارج بلال منظر کي به هڪ هفتي اندر اندر ڪراچي ۾ غيرقانوني شادي هالن، پارڪن ۽ ٻين رفاهي پلاٽن سميت رستن ۽ گهٽين ۾ قائم قبضن جي مڪمل تحريري رپورٽ جمع ڪرائڻ ۽ 15 آڪٽوبر کان اڳ انهن سمورن غيرقانوني ۽ رفاهي پلاٽن تي قائم شادي هالن ۽ ٻين قبضن جي خاتمي جو الٽيميٽم ڏنو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهر ڪراچي ۾ غيرقانوني سائن ۽ بل بورڊز کي به فوري طور تي هٽائڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته بلديات کاتو ۽ ان جي ماتحت سمورن کاتن مان گوسڙو ملازمن جي خاتمي جي مهم جي به شروعات ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کيس ڪي ايم سي ۾ عارضي نوڪري حاصل ڪري نوڪري تي نه ايندڙ 800 ملازمن کي سندن نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جي رپورٽ اڄ پيش ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ڊي ايم سيز، ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقي سطح تي سڀني کي فوري طور تي پنهنجن پنهنجن کاتن ۾ گوسڙو ملازمن جون لسٽون تيار ڪرڻ جي آخري ڀيرو وارننگ ڏئي ڇڏي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته شهر ۾ موجود سمورن اسٽريٽس لائٽس کي فعال ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي ڇو ته اسٽريٽ لائٽس جي بندش ڪرائيم جو سبب بڻجھي رهي آهي. هن چيو ته غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ جي خاتمي لاءِ گهربل سيڪيورٽي فورسن لاءِ هن آئي جي سنڌ، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز کي هن چيو ته کيس خط موڪليا ويا آهن ء۽ انهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ڪراچي جي حساس جاين تي قائم غير قانوني واٽر هائڊرينٽس جي خاتمي لاءِ انهن جي مدد ڪئي وڃي، ميڊيا ۽ عوام به ان سلسلي ۾ اسان جي رهنمائي ۽ مدد ڪري ۽ 10 آڪٽوبر کان پوءِ ڪنهن به علائقي ۾ ڪوبه غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ يا گهرن ۾ منرل واٽر ٺاهيندڙ فيڪٽري جي اطلاع کين ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سمورن اپائن باوجود شهر ۾ پاڻي جي 350 کان 450 ملين گيلن روزانو پاڻي جي کوٽ جو خاتمو ممڪن ته نه ٿو ٿي سگهي آهي البته جن جن علائقن ۾ انهن غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ سبب مشڪلاتون آهن انهن جو ازالو ممڪن ٿي ويندو، جڏهن ته ايندڙ 3 کان 4 سالن دوران ٺهندڙ ڪي فور پروجيڪٽ ۽ 18 کان وڌيڪ جاين تي آر او پلانٽس جي سمنڊ جي پاڻي کي مٺو ڪري فراهم ڪرڻ واري منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان بحران کي منهن ڏئي سگهبو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 9 مهينا اڳ هن بلديات کاتي جو جارچ سنڀاليو ۽ هن وقت تائين هن ڪنهن به هڪ هائيڊرينٽ کولڻ جي اجازت ناهي ڏني. هن چيو ته هاڻ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪوبه ٺاهه نه ڪيو ويندو.

 

حيدرآباد/ٽنڊو محمد خان: ڪچو شراب واپرائيندڙ 10 ڄڻا فوت

back01102014-8-300x180حيدرآباد(بيورو) سنڌ ۾ ڪچي شراب جو وڪرو گهر اجاڙڻ لڳو، حيدرآباد ۽ ٽنڊي ڄام ويجهو ڪچو شراب واپرائڻ سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا،جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو، ايس ايس پي حيدر آباد نوٽيس وٺندي 5 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري ڇڏيو،جڏهن ته 13 بٺيون ڊاهي 130 ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب رنگيلي،حسين شاهه ۽ عطا محمد سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ان کان اڳ ٽنڊي ڄام ويجهو ڳوٺ حاجي دريا خان ناهيون ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب نوجوان اسلم ناهيون،عديل ناهيون ۽ پريم چند فوت ٿي ويا. فوتين جا لاش کڻائي اسپتال پهچايا ويا،جيڪي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. گذريل رات پڻ کيسانا موري جو رهواسي 45 ورهين جو فقيرو ميگهواڙ به ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿي ويو هو. ساڳي علائقي ۾ ٻه ڏينهن اڳ به ساجد ناهيون ۽ وزير ڪليري پڻ ڪچو شراب واپرائڻ سبب حياتيون وڃائي چڪا هئا. علائقي واسين موجب ڪچي شراب جو وڪرو سر عام ٿي رهيو آهي، جنهنڪري ٽن ڏينهن اندر 5 انساني جانين جو زيان ٿيو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي حيدرآباد معاملي جو نوٽيس وٺندي هٽڙي ۽ هوسڙي سميت 5 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري ڇڏيو. حيدرآباد پوليس جي ترجمان موجب پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي ڪچي شراب ٺاهڻ جون 13 بٺيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون،جڏهن ته 130 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

 

اداڪاره ڪترينه ڪيف رنبير ڪپور کي هڪ ڪروڙ رپين جي گهڙي تحفي ۾ ڏيئي ڇڏي

katrina-kaif-ranbir-kapoor-1-020913ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪترينا ڪيف رنبي ڪپور کي هڪ ڪروڙ رپين جي گهڙي جو تحفو ڏيئي ڇڏيو ڀارتي ميڊيا مطابق رنبير ڪپور جي 32هين سالگرهه تي حقيقي معنيٰ ۾ خاص بنائڻ لاءِ ڪترينا ڪيف ان سان گڏ ڊنر ڪئي ۽ کيس هڪ ڪروڙ رپين جي ماليت جي رولڪس گهڙي تحفي ۾ ڏني ٻئي اسٽار ايندڙ موڪلن ۾ اسڪوباڊائيونگ جي رٿابندي به ڪري رهيا آهن.

 

الطاف حسين پاران وينا ملڪ کي پٽ ڄمڻ تي مبارڪون

لنڊن (شوبز نيوز)veena-malik-gives-birth-to-boy-abram-pictures-and-photos متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ الطاف حسين مشهور اداڪاره وينا ملڪ ۽ سندس مڙس اسد بشير خان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ٻنهي کي سندن پٽ جي ڄمڻ تي واڌايونڏيندي دعا ڪئي ته الله پٽ جي ولادت کي ٻنهي خاندانن لاءِ برڪت ۽ رحمت جو سبب بڻائي ۽ اوهان جي سمورين مشڪلاتن ۽ پريشانين کي دور ڪري

 

چاڪليٽ هيرو وحيد مراد جي 76 هين سالگره (اڄ) ملهائي ويندي

فيصل آباWaheed_Murad_1_pymja_Pak101(dot)comد(شوبز نيوز) ستاره امتياز ۽ لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ حاصل ڪندڙ پاڪستان فلم انڊسٽري جي چاڪليٽ هيرو وحيد مراد جي 76هين سالگره (اڄ) 2 آڪٽوبر خميس تي ملهائي ويندي. ان موقعي تي سڄي ملڪ جي اسٽوڊيوز ۾ خاص تقريبون منعقد ڪيون وينديون جڏهن ته وحيد مراد جا پرستار به خاص پروگرام ڪوٺائيندا. وحيد مراد 2 آڪٽوبر 1938ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. وحيد مراد هڪ ئي وقت فلم ايڪٽر، پروڊيوسر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر به هو. سندس مشهور فلمن ۾ دل ميرا ڌڙڪن تيري، هيرا اور پٿر، ارمان، نصيب اپنااپنا، انجمن، جب جب پهول کهلي، شمع ، آهٽ ۽ هيرو شامل آهن

 

وديابالن ”هماري اڌوري ڪهاني“ جي شوٽنگ لاءِ ڪلڪتا پهچي وئي

bollywood-cannes-film-festival-vidya-balanممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪارا وديا بالن فلم ”هماري اڌوري ڪهاڻي“ جي شوٽنگ لاءِ ڪلڪتا پهچي وئي آهي. اداڪاره وديا بالن فلم ”ڪهاني“ کان پوءِ ان فلم جي سيڪوئل فلم ”هماري اڌوري ڪهاني“ ۾ به ايندي. فلم جي شوٽنگ کان پهرئين هن مقامي مندر ۾ پوڄا ڪئي ۽ فلم جي ڪاميابي لاءِ خاص دعا به گهري. فلم جي شوٽنگ شروع ٿي چڪي آهي. فلم جي هدايت موهت سودي ڏئي رهيو آهي. اها فلم محبت جي موضوع تي ٺهيل آهي ۽ فلم جلد ئي مڪل ڪئي ويندي.